12/22/2013

سوويت يونين کان پالهي ڌرتي - مشتاق احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ليکڪ: مشتاق احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سوويت يونين کان پالهي ڌرتي

جڏهن روم ناس ٿيندو ته ڌرتي به تباهه ٿي ويندي، رومين پنهنجيءَ سلطنت، جنهن دنيا کي پنهنجي سدائين ويڪري ٿيندڙ ڀاڪر ۾ ڀري پئي ورتو، جِي اجيتيءَ بابت ائين پئي محسوس ڪيو. روسين يا ٺيڪ ٺيڪ چئجي ته سوويتن اها اميد پئي رکي ته دنيا کي پنهنجي وڌندڙ ڀاڪر ۾ ڀري وٺندا، اهو سوچڻ کان سواءِ ئي ته روس پنهنجي سر پاڻ ئي پنهنجي نظرياتي ويرين جي جلهه آڏو جُهڪي (جُهري) پوندو. بهرحال، سوويت يونين وڏو ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو، ايڏو ٻلوانُ جو پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪاهي آيل نازي بدمعاشن کي تڙي ڦٽو ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائيندي، حقيقت ۾ دنيا کي بچائي وٺي.

واٽر لو مان ڀاڄ کان پوءِ ويلنگٽن جي سوڀ نپولن بونا پارٽ ڪو نه مڃي هئي پر اهو چوندي ته پنهنجيءَ هار جو ڪارڻ هو پاڻ ئي هو، هن پنهنجي جنگي هنرمنديءَ سان گڏ پنهنجي جنرلن جي زِٽن (ڌُڪن) جي ناڪاميءَ کي به باسي ڇڏيو هو. واشنگٽن-لنڊن-پئرس بان محور (مرڪز) ڪريملن ۾ ٻل-اڏاوت جي ڊاٿ کي ڪو نه وڌايو هو. پنهنجي اندر مان اڀرندي، اهو هڪ نموني پنهنجو پاڻ کي رضاڪارانه طور ڊاهڻ هو ـــــــ هڪ اهڙو يڪراءِ ٺهراءُ جيڪو سوشلسٽ جمهوريائن جي يونين جي عيوضي چونڊيندڙن مٿان ٻاهرين دٻاءَ بدران پنهنجي اندرين زور جي ڪري ڌار ڪندڙ راهن کي گڏ رکڻ جي نيت سبب وجود ۾ آيو هو ۽ اهڙيءَ طرح انهن کي ڇڪي ڇني ڌار ڪري هڪ پاڻ تي ڀاڙيندڙ ۽ پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ رياست ٺاهي ڇڏي.
سوشلزم جي قلعي، جنهن جون ڀتيون ڌرتيءَ جي انتهائي گهراين ۾ پيهي ويل آهن، کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ذميوار قوتن کي چڱيءَ طرح سڃاڻڻ ۾ گهڻو ئي وقت لڳي ويندو. سوويت يونين کان ٻاهر ويٺلن مان ڪو به اهو ڪاٿو ڪري نه پئي سگهيو جيڪو ڪجهه اندر ٿي چڪو آهي. رڳو اندر ويٺلن کي ئي ٿيندڙ واقعن جي رازن جي پروڙ هئي. اهي راز جيڪي اولهه جا انتهائي منظم ۽ پيهي ويندڙ کوجي ادارا پنهنجن انتهائي پکڙيل اورکن (جاسوس) تاندورن ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ڀڙ عالمانه ذهانت هوندي به پرکڻ ۽ پروڙڻ لائق نه هئا.
1917ع ۾ پنهنجي جنم ڏينهن کان وٺي سوويت يونين ڳُوڙهي اڀياس ۽ وڌيل اورکائپ جو موضوع ٿي رهيو آهي. ان واقعي (انقلاب) سرمائيدار دنيا کي سندس انتهائي پاڙن تائين ڌوڏي رکيو هو ۽ اهي (سرمائيدار رياستون) لاڳيتو ان ڊپ ۾ ورتل هيون ته اڳي پوءِ ان جي گهيري ۾ اچي وينديون. بالشويڪ انقلاب مغربي سامراج لاءِ ان جي بيٺڪي راڄن ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي  ڌمڪي پيدا ڪري رکي هئي. اهي پوئتي پيل راڄ سندس اثر ۽ سگهه جي زورائتي ايراضي هئا جن جو بچاءُ اولهه (مغرب) جي جيئاپي لاءِ انتهائي اهم هو. انهن جي آزاديءَ ۾ اولهه کي پنهنجي تباهيءَ ۽ زوال جي شروعات نظر پئي آئي.
مغربي ۽ ٻين سامراجي قوتن پاران نازين خلاف جنگ ان لاءِ ڪو نه وڙهي وئي هئي ته دنيا کي جمهوريت لاءِ محفوظ رکيو وڃي، جنهن (جمهوريت) کان سلطنت جا لکين ڦريل ماڻهو ۽ ڏيهه پري رکيا ويا هئا. اهو ڪنهن به ضروري ۽ ڦورو لاچار (جيڪو منجهس سمايل هو) کان سواءِ نه هو، جو هن هيبتناڪ ڇڪتاڻ جي وچ ڌاري چرچل ڏاڍو زور ڏئي ۽ فخر سان اعلان ڪيو هو ته هو هِز مئجيسٽي جو ڪو پهريون وزير ڪو نه هو جنهن برطانوي سلطنت جي ٽوٽ ڦوٽ جي صدارت ڪئي هجي. هن جي تقرير، جڏهن جنگ پوري ٿي، ان اعلان جي اعليٰ پڄاڻي هئي. هن جي سمجهه موجب لوهي پردي جي هن پار کان سوويت يونين کي چتاءُ ڏيڻ گهرجي ته پنهنجا هٿ (گهٽ ۾ گهٽ اهي پنهنجا ڳجها رستا جيڪي هن سلطنت تائين پهتا ٿي) اولهه جي سلطنتن کان پري رکي.
سوويت يونين جي اٽل نظرياتي اپيل ۽ تاريخي رنڊڪ فاشي چاڙهه جي چڙهندڙ وير کي پوئتي موٽائي ٺيڪ ان برلن تائين پهچايو جتان اها چڙهي (اٿلي) هئي ۽ سڄي يورپ کي ٻوڙي ڇڏيو هئائين. پنهنجي تباهه ڪُن هار کان پوءِ چرچل ۽ سندس ڪنزرويٽوِ (قدامت پسند/پراڻيار) پڙهيا ڪڙهيا سکر ماڻهو پنهنجن چونڊيندڙن (ووٽرن) جي گهڻي ئي لعنت ملامت جو شڪار ٿيا هئا. روسين هن کي اهڙيءَ هڪ سراهه جو مزو مهيا ڪيو هو جيڪو هن ڪڏهن به نه چکيو هو.
هڪ مٿير ماڻهوءَ هڪ وڏي (شاندار) دَور کي اها راهه ڏيکاري هئي. اهو ڪميونسٽ دَور هو جنهن جي نکار (اڀرڻ) کان هن (چرچل) ۽ (سندس) سلطنت اڏيندڙن کي ڏاڍو ڊپ هو.
سڀني قوتن ۾، جنگ جي پڄاڻيءَ جنهن نئين دَور جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، سوويت تصور بنا ڪنهن سوال (اعتراض) جي هڪ سڀ کان وڌيڪ سگهارو هو، جنهن اپکنڊ ۾ برطانوي انڊين سلطنت (جنهن جو اسين اڻٽٽ حصو هئاسون) سميت سڀني سلطنتن جي موت (پڄاڻيءَ) ۾ تيزي آندي. انگريز ڪڏهن به انهن حدن تائين ايڏي تيزيءَ سان هٿ کڻڻ يا قبضو ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجن ها جن کي اڄ ڪلهه پاڪستان ۽ ڀارت سڏجي ٿو. هڪ ساندهه وڌندڙ ۽ جهوريندڙ ڀؤ هو ته علائقي ڇڏڻ ۾ جيتري دير اوتري ئي ڪميونسٽ سوچ وڌڻ جا موقعا.
انهن کي جيڪڏهن ڀڄڻو ئي هو، انهن سوچيو، وڌيڪ بهتر اهو هو ته حڪومتون اهڙي اڳواڻيءَ (اڳواڻن) جي هٿن ۾ ڏنيون وڃن جن کي اڃا به عوام تي قبضو هو ۽ جن سان سڪارتا لاڳاپا رکي سگهجن پيا ۽ اهڙا ٺاهه ۽ اتحاد ڪري سگهجن پيا ته جيئن ”سوشلسٽ بگهڙ“ کي پاڻ کان پري رکي سگهجي. پوءِ وارن سالن ۾ بين الاقوامي سياست جي واڌ (تعليم) ان دليل جي اهميت کي گهڻو وڌايو آهي. چين ۾ گهرو ويڙهه جي ڪرڙائيءَ پڪي طرح مڃرايو ته ڪميونسٽ روس سان اتحاد اولهه ۾ سهنج سهولت پيدا ڪرڻ واري هنرمندي هئي ۽ اوڀر ۾ چيني ڪميونسٽن خلاف يانگ ڪائي-شيڪ سان (ڏوهه ۾) شراڪت هڪ اعتقاد (ڏوهي ٺهرائڻ) جو  معاملو.
ڌرتيءَ جي سڀ کان وڌيڪ آباديءَ واري ڏيهه (چين) ۾ جيڪڏهن نظريي سوڀ ماڻي ورتي، ته پوءِ ان جا اثر تنهن گهڙيءَ بيٺڪي ٻانهپ ۾ ٻڌل ڏيهَن ڏانهن به وڌڻ گهرجن (تنهنڪري) ڦرلٽ جي جهان مان هٿ وقتائتو ڪڍي وڃڻ سياسي ڏاهپ ۽ معاشي (ڌَنيري) لاڀ وارو عمل هو، وڌيڪ دير هڪ مهانگو ۽ اجايو (نسڦل) جوکو کڻڻ هجي ها.
سوويت يونين جي موجودگي ان صورتحال ۾ جيتوڻيڪ فيصلي ڪُن عنصر نه هو پر جنگ کان پوءِ واري دنيا، جنهن ۾ اڻ-ڀاڙڻ (انڊپينڊنس) وارين تحريڪن سگهه ماڻي ورتي  هئي، تي پڪ سان وڏو واهرو-عنصر ثابت ٿي سگهي پئي. اسين تڪرار کي خيالي تاريخ ۾ سکڻي عياشي چئي رد ڪري نه ٿا سگهون ته ڪميونزم جي بين الاقوامي افق تي چمڪندڙ اولڙي کان سواءِ بيٺڪي سلطنتن ۾ آزاديءَ جون هلچلون ايڏي تپرس ڏيندڙ تيزيءَ سان سوڀ ماڻي سگهن ها. هڪ ڪميونسٽ روس، ان ڪري ترقيءَ لاءِ اتساهيندڙ سگهه سان گڏ عالمي سياست ۾ مضبوطي (پائداري) ڏيندڙ عنصر پڻ هو.
هر هڪ سولائيءَ سان سوچي سگهي ٿو ته لينن گراڊ کان ولاديواسٽوڪ تائين سوويت يونين جون ڪشاديون سرحدون جوڙيندڙ پندرهن عوامي جمهوريائن تي اختيار هلائيندڙ سوويت ڪميسارن جي ڀيٽ ۾ ڇا دنيا جي حالت ساڳيءَ طرح هجي ها، جيئن سامراجي (روسي شهنشاهن) جي ڏينهن ۾ جيڪي پيٽرسبرگ کان وٺي اولهه ۾ بالٽوڪ سمنڊ تائين پکڙيل سلطنت تي حڪمراني هلائي رهيا هئا؟ اها سلطنتن جي هڪ دنيا هجي ها جيڪي ٻيو ڪو چارو نه ڏسي امن ڀرين ۽ شڪي بقاء-باهمي (سهه-وجودي، ڪو-ايگزسٽينس) جي مونجهارن هيٺ رهنديون هجن ها. جيئن هن وقت تائين آهي تيئن سياسي ڳري-ڇڪ (گريويٽيشن) جو ڳڙهه هجي ها، پر ان وٽ اهو ڳري-ڇڪ جو زور نه هجي ها جيڪو وٽس هو. اسين ڪميونسٽ فلسفي کي مڃون يا نه، پر ڪميونسٽ روس کان اهو اعزاز (اها پت/معتبري) کسي نه ٿا سگهون جيڪو جنگ کان پوءِ واري  دنيا  ۽ ان جو نئون نقشو جوڙڻ جي سلسلي ۾ مختلف خدمتون ڏئي هن ماڻيون آهي.
سوويت يونين ڪو زاراڻي ليسي آٿن(Czarist Leciaathan)  جو ٻيو جنم نه هو جيڪو پنهنجي جوڙيندڙ (خالق) جو پنهنجي ئي ڀنجو ۾ ماري پوريل هجي ۽ جنهن کي ٻيهر جيئاري نه سگهجي. پراڻي جي کنڊرن تي نسريل جيڪو نئون روس ٺهيو ان وٽ هڪ نڪور خاڪو (تصور) هو جنهن سرحدن کان پراهن يا ويجهن ڏيهَن جي ڏتڙيل طبقن کي سگهه ۽ اميد ڏني. سندس ڦرلٽ کان پاڪ معيشت ۾ اولهه ۽ ان جي ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا وارين (بيٺڪي) رياستن جي ڦرلٽ واري سرشتي ۾ ڪا به (انتهائي ڏورانهين پڻ) هڪ جهڙائي نه هئي.
غير روسي عوامي جمهوريائون، قوت جي جوڙجڪ ۾ انهن جو ڪيترو به حصو هجي، جيڪي ڪن ڏينهن ۾ روسي سلطنت (سامراج) جو حصو (ڳنڍ، چَتي) هيون، هاڻي جيڪڏهن واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ برابر ڀائيوار نه به هيون، ته به حصو وٺندڙ (شريڪ) ضرور هيون. اهي برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا جي بيٺڪن جيان پوئتي پيل ۽ گهٽ اسريل پر پنهنجن وڏن مشيني ۽ بجليائي ڳتاڻن (ڪامپليڪس، ڳتاڻو) جن سندن ڌنيري (معاشي) حالتن کي سگهارو ۽ جٽادار پئي بنايو، صنعتي طرح وڌيل ۽ ترقي ڪيل هيون ـــــــ آزاديءَ جي نعمت سان مالا مال. اسان جيتوڻيڪ 1947ع ۾ ٻڙيءَ کان پنهنجو اقتصادي سفر شروع ڪيو پر مرڪزي ايشيائي جمهوريائون نيوڪليئر سگهه سميت هلڪي توڙي ڳري صنعت ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهن ۽ دنيا جو هڪ اهڙو سڌريل سماجڪ (سوشل) حصو جنهن عام ماڻهن لاءِ سنساري پَڙهپ (يونيورسل لٽريسي) صحت جون سهولتون ۽ روزگار جا وسيلا مهيا ڪري رکيا آهن. هڪ غير طبقاتي راڄ (سماج) ۾ (مخصوص) طبقن هٿان عوام جي ڦرلٽ جو ڪو به اهڃاڻ ڪونهي ۽ نه ئي وري هڪ علائقي پاران ٻئي علائقي جي ڦرلٽ جو. جڏهن ڦرلٽ نه ٿا ڳولي سگهن تڏهن مغربي عالم روس تي ثقافتي سامراج جي تهمت هڻن ٿا. ان عوامي جمهوريا تي جيڪا هاڻي جمهوري سڌاري جي انتهائي مٿين سري طور ساراهي پئي وڃي، اهو وساريندي ته اولهه جون آزاد ڪيل بيٺڪون ٻوليءَ ۽ ٻين نمونن سان اڃا سوڌو سندن ثقافتي برتريءَ جي غلبي هيٺ آهن ۽ اها مٿانئن مڙهيل سياسي ۽ معاشي سامراج جو اڻٽر انگوريل ٻج آهي.
سوويت يونين جي موت تي دنيا کي هڪ اڻتڻ (ڳڻتي) ۽ جهوٻي (صدمي، شاڪ) جي حالت ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جنهن مان نڪرڻ ۾ کين خاشو وقت لڳي ويندو. ان (سوويت يونين) جي گمشدگيءَ سان گڏ عالمي سياست مان هڪ مقابلو ڪندڙ قوت پڻ، بي پهچ (نٻل) قومن کي هڪ طرفي (يونيپورل) دنيا ۾ پاڻ کي بچائڻ جو جتن ڪرڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي، گم ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي چارٽ ۾ سڀ لاءِ سلامتيءَ (تحفظ) جو نظام موجود هوندي به ڪڏهن حقيقت نه بڻيو آهي، ٻئي مٿير قوتون (سپر پاورس) هڪ ٻي تي نظرداري (چڪاس /رنڊڪ) جو ڪم ڪندي ننڍين رياستن کان پنهنجين پاليسين کي سهارو ڏيارڻ لاءِ ڪلها هڻي رهيون هيون. پڙ ۾ هاڻي رڳو هڪ مٿير قوت موجود هئڻ سبب ان جي ڳالهين (حڪمن) جي مڃتا (تابعداري ) لازمي ٿي پوندي يا جهيڙن جي حل  لاءِ اميد جي جاءِ ورلڊ آرگنائيزيشن (دنيا جي تنظيم ”قومن جي ايڪي واري تنظيم“؟) جيڪڏهن پوري طرح ختم نه به ٿئي ته به اها ڪمزرو ٿي پوندي. عراق جي تباهي وچ-ايشيا ۽ ٻين هنڌن جي رياستن لاءِ چٽي نشان طور اسان جي سامهون آهي. پٺئين پاسي ويهي ڏسڻ سان اهو چٽيءَ طرح ڪٿي سگهجي ٿو ته سوويت يونين اڳ ئي هڪ گهوٽالي جي چنبي ۾ هو جنهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس (گڏيل آميريڪي رياستن ـــــ يو ايس اي، گ-ا-ر) کي وچ-ايشيا ۾ ڇُوٽ (کليل آزادي) ڏئي ڇڏي ۽ پڻ اهو به ته يُو-اين (يونائيٽيٽڊ نيشنس، ايڪي ۾ آيل قومن جي تنظيم) کي پنهنجن چڙهتو ارادن لاءِ هڪ هٿيار طور ڪم آڻي سگهي.

 (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 01 مارچ 1992ع)

No comments:

Post a Comment