سماج، طبقا ۽ پيداواري
لاڳاپا
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
انساني سماج جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن
تائين جيئن جو تيئن نه رهيو آهي، پر اهو لاڳيتو اُسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي ۽ نه رڳو
اسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي پر وڌندو به رهيو آهي. سندس اها واڌ هڪ پاسائين ڪڏهن به
نه رهي آهي، پر گھڻ پاسائين رهي آهي ـــــــ علم ۽ ادب ۾ واڌ، تحقيق ۽ کوجنا ۾
واڌ، هنرمنديءَ ۽ صلاحيتن ۾ واڌ، پيداواري طريقن ۽ عملن ۾ واڌ، سماجي رشتن ناتن ۾
واڌ، ڏيٺ وائٺ ۽ پرک ۾ واڌ، پيداواري وسيلن ۽ اوزارن ۾ واڌ، سلڇڻائيءَ ۽ سيبتائيءَ
۾ واڌ، سچ ۽ حق ڳولي هٿ ڪرڻ جي راهه ۾ واڌ، وغيره. اها واڌِ هيٺين سطح کان مٿين سطح
ڏانهن، ٿوري کان گھڻي ڏانهن، سادي کان اُچي ڏانهن، اڻ ڳُتيل کان ڳتيل ڏانهن هڪ
لاڳيتي سنهي سوڙهي کان ٿلهي ويڪري ونگوڙي (ويڙَهه يا ڇَلي) جيان ٿي آهي.
انساني سماج جو پهريون، وڏو ۽ ڊگھو دَور، جيڪو لڳ ڀڳ ٽي لک
ورهين تي پکيڙيل آهي، غير طبقاتي (بنا طبقن وارو، سماجي طبقن جي اڻ موجوديءَ وارو)
دَور هو. ان سماجي دور ۾ ڪو به طبقو ڪو نه هو. طبقي مان اسان جي مراد آهي سماجي
طبقو. جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ ڪو سرمائيدار آهي ته ڪو مزدور، ڪو جاگيردار (زميندار)
آهي ته ڪو هاري. ايئن ڪو به طبقو نه هو. سماجي طبقي مان اسين اهو مطلب وٺون ٿا ته
ڪنهن پيداواري ٿاڪ ڏانهن ماڻهن جي ڪنهن به مخصوص ٽولي جو ڪو به مخصوص رويو. جيئن، ٻني
هڪ پيداواري ٿاڪ آهي. ان ڏانهن مجموعي طرح ماڻهن جي ٻن وڏن ٽولن جو هڪ ٻئي کان ڌار،
مختلف ۽ ابتڙ رويو آهي. هڪ ٽولو (آباديءَ جي لحاظ کان ڏاڍو وڏو ٽولو) ٻنيءَ ڏانهن
پيداوار ڪندڙ وارو، اُپائيندڙ وارو رويو رکي ٿو. ان کي هاري چئون ٿا. هاري ٻنيءَ ۾
پورهيو ڪري ٿو ـــــــ ڀراءُ، کيڙي، سنوَت، پيڄارو، ٻج، رونبو، لاڀ، اُپت. هاري
ماڻهن جو ٻنيءَ ڏانهن اُپائيندڙ وارو، پيداوار ڪندڙ وارو رويو آهي. جڏهن ته ساڳي
ئي ٻنيءَ ڏانهن ماڻهوءَ جي ٻي ٽولي (آباديءَ جي لحاظ کان ننڍڙي ٽولي) جو رويو سڀ
ڪجهه اُپايل کي کائيندڙَ، کڻندڙَ، هڙپ ڪندڙَ ۽ مالڪي ڄمائيندڙَ وارو رويو آهي.
هيءُ ننڍڙو ٽولو جاگيردار (زميندار) ٻنيءَ تي پاڻ پورهيو ڪو نه ٿو ڪري، پر ٻنيءَ
جي سموري اُپت جو مالڪ آهي. هڪَ پيداواري ٿاڪ ــــــ ٻنيءَ ــــــ ڏانهن ٻن ٽولن
جا ٻه رويا آهن. هڪ وڏو ٽولو (هاري) اپائي ٿو پر مالڪ ناهي ۽ ٻيو ننڍو ٽولو
(جاگيردار، زميندار) اپائي ڪو نه ٿو پر مالڪ آهي. هاري هڪ طبقو آهي ۽ جاگيردار
(زميندار) ٻيو طبقو ــــــ هڪ طبقي جو نفعو، ٻي طبقي جو نقصان آهي.
اسان وٽ عام ڳالهه ٻول ۾، مثال طور شاگرد طبقو، استاد طبقو،
وڪيل طبقو، ڊاڪٽر طبقو، ڪلرڪ طبقو، دانشور طبقو، پڙهيل طبقو، وغيره جهڙا لفظ يا
اصطلاح ڪتب ايندا رهندا آهن، پر انهن جي معنى اها نه آهي جيڪا سائنسي سادي ٻوليءَ
۾ طبقي جي آهي. انهن کي مختلف فني، هنري، علمي، ادبي شعبا، حصا، ڀاڱا ته چئي سگھون
ٿا، پر طبقو نه. پورهيت (مزدور) طبقو، سرمائيدار طبقو، هاري طبقو، جاگيردار طبقو،
غلام طبقو، سردار (آقا) طبقو ۽ انهن سڀني طبقن ۾ ايندڙ ماڻهن کان سواءِ باقي بچيل
سڀني شعبن لاءِ گڏيل لفظ ڪتب ايندو آهي ’هيٺيون وچون طبقو‘ ـــــــ انهن سڀني
اصطلاحن کي پنهنجي پنهنجي واري تي ڇنڊينداسون.
غيرطبقاتي سماج ڦري طبقاتي سماج ٿيو ۽ ان طبقاتي سماج کي ٽن
دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون، غلامداري دور، ٻيو جاگيرداري دور ۽ ٽيون
سرمائيداري دور. انهن ٽنهي دورن مان هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا پيداواري، طبقاتي،
ثقافتي ۽ سماجي گڻ اوگڻ هئا، سٺايون ۽ برايون، واڌايون ۽ گھاٽايون هيون، جن جي
بنياد تي انهن کي هڪ ٻي کان فرق وارو، نرالو ۽ چِٽو ڪري بيهاري سگھجي ٿو. هيءُ
طبقاتي سماج غلامداري دور مان ڦري جاگيرداري دور ٿيو ۽ جاگيرداري دور مان ڦري
سرمائيدار دور ۾ آيو، جنهن کان پوءِ ان طبقاتي سماج جي ڄمار پوري ٿي ۽ اهو اُسري،
بدلجي، ڦيرو کائي، غيرطبقاتي سماج، ڪميونسٽ سماج ٿي پوڻو آهي، جنهن جو پهريون،
ابتدائي ڏاڪو سوشلزم آهي جنهن ۾ طبقاتي سماج جون پيدا ٿيل برايون، گھٽتايون،
رياستون، پارٽيون، ويڇا ۽ طبقاتي اثر ختم به ٿيڻا آهن ته نئين غيرطبقاتي، اعلى،
سڌريل سائنسي سماج جون سٺايون، نيڪيون، سلڇڻايون ۽ ڀائپيون به پيدا ٿيڻيون،
اسرڻيون ۽ وڌڻيون آهن. انهيءَ لحاظ کان سوشلسٽ دَورُ سرمائيداري (طبقاتي) سماج کان
غيرطبقاتي سماج ڏانهن هلڻ، وڌڻ ۽ پهچڻ وارو دور يعني عبوري دور آهي.
انهيءَ حساب سان اڄوڪو ماڻهو، ماڻهوءَ-سماج جي تاريخ تي هڪڙِي گهِري نظر وجھڻ سان ئي، پرکي سگھي ٿو ته ماڻهوءَ-ذات پنج سماجي دور ڏٺا آهن: پهريون غيرطبقاتي سماج، ٻيو
غلامداري سماج، ٽيون جاگيرداري سماج، چوٿون سرمائيداري سماج ۽ پنجون ڪميونسٽ سماج.
اها اوسر ۽ ڦيرڦار جيئن ته ڌرتيءَ جي هر علائقي جي ماڻهن ۾
هڪ ئي وقت هڪ جهڙي، هڪ ڪَري ۽ مشيني انداز
جي نه ٿي آهي تنهنڪري اڄ به اسان کي مختلف سماجي ٽولا مختلف سماجي سطحن جي حياتي
گذاريندي نظر ايندا. سُويت يونين جي علائقي ۾ ابتدائي راڄوڻو دَور گذريو، وري
غلامداري گذريو، تنهن مٿان جاگيرداري دور، ان کان پوءِ سرمائيداري دور، جنهن کي
اُتان جي پورهيت ڊاهي، پَٽُ ڪري، نئون سوشلسٽ سماج اَڏي ورتو. اهڙيءَ طرح سويت
يونين جي علائقي ۾ پنج ئي دور پنهنجي شڪل ۾ ظاهر ٿيا. پر مثال طور، برطانيا،
فرانس، هالينڊ، بيلجيم، اولهه جرمني وغيره جا علائقا راڄوڻو، غلامداري، جاگيرداري
۽ سرمائيدار سماج ته ڏسي چُڪا آهن، پر اُتي اڃا سوشلسٽ سماج نه ٺهي سگھيو آهي.
جڏهن ته انقلاب وقت، مثال طور چين، ويٽنام ۽ ڪوريا ۾ سرمائيداري سماج به پوريءَ
طرح جاگيرداريءَ مٿان غلبو پائي نه سگھيو هو. سنڌ ۾ به راڄوڻو ۽ غلامداري سماج
گذري چڪا آهن، جاگيرداري سماج ڇانيل آهي ۽ سرمائيداري سماج اُسري پيو. بلوچستان ۾
اڃا تائين غلامداري سماج ڇانيل آهي، جيئن انقلاب وقت ڏکڻ يمن، انگولا ۽ موزمبيق ۾
ڇانيل هو. بلوچستان ۾ جاگيردار طبقو اڃا تائين ايترو سگھارو نه ٿي سگھيو آهي جو
غلامداري (قبائلي، سرداري) سماج کي ڊاهي سگھي.
هر سماجي دورُ ٻئي سماجي دور کان قطعي ڌار، ڪَٽيل، غير
واسطيدار يا ٻي سماج جي هوندي، اڻ موجود حالت ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي. ايئن ڪڏهن به
نه رهيو آهي ۽ نه ئي ممڪن آهي ته جنهن به علائقي ۾ ڪو خاص سماجي دور ڇانيل آهي، ان
علائقي ۾ ٻي دور جي ڪا به نشاني، ڪو به پارُ پتو ئي نه هجي. ان جي ابتڙ، ٿيندو هيئن
آهي ته جيڪڏهن مثال طور ڪنهن علائقي جي ماڻهن مٿان جاگيرداري سماج ڇانيل آهي ته ان
سماج ۾ نه رڳو ٽُٽندڙ، ڀرندڙ، تباهه ۽ گم ٿيندڙ غلامداري سماج جا اهڃاڻ ملندا، پر
ايندڙ، اُسرندڙ، وڌندڙ، اڳتي هلي ڇانئجندڙ، نسبتن سٺي سماج، سرمائيداري جا به نشان
ملندا. اها ڪا قطعي پابندي ناهي ته ڇانيل جاگيرداري سماج ۾ هروڀرو رڳو ان کان اڳ
واري غلامداري ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سرمائيداري سماج جا ئي اهڃاڻ هجن، پر اهو به ٿي
سگھي ٿو ته (۽ ان جا ڪيترائي مثال آهن) اڳ واري سماج کان به اڳين (جيئن ڇانيل
جاگيرداري واري سماج ۾ ان کان اڳ واري غلامداري پر ان کان به اڳين يعني ابتدائي
راڄوڻي دور) جا ڪي مثال موجود ملن ۽ ايندڙ سماج کان پوءِ ايندڙ (جيئن ڇانيل
جاگيرداري واري سماج ۽ ايندڙ سرمائيداري دور ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سوشلسٽ سماج) جا
مثال موجود ملن. مثال طور سنڌ ۾ جاگيرداري سماج ڇانيل آهي. سنڌي سماج ۾ اسان کي نه
رڳو ٽُٽندڙ، ڀُرندڙ، تباهه ۽ فنا ٿيندڙ غلامداري سماج ۽ اُسرندڙ، وڌندڙ ويجھندڙ ۽
اڳتي هلي ڇانئجي سگھندڙ سرمائيداري سماج جا پڌرا پار ملن ٿا، پر غلامداري سماج
هلندي ختم ٿيندڙ ابتدائي راڄوڻي دور جا اهڃاڻ به ملن ٿا. ممتاز علي ڀٽو، پير
پاڳارو، غلام مصطفى جتوئي، مخدوم طالب المولى ۽ اهڙا ٻيا ڇانيل جاگيرداري سماج جو
هڪ پرزو آهن پر اهي پنهنجن هارين کي نيم غلام هاريءَ واري حيثيت ۾ رکندا پيا اچن ۽
نواب سلطان چانڊيو پنهنجيءَ رعيت کي غلاميءَ واري حالت ۾ رکيون پيو اچي (نواب وٽ
ته اڃا تائين پنهنجا ذاتي قيدخانا به موجود آهن). ساڳي ئي سنڌي سماج ۾ اسان کي
ڀيل، ڪولهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ٽولا ملن ٿا جن مان ڪيترن وٽ اڃا تائين ابتدائي
راڄوڻي دور جي رهڻي ڪهڻي موجود آهي، جيئن شڪار ورهائي کائڻ وغيره. ساڳي ئي سنڌي
سماج ۾ اسرندڙ سرمائيداريءَ جا چٽا اهڃاڻ به موجود آهن جيڪي مشينري، مِل، ڪارخاني،
صنعت، سرمائيدار ۽ مزدور جي صورت ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگھجن ٿا. اسان جو سرمائيدار
خودمختار ناهي پر عالمي سامراج جو ڳيجهو، محتاج ۽ دلال آهي. سرمائيدار سماج کان به
پوءِ ايندڙ سماج جا ڪي ننڍڙا، هلڪڙا، معمولي اهڃاڻ سنڌي سماج ۾ موجود چئي سگھجن ٿا
جن جو ڪجھ ڪاٿو اوهين ڪجھ قدر پنهنجي حياتي گذارڻ جي ڍنگ مان ڪري سگھو ٿا...
اتر ويٽنام ۾ آگسٽ-1945ع جي قومي عوامي جمهوري انقلاب وقت جاگيرداري سماج ڇانيل هو ۽
سرمائيداري سماج اُسريو پئي. پر جيڪڏهن ويٽنام جي تاريخ ۾ ٿورو پوئتي وڃجي ته
1932ع ۾ اسان کي نگهي ٿنهه سُويت (سٺو راڄوڻو، سُراڄوڻو) سماج جو ننڍي مدي وارو
مثال موجود ملي ٿو جيڪو ايندڙ سوشلسٽ سماج جو ئي اهڃاڻ هو.
چين ۾ اهو ساڳيو انقلاب 1949ع ۾ آيو. ان وقت ڇانيل سماج
جاگيرداري هو، جڏهن ته سرمائيداري سماج چڱو خاشو اسري آيو هو، پر ان کان اڳ خاص
طرح 1934ع کان 1949ع تائين چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اقتدار هيٺ سراڄوڻن علائقن ۾
سوشلسٽ سماج جا جيئرا جاڳندا هزارين مثال موجود ملن ٿا.
چين ۽ ويٽنام ٻنهي ۾ انقلاب وقت نه رڳو تباهه ٿيندڙ
غلامداري سماج جا مثال موجود هئا پر ڪٿي ڪٿي ڪي ٽولا خاص طرح ڪنفيوشس ۽ ٻُڌ جا
پُوڄاري راڄوڻي قسم جي حياتي به گذاريندا هئا.
حقيقت ۾، ڇانيل جاگيرداري سماج جي دور ۾ بيشڪ سرمائيدار
سماج اسري رهيو هوندو آهي پر ان اسرندڙ سماج ۾ مزدورن جو وجود ئي اڃا به ايندڙ
سوشلسٽ سماج جو هڪ وڏو مثال آهي.
هر سماجي دور جون پنهنجون پنهنجون نراليون ڳالهيون،
خصوصيتون، گھٽ وڌايون، اوڻايون چڱايون آهن ۽ هر دور ٻي دور سان ڳنڍيل، سلهاڙيل ۽
ڪن ڳالهين ۾ هڪجهڙو به آهي. ان ڳالهه جو سولو مثال ڪنهن به ماڻهوءَ جي حياتيءَ
واري عمل کي جاچي سولائيءَ سان سمجھي سگھون ٿا. ٻار، ڇوڪر، جوان، اڌڙوٽ، ٻُڍو عام
طور اسين انهن نالن هيٺ سڃاڻندا آهيون. ٻار جي ٿڃ پيئاڪ ڄمار به هوندي آهي ته بنا
ٿڃ واري به. ڇوڪر عام طرح چڱيءَ طرح گھمي ڦري ڳالهائي ٻولائي سگھندڙ ۽ سمجھي
سگھندڙ وڏي ٻار بابت ڪتب اچي ٿو. جوان ساماڻل، وهيءَ ۽ وت وارو ٿئي ٿو، سمجھ رکي
ٿو ۽ سوچي ويچاري ٿو. جوانيءَ کان تازو موٽيل، پڪو، سمجھو، سوچيندڙ، پرکيندڙ،
پرجھندڙ، زماني جو اڳ پوءِ جاچي سگھندڙ ماڻهو آهي ۽ ٻُڍو يا پوڙهو، هن ۾ عام طرح
سگھ به گھٽ آهي ته منهن مقابل ٿيڻ جو حوصلو به، هو کائي پِي اچي چڙهيو آهي. ڪو
ماڻهو ايئن به چئي سگهي ٿو ته ٿڃ پيئاڪ ابهم، ٻار، ڇوڪر، ڇوڪراٽ، جوان، اڌڙوٽ ۽
ٻڍو دور مقرر ڪجن، ته ڪري سگھي ٿو، ڇو ته اڃا انهن ڏاڪن کي قطعي مقرر نه ڪيو ويو
آهي. هر ڏاڪو پنهنجا پنهنجا نرالا گڻ اوگڻ رکڻ سان گڏوگڏ اڳوڻي ۽ آئيندي سان ڳنڍيل
آهي. اٻوجھ کان سٻوجھ ڏانهن، ٻل کان ٻلوان ڏانهن، بيوس کان وس واري ڏانهن، ٿوري
کان گھڻي ڏانهن، کُٽل کان وڌيل ڏانهن، بيڪار کان ڪَميءَ ڏانهن، محتاج کان مالڪ
ڏانهن، ننڍائيءَ کان وڏائيءَ ڏانهن، ابهم کان ڏاهي ڏانهن حياتيءَ جو ڳتيل سلسلو
تڳندو، وڌندو، ويجھندو رهي ٿو.
ٺيڪ ساڳيءَ طرح سماجي حياتيءَ جو هر دور به ٻين دورن سان
لاڳاپيل، ڳنڍيل ۽ ڳتيل هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجون پنهنجون اوڻايون سوکايون رکي ٿو.
ابتدائي راڄوڻي دور کان غلامداريءَ ڏانهن، غلامداريءَ کان جاگيرداريءَ ڏانهن،
جاگيرداريءَ کان سرمائيداريءَ ڏانهن ۽ سرمائيداريءَ کان سوشلزم ۽ ڪميونزم ڏانهن
ـــــــ ساڳيو ئي بيوس کان وس واري ڏانهن، نٻل کان ٻَل واري ڏانهن، سادي کان ڳتيل
ڏانهن، هيٺين سطح کان مٿين سطح ڏانهن، اٻوجهه کان سٻوجھ ۽ ابهم کان ڏاهي ڏانهن رڙهندو، اسرندو، وڌندو ۽
ويجھندو رهي ٿو.
هر سماجي دور کي پنهنجون ڪهڙيون ڪهڙيون نراليون خصلتون آهن،
اهو جاچڻ کان اڳ لازمي ٿو لڳي ته سماج ڪهڙن بنيادن تي ٺهي ٿو، ٿورو ان جي پرک
ڪيون.
ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ ماڻهو قطعي بُکيو، اُڃو ۽ بي گھر هجي
پر هُو ويهي فلسفي، سياست، مذهب، اخلاق، ادب، فن، سائنس وغيره تي غور ڪري ۽
رياضيءَ جا مسئلا حل ڪري؟
اوهين سڀئي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مختلف مذهبن جي ٻاوَن،
مُلن، پادرين پنهنجن پنهنجن وعظن وغيره ۾، اهو پئي ٻڌايو آهي ته هيءَ ڌرتي پنهنجن
سمورن ساهوارن ۽ بي ساهن سميت ۽ سج، چنڊ، تارا ـــــــ سڄي ڪائنات، سڄو جڳ ـــــــ
ڪجهه ڏينهن ۾، رڳو ڇهه هزار سال اڳ، ٺهيو، جيڪا ساهواري جنس جيئن ٺهي اها بنا ڪنهن
صورت بدلائڻ جي، بنا ڪنهن اوسر، واڌاري، ڦيري يا تبديليءَ جي، جيئن جو تيئن رهندي
پئي اچي، ماڻهوءَ کي وڏو عقل ڏئي، ڪائنات جي گھڻن ئي رازن جي سمجھاڻي ڏئي، ويساهه،
وهم يا عقيدا ڏئي، هن ڌرتيءَ تي موڪليو ويو ۽ مٿس فرض ڪيو ويو ته هو پنهنجي ڌڻيءَ
جي پوڄاپاٺ ڪري هيءَ عارضي حياتي گذاري، ته جيئن کيس ٻِي دائمي حياتيءَ ۾ سک،
سونهن ۽ سرهائي پلئه پوي.
سائنس، سڄاڻَ، حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ، پرک ۽ پروڙ، انهن وهمن
ويساهن کي بي پاڙو، نسورو ڪوڙ ثابت ڪري اٻوجھائيءَ، اڻڄاڻائيءَ يا جهالت جو سبق بڻائي
ڇڏيو. اڄ هر پڙهيل ڪڙهيل ۽ سمجھ رکندڙ ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن ڪائنات ۾
ڌرتيءَ ڪائنات جي ڪيترن ئي تارن، ستارن جي ڀيٽ ۾ ڪروڙين کرب سال پوءِ جنم ورتو
آهي. رڳو ڌرتيءَ جي ڄمار بابت ننڍي ۾ ننڍو ڪاٿو ٻه ارب سال آهي. هڪ جيو-گھرڙي (سيل) وارن ساهوارن کي ڄائي به هڪ ارب سالن کان وڌيڪ
وقت ٿي گذريو آهي. ڳُتيل ۽ گھڻا جيوَ-گھرڙا رکندڙ
۽ کوپي وارا ساهوارا به گھٽ ۾ گھٽ پنج ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آيا ۽ اهو نسل يا جنس،
جنهن مان هاڻوڪي ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ جنم ورتو گھٽ ۾ گھٽ ڏهه لک سال اڳ ٿي گذريو
آهي.
ماڻهوءَ ذات پنهنجي حياتيءَ جا لکين سال (96 سيڪڙو عرصو)
رڳو پراڻي پٿر جي دور ۾ گذاري ڇڏيا، جيڪو مشرق (اوڀر) ۽ مغرب (اولهه) ۾ پنج لک
سالن کان به اڳ شروع ٿي چڪو هو. انهن ماڻهن جا ابتدائي اوزار رڳو اڻ گھڙيَل پٿر جا
اوزار هئا جن کي مُٺ ۾ پڪڙي سگھجي. اهي ايترا ته بَدِشڪلا هئا (۽ ان حالت ۾ مليا
آهن) جو جھونن آثارن جا ماهر به وڏي ڏکيائيءَ سان فرق ڪري سگھن ٿا. هوري هوري انهن
۾ سڌارو آيو ۽ نيٺ ايترو سڌريل شڪل ۾ ٺهڻ لڳا جو نه رڳو سڃاڻي سگھجن ٿا ته ڪنهن
ماڻهوءَ جا ٺهيل آهن پر انهن جي ڪرت جو به ڪاٿو ڪري سگھجي ٿو. اهڙن سڌريل اوزارن ۾
ڪاتيون، ڪهاڙيون، سوئا، کُرپيون، سُيون ۽ ڀالن ۽ تيرن جا مُنهن ملن ٿا. اهي سڀ
چقمق مان ٺاهيا ويا هئا، جيڪو هڪ سخت پٿر آهي ۽ رهڙي گَسائي ان کي تکو ڪري سگھجي
ٿو. اهي شيون به هوري هوري سڌرنديون ويون ۽ ڪنهن خاص مُدي ۾، لاڏائُو حياتي هلندي،
باهه ٻارڻ جا اهڃاڻ به مليا آهن. ان مان سُڌ پوي ٿي ته ان وقت تائين ماڻهو باهه جي
واهپي تي قبضو ڪري چڪو هو ۽ باهه جو شعلو ٻِن ڏنڊن يا پٿرن جي گاٺ وسيلي پيدا ڪيو
ويندو هو.
پراڻي پٿر واري دور جي ڀيٽ ۾ نئين پٿر وارو دور ڄڻڪ ڪالهوڪي
ڳالهه آهي. يورپ ۾ ان دور جا پار ڏهه ٻارهن هزار سالن کان اڳ جا نظر نه ٿا اچن ۽
اهو دور ڌرتيءَ جي ڳولي تي سڌريل آباديءَ کان پرانهن پاسن ۾ اڄ به نظر اچي ٿو.
جڏهن يورپ اڃا نئين پٿر واري دور ۾ هو تڏهن ايشيا جي ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو
نئين پٿر جو دور ٽَپي، ان کان پوءِ واري ڪنجھي جو دور به پورو ڪري، لوهه واري دور
۾ پهچي چڪا هئا، جڏهن ته آسٽريليا کنڊ جا ماڻهو انهيءَ زماني ۾ پراڻي پٿر جي دور
منجھان گذري رهيا هئا.
نئين پٿر واري دور جا اوزار پراڻي جي ڀيٽ ۾ گھڻا سڌريل ۽
تيز آهن. هن دور جا ماڻهو مٽيءَ جا ٿانوَ به ٺاهڻ لڳا هئا ۽ اناج پچائي کائڻ شروع
ڪيو هئائون. هڏي ۽ سڱ کي به اوزار طور ڪتب آندو پئي ويو. هنن جانور به پاليا هئا.
پهريائين ڪتا، پوءِ رڍون، ٻڪريون ۽ وري گھوڙا ۽ ڍور ڍڳا. ان ئي دور ۾ ڦيٿو به
ايجاد ٿيو. جڏهن کان تاريخ لکي وئي ۽ ان کان اڳ واري دور ۾ خاص فرق ڪندڙ آهي شهرن
جو وجود. شهرن ۾ ئي ماڻهوءَ لکت ايجاد ڪئي.
اڄوڪي ۽ اڳوڻي ماڻهوءَ جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪئي ويندي ته اسان
کي انهن جي مُنهن مهانڊي، قد بُت، چال چلت، سوچ سمجھ، دل دماغ، اٿا ويٺيءَ، رهڻي
ڪهڻيءَ وغيره ۾ ڪيترائي چٽا فرق نظر ايندا.
ڊسلڊارف (جرمني) ويجھو نياندرٿل نالي هڪ واهيءَ
(ڪَسيءَ، نهر) ۾ اهڙيون هڏيون لڌيون ويون جن بابت سائنسدان فيصلو نه ڪري پئي سگھيا
ته اهي هڏيون ڪهڙي جانور جون سمجھڻ گھرجن ـــــــ باندر جون، گوريلي جون يا
ماڻهوءَ جون! هاڻي ته ان جھڙا ڪيترا ئي هڏاوان پڃرا لڌل آهن. جڏهن انهن هڏين جي
بنياد تي قد بُت جو خاڪو تيار ڪيو ويو، تڏهن اهو نه ته هاڻوڪي وڏي کوپڙيءَ ۽ وڏي
دماغ وارو اُڀو سڌو ٿي هلندڙ ماڻهوءَ سان ملندڙ هو ۽ نه ئي وري ننڍي کوپڙيءَ ۽
ننڍي دماغ واري چئن ڄنگھن تي هلندڙ باندر يا گوريلي سان، جيڪي وقت سر پويَن پيرن
تي هلي، ڊوڙي سگھندا آهن. ان نسل جو نالو نياندرٿل نسل رکيو ويو. هن نموني
جي مَردن ۽ عورتن جا بُت سخت ۽ سوکا، منڍي وڏيرڙي، نراڙ جو مٿيون حصو پوئتي جھڪيل
۽ ڀِرون وارو حصو اڳتي نڪتل، ڄاڙيون ٻاهر وڌيل ۽ کاڏي ننڍي ۽ پوئتي هٽيل هئي ۽ ڪجھ
نِوِڙي هلندو هو. هن جو منهن عام ماڻهوءَ جيان سڌو نه هو ۽ نه وري ٻوٿاڙي ئي هئس.
هن جو دماغ عام باندر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏو، ڳتيل ۽ سڌريل هو. هي ماڻهو اوزارن کان ڪم
وٺندا هئا ۽ باهه جو واهپو ڄاڻندا هئا. اهي ئي پراڻي پٿر جي دور جا ماڻهو هئا.
نئين پٿر جي دور جو ماڻهو هر انگ جي ڀيٽ ۾ نياندرٿل کان به
وڌيڪ هاڻوڪي ماڻهوءَ سان ملندڙ هو، پر پوريءَ طرح هاڻوڪي ماڻهوءَ جھڙو نه هو.
البته اهو ٿي سگھي ٿو ته ان کي لٽو ڪپڙو پارائي، ڏاڙهي مڇون ٺاهي، ڪنهن اوطاق ۾
ويهاريو وڃي، ته اسان پارا عام ماڻهو ان کي بدشڪل يا ڀولي-ٻُوٿيو ته چئي سگھن ٿا پر ماڻهو ئي نه سمجھن، اهو ممڪن ڪونهي. هاڻوڪي ماڻهوءَ
جھڙي هن جنس تي ڪروميگنن نسل نالو رکيو ويو آهي، جنهن جون هڏيون
پهريائين جاوا جي علائقي ۾ هڪ پنجاهه فُٽ اونهي غار ۾ لڌيون ۽ پوءِ فرانس جي ڏکڻ-اولهه جي جابلو علائقي ڪروميگنن ۾، جنهنڪري مٿس اهو نالو
رکيو ويو. هيءُ چڱيءَ طرح ڳالهائيندڙ، سمجھندڙ ۽ سوچيندڙ ماڻهو آهي، ٻن پيرن تي
هلي ٿو، پر اڃا به سندس چيلهه ٿوري ڪُٻي آهي، ٻوٿاڙي بدران منهن اٿس پر کاڏي، نڪ ۽
نراڙ جي مشابهت هاڻوڪي، اُڀو ٿي هلندڙ سَئين سڌي ماڻهو کان وڌيڪ نياندرٿل سان
ملندڙ آهي. سندس منهن ڪجھ اُڀيرڙو ۽ قد ڊگھو آهي ۽ اڄوڪي اُڀي مٿي واري يورپي
مهانڊي سان ملي ٿو. سندس دماغ اڃا به وڌيڪ سڌريل، وڌيل ۽ ڳتيل آهي. هيءُ نسل ئي سڀ
کان پهريائين لڏپلاڻ ڪندو، هاڻوڪي امريڪي کنڊ (اتر ۽ ڏکڻ) ۾ پهتو، ڇو ته هن کان اڳ
واري نسل جو اتي ڪو به پار پتو نه مليو آهي. البته ان جا کاڌي پيتي ۽شڪار لاءِ ڪم
ايندڙ ٿانوَ ۽ اوزار مليا آهن. امريڪا جِي نِيوميڪسيڪو ۾، فولسم وٽ ’فولسم ثقافت‘ جا
آثار مليا آهن، جن جي گھڻي هڪ جهڙائي ڪروميگنن ثقافت سان آهي.
پراڻي پٿر جي پڄاڻيءَ واري عرصي جا آثار ميگڊالنين نالي هڪ
جابلو غار ۾ مليا آهن جيڪا فرانس جي ڏکڻ-اولهه ۾ آهي. ان بابت ڪاٿو آهي ته ڏهه هزار سال قبل مسيح (ق م) ٿي گذري. ميگڊالني
ماڻهن غار جي ڀتين تي جانورن جون شڪليون اُڪيريون، جن ۾ هرڻ، جھنگلي مينهن،
هاٿي ۽ ٻين جانورن جون شڪليون سڃاڻي سگھجن ٿيون. انهن مان ڪيتريون ئي شڪليون
ڏاڍيون چڱيون ٺهيل آهن. ميگڊالني ماڻهن هڏين مان ڏاڍا اُچا اوزار ٺاهيا ۽ وڏي
هنرمنديءَ سان منهن مهانڊا اڪيريا.
ماڻهن جا ٽولا جتي به رهيا، جيترو به رهيا، جيئن به رهيا،
پر اهو قطعي ثابت ٿيل آهي ته ساڳي ئي وقت سڀني سماجن جي حيثيت هڪ جھڙي نه رهي.
هزارين سال اڳ به حياتيءَ جا رنگين گوناگون روپ هئا. ماڻهن اُپايو پئي، کاڌو پئي،
نسل وڌايو ۽ بچايو پئي، بقا لاءِ جدوجهد ڪئي پئي ۽ ناسازگار حالتن کي منهن ڏنو
پئي. انساني سماج لاڳيتو اوسر ۽ واڌار (ترقي) ڪئي پئي.
ماڻهوءَ بابت ڪجھ حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون جن کان ڪو به
سائنسدان ۽ عالم ماڻهو انڪار نه ٿو ڪري سگھي:
1.
ماڻهوءَ
جو نسل کير پيئاريندڙ ساهوارن جي هڪ شاخ آهي. ماڻهو سڌو سَئون ڀولڙي مان اوسر ۽
واڌ نه ڪئي آهي. اهي ماڻهو جا ڏڏاڻا ناهن پر نسل جي نڇ ۾ مائٽ آهن. ڀولڙي جھڙا ٻيا
به نسل آهن جيئن گبن، چمپانزي، گوريلو وغيره. ماڻهو اهڙي ئي گھراڻي جي ڪنهن نئين
نسل مان اُسريو آهي.
2.
ساهوارن
۾ ماڻهو اها اڪيلي جنس آهي جيڪا لفظن جو واهپو ڪري ٿي يعني ٻولي ڳالهائي ٿي. ان
نموني ماڻهو پنهنجا خيال، سوچون، سَڌون ۽ ويچار ٻين تائين پهچائي ۽ وٺي ٿو. هو
تجربا، کوجنا ۽ اڀياس ڪري سگھي ٿو، انهن کي ياد رکي ٿو، انهن جو جائزو وٺي ٿو ۽
رهڻي ڪهڻيءَ جا خاص طريقا تعليم وسيلي پنهنجي ايندڙ نسل تائين پهچائي ٿو.
3.
تاريخ
کان اڳ وارن دورن ۾ ثقافت بابت جيڪا ڄاڻ ملي سگھي آهي، ان مان پڪي ٻوجھ پوي ٿي ته
سماج ۾ لاڳيتو اوسر ۽ واڌار ٿي آهي. انهيءَ ٿيندي کاڌو پيتو گھڻي مقدار ۾ هٿ ڪيو
ويو، اناج جون جنسون اپايون ويون، سٺا گھر ٺاهيا ويا ۽ هوري هوري پنهنجين لازمي
بنيادي گھرجن کي نسبتن سٺي نموني پورو ڪرڻ سکيو ويو. پٿر، ڪنجھي ۽ لوهه جا دورَ
جھڙا نالا رٿڻ مان به اهو ئي پڌرو ٿئي ٿو ته ماڻهو معمولي اوزارن ۾ اوسر ۽ واڌار
ڪندي، سکندي، سمجھندي، سوچيندي، پرکيندي، پروڙيندي، اڳلي کان نوان، نئين کان نوان
۽ اڃا به نوان، تان جو اُچي قسم جا اوزار ٺاهڻ لڳو. ان مان پروڙ پوي ٿي ته ماڻهو
وسيلن کي مقصدن ۽ گھرجن مطابق ٺاهڻ جي صلاحيت ۾ اڳتي وڌندو رهيو. ان کي ئي اڄ ڪلهه
فني، هنري سڌارو چئون ٿا. اخلاقي معاملن کان مٿاهون ٿي (مثال طور، اسين ميگڊالني
ماڻهن کان وڌيڪ نيڪ هجون يا نه، اسان لاءِ سرهائيءَ جا گھڻا وجھ آهن يا نه،
هاڻوڪيون تصويرون اڳوڻين کان سُٺيون آهن يا نه) بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگھون ٿا ته
هاڻوڪي زماني جا پيداواري اوزار ميگڊالني زماني جي اوزارن کان وڌيڪ اچا، سٺا ۽
سڻاوا آهن جيئن ميگڊالني ماڻهن جا اوزار نياندرٿل ماڻهن جي اوزارن کان وڌيڪ سٺا
هئا.
4.
ماڻهو هڪ
ڪَرِي جنس جي حيثيت ۾ وڏي عرصي کان ڌرتيءَ تي وسندڙ آهي. ظاهري طرح انهن جا ٽولا
ٽولا هِتي هتي لڏيندا، گھمندا رهيا. ڪجھ ٽولا ڪنهن خاص علائقي ۾ ايڏو ڊگھو عرصو
رهيا جو انهن هڪ خصوصي نئين هيٺين نسل جي حسثيت ماڻي ورتي. ان نموني گورا، ڪارا،
پِيلا، ناسي يا ڪڻڪ رنگا ”نسل“ وجود ۾ آيا. انهن ٽولن ۾ رضا خوشيءَ يا جھيڙي جھٽي
وسيلي هڪ ٻي سان ميل ميلاپ ٿيندو رهيو. ”نسل“ جي بنياد تي ڪنهن کي گھٽ ۽ ڪنهن کي
اُچو چوڻ ڪمينائپ آهي.
5.
ماڻهن ۽
انهن جي ثقافتن جو هڪ ويڪرو، گھٽ وڌ ۽ رنگارنگ سلسلو پئي رهيو آهي. ماڻهوءَ وٽ ئي
رسمون ۽ رواج آهن، جڳ ۾ جيئن آهن تيئن جو تيئن رهڻ تي راضي ناهن. اهي ڪا وڌيڪ سٺي
دنيا ٺاهي نه ٿا سگھن ته ان کي ٺاهڻ جون سڌون اوس رکن ٿا. جڏهن کان ماڻهوءَ پنهنجي
اڻ گھڙيل اوزارن سان جتي ڪٿي گھاڙ گھڙت شروع ڪئي، ان وقت کان وٺي ماڻهوءَ ملندڙ
شين تي قناعت نه ڪئي. ماڻهو اهو ساهوارو آهي جنهن ايجادون ڪيون آهن ۽ پنهنجي ماحول
ـــــــ پنهنجن اوزارن، پنهنجي دماغ، پنهنجي فن پنهنجي ثقافت ـــــــ کي لاڳيتو
تبديل ڪندو رهيو آهي. پر اوزارن وسيلي پنهنجو گھربل بلو ڪري سگھڻ سبب ئي هن ڪڏهن
به پنهنجي جسم کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سواءِ ان اوسر جي، جيڪا سندس ايجادن کي سولو
ڪرڻ جي ڪم اچي سگھي ـــــــ جيئن آڱريون، نڙي، دماغ وغيره. جسم کي بدلائڻ کان
سواءِ ماحول کي بدلائي ڇڏڻ جي صلاحيت اها انتهائي غيرمعمولي ايجاد آهي جنهن تي ڪو
ٻيو ساهوارو پهچي نه سگھيو. کير پيئاريندڙ خشڪي وارن ساهوارن ۾ اهڙا به آهن جن هوا
۾ اڏامڻ يا پاڻيءَ ۾ رهڻ سکي ورتو پر ان سان گڏ ئي اهو چمڙو ٿي پيو يا وري وهيل
مڇي. ويهين صديءَ جو ڳالهائيندڙ ماڻهو علم تشريح جي نڪتهء نظر کان ايئن ئي آهي
جيئن هزارين سال اڳ وارو ميگڊالني ماڻهو، پر هو هوائي جهازن وسيلي هوا ۾ اڏامي ٿو
۽ سامونڊي جهازن ۽ آبدوزن ۾ ويهي سمنڊ جا سير ڪري ٿو.
ماڻهو ٽولن، ڪهولن، ويڙهَن، قبيلن، قومن ـــــــ سماج ۾، سماجي ٻنڌڻن ۾ رهي ئي
ان ڪري ٿو جو هن پيداواري اوزار ٺاهيا. اوزارن ٺهڻ سبب کيس جيڪا سهولت ملي پئي ان
ئي کيس انهن جي فطرت تي وڌيڪ فڪر ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. مخصوص قسم جي اوزارن کي
سڃاڻڻ، انهن کان مخصوص ڪم وٺڻ، ڪنهن مخصوص ڪم لاءِ گڏ ٿيڻ وغيره جھڙيون لازمي
گھرجون ئي هيون جو ماڻهوءَ انهن لاءِ مختلف مخصوص آواز يا واڪا ڪڍيا ۽ اهي ئي
بامقصد واڪا سندس ٻولي ٺهيا. لاڳيتي پورهئي يعني سماجي سرگرميءَ منجھس اڃا به ذهني
قوت وڌائي، ذهن کي سڌاري، سوچيندڙ ڪيو، نڙيءَ کي نرم ۽ لچڪدار ڪري گُهوگُهو واڪو
ڦيرائي مٺو بنايو، ٿلهين ڊينڊڙين آڱرين کي سنهو، سيبتو ۽ هنرمند ڪيو، چيلهه جو ڪُٻ
ڪڍي سڌو بيهاريو، ڄنگھن تي گھڻو وقت بيهي سگھڻ لاءِ انهن کي سخت ۽ سگھارو ڪيو، وغيره.
اهو سڀ ڪجھ ٿيندي ٻه ٽي لک سال لنگھي ويا.
·
ڇا
ٻوليءَ کان سواءِ ماڻهو سوچي، ڳالهائي ۽ سيکاري سگھي ٿو؟
-
ممڪن ئي
ڪونهي. (جبلي چرپر، عادت ۽ آواز جبلي ئي آهن، سوچيل، ڳالهايل ۽ سِکيل ناهن.)
·
جڏهن
ماڻهو اڃا ٻولي ڳالهائڻ ئي نه سکيو هو تنهن کان اڳ ڇا اهو ممڪن آهي ته ماڻهو ويهي
فلسفو، اخلاق، علم ۽ ادب سکي سگھي، سيکاري سگھي يا بحث ڪري سگھي؟
-
جواب
چِٽو آهي. ڪنهن به ٻي ساهواري اڄ ڏينهن تائين فلسفي، سياست، علم، ادب تي بحث نه
ڪيو آهي. انهن موضوعن تي ڳالهائڻ کان اڳ جيئرو هجڻ وڌيڪ اهم آهي ۽ جياپي لاءِ وري
کاڌو پيتو ۽ اَجھو.
هر ساهواري جيان ماڻهوءَ کي به سڀ کان اڳ جياپي جو بلو گھرجي ٿو. جيئرو هوندو
ته بحث مباحثا ۽ سوچ ويچار جام. جيئڻ ،کاڌو پيتو ۽ اجھو گھرجي ٿو. کاڌو پيتو ۽
اجھو هر ساهواري قدرتي نظام ۾ ٺهيوٺڪيو هٿ پئي ڪيو. ماڻهوءَ کان سواءِ ڪو به
ساهوارو ناهي جيڪو قدرتي تيار مال کائڻ سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ به اُپائيندو هجي.
اپائڻ جي ڪري ئي ماڻهو هڪ ٻي سان ڳنڍجي ٿو، هڪ ٻي سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، هڪ ٻي سان
رشتا ناتا ٺاهي ٿو ـــــــ انهيءَ ڳنڍپ، لهه وچڙ ۽ رشتن ناتن سبب ئي سماج ٺهي ٿو
ـــــــ انهيءَ ڳنڍپ، لهه وچڙ ۽ رشتي ناتي جو نالو آهي پيداواري لاڳاپو. پيداواري
لاڳاپا ئي هر سماج جي پيڙهه آهن. جيڪڏهن اهي لاڳاپا نه هجن ته ماڻهو راڄ يا سماج
ٺاهي رهي نه ٿو سگھي. اهي پيداواري لاڳاپا ٻين ڪن به ساهوارن جي وچ ۾ ڪونهن، ان
ڪري ئي انهن جو سماج ڪونهي، ٻولي ڪانهي، فلسفو ڪونهي، سائنس ۽ آرٽ ڪونهي ۽ ان ڪري
اهي ماحول بدلائي نه سگھيا پر پاڻ ماحول موجب بدلبا رهيا. جڏهن ماڻهو پاڻ پيداواري
لاڳاپن ۾ نه ڳنڍيا هئا تڏهن اهو به جانورن جھڙي جھنگلي، بيوس ۽ ڳيجھو حياتي
گذاريندا هئا. پاڻ اپائي نه سگھندا هئا ۽ رڳو قدرت جو تيار ٿيل کاڌو کائيندا هئا.
جيئرا ته هئا پر جانور، چئني پيرن تي هلندڙ. نه وٽن ٻولي هئي نه ئي ثقافت، نه
ريتون رسمون، نه ئي تهذيب تمدن، نه فلسفو، نه سائنس، نه آرٽ، نه موسيقي، نه هنر ۽
نه ئي وري سمجھ، سوچ يا شعور. اهي هر قسم جي ديني ڌرمي موشگافين، وهمن ۽ ڀَوَن کان
ٻاهر هئا.
سماجي تاريخ جي ڌار ڌار ڏاڪن کي هڪ ٻي کان فرق وارو ڪرڻ جو
معيار اهو ناهي ته ماڻهو ڇا ٿو پيدا ڪري، پر هيءُ آهي ته هو پنهنجو وجود قائم
رکڻ لاءِ اهي بنيادي گھرجون ڪيئن يعني ڪهڙن وسيلن سان/مان پيدا
ڪري. اڃا به ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته تاريخي دورن (ڏاڪن) ۾ فرق ڪرڻ لاءِ لازمي آهي
ته جن طريقن سان هو پيداوار ڪري ٿو اهي جاچيا وڃن، ڇو ته انهن پيداواري طريقن تي
ئي سماج جو بنياد بيٺل آهي. سڄي تاريخ هڪ کان پوءِ ٻي ايندڙ پيداواري طريقي تي ٻڌل/بيٺل آهي.
پيداوار، اپت ماڻهو ڪهڙي طريقي سان ڪري ٿو، ان جا ٻه پاسا
آهن. هڪ پاسو فطرت سان ماڻهوءَ جي ناتي کي ظاهر ڪري ٿو ـــــــ ماڻهو فطرت مان
ڪيترو هٿ ڪري ٿو، هن جو فطرت تي ڪيترو وس آهي. پيداواري طريقي جو هيءُ پاسو سماج
جي پيداواري قوتن تي ٻڌل آهي. پيداواري قوتون جيترو اسريل، واڌاريل هونديون فطرت
تي ماڻهوءَ جو وس به اوترو ئي گھڻو هوندو ۽ جيترو پوئتي پيل هونديون ته اوترو ئي
ماڻهو فطرت جو غلام هوندو.
پيداواري طريقي جو ٻيو پاسو پيداواري ناتا آهن جيڪي بنيادي
گُهرجون پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سبب ماڻهن جي وچ ۾ قائم ٿين ٿا.
پيداواري قوتن جي واڌار ڪيتري سطح تي پهتل آهي ۽ انهن جو ڪردار ڪهڙو آهي ـــــــ
انهن ٻنهي سوالن جو جواب ٻڌائيندو ته پيداواري ناتا ڪهڙا آهن.
اهي ٻئي پاسا هڪ ٻئي کان ٽٽل ناهن پر اڻٽُٽ نموني ڳنڍيل
آهن، ڇو ته ماڻهو فطرت تي گڏيل نموني عمل ڪندي ئي پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا.
بنيادي گھرجن جي پيداوار سان گڏ هڪ ميدان خود ماڻهوءَ جي
پيداوار به آهي. ماڻهوءَ جي پيداوار گھراڻي، ڪٽنب، ڪهول يا آڪهه ۾ ٿئي ٿي. ابتدا ۾
هن عمل جو فطرت تي نسبتن گھڻو اثر هو پر جيئن جيئن سماج وڌندو ويو تيئن تيئن هن جو
اثر گھٽجندو پئي رهيو آهي، پر گھراڻو (آڪهه، ڪهول) رڳو پيداوار جي نظام جي محض هڪ
ڪڙي آهي ۽ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ايئن چوڻ غلط آهي. گھراڻو ئي بنيادي پيداواري ناتن
سان گڏ اخلاقي، قانوني، جذباتي ۽ ٻين ناتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ نه رڳو نئون
ماڻهو پيدا ڪندو رهي ٿو پر ان جي ڄاڻ ۽ سکيا جو به اهم درسگاهه آهي.
پيداواري قوت ڇا کي چئجي ٿو؟
1.
ماڻهو
جيڪي پيداوار ڪن ٿا، ماڻهن کان سواءِ اپائڻ جو ڪم ٿي ئي نه ٿو سگھي. ماڻهو اهم
پيداواري قوت آهن.
2.
ماڻهو جن
شين يا اوزارن وسيلي پورهيو ڪري ٿو. شيون يا اوزار يا ته فطرت مان هٿ ڪري ٿو يا
وري انهن کي گَھڙي ٿو. اوزار به ماڻهوءَ جي پورهئي جو نتيجو آهن. انهن ۾ به
ماڻهوءَ جو پورهيو لڪل آهي.
جيئرو انساني پورهيو ۽ اهو پورهيو جيڪو اڳواٽ ڪيل آهي (۽
پيداواري اوزارن ۾ لڪل آهي) ـــــــ ٻنهي کي گڏي پيداواري قوت چئجي ٿو.
پٿر، معدني ذخيرو، لوهه جي کاڻ، ڪوئلو وغيره پيداواري قوت
ناهن پر جڏهن انهن تي ماڻهوءَ جو پورهيو ٿئي ٿو، اهي صاف ٿين، گَهڙجن ۽ ڪا خاص شڪل
وٺن ٿا، تڏهن پيداواري قوت ٿي سگھن ٿا. جديد ترين مشينون جيڪڏهن ڀانڊن ۾ بند پيون هجن
ته اهي پيداواري قوت ناهن (جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهوءَ جو پورهيو سيڙيل آهي). اهي
پيداواري قوت تڏهن آهن جڏهن پيداواري عمل جو حصو هجن. اها ساڳي ڳالهه ماڻهوءَ بابت
به چئي سگھجي ٿي. هڪ صحتمند ماڻهو، جيڪو ڪم نه ٿو ڪري، پيداواري قوت ناهي. ماڻهو ۽
پورهئي جا اوزار ان وقت پيداواري قوت جا حصا ٿين ٿا جڏهن اهي گُهرجن جي پيداوار
سان ڳنڍيل هجن.
پيداواري ناتو ڇاکي چئجي ٿو؟
ماڻهو جڏهن پيداواري عمل ۾ شامل ٿين ٿا تڏهن انهن جي وچ ۾
گھڻ پاساوان ۽ ڳتيل ناتا پيدا ٿين ٿا. سمورا انساني ناتا رڳو پيداواري ناتا ناهن.
پيداواري ناتا اهي آهن جيڪي گذرسفر (معاش، کاڌ خوراڪ، ڌنيري) لاءِ ٺهندا آهن. هي
انهن ناتن کان ٻي قسم جا آهن جيڪي مٽي مائٽيءَ، ياري باشيءَ يا هم جنس هئڻ سبب
ٺهندا آهن. مٽي مائٽيءَ، ياري باشيِءَ ۽ هم جنس هئڻ جا ناتا ٻين ساهوارن ۾ به ٿين
ٿا، پر اهي فقط تيستائين جٽاءُ ڪن ٿا جيستائين نئون نسل پراڻي نسل جو ڳيجهو هجي،
ڪو شهوَتي (وهريلو) ناتو هجي يا جيئن پنهنجي هم جنس کان بي ڊپي جو ناتو ٿئي ٿو
وغيره. جڏهن ماڻهوءَ-جنس
اپائڻ نه سِکيو هو تڏهن ان جي وچ ۾ به رڳو ان ئي قسم جا ناتا هئا. پيداواري عمل ۾
گڏجڻ، گھڙڻ ۽ ڏيتي ليتي ڪرڻ سبب ئي پيداواري ناتا به ٺهن ٿا ته سماج ۽ سمجھ به.
ماڻهن جي وچ ۾ معاشي (ڌنيري) ناتا ۽ ان جي ڪري پيداواري ٿاڪ سان پيدا ٿي ناتا
ــــــ هي آهي پيداواري ناتن جو جوهر.
پيداواري ناتن جو ٻيو بنيادي پاسو مادي پيداوار ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن جي وچ ۾
سرگرميءَ جي مٽاسٽا آهي. اهي پنهنجي سرگرميءَ جي ”مٽاسٽا“ ڪن ٿا. پورهئي جي نتيجن
جي مٽاسٽا هر سماجي دور ۾ ٿئي ٿي ــــــ ابتدائي راڄوڻي سماج ۾ به، غلامداري سماج
۾ به، جاگيرداري سماج ۾ به، ته سوشلسٽ (ڪميونسٽ) سماج ۾ به. هر سماجي دور ۾ ان جو
نمونو مختلف ٿئي ٿو.
پيداواري ناتن جو ٽيون پاسو به آهي يعني تيار ڪيل مال جي ورهاست. هر سماجي دور
۾ تيار ڪيل مال جي ورهاست جو طريقو ڌار ڌار آهي.
اهي سمورا پاسا هڪ ٻي سان اڻٽُٽ نموني ڳنڍيل آهن. اهي سمورا ناتا انساني سوچ
سمجھ کان آزاد (معروضي) آهن، محتاج (ڳِيجُهو) ناهن.
تاريخ جي مختلف سماجي دورن جو فرق پيداواري ناتن جي ان ٽه-طرفي اتحاد جي فرق تي بيٺل آهي. پيداواري ناتا ابتدائي
راڄوڻي سماج ۾ هڪ قسم جا آهن، غلامداري سماج ۾ ٻي قسم جا، جاگيرداري سماج ۾ ٽين
قسم جا، سرمائيداري سماج ۾ چوٿين قسم جا، ته ڪميونسٽ (پهريون ڏاڪو سوشلسٽ) سماج ۾
پنجين قسم جا. سادي کان اُچي ڏانهن، اڻ ڳُتيل کان ڳُتيل ڏانهن، هيٺين سطح کان مٿين
سطح ڏانهن پيداواري ناتن جو اهو سفر، اوسر، واڌار جاري آهي. اهي سوچ سمجھ جا پابند
ناهن، ان کان آزاد آهن. اوسر ٿيڻي آهي، ان کي ڪو به روڪي، بيهاري نه ٿو سگھي. ها،
اهو ٿي سگھي ٿو ته انهيءَ جي رفتار ۾ ڍرائي يا تيزي پيدا ڪري سگھجي. سماجُ اوسر ۽
ڦيرو کائيندو لاڳيتو واڌار ڪندو رهي ٿو.
پيداواري طريقو (ڍنگ) ڇا کي چئجي ٿو؟
پيداواري قوت ۽ پيداواري ناتن جو گڏيل نالو آهي پيداواري
طريقو (ڍنگ).
تاريخ جي هر سماجي دور کي پنهنجو مخصوص ۽ نرالو پيداواري
ڍنگ آهي. ابتدائي دور جو پنهنجو طريقو آهي ته غلامداريءَ جو پنهنجو، جاگيرداري
سماج جو پنهنجو طريقو آهي ته سرمائيداريءَ جو پنهنجو ۽ ڪميونسٽ (سوشلسٽ) سماج جو
وري پنهنجو. هر دور جو پنهنجو مقرر پيداواري طريقو آهي. سماج ۾ جنهن قسم جو
پيداواري طريقو حاوي، غالب، ڇانيل هوندو، سماج جو نالو اهو ئي سڏبو. مثال طور
ڇانيل جاگيرداري سماج ۾ جاگيردارڪو پيداواري طريقو ڇانيل هوندو، پر رڳو هڪ، اڪيلو،
نجو پجو پيداواري طريقو ئي رائج هجي ۽ ٻي ڪنهن به ايندڙ ويندڙ پيداواري طريقو جو
ڪو نشان ۽ اهڃاڻ ئي نه هجي، ايئن نه ٿيندو آهي. ڇانيل سماج جي ڪُک مان ئي ايندڙ
سماج جنم وٺي ٿو.
پيداوار جي هڪ طريقي جِي ٻي طريقي ۾ تبديلي جدلي قانون جي
پابند آهي. هر پيداواري طريقي تي ٽن اهم قانونن جو حڪم هلي ٿو. اهي ٽي قانون هي
آهن: (1) پيداواري طريقي جي مختلف پاسن جي وچ ۾ اتحاد (ٺاهه) جو قانون، (2) هڪَ
ڪَرائيءَ جو قانون ۽ (3) ٽَڪر جو قانون.
1.
پيداواري
طريقي جي مختلف پاسن ۾ ٺاهه جو قانون:
هيءُ قانون پيداواري قوتن ۽ پيداواري ناتن جي وچ ۾ ٺاهه جو
اڻٽٽ لاڳاپو ظاهر ڪري ٿو. پيداواري قوتون ڳر (جوهر) آهن ۽ پيداواري ناتا ان جي
معاشي شڪل (ڏيک). پيداواري قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪتب ايندڙ اوزار) جيترو گھٽ،
هيٺين، هِيڻي ۽ هلڪي سطح تي هونديون، پيداواري ناتا (گڏجي ڪم ڪرڻ سبب هڪ ٻي لاءِ
پيدا ٿيل لاڳاپا) به اوترو ئي گھٽ، هيٺين، هِيڻي ۽ هلڪي سطح جا هوندا ۽ ان ڪري ئي
سماج جي معاشي شڪل به هيٺين، هيڻي ۽ هلڪي سطح جي هوندي، جيئن ابتدائي راڄوڻي سماج
۾. جيئن جيئن پيداواري قوتون اوسر ۽ واڌار ڪن ٿيون تيئن تيئن پيداواري ناتا (معاشي
شڪل) به اوسر ۽ واڌار ڪن ٿا. ابتدائي راڄوڻي دور جي ڀيٽ ۾ غلامداري سماج پيداواري
قوتن ۽ ناتن جي حساب سان مٿين سطح تي هوندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جاگيرداري سماج اڃا
به مٿاهين سطح تي آهي ۽ سرمائيداري سماج ان کان به وڌيڪ مٿاهين سطح تي. اهڙيءَ طرح
سوشلسٽ سماج سرمائيداري ]سماج[ کان به ڏاڍو مٿي، اُچو،
گهِرو، سٺو ۽ سيبتو آهي.
جنهن به سطح جو پيداواري طريقو هوندو ان سطح جي پيداواري
قوتن ۽ ناتن جي وچ ۾ گھڻ پاسائون، هڪ ٻي سان سهڪاري ساٿ هوندو.
2.
پيداواري
قوتن ۽ ناتن جي سطح ۽ ڪردار جي وچ ۾ هڪ ڪَرائيءَ جو قانون:
سرمائيداري سماج شروع ۾ هڪ جھڙو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ
ايڪو پيدا ڪري رکيو هو. مالڪُ ڪاريگر ۽ ان جا شاگرد هڪ مڪمل جنس ٺاهي تيار ڪندا
هئا. هر جنس جو خالق سڃاڻي سگھبو هو. هر ڪاريگر جو ڪم تخليقي هو، پر اهي شيون وڏي
پيماني تي نه ٺهي پئي سگھيون. پورهئي جي ورهاست ۽ مشين جي واهپي ننڍن هٿ-هنرمندن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اهڙا ڪاريگر پيدا ڪري
ورتا جيڪي هڪ مڪمل جنس ٺاهي سگھڻ بدران ان جو رڳو ڪو هڪ حصو ٺاهي پئي سگھيا. مختلف
ڪاريگرن جي ٺاهيل مختلف حصن جي ميلاپ سان هڪ مڪمل جنس ٺهي پئي. ماڻهوءَ هاڻي رڳو
هڪ شيءِ جو هڪ جزو پئي ٺاهيو، پر اهو نه وڪڻي سگھجيو پئي، نه ئي ان جو ڪو مُلهه
هو. جڏهن گھڻا جزا گڏيا پئي، تڏهن وڪڻڻ لاءِ ملهائتي شيءِ ٺهي پئي. ڪارخاني ان کي
اڃا به وڌيڪ جزوي بڻايو ۽ صنعت ان کان به وڌيڪ. پورهيو هڪ وڏي مڪمل شيءِ مان ڦري،
تمام ننڍڙي ڌار ڌار جزي تي وڃي پهتو ۽ مڪمل ڪاريگر ماڻهو ڄڻڪ ’جزوي ماڻهو‘ ٿي پيو.
هنري سڌاري پورهئي کي اڃا به ورهايو. نوان هنر ظاهر ٿيا ــــــ مطلب ته پيداواري
قوتن جي بهتريءَ، عمدگيءَ، سٺائيءَ سبب معاشي تبديلي پيدا ٿي يعني پيداواري ناتن ۾
نئين ترتيب ٺهي. ان ڳانڍاپي جو اظهار پيداواري قوتن جي سطح ۽ ڪردار سان پيداواري
ناتن جي هڪ ڪرائيءَ جو قانون ڪري ٿو.
3.
پيداواري
طريقي جي مختلف پاسن (پيدواري قوتن ۽ ناتن) ۾ تضاد جو قانون:
جيڪڏهن پيداواري قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪتب ايندڙ اوزار)
غلامداري سطح جا آهن ته پيداواري ناتا به لازمن غلامداري سطح جا هوندا، پر اسين
ڏسون ٿا ته پورهئي جي اوسر ۽ واڌار لاڳيتو عمل ۾ ايندي رهي ٿي ۽ نوان تجربا، نئين
سکيا، نئين تعليم، نئون هنر پيداواري قوتن ۾ به لاڳيتو واڌارو آڻيندو رهي ٿو، جڏهن
ته ناتن ۾ ايتري تيزيءَ سان تبديلي نه ٿي اچي. ان ڪري پيداواري قوتن ۽ پيداواري
ناتن جي وچ ۾ تضاد (ويڙهه، ٽَڪر، جھيڙو) پيدا ٿئي ٿو. جنهن سطح تي پيداواري قوتون
هونديون ان ئي سطح جا پيداواري ناتا هئڻ گھرجن. جنهن تيزيءَ سان پيداواري قوتن ۾
تبديلي اچي ٿي ان تيزيءَ سان پيداواري ناتن ۾ نه ٿي اچي ۽ نيٺ پيداواري ناتا اوسر
۽ واڌار جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجڻ لڳن ٿا. ان ڪري پيداواري قوتن جي اوسر ۽ واڌار نيٺ
ڪنهن ڏاڪي تي ايترو تيز ڦيرو کائي ٿي، ايڏي وڏي اُڇل ڏي ٿي، ايڏو زور پيدا ڪري ٿي
جو پراڻن پيداواري ناتن کي ٽوڙي، ڀڃي، ٽڪرا ڪري (انقلاب آڻي) نوان پيداواري ناتا
قائم ڪري ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ قائم ٿيل سماج ۾ نوان ناتا نين پيداواري قوتن سان وري
اتحاد ۽ هڪ ڪَرائيءَ ۾ اچي وڃن ٿا. غلامداري سماج ۾ اها اوسر، واڌار ۽ ڦيرِي
(انقلاب) جاگيرداري سماج قائم ڪري ٿي، جاگيرداري سماج ۾ اها اوسر، واڌار ۽ ڦيرِي
(انقلاب) سرمائيداري سماج قائم ڪري ٿي ۽ سرمائيداري سماج ۾ اها ئي اوسر، واڌار ۽
ڦيرِي (انقلاب) سوشلسٽ سماج ٺاهي ٿي. پيداواري قوتن ۾ تبديليءَ سبب معروضي طرح
پيداواري ناتا ڦري وڃن ٿا. پيداواري طريقي جي مختلف پاسن (پيداواري قوتن ۽ ناتن) ۾
تضاد معاشي اوسر ۽ واڌار جو سبب آهي.
ماڻهو جيڪڏهن انهن ٽنهي قانونن کي سمجھي وٺي، انهن موجب عمل ڪري، سوچي سمجھي
انهن کي تيز ڪري ۽ اوج تي پهچائي، ته پنهنجي زور سان، ڌَڪ سان، پراڻا ناتا ٽوڙي ۽
نوان ناتا قائم ڪري سگھي ٿو. زارشاهي روس ۾، سرمائيدارڪن پيداواري ناتن کي انهن ئي
قانونن موجب سوچي سمجھي، تيز ڪري، اوج تي پهچائي، زور سان ڌڪ هنيو ويو ۽ سويت
يونين ٺاهي سوشلسٽ سماج يعني سوشلسٽ پيداواري ناتا قائم ڪيا ويا.
سماجي-معاش
(ڌنيري) جوڙجڪ ڇا آهي؟
بنيادي گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي مادي پيداوار
ڪرڻي پئي ٿي. مادي پيداوار جي واڌ ويجهه وارا قانون سڄي انساني تاريخ ۾ عمل ڪندا
رهن ٿا. عالمي تاريخ پنهنجي اوسر ۾ ڪيترن ئي ڏاڪن مٿان ٽَپي آهي ــــــ ابتدائي
راڄوڻي دور، غلامداري دور، سرمائيدار دور ۽ هاڻي سوشلسٽ دور ۾ گِهڙِي آهي. اهڙي هر
ڏاڪي دوران نرالي قسم جون پيداواري قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪِرت ۾ ايندڙ اوزار) ۽
ان سان واسطيدار پيداواري ناتا رهيا آهن. انهن خصوصيتن، گڻن، اوگڻن، نرالپ سبب هر
دور کي ڌار ڳڻيو وڃي ٿو ۽ ان کي ئي سماجي-معاشي جوڙجڪ چئجي ٿو.
پيداواري قوتون جوهر، بنياد، پيڙهه آهن ۽ پيداواري ناتا ان
جو ڏيک، نماءُ، ظاهر، پڃرو، ڍانچو. پيداواري ناتا ئي هر جوڙجڪ ۾ رهندڙ معاشي
(ڌنيري) لاڙن، خيالن، ادارن کي ٺاهن ٿا. معاشي لاڙن، خيالن، ادارن وغيره کي مٿيون
ڍانچو به چئجي ٿو. جنهن قسم جا پيداواري ناتا هوندا ان ئي قسم جا معاشي لاڙا، خيال
۽ ادار وجود ۾ هوندا. جيڪڏهن سماجي-معاشي
جوڙجڪ غيرطبقاتي هوندي، ته لاڙا، خيال ۽ ادارا به غيرطبقاتي پيڙهه رکندڙ هوندا ۽
جيڪڏهن جوڙجڪ طبقاتي آهي ته معاشي لاڙا، خيال ۽ ادارا به ان ئي قسم جا هوندا.
غلامداري، جاگيرداري ۽ سرمائيداري، ٽئي، طبقاتي جوڙجڪون آهن، پر انهن ۾ پيداواري
ناتا مختلف قسم جا آهن تنهنڪري هر هڪ جا ڪجهه ادارا ته ڪجهه هم گڻ يا هم اوَگڻ
(طبقاتي هئڻ سبب) ٿي سگھن ٿا، پر گھڻا ادارا قطعي مختلف هوندا. طبقاتي سماجن ۾
ذاتي ملڪيت، طبقو، رياست، حڪومت، فوج، پارٽيون، مذهب وغيره اڻٽر آهن پر غيرطبقاتي
سماج ۾ انهن جو نه وجود آهي ۽ نه ئي گھرج. هر سماجي-معاشي جوڙجڪ جو ڪجهه تفصيلي ذڪر اڳتي ڪنداسون.
جيڪڏهن ٻن، ٽن، چئن، پنجن يا گھڻن هنڌن تي ساڳي سماجي-ڌنيري جوڙجڪ موجود آهي ته اهو قطعي لازم ناهي ته انهن جو هر
معاشي لاڙو، خيال، ادارو ــــــ مٿيون ڍانچو قطعي هڪ جھڙو هوندو.
مثال طور، برطانيا ۽ فرانس ۾ سرمائيداري ڇانيل آهي، تنهنڪري
ڪو ايئن چئي ته فرانس ۾ پيداواري ناتن جي حوالي سان موجود ذاتي ملڪيت، رياست،
حڪومت، پارٽيون، اوسر ۽ واڌار، صنعتون، هنرَ، فنَ، سوچون، امنگون وغيره هر طرح
اهڙيون ئي هونديون جهڙيون برطانيا ۾، ته اها ڳالهه غلط هوندي. برطانيا ۽ فرانس ۾
سرمائيدارڪا پيداواري ناتا ڇانيل هئڻ باوجود، انهن جي مٿين ڍانچي ۾ سوين هزارين
فرق موجود آهن ۽ ساڳيءَ طرح سوين هزارين هڪ جھڙايون به آهن. البته ٻنهي ملڪن جي
پيداواري قوتن ۽ ناتن جي بنيادي فطرت ۾، قاعدن قانونن ۾ ڪو به فرق ناهي.
پيداواري ناتا ۽ مٿيون ڍانچو جوڙجڪ جي اڏاوت جا خاص عنصر
آهن ۽ اهي پنهنجو ڪم نڀائيندي هڪ ٻي تي دارومدار رکندا آهن. پيداواري ناتا مٿين
ڍانچي کي پيدا ڪن ٿا ۽ مٿيون ڍانچو انهن جي خدمت ڪري ٿو. مٿيون ڍانچو اهو ئي اهم
آهي جيڪو پنهنجي مخصوص پيداواري ناتن سان واسطيدار هجي. مثال طور ٻوليءَ، گھراڻي
(ڪٽنب)، مشينن، سائنسن، هنرن ۽ قوم وغيره جھڙن لقائن جا گھڻ پاساوان ڪم آهن ۽ انهن
کي رڳو پيداواري ناتن يا رڳو مٿين ڍانچي سان ڳنڍي نه ٿو سگھي. پيداواري ناتا ۽
واسطيدار مٿيون ڍانچو انهن لقائن تي اثر ضرور وجھن ٿا ۽ اڪثر انهن کي استعمال ڪن
ٿا، پر پوءِ به بنيادي حقيقت هيءَ آهي ته اهي خاص قسم جا سماجي لقاءَ آهن جيڪي سؤ
سيڪڙو نه پيداواري ناتا آهن ۽ نه ئي مٿيون ڍانچو. جيتوڻيڪ اهي لقاءَ هڪ ڳنڍيل
سماجي جسم جيان سماجي-معاشي
جوڙجڪ جو حصو هوندا آهن پر اهي هڪ جوڙجڪ کي ٻِي جوڙجڪ کان فرق ڪرڻ ۾ مدد نه ٿا
ڏين. قطعي مختلف جوڙجڪن ۾ اهي لقاءَ هڪ ٻي سان تشبيهه رکندڙ ئي نه، پر عام طرح
بلڪل ساڳيا هڪ جھڙا ٿي سگھن ٿا ۽ اصل ۾ هوندا آهن.
ان ڪري رڳو اهي لقاءَ ڪنهن مخصوص جوڙجڪ جو امتيازي (فرق وارو) نشان آهن جيڪي
چِٽِيءَ طرح ڪنهن هڪ جوڙجڪ سان واسطو رکندي قطعي طرح پيداواري ناتن يا مٿين ڍانچي
سان لاڳاپيل هوندا آهن. اهي پيداواري طريقي جي ڪردار مان اڀرندا آهن.
طبقو ڇا آهي؟
”طبقو“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى آهي ماڻهن جو
ٽولو. اسان وٽ اڄ ڏينهن تائين هي لفظ وڏن ٽولن لاءِ ڪتب ايندو آهي ـــــــ استاد
طبقو، شاگرد طبقو، ڊاڪٽر طبقو، ذهين طبقو، جاهل طبقو وغيره.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته ذهني لياقتن جي ڪري ماڻهو طبقن ۾
ورهائجي ويا. جيڪي ماڻهو وڏا اڪابر ۽ سرگرم هوندا آهن ۽ حڪم هلائي سگھندا آهن اهي
حڪمران طبقن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ جاهل ۽ جڏي ذهن وارا ماڻهو محڪوم طبقا ٿي ويندا
آهن. تاريخ ۽ حياتيءَ ثابت ڪيو آهي ته اها سوچ غلط آهي. حڪمران طبقن ۾ هزارين
ماڻهو جاهل، احمق ۽ ڪوڙهه مغز آهن، جڏهن ته محڪوم طبقن ۾ ڪروڙين ماڻهو زبردست سَٿ،
سگھ، هنر ۽ ڏاهپ رکن ٿا.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته طبقن جي ورهاست جو دارومدار آمدنيءَ تي
آهي. برابر، حڪمران طبقن ۽ محڪوم طبقن جي ڪمائيءَ ۾ اُڀ ۽ ڌرتيءَ جيڏو فرق آهي، پر
اهو فرق ڇو آهي؟ ڪو به نه ٻڌائي سگھيو.
سماجي-ڌنيري [Sochio-economic] سائنس جي روشنيءَ ۾ ’طبقو‘
چئبو آهي ماڻهن جي اهڙي وڏي ٽولي کي جيڪو (1) سماجي پيداوار جي تاريخي طرح مقرر
نظام ۾ پنهنجي مخصوص جاءِ جي ڪري، (2) پيداواري ٿاڪن سان ان جي مخصوص ناتي جي ڪري،
(3) پورهئي جي سماجي تنظيم ۾ پنهنجي مخصوص ڪردار جي ڪري، ۽ (4) ان جي نتيجي ۾ جيڪا
سماجي دولت ملي ٿي، ان ۾ ملندڙ حصي ۽ حصي ملڻ جي طريقي جي ڪري ماڻهن جي ٻي ٽولي
کان مختلف هوندو آهي.
پيداواري ٿاڪ کي ملڪيت بڻائڻ سبب ئي ماڻهن جو هڪ ٽولو حڪمران ٿئي ٿو جنهن کي
سموريون رعايتون مليل هونديون آهن، جڏهن ته ملڪيت کان محروم ٽولو محڪوم ٿئي ٿو.
طبقن ۾ ورهايل سماج ۾ هڪ طبقي جي حيثيت ٻي طبقي کان انهن سببن جي ڪري ئي مختلف ٿئي
ٿي. جيڪڏهن پيداواري ٿاڪ (ٿاڪن) ڏانهن پيداواري قوتن (ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ ڪتب ايندڙ
اوزارن) جو مجموعي رويو، سماجي تنظيم ۾ سندن ڪردار ۽ ملندڙ حصو هڪ جھڙو هجي ته
سماج مان طبقا ختم ٿي ويندا.
سماج طبقن ۾ ڇو ٿو ورهائجي؟
طبقا ڪيئن ظاهر ٿيا؟
جيئن ته طبقا اهڙي دور ۾ ظاهر ٿيا جڏهن لکت جو رواج اڃا نه
پيو هو يا ابتدائي هو، تنهنڪري اسان وٽ انهيءَ جھوني، پراڻي، ڏُور تاريخي دور جون
لکتي شهادتون موجود نه آهن.
پراڻين وَسندين، قبرن جي کوٽائيءَ، اوزارن، ٿانوَن، زيورن،
شڪار ٿيندڙ جانورن جي هڏين ۽ پراڻن آثارن جي کوجنائن جي واهر سان اسين پنهنجن وڏڙن
جي سماجي حياتيءَ، انهن جي سرگرمين ۽ حياتي گھارڻ جي نموني جا چِٽ چِٽي سگھون ٿا.
ان وقت جيتوڻيڪ پورهئي جا اوزار ابتدائي هئا (عام طرح ڪاٺيءَ
۽ پٿر مان ٺهيل) پر ماڻهو انهن جي واهپي سان پنهنجي لاءِ جھنگلي غذا هٿ ڪندا هئا ۽
وڏن وڏن جھنگلي جانورن جو شڪار ڪري سگھندا هئا. اهو ڪيئن ٿيندو هو؟ ماڻهو وڏن ٽولن
۾ رهندا هئا، گڏجي جانورن جو شڪار ڪندا هئا ۽ جھنگلي ميوا، ٻوٽا، ڀاڄيون، پاڙون هٿ
ڪندا هئا. هڪ ٻي سان سهڪار کان سواءِ انهن جو وجود ناممڪن هو، ڇو ته هر وک تي انهن
جو واسطو موتمار، خوني ۽ وحشي شين سان پوندو هو.
ابتدائي سماج طبقن ۾ ورهايل نه هو. ان ۾ حڪمراني، ڏاڍائي
(ظلم) ۽ ڦرلٽ نه هئي. ماڻهو گڏيل جتن ڪري پنهنجي گذاري جا ٿاڪ هٿ ڪندا هئا ۽ گڏجي
واهپي ۾ آڻيندا هئا.
ابتدائي راڄوڻي ڀائپي واري سماج جي ٽُٽڻ کان پوءِ ئي پهريون
ڀيرو طبقاتي ورهاست ٿي. ابتدائي راڄوڻي دور جي ڀڃ ڊاهه ۽ طبقاتي سماج جو ٺهڻ هڪ
ڊگھو عمل هو. اهو سڄيءَ دنيا ۾ هر هنڌ ساڳي ئي وقت نه ٿيو. تاريخي عمل کي جاچڻ سان
خبر پوي ٿي ته بابل، اشور ۽ مصر طبقاتي سماج 4-هزار کان 3-هزار سال قبل مسيح، سنڌ،
هند ۽ چين ۾ 3-هزار کان 2-هزار سال ق م ۽ يونان ۽ روم ۾ 1-هزار سال ق م پيدا ٿيو.
ڌنيري لحاظ کان سماج جي طبقاتي قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪتب
ايندڙ اوزار) ـــــــ ۽ انهن جي ڪري پورهئي جي پيداواري صلاحيت ــــــــ انتهائي
هيٺين سطح تي هيون. جيڪو ڪجھ به هٿِ ڪيو ويندو هو لڳ ڀڳ انهيءَ گھڙيءَ ڪتب اچي
ويندو هو. اهڙين حالتن ۾ اڻ برابريءَ لاءِ ڪو به بنياد ڪو نه هو. جڏهن ٽولن يا
مختلف قبيلن جي ماڻهن ۾ ويڙهيون ٿينديون هيون ۽ باندي بند ڪيا ويندا هئا ته ان وقت
انهن جي آئيندي بابت فيصلو ڏاڍو مسئلو پيدا ڪندو هو ـــــــ انهن جو ڇا ڪجي؟
پنهنجي راڄ ۾ رکڻ عام طرح ناممڪن هو، ڇو ته سڀني وٽ کائڻ لاءِ چڱو چوکو نه هو ۽ انهن
کان راڄ لاءِ ڪم وٺڻ به ڏکيو هو ڇو ته فالتو اوزار ڪو نه هئا.
ان ڪري باندين کي يا ته کاڌو ويندو هو (جيستائين، جن ٽولن ۾
ماڻهن کائڻ جو رواج هو) يا وري ويڙهه ختم ٿيڻ کان پوءِ واسطيدار قبيلي کي موٽائي
ڏنو ويندو هو. ڪن حالتن ۾ ڪي ٽولا انهن کي برابريءَ جي بنياد تي پنهنجي راڄ ۾ شامل
ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙا مثال، اڄوڪي دور ۾ به، انهن راڄن ۾ ڏسي سگھجن ٿا جن جي اوسر
تاريخي سببن ڪري تڪڙو اڳتي وڌي نه سگھي آهي. اوڀر آفريقا ۾ لاڏائو قبيلو ماسائي
پاڻ وٽ باندين کي ماري ڇڏيندو هو، ڇو ته انهن وٽ سندن گذاري جا وسيلا نه هئا ۽
انهن جي پورهئي مان فائدو وٺڻ لاءِ ڌنيري حالتون پَڪيون نه هيون، پر سندن پاڙي ۾
ئي واڪامبا قبيلو، جيڪو پوک ڪندو هو، انهن کي غلام بڻائي واهيندو هو ڇو ته اتي
واڌو پيداوار ٿي سگھي پئي ۽ ان وٽ واڌُو کاڌو ۽ اوزار هئا.
جيستائين سماجن پنهنجي گھرجن کان وڌيڪ پيدا نه ڪيو، انهن وٽ
برابري هئي. جڏهن پيداوار ان سطح تي پهتي جو ماڻهو پنهنجي گھرجن کان وڌيڪ پيدا ڪرڻ
لڳو، ته ان واڌُو پيداوار ئي اڻ برابريءَ جو ٻِج ڇَٽيو. قديم شڪاري ۽ ماڇي پنهنجو
کاڌو وڏا ٽولا ٺاهي هٿ ڪندا هئا، انهن جا ابتدائي اوزار اهڙا هئا جو ڪو به ماڻهو
اڪيلي سر، پنهنجن ماڻهن جي مدد کان سواءِ جيئرو رهي نه پئي سگھيو. ان ڪري سماج جي
ابتدائي ڏاڪي ۾ گڏيل پيداوار واري سماجي جوڙجڪ ٺهي ۽ ان جو لازمي نتيجو اهو هو ته
گڏجي ڪتب آڻجي ــــــ شڪار بچائي نه رکبو هو پر هڪدم برابر ڀاڱن ۾ ورهايو ويندو
هو. اهي ذخيرو ڪرڻ جو سوچي به نه پئي سگھيا ڇو ته ذخيرو خراب ٿي وڃي ها ۽ وڪڻي به
نه پئي سگھيا ڇو ته مٽاسٽا جو رواج ئي نه هو، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انهن ايترو
اپايو ئي ڪو نه پئي جو بچائي سگھن. راڄ جي انهن ٽولن ۾ به شڪار ورهايو ويندو هو جن
کي شڪار هٿ نه لڳو هجي. ابتدائي راڄ ۾ رويو، رواج ۽ روايت ئي گڏيل اصولن تي ٻڌل
هئي تنهنڪري ملڪيت به گڏيل هئي.
جڏهن وڌيڪ سٺا اوزار، وڌيڪ پيماني تي ۽ انفرادي طرح ٺهڻ لڳا
تڏهن پيداوار ۾ به ورهاست هوري هوري وڌي. ابتدائي سماج ۾ ئي کاڌو، ڪپڙو، زيور
وغيره هوري هوري ذاتي ملڪيت ٿيڻ لڳا. اهي شيون هيون به ذاتي واهپي لاءِ. سوچي
سگھجي ٿو ته راڄ ۾ اهڙو رواج هو جو جيترو شڪار ۾ سندس حصو هوندو هو اوترو ئي کيس
ڀاڱو ملندو. جڏهن انفرادي طرح اوزار ٺهڻ لڳا، انفرادي طرح پيداوار ٿيڻ لڳي، ته اڻ
برابري شروع ٿي وئي. پورهئي جي سماجي ورڇ وڌِي، ته ابتدائي راڄوڻي ڀائپي ٽٽڻ لڳي ۽
نيٺ راڄوڻو سماج تباهه ٿي ويو.
پورهئي جي پهرين وڏي ورڇ ان وقت ٿي جڏهن ڍور ڍڳا
پاليندڙ قبيلا ڌار ٿيا. ڍوريرن وٽ پنهنجي واهپي جي گھرج کان وڌيڪ هوندو هو جڏهن
انهن وٽ ڌڻ وڏو هجي. مٽاسٽا، جيڪا اڳ رڳو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هئي ۽ اها به ان حالت ۾
جو واهپي کان ڪجهه وڌيڪ بچي پوي. هاڻي ڍوريرن ۽ ٻني ٻاري وارن (پوکي ڪندڙ،
پوکيندڙ) قبيلن جي وچ ۾ پابنديءَ سان ٿيڻ لڳي. ان جي ڪري سماجي دولت اڃا به وڌي ۽
غلامن جو وڌيڪ پورهيو ڪتب اچڻ لڳو.
پورهئي جي ٻِي وڏي ورڇ ان وقت شروع ٿي جڏهن هٿ-هنر پوک کان ڌار ٿيو. راڄ ۾ مٽاسٽا عام ٿي وئي. ڌنيري اڻ
برابري اڃا وڌي ۽ ماڻهو آزاد ۽ غلام سان گڏوگڏ اميرن ۽ غلامن ۾ ورهائجي ويا.
جيئن جيئن گھڻيون شيون سنئون سڌو مٽاسٽا لاءِ ٺاهجڻ لڳيون،
انفرادي طرح پيدا ڪندڙن جي وچ ۾ مٽاسٽا سماج لاءِ هڪ عام بنيادي گھرج ٿي پئي.
پورهئي جي ٽِين وڏي ورڇ ذهن ڪم جو جسماني ڪم کان ڌار
ٿيڻ هو. ان ڪري ذهني ڪم ڪندڙن جي هڪ هٽي قائم ٿي. ٿورڙا ماڻهو هئا پر حڪمران ٿي ويا،
پيداوار جو انتظام سندن هٿن ۾ هليو ويو. وڏي گھڻائي جسماني پورهئي لاءِ سيڙائي
وئي.
انهن بنيادي سماجي سببن جي ڪري انساني سماج جي ورهاست وڏن
سماجي ٽولن، هڪ ٻي جي مخالف طبقن ۾ ٿي.
طبقن جي جوڙجڪ ٻن طريقن سان ٿي. قبيلي جا بزرگ ماڻهو هوري
هوري ذهني پورهئي ۽ پيداواري ٿاڪن تي قبضو ڪري ويٺا. انهن ئي پهرين ڦرلٽ شروع ڪئي
۽ گھڻن ماڻهن، جسماني ڪم ڪندڙ ماڻهن، وقتِي قرض وٺندڙ ماڻهن کي غلام بڻائي ڇڏيو.
ويڙهين ۾ هٿ ايندڙ باندين کي به غلام بڻائجڻ لڳو.
قبيلي جا بزرگ/چونڊ
ماڻهو ڀائپيءَ، راڄ مان ئي اُسريا ۽ مٿيون طبقو ٺاهڻ ۾ اهي ئي بنيادي اهميت رکندڙ
آهن. ابتدائي راڄ ۾ اهي گھراڻن ۽ راڄن جا چڱا مڙس هئا پر سندن سماجي رتبو سڄي
گھراڻي يا راڄ جي ٻين ماڻهن جيترو ئي هو. ڀائپي راڄ جي گڏيل مفادن جي نگهباني انهن
جو ذمو هو. اهي جھيڙن جو نبيرو ڪندا هئا، پاڻيءَ جي ذخيرن (ڍنڍن، تلائن، چشمن) جي
سنڀال ڪندا هئا وغيره. اهي بنيادي طرح راڄ جا چاڪر هئا.
جڏهن پيداواري قوتن ۾ واڌارو ٿيو ۽ ڪيترين ئي ڀائپين جي ملڻ
سان وڏا راڄ ٺهڻ لڳا، ته پورهئي جي ورڇ اڃا به وڌي، گڏيل مفادن جي سنڀال ۽ جھيڙا
جھٽا نبيرڻ لاءِ خاص ادارا قائم ٿيا، جيڪي مجموعي طرح راڄ جا ماتحت هئا. هوري هوري
اهي وڌي خودمختار ٿيا جن نيٺ پنهنجو مفاد ۽ پنهنجي پسند مڙهڻ شروع ڪئي. اڳوڻا
چاڪرَ هاڻي مالڪ ٿي پيا.
ٻيو طريقو، جنهن وسيلي طبقا ٺهيا، هيءُ هو ته جڏهن پيداوار
واڌار ڪئي ته گھڻي پورهئي لاءِ گھڻي سگھ جي گھرج پئي. پنهنجي ڀائپي، راڄ يا وڏي
راڄ ۾ ايتري سگھ موجود نه هئي. اها سگھ ويڙهين ۾ هٿ ڪيل باندين کان ورتي وئي. اڳي
اهي پنهنجي واسطيدار راڄ ڏانهن موٽايا ويندا هئا يا وري برابريءَ جي بنياد تي
پنهنجي راڄ جو انگ ٺاهيا ويندا هئا، پر هاڻي انهن کي غلام ڪري استعمال ڪيو ويو.
انهن ٻن بنيادي طريقن سان طبقي جي جوڙجڪ ٿي. ان جو گڏيل نتيجو غلامداري سماج
هو. غلامداري سماج ۾ ٽي طبقا هئا. پهريون طبقو غلامن جي آقائن جو هو. پهريائين ان
۾ قبيلن جا حڪمران چونڊ ماڻهو ۽ پوءِ دولتمند امير شامل ٿيا. ٻي طبقي ۾ آزاد هاري،
چوپايا پاليندڙ ۽ هنرمند هئا جيڪي هوري هوري آقائن جي هيٺان ٿي ويا. ٽيون طبقو
پنهنجي ڀائپي، راڄ جي ماڻهن ۽ مختلف ٻولين ۽ قوميتن وارن راڄن جي باندي غلامن تي
ٻڌل هو. ظالم (ڦورو، حاڪم) ۽ مظلوم (ڦريل، محڪوم) طبقا وجود ۾ اچي ويا.
جھيڙالو سماج ۾ طبقا:
ابتدائي راڄوڻي گڏيل نظام جي تباهيءَ کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ
جھيڙالو سماج جي تاريخ طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. آزاد (آقا) ۽
غلام، رئيس ۽ اڌڙ غلام هاري، سرمائيدار ۽ مزدور. ٿورن لفظن ۾ هيءُ ته ظالم ۽ مظلوم
سدائين هڪ ٻي جا مخالف رهيا آهن، اهي ڪڏهن ظاهر، ڪڏهن لڪل، پر لاڳيتو ويڙهه ڪندا
رهيا آهن. غلام ۽ آقا، اڌڙ غلام هاري ۽ جاگيردار، مزدور ۽ سرمائيدار ــــــ اهي
آهن ٽن طبقاتي سماجي-ڌنيري
جوڙجڪن يعني غلامي (غلامداري)، جاگيرداري ۽ سرمائيداري جا بنيادي ۽ هڪ ٻي سان
ٽڪرائيندڙ مفاد رکندڙ طبقا. ڪنهن به جوڙجڪ کي رڳو بنيادي طبقن جي هڪ ٻي سان
ڳانڍاپو (جيڪو ڇانيل پيداواري ناتن جو جوهر ظاهر ڪري ٿو) سمجھڻ وسيلي مسئلو
سولائيءِ سان حل ڪري سگھجي ٿو. ڪڏهن به ”خالص“ (نج، اڪيلي، رڳو هڪ) سماجي-ڌنيري جوڙجڪ جو وجود نه رهيو آهي، ڇو ته هر (ڇانيل) جوڙجڪ ۾
سماجي اوسر جي اڳوڻن ڏاڪن جا ڪجهه جزا ۽ ايندڙ سماجي-ڌنيري جوڙجڪن جا ٻج به موجود هوندا آهن. اهي طبقا جن جو واسطو اڳوڻن يا ايندڙ
پيداواري ناتن سان هوندو آهي، غيربنيادي سڏي سگھجن ٿا. تنهنڪري غلامداري
سماج ۾ به غيربنيادي طبقا ۽ سماجڪ سنگتون موجود هيون ــــــ آزاد شهري (ابتدائي
راڄوڻي نظام جي بچت)، ننڍا هاري ۽ هنرمند. جاگيرداري سماج ۾ ڪاريگرن ۽ واپارين جا
ٽولا هئا جيڪي ساڳيو ڌنڌو ڪندڙن جون سنگتون ٺاهي رکندا هئا ۽ ان ئي سماج ۾
سرمائيدار ۽ مزدور طبقي جي جوڙجڪ شروع ٿي، جيڪي ايندڙ سماجي-ڌنيري جوڙجڪ جا بنيادي طبقا ٿيا. ڪيترن ئي سرمائيدار ملڪن ۾ زميندار ۽ هاري
غيربنيادي طبقن جي حيثيت سان موجود آهن. غيربنيادي طبقا ۽ سماجي ٽولا بنيادي طبقن
جي ويڙهه ۾ ڪنهن هڪ طبقي جو پاسو وٺي وڙهندا آهن.
ويهي کائيندڙ، ڦورو ۽ ظالم ۽ حاڪم طبقن کان سواءِ سماج هلي
سگھي ٿو، پيداوار ۽ واڌار ٿي سگھي ٿي، پر پورهيو ڪندڙ طبقن کان سواءِ سماج جو وجود
رهڻ ممڪن ڪونهي. طبقا ۽ طبقن جا نالا بدلبا رهيا، عام غلام اڌر-غلام هاري ٿيو ۽ ان جي جاءِ مزدور ورتي (جيڪو جيتوڻيڪ غلام
نه آهي، پر هن وٽ پنهنجي پورهئي جي سگھ وڪڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي)، پر
غلام، نيم غلام هاري ۽ مزدور کان سواءِ سماج وجود نه ٿو رکي سگھي.
ٽڪرائيندڙ مفادن وارن طبقن جا مفاد پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ئي نه ٿا
سگھن. ان جو ثبوت تاريخ ۾ موجود آهي ــــــ اڻ ڳڻ ويڙهيون، هٿياربند بغاوتون ۽ ٻيا
جھيڙا.
غلامن جي بغاوت غلامداري سماج جون پاڙون ڌوڏي ڇڏيون. غلامن
جي شاندار سُورهيائيءَ ۽ قربانيءَ جون نشانيون، مثال طور ننڍي ايشيا (ترڪي) ۾
ارسطونيڪس جي اڳواڻيءَ هيٺ ۽ روم ۾ اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ هيٺ هٿياربند بغاوتون،
آزاديءَ جي جدوجهد جي تاريخ ۾ پيڙهه جو پٿر آهن.
جاگيرداري دور ۾ هارين جي هزارين بغاوتن کي آزاديءَ جي
جدوجهد جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويو آهي. چوڏهين صديءَ جي فرانس ۾ هارين اهڙي
بغاوت ڪئي جيڪا ملڪ جي ڏکڻ کان پيرس تائين پکڙجي وئي. 1525ع ۾ جرمن هارين جي جنگ،
جنهن کي اينجلس جرمنيءَ جي تاريخ جو پيڙهائتو پٿر سڏيو. ايوان، استيپان ۽ پوگاچوف
جي اڳواڻين هيٺ روسي هارين جون بغاوتون به تاريخ ۾ مشهور آهن.
مزدور تحريڪن به تاريخ تي پنهنجو گھاٽو ڇاپو ڇڏيو آهي.
1830ع ۾ ليون (فرانس) ۾ مزدورن جي بغاوت، اڻويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾
سائيليشيا (جرمني) جي گودي مزدورن جي بغاوت، 1848ع (برطانيا) جي انقلاب ۾ مزدورن
جي سرگرم حصيداري ۽ نيٺ دنيا ۾ پهريون راڄار انقلاب ــــــ پيرس ڪَميون.
طبقاتي جدوجهد سماجي حياتيءَ جي هر پاسي تي اثر وجھي ٿي ۽
ان ڪري قدرتي نموني هر پاسي کان اسري ٿي. هر جھيڙالو سماج ۾ طبقاتي جدوجهد ٽي
بنيادي صورتون وٺي ٿي ـــــــ ڌنيري، راڄنيتي (سياسي) ۽ نظرياتي. مختلف طبقا
جدوجهد وسيلي پنهنجن مفادن جي سنڀال ۽ انهن جو بچاءُ ڪن ٿا، پر ان سنڀال ۽ بچاءَ
جا طريقا هڪجھڙا نه آهن.
ڌنيري جدوجهد هلندي سرمائيدارُ پنهنجي
نفعي جي سنڀال ڪري ٿو ۽ ان جي واڌاري لاءِ هر هٿيار ڪتب آڻي ٿو ۽ پورهيت ماڻهن
لاءِ مناسب حالتون، اَگھائِي، لڱائي ۽ پوڙهائپ ۾ سماجي سنڀال لاءِ جدوجهد ڪري ٿو.
انهيءَ جدوجهد هلندي هن ۾ هڪ ٻي سان ايڪي ۽ سهڪار جي سمجھ ۽ بين الاقواميت وڌي ٿي.
اها ئي ڌنيري جدوجهد وڌي سياسي جدوجهد ٿي سگھي ٿي،
خاص طرح ان وقت جڏهن رياست پنهنجي اقتدار جو هر هٿيار کڻي حڪمران طبقي جي حمايت ۾
وڙهندي آهي. مزدورن جو مقابلو عدالتي ۽ غيرعدالتي وسيلن سان ڪري، پوليس جو ڏنڊو
وَسائي، صنعتي مزدورن ۽ شاگردن جي بيچينيءَ ۽ ”هنگامن“ کي دٻائڻ لاءِ باقاعده فوج
موڪلي ڦورن جي رياست هٿياربند تشدد تي لهي ايندي آهي. تڏهن پورهيت جدوجهد جو رخ
سرمائيدار رياست جي سياسي مشينريءَ خلاف ٿي ويندو آهي ۽ سياسي جدوجهد ــــــ هڙتالون،
جلسا، جلوس، مظاهرا، ڀڃ ڊاهه، قانوني، اڌڙ قانوني ۽ غيرقانوني مطالبا ـــــــ نيٺ
انقلابي ويڙهه ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
هر سياسي جدوجهد انقلابي ويڙهه ۽ انقلاب تي ختم نه ٿي
سگھندي آهي. ڪيتريون ئي سياسي جدوجهدون سڌارڪ ۽ ٺاهه پسند به هونديون آهن (جيئن
عام طرح هر ٽريڊ يونين سياست). هر سڌارڪ ۽ ٺاهه پسند سياسي جدوجهد جو مقصد
سرمائيدار سماج کي ٽوڙڻ ۽ سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ نه هوندو آهي. اها سرمائيدار سماج
جي ڇانوَ هيٺ پلجڻ چاهيندي آهي ۽ سندس مطالبا رڳو معيارِ زندگي وڌائڻ ۽ ڪجھ حق ۽
رعايتون وٺڻ تائين گُھٽيل هوندا آهن. ان جي ابتڙ انقلابي سياسي جدوجهد عوام ۾
سياسي سمجھ، سجاڳي، ٻڌي ۽ نهرو پڪو ڪري انقلاب تائين پهچڻ گھرندي آهي جنهن جو اڻٽر
مقصد پيداواري ٿاڪن ۽ وسيلن جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري اقتدار مزدورن جي حوالي ڪرڻ
هوندو آهي.
هر انقلابي جدوجهد کي رنڊائيندڙ سمورا ڦورو طبقا ۽ انهن جا
ساٿاري ئي نه، پر هڪ پاسي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽين (سماجڪ جمهوري سَٿن) جي ساڄي ڌر ۽
ٻي پاسي ڪميونسٽ پارٽين اندر اهڙا موقعي پرست ۽ ترميم پرست (به) وجھندا آهن جيڪي
مارڪسزم-ليننزم جي بنيادي خيالن ۾
ترميم ڪرڻ گھرن ٿا. پيٽي بورزوا ۽ ڪميونسٽ انقلابي (لينن مزدور تحريڪ ۾ کاٻيءَ ڌر
وارن لاءِ ايئن ئي چيو آهي) رڳو انقلابي لفاظي (لٻاڙ) جا ماهر هوندا آهن پر جڏهن
ثابت قدم انقلابي پاليسي ترتيب ڏيڻ جي گھرج هوندي آهي ته اهي بي سود ثابت ٿيندا
آهن.“ (”جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جو ابجد“، اردو، صفحو 417-418). مهم پسندي ۽ اٻهرائي به عوامي جدوجهد کان ڪٽجي ويندي آهي.
پورهيت سياسي جدوجهد تي بحث ڪندي اسين قدرتي طرح نظرياتي مسئلن جي
سامهون ٿيون ٿا. طبقاتي جدوجهد جي سياسي ۽ نظرياتي شڪلين ۾ هڪ ٻئي سان ويجھو
ڳانڍاپو هوندو آهي. هر طبقو پنهنجن مفادن لاءِ نظرياتي سبب پيدا ڪندو آهي. هر مطالبي،
پاليسيءَ، حڪمت عمليءَ، ڇڪتاڻ، جدوجهد، انقلاب وغيره جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن طبقي
جي بنيادي مفادن سان سلهاڙيل آهي. ٺڳي، گمراهي، بي بنياد نعري بازي، لٻاڙ، ڏٽا ۽ سکڻا
خواب ۽ ڍانڍيون اميدون انهن طبقن جي نظريي جون اهم خصوصيتون آهن جن کي تاريخ موت
جو نياپو ڏئي چڪي آهي. پورهيت نظريو ٺڳيءَ، گمراهيءَ، لٻاڙ، ڏٽي ۽ وهم کي ٽوڙي ٿو
۽ پورهيت کي اهو هٿيار مهيا ڪري ٿو جنهن وسيلي اهي پنهنجو سماج ٺاهي سگھن.
ماڻهوءَ بابت ياد رکڻ جھڙيون حقيقتون:
1.
ماڻهو،
ساهوران جي علم موجب، اوسر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي آهي. ماڻهوءَ وٽ ٻين سڀني
ساهوارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اُسريل، وڏيرڙو ۽ ڳتيل دماغ آهي. بدن جي نيت سان ماڻهوءَ جي
دماغ جو وزن ٻي هر ساهواري کان وڌيڪ آهي. جڏهن ماڻهو اڃا ماڻهو نه ٿيو هو ـــــ
سماج نه ٺاهيو هئائين، سمجھ (شعور) ڪو نه هئس، پيداوار نه ڪئي هئائين، پيداواري
اوزار نه ٺاهيا هئائين ـــــ ٻين ساهوارن جيان رڳو فطرت جو تيار ٿيل کاڄ کائيندو
هو، تڏهن به وٽس ٻين سڀني ڪرنگھي وارن جانورن (چوپاين سميت) کان وڌيڪ جبلي لياقتون
هيون. هُو گوريلي، چمپانزي، گبن، ڀولڙي وغيره جهڙن مائٽن کان گهڻين ئي خصلتن ۾
وڌيڪ هو، نسبتن گھڻو وقت پوين ٻن پيرن تي ڊوڙي ۽ اڳيان ٻه پير (هٿ) ڪنهن ٻي ڪم (وڻ
مان ميوو، مڱريو، گل گونچ پٽڻ، نرم پاڙون کوٽڻ، ڏيڏر، مڇيون ۽ گھانگھٽ پڪڙڻ ۽ کائڻ
وغيره) لاءِ ڪتب آڻي سگھندو هو.
2.
نفس، منُ
(سائِڪ، مائينڊ) هر ساهواري وٽ آهي. سوين هزارين گڻ، اوگڻ، عادتون ۽ حرڪتون هر
ساهواري ۾ آهن. کائڻ، پيئڻ، جيئڻ، نسل وڌائڻ ۽ بقا لاءِ جتن ڪرڻ هر ساهواري لاءِ
اڻٽر آهي. جڏهن ماڻهو اڃا ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن هو به ٻين ساهوارن جيان پنهنجو پاڻ
کي جبلي، فطري طرح پنهنجي ماحول سان ٺهڪائي جيئندو هو. هر ساهوارو پنهنجي مخصوص
ماحول جو قيدي آهي. ماحول ۾ جيڪڏهن ڪا به اهڙي تبديلي، ڦيرو يا اُٿل اچي جنهن سان
رهاڪو ساهوارا اڳواٽ هريل نه هجن ته اهي ان کان ڇرڪندا. جيڪڏهن بندوق جو اوچتو
پهريون ڀيرو ٺڪاءُ ٿئي يا ڪا لاري هلي وغيره ته جيڪي اڳواٽ ان حرڪت سان هريل نه
آهن اهي ڇرڪندا (خاص ڪري ڪرنگھي وارا ساهوارا، ڇو ته انهن جو دماغ بنا ڪرنگھي وارن
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اسريل آهي). ساهوارن جون سوين جنسون گڏ بيهاري اوچتو ٺڪاءُ ڪيو، سڀ
ڇرڪندا، پر جيڪڏهن اهو عمل سوين ڀيرا ڪيو وڃي ۽ ساهوارا محسوس ڪن ته اهو عمل سندن
لاءِ جوکائتو ناهي، ته اڳ ۾ اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي پهتل ساهوارا ان سان هِري
ويندا ۽ پوءِ هوري هوري هڪ ٻي جي ڪڍ سلسليوار هيٺين ڏاڪي وارا. ماڻهو به ڇرڪندو هو پر ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾، اڳ
پنهنجي ماحول ۽ ان جي تبديلين سان هري ويندو هو. پر اهو عمل جيڪڏهن جوکائتو هوندو
ته هر ڪو ڀڄي پري ٿيندو.
3.
جيڪو
ساهوارو اوسر جي جيترو هيٺين ڏاڪي تي هوندو، اهو ڄمندي ئي ايترو وڌيڪ ڄام هوندو.
هن ۾ پنهنجن وڏن جون خصلتون جبلي طرح هڪدم عمل ڪرڻ شروع ڪنديون. پر جيئن جيئن
جيترو اوسر جي مٿاهين ڏاڪي تي هوندو، اهو اوترو ئي ڊگھي مدي لاءِ پنهنجي وڏن جو
محتاج يا ڳيجھو هوندو. ٿڃُ ماڻهوءَ جو ٻار به پيئي ٿو، ڀولڙي جو ٻلونگڙو به، ته
ڪُتي جو گلر به، پر گلر ٿڃ کان ۽ پنهنجن وڏن کان سويرو ئي ناتا ٽوڙي ويندو،
ٻلونگڙو ان کان وڌيڪ وقت وٺندو ۽ ٻارُ اڃا به وڌيڪ.
4.
جنهن به
جنس جو اولاد پنهنجن وڏن جو جيترو ڊگھو وقت ڳيجھو رهي ٿو اهي اوترو وقت وڌيڪ هڪ ٻي
سان سهڪارِي، گڏ رهندڙ، گڏ جيئندڙ ۽ گڏ گھمندڙ ٿين ٿا. اميبا (هڪ جيو-گھرڙي وارو ساهوارو) ۽ اهڙا ٻيا ساهوارا ڄمندي خودمختار
حياتي شروع ڪن ٿا، پکي پکڻ ڪجھ عرصو وڏن جا ڳيجھو رهي پوءِ ٽٽن ٿا، وڏا ساهوارا
عام طرح اڃا به وڌيڪ عرصو گڏ رهي پوءِ هڪ ٻي کان لاتعلق ٿي وڃن ٿا. نئون ننڍو نسل
تيستائين پنهنجن وڏڙن سان گڏ رهي ٿو جيستائين هو پنهنجي مُنهن کائي پِي ۽ جِي نه
سگھي. لائق ٿيندي (سامائجندي) ئي هُو پنهنجن وڏن کان ڌار ٿي ٿو ۽ پوءِ رڳو تڏهن
پنهنجي ٻي هم جنس (نر يا ماديءَ) جي ويجھو لڳ جي مند ۾ يا لڳ مهل ويجھو اچي ٿو.
ساڳي ئي ماحول جا قيدي هئڻ سبب هڪ ٻي جي ويجھو رهن ٿا. ماڻهو جڏهن اڃا ماڻهو نه
ٿيو هو تڏهن ايئن هو. ٻار عام طرح پنجن ڇهن سالن کان پوءِ پنهنجي منهن کائي پِي،
جِي ۽ پنهنجي سنڀال ڪري سگھي ٿو ۽ لڳ لائق ڏهن کان پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ٿئي ٿو.
5.
پنهنجي
پنهنجي مخصوص ماحول ۾ رهڻ سبب هر هم جنس ساهواري جون ڪي نه ڪي گڏيل فطري، جبلي
عادتون ٿين ٿيون. جھرڪِي يا ڪَٻرِ نانگ (دشمن) ڏسِي جِھر جھر يا ٽِيڪو مچائيندي،
ڪتو باهوڙيندو، ڍور ڍڳو رنڀيندو وغيره ۽ دشمن سان وڙهندو، ان کان ڀڄي پري ٿي ويندو
يا ان کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ــــــ اهو گڏجي رهڻ، جيئڻ ۽ بچاءُ ڪرڻ ته برابر آهي،
پر ان کي سماج نه ٿو چئي سگھجي. پيداواري عمل ۾ گڏجي شامل ٿيڻ سبب ماڻهن جي وچ ۾
ٻنڌڻ، ناتا ٺهن ٿا. اهي ناتا ئي هڪ مخصوص نموني ٻڌي گڏجي جيئڻ تي مجبور ڪن ٿا.
سماج ۾ ئي پورهيو، پيداوار، سمجھ، ٻولي، فن، هنر وغيره ٺهن ٿا. ماڻهوءَ جو سماج
ٽوڙي ڇڏيو، هن جو جيئڻ جانورن جهڙو ٿي پوندو ــــــ نه هن وٽ لکت، هنر ۽ فن هوندو،
نه هن وٽ ٻولي هوندي، نه سمجھ، نه پيداوار ۽ نه ئي پورهيو. اهي سڀ سماجي لقاءَ
آهن.
6.
هر
ساهوارو پنهنجي مخصوص ماحول جو قيدي ئي ناهي، پر ڳيجھو به آهي. هو پنهنجو منهن مهانڊو
ان ئي خاص ماحول ۾ برقرار رکي سگھي ٿو. ڌرتيءَ جي اتر قطب تي برف جي ميدان ۾ رهندڙ
بجرو رڇ جيڪڏهن آفريقا جي ٻُٽيل ٻيلن ۾ آندو وڃي ته ان کي بَج ڀري کَل لاهڻي ئي
پوندي، نه ته جيئرو رهي نه سگھندو ۽ هاٿيءَ کي جيڪڏهن اتر قطب نِيو وڃي ته ان کي
وري بج يا ڪجھ ٻيو اهڙو ٺاهڻو پوندو، نوريئڙي کي زمين اندر ٻِر ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو
وڃي ته کيس پنهنجا پير ۽ پُڇ مٽائڻا پوندا پر جيڪڏهن ڪُوئي کي وڻ تي رهڻ لاءِ
لاچار ڪيو وڃي ته ان کي پنهنجو هڏ ڪاٺ بدلائڻو پوندو ۽ مڇيءَ کي خشڪيءَ تي رهڻو
پوي ته ان کي پرن بدران پير، ڪَلين بدران ڦڦڙ ڏيڻا پوندا. ان عمل ۾ ڪيترا ئي نسل
مرِي، فنا ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن کي لکين سال لڳي ويندا. هر ساهوارو (جيت، جانور ۽
وڻ، ٻوٽو وغيره) پنهنجي مخصوص ماحول ۾ ئي جيئن جو تيئن رهي سگھي ٿو ـــــــ جابلُو
جبلن ۾، ٻيلائو ٻيلن ۾، پاڻياٺو پاڻيءَ ۾، پٽائون پٽن ۾، ڪو هيٺاهين ۾ ته ڪو
مٿاهينءَ تي، ڪو ٿڌاڻ ۾ ته ڪو ڪوساڻ ۾ وغيره. اهي سڀ ساهوارا رڳو هڪ ئي جاءِ آهي،
جتي گڏ رهن ٿا ۽ ان جو نالو آهي چڙيا گھر، پر اتي به کين سندن ماحول مهيا ڪري ڏيڻو
پوي ٿو. ماڻهو ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ دنيا جي ٿُلهي ليکي هر کنڊ، هر پاسي، هر ماحول ۾
رهي ٿو ــــــ اڏامي ٿو، تري ٿو، جوڙي ٿو، ڏِسي ٿو، ٻُڌي ٿو ــــــ ماڻهو ماڻهوءَ
جي حيثيت ۾ اهو آهي!
مٿير ماڻهو:
-
ڌرتيءَ
جي گولي تي هڪ مٿير هستي رهي ٿي.
-
هن جا هٿ
اهڙا آهن جيڪي سولائيءَ سان مشين کڻي سگھن ٿا.
-
هن جا
پير اهڙا آهن جو هزارين ميلن جو پنڌ هڪ ڏينهن ۾ لتاڙن ٿا.
-
هن جا پر
اهڙا آهن جيڪي هن کي ڪڪرن کان به مٿي انهن مٿاهين تي وٺي وڃن ٿا جتي پکي نه ٿو
پهچي.
-
هن جا
تيراڪ پر اهڙا آهن جو پاڻيءَ هيٺ رهندڙ ڪنهن به مڇيءَ کان سٺو ڪم ڏين ٿا.
-
هن جون
اکيون اهڙيون آهن جو گم شيءِ کي ڏِسي سگھن ٿيون ۽ ڪَن اهڙا آهن جو دنيا جِي ٻِي
ڪنڊ جون ڳالهيون ٻُڌي سگھن ٿا.
-
هيءَ
هستي اهڙي سگھاري آهي جو جبلن اندر سرنگون ٺاهي ٿي ۽ جھرڻن کي هوا ۾ ترسائي ٿي.
-
هيءَ
پنهنجي مرضيءَ موجب دنيا جا منهن مهانڊا بدلائي رهي آهي، ٻيلا هڻي رهي آهي، سمنڊ
کي هڪ ٻي سان ملائي رهي آهي، وارياسن کي پاڻي پيئاري رهي آهي.
-
اها مٿير
هستي ڪير آهي؟
-
ماڻهو.
-
پر هو
مٿير ڪيئن ٿِي ويو، ڌرتيءَ گولي جو مالڪ ڪيئن ٿيو؟
-
هتي،
اسين اهو ئي ٻڌائڻ گھرون ٿا.
هر ساهوارو پنهنجي جيئاپي جي بقا لاءِ جتن ڪري ٿو، کائي ٿو،
رهي ٿو، بچاءُ ڪري ٿو ۽ نسل وڌائي ٿو. کاڌو پيتو ڪجھ نه ڪجھ مختلف آهي، پر ساهوارو
کائي ضرور ٿو. کائڻ پيئڻ کان سواءِ جيئڻ ممڪن ڪونهي. عام طرح هر ساهوارو پاڻ کان
هِيڻا يا هِيڻا ڪري رکيل ساهوارا کائي ٿو. جيت جانور به کائن ٿا، پکي پکڻ به کائن
ٿا، وڻ ٻُوٽا به کائن ٿا، هر ساهوارو کائي ٿو. ڪڏهن توهان ڀولڙي، گبن يا گوريلي کي
ڌيان سان ٻه چار ڪلاڪ بيهي جاچيو ــــــ اکروٽ، مڱيرا، ڪَتل، ڏوڏا، انب، ڪيلا، وڻ
پاڙون وغيره، ڏسو ته ڪيئن ٿو کائي، ماءُ-ڀولڙي پنهنجي ابهم ٻالڪ کي سِيني سان چهٽائي ڪيئن ٿي، کير ڌارائي ۽ ان کي کيڏ
کيچل ڪندي ڏِسِي ڪيئن ٿي گَد گد ٿئي ــــــ ٿي سگھي ٿو ته اوهين سولائيءَ سان تاڙي
وٺو ته هن جون ۽ ماڻهوءَ جي ٻالڪ جون حرڪتون، ٺينگ ٽپا، کِل کِل کيچل هڪ ٻي سان
ڪيترو نه مشابهت رکن ٿيون.
هر ساهوارو ڪو نه ڪو ڪنهن نه ڪنهن قسم جو، ڪٿي نه ڪٿي آکيري
ٻلکڙي، ٻِرڙ يا ڏَرڙ ۾ ان کي مختلف نمونن ٺاهي ۽ ڪَکن پَکن، گاهه تِيلن وغيره سان
آرامده ڪري، رهي ٿو. ماکيءَ مک ماناري ۾ رهي ٿي، جھرڪي آکيري ۾، ڪاٺ ڪُٽو ٿُڙ يا
ڏار ۾، باز جبل جي ڏرڙ ۾، شينهن غار ۾، بگھڙ ڏر ۾، لومڙي ۽ گدڙ چُر ۾ وغيره. ڀولو
باندر وڻن تي، غارن ۽ پاڙن ۾ رهي ٿو. اؤد بلا پاڻيءَ ۾ بند ٻڌي ڍنڍ ٺاهي رهي ٿي.
ماڻهو جڏهن ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن هن جي حياتي به ايئن هئي. هر ساهوارو پنهنجو،
پنهنجي نئين نسل جو بچاءُ ڪري ٿو، ويريءَ، ماريءَ کان ڀڄي پري ٿئي ٿو، پنهنجيءَ
پَر ۾ سوگھي هنڌ پناهه وٺي ٿو يا وري وڙهي ٿو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ميدان نه ٿو ڇڏي.
مٿاڇرا گھاوَ ته پاڻ ئي ڇُٽي وڃن ٿا (اهو بدن جي بچاءَ، نظام سبب آهي). بيماريءَ
جو پاڻ مرادو جسم ۾ مقابلو ٿئي ٿو. دشمن کان بچاءُ وگھي ڪُمي (ڪڇُون)، ڪوڏُ ۽ سِپَ
وغيره کوپو ٺاهي ڇڏيو، مڇي ترڪڻي ٿي ۽ ڇلهڙ بچاءُ ڪن ٿا، پکي اڏامي ٿو، گھوڙو ڊوڙي
ٿو، ڀولڙو وڻ تي چڙهي وڃي ٿو، وغيره.
ماڻهو جڏهن اڃا ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن هن جي حياتي به ايئن
قدرتي آفتن ۽ اوٿرن آڏو ڪجھ بيوس، ڪجھ هِيڻي، ڪجھ اڻ هوندي هئي. هُو به وڻ تان
ميوا، سنها ٿُلها جيت جڻيا، ٻُوٽا پاڙُون وغيره کائيندو هو. وڻن ۾ مٿاهينءَ تي
رهندو هو، هڪ وڻ کان ٻي ڏانهن لُڏي لَمي، ٺينگ ٽَپا ڏئي ڀَڄندو اُڏندو هو، ڪجھ وقت
لاءِ هيٺ زمين تي به ايندو هو. ڪي سندس ويري هئا، ڪي واهرو، ڪي شڪار هئا ته ڪي
سنگتي. فطري طرح اوسر جي اُتاهين ڏاڪي تي هو ان ڪري سندس جبلي، نفسي چرپرون به ٻين
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اسريل هيون. فطري ماحول بدلجندو، گھٽ وڌ ٿيندو، ڪڏهن ٿڌو، ڪڏهن
ڪوسو، ڪڏهن واءُ مينهن طوفان، ڪڏهن سُڪ سوڪهڙو، ڪڏهن کاڌي جي کوٽ، ته ڪڏهن مال
ميوو جام هو.
موسمون بدليون پئي، ماحول بدليو پئي، وڏا وڻ ۽ وڏا جانور
بدليا پئي، ٻيلا ڇڊا پئي ٿيا. ڪيتريون ئي جنسون لاچار ٿيون ته پاڻ کي نئين ماحول
موجب ٺهڪائي هلائن. گھوڙي کي ٻيلائين مان ميداني ٿيڻ لاءِ آڱريون بدلائڻ ۽ کُرن
ٺاهڻ جي گھرج هئي جنهن لاءِ کيس پنج لک سالن کان وڌيڪ مُدو لڳي ويو. ميموٿ (وڏا
هاٿي) ۽ خونخوار ڏندن وارو چِيتو غائب پئي ٿيا. جيڪي جنسون جٽاءُ نه ڪري سگھيون،
فنا ٿي ويون. جن جٽاءُ ڪيو انهن کي نوان عضوا ٺاهڻا پيا، ۽ اهي نوان عضوا نون نسلن
۾ تبديل ٿيا.
ماڻهوءَ وٽ به ’جيئرا اوزار‘ موجود هئا. نَنهن، آڱريون، ڏند
(32 ڏند، 4 قسم)، مُڪ، ڄنگھون موجود هيون. هن انهن جو واهپو ڪيو. پاڙون کوٽڻ،
مٽيءَ ۾ لڪل جيت ڳولڻ، وڻن جي ڇوڏن پٺيان پکين ۽ جِيتن جا آنا ڪڍڻ لاءِ هن کي
پنهنجن ننهنِ، آڱرين ۽ ڏندن کي تکو ڪرڻو پيو. اها ئي شڪار جي ڳولا، پڪڙ ڌڪڙ ۽ وٺ
وٺان ڪڏهن ان حالت ۾ بدلجي وئي جو هن کي هڪ پٿر يا ڏنڊو يا ڀڳل ڪاٺي کڻي ڇاپڙ ڪري
شڪار کي ڪُٽڻو پيو.
پٿرُ مُڪ جو سٺو نعم البدل هو ۽ ڏنڊو ٻانهن جو. وڻ جو ڇوڏو
مڪ سان به ڀڳو پئي پر پٿر جي مڪ ان کي سولائيءَ سان چِٿي ڇڏيو پئي. ٻانهن ڊگھيري
مڪ هڻڻ سان دشمن کي ڌڪ لڳو پئي پر قدرتي ۽ غيرقدرتي (لٺ، ڏنڊو) ٻانهن ملي اڃا به
پرڀرو ۽ ڏاڍو ڌڪ پئي هنيو. اڄ به اوهين ڏسندا ته وقت سر ڀولڙو، باندر، گبن وغيره
پنهنجي بچاءَ ۽ ويريءَ تي مار ڏنڊو يا پٿر هڻي ڪندو آهي، پر اوسر جي علم موجب اهي
جنسون ماڻهوءَ-جنس کان پوئتي پيل هيون.
ان ڪري اهي نئين عمل مان سکي نه سگھيون. پر، ٺيڪ آ، ماڻهوءَ کي ٻه ٽي لک سال،
هزارين ايندڙ نسل تباهه ڪرڻا پيا، پر پٿر ۽ ڏنڊي جي عمل سندس سگھ، شڪار ۽ بچاءَ ۾
جيڪو واڌارو ڪيو، ان کي هن تاڙي ورتو. هو پٿر گَهڙيندو نه هو پر گڏ ڪندو هو. مُٺ ۾
پڪڙي سگھڻ جھڙا پٿر قدرت ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ ٺاهي ڇڏيا هئا. سوين سالن جي تجربي کيس
سيکاري ڇڏيو ته گول پٿر جي ڀيٽ ۾ چهنبدار پٿر شڪار کي وڌيڪ زخمي پئي ڪيو. اُڇل ۾،
ڌڪ ۾، ٽڪر ۾ پٿر ڀڄي پيو ٿي. ماڻهوءَ، جيڪو ماڻهو ٿيڻ ڏانهن وک وڌائي چُڪو هو، نيٺ
تاڙي ورتو ته اهو پٿر پاڻ به ڀڃي سگھجي ٿو. هڪ پٿر سان ٻي پٿر کي ڌڪَ هڻي چهنبدار
پٿر ٺاهيو ويو. چهنبدار پٿر جيڪڏهن تِک، تکي ڌار، وڍَ، ڪناريءَ وارو هو ته ان جو
گھاءُ اڃا به گهِرو ۽ ڪارِي هو ـــــــ پٿر جو چاقو، ڇُري، ڪاتِي، ڪَپُ يا خنجر
وجود ۾ اچي رهيو هو. ٻي پاسي اهو ساڳيو عمل ڏنڊي سان ٿيندو پئي آيو ۽ ان جي چهنب
کيس نيزو ٺاهي ڇڏيو، جيڪو لٺ کان وڌيڪ ڪارائتو هو ـــــــ ماڻهو؛ ماڻهو ٿيندو پئي
ويو، قدرت مان ٺهيل شيون ته هٿ پئي ٿيون، پر هاڻي هن پاڻ به ٺاهڻ شروع ڪيون ـــــــ
پورهيو، بامقصد سرگرمي، بنيادي گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪارائتي ڪرت شروع ٿي وئي،
ته ماڻهو ٺهڻ شروع ٿي ويو. پورهيو ماڻهوءَ جي اها سرگرمي آهي جنهن وسيلي هُو قدرت
۾ اهڙي ڦيرڦار ڪري ٿو جيڪا سندس فائدي جي هجي.
هو نديءَ ڪناري گھمندو رهندو هو ۽ پنهنجا اوزار ـــــــ اهي
شيون جيڪي سندس پورهئي ۾ سهولت ۽ وڌيڪ لاڀ پيدا ڪري سگھن ــــــ ڳوليندو رهندو هو.
هُو اورچائيءَ سان پٿر ڳوليندو، ڪَٽيندو ۽ گسائيندو ۽ شڪار ڪندو رهندو هو. هٿن جو
پورهيو جيترو گھڻو پئي ڪيائين، جيترو گھڻو شڪار ٿي ڪيائين اوترو ئي کيس سهاري لاءِ
ڄنگھن جي سگھ جي گھرج به هئي، ته چيلهه کي سڌو ڪرڻ جي به. هٿ جيترو آزاد هوندا
اوترو گھڻو ڪم ڪري سگھبو. پورهئي کيس ماڻهو پئي ٺاهيو.
ڳري ۽ سخت پٿر وڌيڪ جٽاءُ پئي ڪيو، تجربي اهو به سيکاريو.
ڳري پٿر جي ڳولا ۾، ڪاٽ ڪوٽ ۾، ڀڃ گھڙ ۾، چڻنگون پئي نڪتيون. وقت سر انهن آڱرين،
ڪکن پنن کي ساڙيو پئي. صندل جي ڪاٺين جي گاٺ به باهه پيدا ڪئي پئي. هيءَ ڏاڍي
خطرناڪ شيءِ هئي، پر شايد سڀ کان وڌيڪ ڪارائتي به. اڳتي هلي باهه اسرندڙ ماڻهوءَ
کي وحشي جانورن ۽ زهريلن جيتن ۽ سيءَ سياٽن کان پناهه به ڏني، ته سندس کاڌي کي
سولو ۽ لذيذ به بڻايو. ماڻهوءَ پنهنجو سج هٿ ڪري ورتو.
جانور کي کَل سميت ۽ ڪچو کائڻ ڏکيو هو. ان جي کل لاهي ۽
گوشت ساڙي پچائي کائڻ ۾ وڌيڪ لذت ڀريو هو. بيڪار کل ڪنهن به ڪم جي نه هئي پر مٿان
وجھڻ مهل سيءَ کان بچائي سگھي پئي. سياري لاءِ ماڻهوءَ کي سٺو پهراڻ (کل)، طاقتور
کاڌو (پڪل گوشت) ۽ بهترين لوڙهو (باهه) ملي ويا. ماڻهو هاڻي سولائيءَ سان غار ۾ به
رهي سگھيو پئي، ته ميدان ۾ به.
پراڻي زماني جي ماڻهوءَ جتي به ڊاٻو (ديرو) ڪيو، اتي سندس
ڪي نه ڪي اهڃاڻ رهجي ويا. اهڙا اهڃاڻ به مليا آهن جتي گھوڙن، ڏاندن، جھنگلي سوئرن
جي هڏين جا کوڙ ملن ٿا جن ۾ ڪٿي ڪٿي پربت جيڏي جانور ميموٿ (وڏو هاٿي) جون هڏيون
به ملن ٿيون. ميموٿ جي قد بت جو ڪاٿو ان مان ڪري سگھجي ٿو ته ان جي کوپڙيءَ ۾
ماڻهو بيهي سگھي ٿو ۽ ان جي رڳو هڪ ڄنگھ جو وزن لڳ ڀڳ هڪ ٽن (20 مڻ) ٿيندو.
اهو ممڪن ئي ڪونهي ته رڳو ڪٽنب جي صورت ۾ رهندڙ ماڻهو ميموٿ
جو شڪار ڪري سگھيو هجي. هي ته وڏي ٽولي، گھڻن ڪٽنبن، راڄ جو ڪم ٿي سگھي ٿو. ميموٿ
جو گھيرو ڪري ٽن پاسن کان باهه ٻاري ويندي ۽ پنهنجا چهنبدار هٿيار ان تي ڦٽا ڪري
گوڙ ڪيو ويندو. چوٿين طرف ئي ميموٿ کي ڊوڙڻو پوندو ۽ ان پاسي ڌٻڻ (گچڻ) موجود
هوندي ــــــ ميموٿ جي وزن سندس شڪار ۾ سولائي پيدا ڪئي، گتو ته ڇُٽو. هاڻي سوين
هزارين هٿ پنهنجن چاقن، ڪاتين، ڪهاڙين سان ڪم ۾ جنبي ويندا ۽ ڳڀا ڳڀا ڪري گوشت
کنيو ويندو ــــــ کوڙ ڏينهن جو گوشت ملي ويو، چڱا ڏينهن نڪري ويندا. هيءُ ته عيد،
وڏو ڏهاڙو يا ڏڻ ٿي ويو.
اوزار ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪو نه هو. سوين هزار سال
لڳي ويا. پوڙها ۽ سگھڙ شڪاري پنهنجن ننڍن نيٽن کي اوزار ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ جي سِکيا
ڏيندا هئا. پٿر ڪيئن گَهڙيو وڃي، ڪٿي ڌڪ هڻجي، ڪٿان ڪَٽجي، ڪيئن گَسائجي، سٺو ڪيئن
ٺهندو، شڪار ڪيئن سڃاڻجي، پيرو (رَند) ڪيئن پرکجي، جانور کي ڀڙڪائڻ، ڊيڄارڻ کان
سواءِ مٿس بيخبريءَ ۾ ڪيئن ڪاهه ڪجي وغيره. پوڙهيون به ڪي گھٽ ڪو نه هيون. سڄي گھر
جي سار سنڀال، گھر ٺاهڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، کلون سبڻ، بسترا ٺاهڻ وغيره انهن جي حوالي هو
جيڪي پنهنجي نئين پود کي سيکارينديون هيون. اهڙيءَ طرح پوڙهنِ، پوڙهين کي پنهنجي
سڄي حياتيءَ جي سکيا، ڄاڻ، سمجھ پنهنجي نئين نسل ۾ تبديل ڪرڻي پوندي هئي. ٻين
ساهوارن وٽ رڳو جبلت آهي، پر ماڻهوءَ وٽ سمجھ به ٿي پئي.
هزارين سالن جي پورهئي ماڻهوءَ کي بدلائي ڇڏيو. سندس دماغ
وڌيڪ وڏو ۽ وڌيڪ ڳتيل ٿيو. انهيءَ ماپ سان کوپڙي به وڌِي. توهان اڄ به ڪنهن پاڳل
ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي ڌيان سان ڏسندؤ ته اها توهان کي ساڳيءَ ڄمار جي ساڳي ئي قد
بت رکندڙ پر ذهين ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کان گھڻي ننڍي لڳندي. ذهن جو، ذهني پورهئي
جو، ڄاڻ جو، سکيا جو، سمجھ جو ايڏو اثر آهي انساني دماغ تي. هاڻي هن جا هٿ، آڱريون
به وڌيڪ هنرمند ۽ نفيس ڪم ڪرڻ لائق ٿي پيون، چيلهه گھڻي سِڌي ٿي چُڪي هئس ۽ ڄنگھون
سگھاريون، پر پوءِ به سندس نراڙ جو مٿيون حصو ڪجھ پوئتي لهوارو ۽ کاڏي اندر جھڪيل
هئي ـــــــ نياندرٿل ماڻهو ـــــــ هي ماڻهو ڳالهائڻ تي اڃا پوريءَ طرح
قابو ڪري نه سگھيو هو، سندس آواز گهوگھو هو. هن جي نِڙِي، آواز ڪڍڻ جا ڦلڦڙا يا
ٻنڌڻ آڱريون، هٿ، دماغ، چيلهه وغيره هاڻوڪي ماڻهوءَ جيترا نه سڌريا هئا.
ماڻهو ٻي ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه سمجھائڻ لاءِ پنهنجي اکين،
منهن، هٿن، آڱرين، سڄي جسم جي چرپر ۽ اشاري وسيلي ئي سمجھائي سگھيو پئي. اڄ به
اسين پاڻي گھرڻ لاءِ لپ يا ٻُڪ کي وات تي آڻيندا آهيون. هيڏي اچ، هوڏي وڃ، اُٿي
بيهه، ويهي رهه، ڊوڙ پاءِ، لڪي پئه، هي ڏس، ماني کاءُ وغيره جھڙا اشارا جسم جي
ڪنهن نه ڪنهن حصي جي چرپر سان ظاهر ڪري سگھندا آهيون. اهڙي وقت ۾ هو گجندو، گڙندو
۽ گوڙ ۽ کيکڙاٽ ڪندو هو. پکي پکڻن ۽ جانورن جي آوازن، ٻولين جو نقل ڪندو هو. هوري
هوري مخصوص حرڪتن، عملن، جانورن، پکين وغيره لاءِ مخصوص ٻول مخصوص ٿيندا ويا. زُو
دزٖي دزٖي (سنڀالي هل)، زو بوهو بوهو (ڳرن يا ٿلهن ماڻهن جيان هل)، زو بلا بلا
(تيزي سان ڊوڙ)، زو پيا پيا (ٿيڙ کائي هل)، زو گوو گوو (هوريان منڊڪائي ۽ مٿو
جھڪائي هل) ايوي قبيلي جي ماڻهن ۾ انقلاب (آڪٽوبر 1917ع، سويت يونين) تائين اهڙي
ٻولي هئي جيڪا آواز سان گڏ تصوير به آهي. جيئن اڄوڪو ماڻهوءَ-ٻار ٻولي سکي ٿو، ان کي تصور ۾ رکي سمجهي سگھجي ٿو، ته اهو ماڻهو ٻولي ڪيئن
سِکيو.
بدليل موسمي حالتن ۾ ماڻهوءَ کي شڪار جي ڪڍ، شڪار جي ڳولا ۾
هلڻو پوندو هو. ميموٿ ختم ٿي چڪو هو، هزارين گھوڙا کاڄي چڪا هئا، هاڻي وري ٻارهن
سِڱو، رنڊير، گڊ وغيره جو شڪار ڪرڻو پوندو هوس. وڻ بدليا پئي، جھنگ، ٻيلا بدليا
پئي، ٻوٽيون، پاڙون بدليون پئي، جانور بدليا پئي، ماڻهوءَ جو کاڄ بدليو پئي.
جتي به شڪار جا ڌڻ ويا پئي، ماڻهو انهن پٺيان هليو پئي.
ديرو ڄمائيندي عورتون خيما کوڙينديون، ڪاٺيون گڏ ڪنديون، باهه ٻارينديون، کَلن مان
پوشاڪ ٺاهينديون، آنڊن کي ڌاڳو ڪري ڪم آڻينديون ۽ جي شڪار اڳتي وڌيو ته وري لَڏ
ڪلهن تي، بار مٿن تي، هل ته هلان.
سڄي ڌرتيءَ گولي تي ماڻهوءَ-جنس رڳو ڪنهن هڪ هنڌ جنم ڪو نه ورتو هو ۽ رڳو هڪ ٽولو (ڌڻ) ئي ڪو نه هو جيڪو
سڄي ڌرتيءَ جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويو. پر ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته پراڻي پٿر واري
دور جو ماڻهو امريڪا (اتر ۽ ڏکڻ) کنڊ ۾ ڪٿي به ڪو نه هو. برفاني دور کان پوءِ ئي
ماڻهو شڪار جي ڪڍ هلندي اتر قطب واري پاسي کان يورپ مان ٽپي امريڪا ۾ گھڙيو ۽ ان
وقت هو نئين پٿر جي دور ۾ گھڙي چڪو هو. امريڪا (اتر ۽ ڏکڻ) کنڊ ۾ ڪٿي به پراڻي پٿر
جي دور جا اهڃاڻ نه مليا آهن، جڏهن ته ايشيا، افريقا، يورپ ۽ آسٽريليا ۾ به پراڻي
پٿر جي دور جا هزارين اهڃاڻ اڄ به موجود آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي ته ڪجھ ٽولا ان ساڳي
ئي شڪاري، راڄوڻي حالت ۾ رهن ٿا.
امريڪا (اتر ۽ ڏکڻ) کنڊ ۾ جڏهن پهريان يورپي کوجي گِھڙيا ته
اتي جا ماڻهو به ان وقت تائين نئين پٿر واري دور جا رهاڪو هئا. ٻنهي کنڊن ۾ جتي
ڪٿي هزارين وسنديون هيون. پٿر جا مختلف اوزار، ڪاٺيءَ جا مختلف اوزار، شڪار، ڌڻ ۽
ڪٿي ڪٿي راڄ جا وڏا سردار جي شڪل ۾ پر راڄ جا محتاج، حاڪم نه. پندرهين صديءَ جي
پڄاڻيءَ وقت نئون يورپي ماڻهو امريڪا ۾ پهچي سگھيو هو پر آسٽريليا به پندرهين
صديءَ ۾ ئي هٿِ آيو ۽ اتي جا رهاڪو به ان وقت تائين نئين پٿر واري دور ۾ شڪار تي
گذارو ڪندڙ هئا. انهن ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪن راڄن ۾ محتاج سردار ٺهي چڪو هو.
ماڻهوءَ ٽولا ندين جي ڪنارن تي به پهچي چڪا هئا. جڏهن ٻوڏ
ايندي هئي ته سندن گھر گھاٽ لوڙهي ڇڏيندي هئي. ڪاٺ جا وڏا وڏا بنڊ پاڻيءَ مٿان
ترندا رهندا هئا. بنڊ تي لانگ ورائي ويهڻ سان به سولو تري سگھجيو پئي، پر جيڪڏهن بنڊ
وچ ۾ کاڌل يا ڪوريل هجي ته واهه واهه ـــــــ ٻيڙي وڌيڪ سولي هئي. ڪنارن پاسي اُڀا
بنڊ کوڙي انهن مٿان بنڊَ سڌا وڇائي ڪاٺ جو دِڪو ۽ ان مٿان جھوپڙي ـــــــ هاڻي ٻوڏ
ڇا ڪندي! نديءَ، ڍنڍ، تلاءَ ۽ کڏ ۾ مڇيون، گانگٽ ۽ ڏيڏر جام هئا. جانورن جو سِڱ
انهن لاءِ سٺو هٿيار هو ۽ سڱ جيڪڏهن وڪڙ، ونگوڙي، آنڪڙي وارو هو ته پوءِ مڇيءَ جو ڇڏائي
ڀڄڻ اڃا به ڏکيو. کڏن، دُٻن مان ته مڇي هٿ سان به پڪڙي سگھجي پئي. ماڻهو نديءَ
ڪناري سِکيو ستابو ۽ ڊگھو عرصو رهي سگھيو پئي.
ماڻهوءَ سنهي چهنبدار هڏيءَ جي ٻي سِري تي ٽُنگڙو، پاکڙو
ٺاهي سُئيءَ جو هنر سکيو هو. ڏنڊي جي سري ۾ ٽنگڙو ڪڍي ان ۾ پٿر جو ڦر ڦاسائي ڪهاڙي
ٺاهي ورتي هئي، مٽيءَ جا ٿانوَ ــــــ پهريائين ڪچي مٽيءَ جا ۽ پوءِ پچائي پڪي
مٽيءَ جا ٿانوَ ــــــ ٺاهي ورتا هئا. ماڻهو هڪ ڳوڙهي، ڳنڍي، ڀتر، پٿر ۽ ڪاٺ کي
ٻِي شڪل ڏئي سگھيو پئي. آلي مٽي ڦوڦلي هئي پر پڪل مٽي نه ته پاڻيءَ سان خراب پئي
ٿي ۽ نه ئي سولي ٽٽي پئي. باهه ۽ مٽيءَ جي مدد سان هاڻي اهڙي شيءِ ٺهي جنهن ۾
اڳوڻن بدران نوان ڳُڻ هئا. انهيءَ باهه ٻرندي هزارين سالن کان مختلف ڪچا ڌاتو به باهه جو بک بڻيا پئي ۽ انهن جي شڪل ڦري
ڳنڍو، ڳوڙهو ٿي پئي، پر جيستائين ڳوڙهو گرم هو تيستائين نرم به هو، ڪُٽڻ سان نئين
شڪل وٺي سگھيو پئي. ٽامو سولو هو. ٽامي جون ڪهاڙيون، ڪاتيون، ٿانوَ ٿپا وجود ۾ آيا
۽ پوءِ نيٺ ماڻهو ٽامو رجائڻ ۽ ان کي پنهنجي پسند جي شڪل ڏيڻ لڳو. نه رڳو ڪنڀر
وجود ۾ اچي چڪو پر چَڪ ۽ بٺيون به. اڳتي هلي ٽامي ۽ جست جي ميلاپ سان ڪنجھو ٺهيو
جيڪو ٻنهي ڌاتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پائدار هو.
ماڻهوءَ جڏهن ننڍن جانورن کي چڱيءَ ڳڻپ ۾ گھايَل پر جيئرو
هٿ پئي ڪيو ۽ ڏينهن ٻن جو وٽس ذخيرو هو تڏهن ترت ئي جانورن کي ماري نه ڇڏيندو هو.
جانورن جا ننڍڙا ٻار به مختلف هنڌن تان هٿ ڪري سگھندو هو ۽ انهن جي وڏي ٿيڻ جو
اوسيئڙو ڪندو هو. انهن جانورن ۾ هڪُ؛ ڪتو به هو جنهن جي سڀ کان وڏي خوبي لڇ لوڏ
يعني خوشامد آهي. گوشت ٽڪري لاءِ ڪتو سدائين گڏ رهي سگھيو ٿي ۽ وڏي ڳالهه ته شڪار
جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگھيو ٿي. ڪتي کي پالي ماڻهوءَ پنهنجو ”نَڪُ“ ڊگھو ڪري ورتو هو.
هاڻي هو شڪار لاءِ ڪتي کان مدد وٺڻ لڳو هو. ڪتو سندس ٻين جانورن جي سنڀال به ڪندو
هو ته سندس به. مٽيءَ جي سوين ٿانون تي ڪتي جي شڪل اُڪريل آهي.
سوين سالن جي تجربي کيس اهو به سيکاريو ته ڪيترن ئي ميداني
حصن ۾ گاهه، تيلا، سَر پاڻ ئي اڀري آيا پئي. ٻُور وارن گاهن جو ٻُور گھر ۾ به ڇڻيو
ٿي ۽ پوءِ جڏهن ان مٿان پاڻي پيو پئي ته ٻج زمين ۾ پيهي ويو پئي ۽ ڪجھ وقت کان
پوءِ سلا، آنکڙا ۽ گاهه ڦٽو پئي. ٻج پاڻ به ارادي سان ڦِٽو ڪري سگھجي ٿو، زمين ۾
لاهڻ لاءِ زمين کي چهنبدار ڪاٺيءَ سان کوٽي سگھيو پئي ۽ هٿرادو نموني پاڻي ڏئي
سگھيو پئي. مهيني، ٻن، ٽن کان پوءِ نئون گاهه، نئون ٻج هٿ ٿي سگھيو پئي. اهو علم
پرائيندي هزارين سال لنگھي ويا، سوين نسل پيدا ٿيا. نيٺ ماڻهوءَ پوک جو هنر هٿ ڪري
ورتو. هاڻي هو جيڪڏهن ٻيلي ڀرسان نديءَ ڪناري پوک ڪري ته کاڌو ۽ اَجھو ججھو هو.
ماڻهوءَ جي وَسندي، ويهڪ، ديرو، ڊاٻو ڊگھي عرصي لاءِ ٿيڻ لڳو. کوٽائيءَ ۾ اهڙا پٿر
به مليا آهن جيڪي شڪل ۾ جنڊ جي هيٺين پڙ جھڙا ۽ وچ ۾ اُکريءَ جيان کوٽيل آهن. ڪنهن
ڳُوڙهي پٿر (مهريءَ) سان ان پيهي سگھجي پيو.
اسان ماڻهوءَ-ٺهڻ جو
هي جيڪو ذڪر ڪري آيا آهيون، اهو ٿلهي ليکي نون لکن سالن جي مدي تي پکڙيل آهي. نوَ
لک سال ڪو ٿورو عرصو ته ڪونهي. جيڪڏهن هر ويهين سال به نئون نسل وجود ۾ اچي، ته
هيءَ ڪهاڻي پنجيتاليهه هزار نسلن جي ڪهاڻي آهي. لکين آنڌاريون، ٻوڏون، سوڪهڙا،
برفون، زهريلا جانور، وحشي درندا، خون خرابيون، رتوڇاڻ، جنگاڻ، لڏپلاڻون، سوين
هزارين نوان علائقا، ويرانا، ٿر، بر ـــــــ ماڻهوءَ ٽولا سڄي ڌرتيءَ جي مختلف حصن
۾ رُليا، ڀٽڪيا، سِکيا ۽ سوڀارا ٿيا آهن. قسمين قسمين اوٿون ۽ سوٿون هيون، لاهيون
چاڙهيون هيون، رولڙا ۽ راڱا هئا. فطري تبديلين سان گڏوگڏ ماڻهو پاڻ به بدليو، ته
فطرت به بدليائين، ويرانن ۾ ساوڪون ڪري ڇڏيائين، جانورن، پکين، ميوَن ۽ وڻن جا نوان
نسل ٺاهيائين ــــــ سورَ سختيون سهي، ماڻهو هاڻوڪي ماڳ تي پهتو آهي. ماڻهن جي
انهن ڪشالن ۽ ڪمن جا سوين هزار نشان سڄي ڌرتيءَ تي پکڙيل آهن ـــــــ ڪي رڳو اهڃاڻن
جي صورت ۾ دفن ٿيل، ته ڪي جيئرا جاڳندا. اچو ته انهن مان ڪجھ تي مٿاڇري، پر سمجھ
ڀري نظر وجھون.
1.
جاوا ٻيٽ
۾ سولو نديءَ ڪناري ترينيل ڳوٺ ويجھو پهرين ماڻهوءَ جهڙي ماڻهوءَ جون ٽي هڏيون
مليون آهن. هي بناوت ۾ باندر کان گھڻو بهتر آهي. سندس کوپڙي ۽ دماغ وڏا آهن، نراڙ
لهوارو ۽ پٺيءَ ڪنڊو ڪجھ ڪُٻو آهي ۽ ڄنگھ ريڙهي هلندو هو. کوجيندڙ ڊاڪٽر ڊيوبوئا،
هن جنس جو نالو پِٿيڪَنٿِروپَس اِريڪِٽَس (اُڀو ٿي هلندڙ، باندر جهڙو ماڻهو) رکيو.
2.
چين ۾
چوڪوتيان غار اندر ساڳي ئي جنس جي مختلف عضون جون هڏيون مليون. هي به اڻ گھڙيل
قدرتي طرح ملندڙ چهنبدار پٿر پنهنجي شڪار لاءِ ڪم آڻيندو هو، نديءَ ڪناري شڪار
ڪندو هو ۽ غار ۾ رهندو هو ۽ باهه ٻارڻ نه، پر سنڀالڻ ڄاڻيندو هو. چوڪوتيان غار ۾
ٻن هزارن کان وڌيڪ پٿر جا اوزار ۽ اٺَ وال هيٺاهين ۾ خاڪ (چُلهي) جا اهڃاڻ مليا
آهن.
3.
فرانس جي
سوما نديءَ واري ماٿريءَ ۾ پراڻي ماڻهوءَ جا اهڃاڻ مليا آهن. ذخيري ۾ ڪيترن ئي
جانورن (ميموٿ، گينڊو، رڇ وغيره) جي مختلف عضون جون هڏيون ۽ پٿر جون ڪاتيون ۽
ڪهاڙيون مليون آهن. بوشي دي پيرت ”ساهوارن جي ابتدا ۽ اوسر“ نالي ڪتاب لکي، دليلن
سان، پراڻي پٿر واري دور جي ماڻهن جي رهڻي، اٿا ويٺي، هلڻي ڪرڻِي، شيل شڪار،
هٿيارن، اوزارن وغيره بابت تفصيل سان ڳالهيون ثابت ڪيون.
4.
روس ۾
ڪيئڪ ڪوبا غار اندر اهي پٿرَ، جن مان ڪهاڙيون ٺاهيون ويون، ڪهاڙيون ۽ ٻيون شيون هٿ
آيون. ماڻهوءَ اوزار ٺاهڻ سکي ورتا هئا ۽ هاڻي هو سنئون سڌو قدرتي طرح ملندڙ
چهنبدار پٿرن جو ڳيجھو نه رهيو هو.
5.
آسٽريليا
۾، تسمانيا ٻيٽ جي شڪاري قبيلن ۾ اڄ به اسان کي پراڻي پٿر جي دور جا نسبتن سڌريل
پٿريلا اوزار ملن ٿا ــــــ نيزا، ڀالا، خنجر وغيره. ماڻهو وڍڻ ڪَٽڻ جو ڪم انهن
کان وٺندا آهن، کَلون پوشاڪ طور پهريندا آهن، باهه ٻارڻ ڄاڻن ٿا، خيمن ۾ رهن ٿا،
ٻوٽيون ۽ پاڙون گڏ ڪن ۽ کائن ٿا ۽ ڪجھ اناج بچائي به رکن ٿا. پوڙها ماڻهوگھڻو ڪري
اوزارن ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ جي سکيا ڏيندا آهن ۽ جوانَ شڪار ۾ گھڻو حصو وٺندا آهن،
جڏهن ته عورتون گھر جي ڪم ڪار سان گڏ شڪار ۾ مدد ڏين ٿيون.
6.
سوليوتري
(فرانس) ۾، هڪ لاهيءَ واري ٽڪري آهي. ان جي ڪاڇي ۾ پراڻن اهڃاڻن جي ماهرن کي هڏين
جو هڪ وڏو ڍير مليو آهي. ميموٿ جون هڏيون، پراڻي زماني جي ڍڳن جون هڏيون ۽ سڱ ۽
غارن ۾ رهندڙ رڇن جون هڏيون ۽ گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک گھوڙن جون هڏيون. ڪيتريون ئي هڏيون
سڙيل، ٽِڙڪيل، چِٻيل، چٿيل ۽ ڏريل هيون. شڪار (گھوڙن جي ڌڻ) جي ٽن پاسن کان گھيرو
وجھي تيرن جو وسڪارو ڪندي هلڙ مچايو ويندو ۽ شڪار ٽڪريءَ طرف ڊوڙندو. ٽڪريءَ جي ٻي
پاسي، اڀي لاهي ۽ کڏا آهن، گھوڙو گھوڙي مٿان ڪرندو، زخمي ٿيندو، ڦاسندو ويندو. ان
پاسي سڄو قبيلو آباد آهي. باهه وچ تي ٻرندي رهندي. پٿر جون ڪاتيون، ڪهاڙيون، نيزا،
ڀالا سڀ کوڙ آهن، ونڊي ورهائي کاڌو ويندو.
7.
ڏکڻ
فرانس ۾ پراڻا کنڊر مليا آهن. تَر جا ماڻهو ان کي ’شيطاني چُلهو‘ سڏيندا هئا. هڪ
ٽڪري؛ ڇانورو ٺاهيو؛ ٻاهر نڪتل هئي. سنها ٿلها پٿر رڙهي ان جي پاسن سان ڪرندا رهيا
۽ اهڙيءَ طرح ٽن ڀتين (ٻن پاسن کان پٿر ۽ ٽين ڀت ٽڪري) ۽ هڪ ڇت (ڇانورو) واري وڏي
ڪوٺي (اڌ غار ۽ اڌ جُهڳي) ٺهي پئي. ان جي آڏو وڏيءَ کڏ ۾ وچ تي وڏو چلهو (خاڪ جو
ڍير) ۽ پٿر جا ٽڪرا، هڏيون، سڱ ۽ هڏين ۽ سڱن جا اوزار مليا. هي ڄڻڪ پهريون گهر
هجي.
8.
سويت
يونين ۾ دون نديءَ ڪناري، گاگارينو ڳوٺ ۾ پٿر ڇلڻ ۽ ڪَٽڻ جا اوزار، هڏي جو سُوئو،
قطبي لومڙيءَ جو ڏند، جنهن ۾ هڪ پاسي پاکڙو ٺهيل آهي، چلهو، خاڪ ۾ مليل ميموٿ ۽
ٻين جانورن جون هڏيون، زيوَر، (پٿر ۽ هڏين جا) اوزار، ننڍا بُت وغيره مليا.
رهائشگاهه هڪ گول تهه خانو هو جنهن جون ڀتيون پٿر جي سِرن جون ٺهيل هيون ۽ انهن جي
وٿين ۾ميموٿ جا ڏند ۽ ڄاڙيون وِڌيل هيون. ڀتين ٻاهران ڳرا پٿر (ڇپون) رکيل هئا.
چِٽيل عورتن جا ٻه بت به مليا آهن، هڪ مورتي ٿلهي آهي ۽ ٻي سنهي. هڏيءَ تي به چِٽ
چٽيل آهن. فرش جي وچ ۾ کڏو هو جنهن هڪ صندوق جو ڪم ڏنو پئي. ان ۾ سُوئي، قطبي
لومڙيءَ جا ڏند ۽ ميموٿ جو پُڇ مليو. شايد کل پائي، پڇ لٽڪائي، شڪار ڪرڻ لاءِ،
جانور جو سانگ ڪرڻ لاءِ اهو پڇ ايڏو سنڀالي رکيو ويو هو. ورونيز ڳوٺ ۾ به اهڙا ئي
آثار مليا آهن ۽ اتي ميموٿ، غار وارن شينهن، رڇن ۽ گھوڙن جون ايتريون هڏيون مليون
آهن جو ان ڳوٺ جو نالو ئي هڏين وارو ڳوٺ مشهور هو. هتي ماڻهو گاگارينو جيان هڪ تهه
خاني ۾ نه، پر ڪيترن ئي تهه خانن ۾ رهندا هئا ۽ گڏجي شڪار ڪندا هئا. هتي پٿر ۽
هڏيءَ جا چڱا سڌريل اوزار ۽ هاٿي-ڏند
(عاج) مان گَهڙيل عورتن جون مورتيون مليون. هڪ مورتيءَ تي چمڙي جو پَٽو به مليو
آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هنن چمڙو محفوظ ڪرڻ سکي ورتو هو.
اڄ به ان قسم جي رهڻيءَ جا جيئرا
آثار ٿامپسن نديءَ ڪناري رهندڙ انڊين آهن. اهي زمين هيٺ تهه خانو ٺاهي ان مٿان قبي
(گنبذ) جيان چوٽ ٺاهن جنهن ۾ وڏو ٻلکڙو هوندو جتان ماڻهو اندر ٻاهر اچي وڃي سگھن.
ان ٻلکڙي ۾ وڏو نـڙو به رکيل هوندو آهي جنهن جو هيٺيون سرو چلهي ڀرسان پهچندو، ته
جيئن دونهون ٻاهر نڪري سگھي. گھوڙي، ٻارهن سِڱي ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪن، کلون
پهرن ۽ گڏجي رهن ٿا.
9.
برف پوش
اسٽيپي ميدانن جي وچ ۾ ڪيترا ئي ننڍا ننڍا دڙا نظر ايندا. انهن ۾ ڊگھا، سڌا ۽
سگھارا ماڻهو رهندا هئا. انهن جي ڳلن جون هڏيون به اڀريل هيون ۽ اکيون هڪ ٻي جي
ويجھو. عورتون سُين سان کل جي پوشاڪ سبنديون هيون ۽ مرد ڀالا ۽ نيزا ٺاهيندا هئا.
اهي پنهنجن اوزارن، ٿانوَن ۽ رهڻ جي جاين جي اندرين ڀتين تي چِٽ چٽيندا هئا. هڪ
هڏي تي چَرندڙ سهڻي گھوڙي جو چِٽ چٽيل آهي ۽ گھوڙي جي بدن تي خيما چِٽيل آهن. هڪ
هڏي تي ميموٿ چٽيل آهي جنهن جي بت تي ٻه خيما ۽ ٻي هڏي تي جھنگلي مينهن، جنهن جي
بُت تي ٽي خيما ٺهيل آهن. اهڙا ئي چِٽ ڊگھي سرنگھ جي اندرين ڀت تي سوَن جي ڳڻپ ۾
ٺهيل آهن. هڪ جھنگلي مينهن جو چٽ ــــــ اڌ کاڌل ڍڍري، وڏي ڏاڙهي واري مُنڍي مونن
۾ ۽ ڀرسان بيٺل ماڻهن جون ٻه قطارون. سندس مٿو، پٺيءَ ڪنڊو ۽ پڇ سالم حالت ۾ آهن.
هڪ هنڌ ٻارهن سڱو ۽ جھنگلي مينهن ڊوڙندا پيا وڃن جن جي پٺيان سڱدار منڍي ۽ جھنگلي
مينهن جي کل پهريل ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ تير ڪمان آهي.
جيئرو مثال:
سائبيريا ۾ انقلاب کان اڳ اهڙا قبيلا به هئا جيڪي ”رڇ جي
مهماني“ ڪندا هئا. رڇ جو ڍانچو آڻي مٿڀري صاف سٿري جاءِ تي رکندا. سندس منڍي اڳين
ڄنگھن جي وچ ۾ ڏيندا، ماني يا ڇوڏن جي ٺهيل ٻارهن سڱن جون ڪيتريون ئي مورتيون سندس
ڀرسان رکندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڇي به. هي نذرانو هو. هر شڪاري واري واري ايندو ۽ سندس
دُون کي چمندو ويندو. ڪيتريون ئي راتيون ناچ ٿيندو ۽ نچندڙ پنهنجن منڍين تي مختلف
جانورن جون منڍيون پهريندا ۽ چال ۾ رڇ جو نقل ڪندا ۽ پوءِ ويهي رڇ جو گوشت
کائيندا.
10.
سويت
يونين ۾ قزل قوم جي وارياسي ۾ پراڻي زماني جي ماڇين جي هڪ ديري جا اهڃاڻ ان هنڌ
مليا آهن جتي آمو ندي ارال سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هڪ ڀٽ جي چوٽيءَ تي وارِيءَ ۽ مٽيءَ
جي تهه ۾ سٺا گھڙيل پٿر جا اوزار، مٽيءَ جي ٿانوَن جا ٽڪرا ۽ جھنگلي سوئرن، ٻارهن
سِڱن ۽ هرڻن جون هڏيون مليون آهن، پر انهن ۾ وڏو ڍير مڇيءَ جي هڏين جو هو. گھر جي
وچ ۾ وڏو گول صاف، خاڪ جي ٿَلهي وارو چُلهو (سدا ٻرندڙ چلهو) ۽ ان جي چوڌاري ننڍڙا
چلها جن ۾ ڪاري ڪِني خاڪ هئي.
جيئرو مثال:
وچ ايشيا کان گھڻو پري انڊمان ٻيٽن ۾ ماڇين جا قبيلا رهن ٿا.
انهن وٽ مڇيءَ جي شڪار لاءِ سڱن مان ٺهيل نيزا ۽ آنڪڙا آهن. اهي وڏين وڏين جھوپڙين
۾ رهن ٿا جن جي ڇت کي ٿُـڙن جي ٽيڪ ڏنل هوندي آهي. وچ تي وڏو چلهو ٺهيل هوندو آهي
جنهن ۾ لاڳيتو باهه ٻرندي رهندي. وڏي چلهي جي هڪ پاسي ڏانهن ننڍن چلهن جي قطارَ جن
تي رڌ پچاءُ ٿيندو ۽ ٻي پاسي خالي جاءِ جتي شڪار پڪڙڻ لاءِ مختلف سانگ، ساٺ ۽
سَنوڻ ڪيا ويندا آهن. سڄو راڄ گڏجي رهي، کائي پيئي، شڪار ڪري ۽ ونڊي وراهي کائي
ٿو.
11.
روس ۾ لادوگا ڍنڍ ڀرسان هڪ کوٽائيءَ ۾ ماڻهن جون
کوپڙيون، پٿر جا اوزار (ڪهاڙي، چاقو، آنڪڙا، تير، ڏندن وارو ڀالو) ۽ هڪ ٻيڙي
(ڍونگي) ملي، جيڪا شاهه بلوط جي ٿـڙ کي ڪناريون ڇڏي وچ ۾ ڪوري ٺاهي وئي آهي ۽ اهڙي
شڪل ۾ آهي جو ان کي پاڻيءَ ۾ وجھي، ان ۾ ويهي تري سگھجي ٿو. ٻنهي سِرن تي ڪهاڙين
جي ڌڪن جا کهرا نشان آهن جڏهن ته وچ واري ڪور لسي آهي.
12.
سوئٽزرلينڊ
۾ سُڪي ويل ڍنڍ ۾ کوٽائي ڪندي اڀو بيٺل ٿـڙ مليو ۽ پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون،...
مختلف نمونن جون قطارون ٺهيل هيون. پٿر جون ڪهاڙيون، مڇي پڪڙڻ جا ونگوڙا ۽ مٽيءَ
جي ٿانون جا ٽڪرا. ڍنڍن جي پيٽ ۾ ٿنڀا کوڙي انهن مٿان تختا (بنڊ) وڇائي ڳوٺ ٻَڌو
ويو هو، جيڪو ايترو مٿي هو جو پاڻيءَ جي چاڙهه وقت به پاڻيءَ سطح کان مٿڀرو هجي.
ساڳي ئي قسم جو ڳوٺ نيو شاٽيل ڍنڍ (سوئٽزرلينڊ) ۾ به مليو. اتي سڙيل ڪاٺيون ۽
ڪوئلا به مليا. ان سان گڏ ڪاٺ جا ٿانوَ، مڇي پڪڙڻ جون ڄاريون (رَڇ)، اناج-داڻا ۽ ڪجھ ٻوٽن جا ٿـڙ به.
نيوگني ۾ اڄ تائين ڍنڍن مٿان اهڙا
ڪيترا ئي ڳوٺ آباد آهن. ٿڙ (بنڊ) اڀا کوڙي انهن مٿان ٻيا ٿڙ سنوان سمهاري يعني هڪ
ڪاٺ جو دڪو ٺاهي، ان مٿان ڪاٺ جون ئي جھوپڙيون ٺاهيون وينديون آهن. هي به پاڻ ۾
گڏجي رهن، شڪار ڪن ۽ ونڊي وراهي کائن. وٽن پٿر جا اوزار، هڏيءَ جا ونگوڙا ۽ رَڇ آهن.
13.
اسپين جو
مُهمجُو ڪورٽيز توبن ۽ بندوقن سان سٿيل يارهن پاڻيءَ ٻيڙن جو جٿو وٺي ميڪسيڪو جي
مهم تي نڪتو. ميڪسيڪو جي ان ڪناري ڀرسان جتي ڪورٽيز ويو، ازٽيڪ ماڻهن جا ڳوٺ هئا
جن مان وڏو تينوخ تيتلان هو. هيءُ ڳوٺ هڪ ڍنڍ جي وچ ۾ ٿنڀن تي ٻڌل هو ۽ ان کي ڍنڍ
جي ڪناري سان هڪ پُل وسيلي ملايو ويو هو. سفيدي ڪيل گھرَ ۽ مندرن جون سنهري چمڪندڙ
ڇتيون پري کان ئي نظر پئي آيون. مونٽيزوما آزٽيڪ ماڻهن جو جنگي سردار هو ۽ پنهنجن
سپاهين سميت هڪ وڏي جاءِ ۾ رهندو هو. جهازن جي پهچ جو ٻڌي هن جنگي سڀا سڏائي.
سوچيو ويو ته گورا ڇو چڙهي آيا آهن. ڪورٽيز کان اڳ جيڪي گورا امريڪي ڌرتيءَ تي
پهتا هئا، انهن بابت ٻڌ سڌ هئي ته اهي سونَ جا لوڀي آهن. مونٽيزوما گورن ڏانهن
سونُ سوکڙي طور ڏياري موڪليو ۽ اها ئي سوکڙي سندس لاءِ وبال بڻجي وئي.
سوکڙيون ڏئي ڪورٽيز کي موٽي وڃڻ
جو عرض ڪيو ويو پر ڇا گورا ان موٽڻ واري ڪم لاءِ جهاز ڀرائي آيا هئا؟
هڪ تصوير ملي آهي جنهن ۾ غلامن
جون ٽي قطارون توبن جا مختلف حصا ۽ بندوقون ۽ کاڌي جون پيٽيون ڍويو پيا وڃن. هڪ
اسپيني آفيسر ڏنڊو وَسائي رهيو آهي ۽ چِٽيل ٽڪريءَ تي حضرت عيسى جو صليب چڙهيل نقش
آهي. انڊين ماڻهن مان ڪجھ جون ڳچيون ڪوريل ۽ هٿ پکڙيل آهن.
آزٽيڪ ماڻهن کين ”مهمان“ سمجھي
پاڻ وٽ ٽڪايو، پر ”مهمانن“ رات جو سردار کي ٻڌي مجبور ڪيو ته اسپين جي بادشاهه سان
وفاداريءَ جو قسم کڻي. مونٽيزوما لاءِ اسپيني ٻولي ڄڻڪ دَٻي ۾ ٺڪريون، جيئن چيائون،
تيئن چئي ويو. ڪورٽيز کي ڪهڙي خبر ته انڊين جو سردار حاڪم نه هوندو آهي. مونٽيزوما
کي چيو ويو ته هو پنهنجن ماڻهن کي به سندن وفادار بڻائي.
ان وچ ۾ آزٽيڪ ماڻهن مونٽيزوما کي
ڪانئر سمجھي ان جي ڀاءُ کي سردار چونڊي ورتو ۽ ”مهمانن“ تي راتاهو هنيو. اسپينين
وٽ بندوقون ۽ توبون، جڏهن ته آزٽيڪن وٽ پٿر جا نيزا، ڀالا، چاقو ۽ تير ڪمان. پوءِ
به نقصان گھڻو ٿيو. مونٽيزوما وسيلي ڳالهه ٻول جي ڪوشش ڪئي وئي. هُو تقرير ڪرڻ
بيٺو ته غدار ۽ ڪانئر مونٽيزوما تي تيرن جو وسڪارو ڪيو ويو. ڪورٽيز ڏاڍي ڏکيائيءَ
سان ڀڄي نڪتو. اڌ ماڻهو مارجي ويس. اڳتي وڃي، وري موٽ کاڌائين ۽ نيٺ آزٽيڪ ماڻهن کي
غلام بڻائي ورتائين. لوهه ۽ جاگيرداري دور جي ماڻهن پٿر جي دور جي ماڻهن کي هارائي
وڌو.
14.
فلپائين
ملڪ جي مندانو نالي ٻيٽن ۾ گھاٽن ٻيلن ۽ ڏکين جبلن ۾ لڪل هڪ سؤ ماڻهن جو هڪ ٽولو
1961ع ۾ اتفاقن لڀي پيو. هن قبيلي جو نالو تاسادي آهي، عام طرح ماڻهو اگھاڙا رهن
ٿا ۽ رڳو پنهنجي ستُر جو ڍڪ پنن وسيلي ڍڪين ٿا. اهي 50 فٽ ويڪري ۽ 3 فٽ ڊگھي هڪ
غار ۾ رهن ٿا. هنن وٽ پٿر جي مترڪن ۽ بانس جي لٺين کان سواءِ ڪو به ٻيو هٿيار
ڪونهي. ڪاٺيءَ جا ٽڪرا رهڙي باهه پيدا ڪن ٿا. بانس جون مکڙيون ۽ ناريل جو ميوو ۽
ننڍيون ننڍيون مڇيون، ڏيڏر ۽ گانگٽ (جيڪي هٿ سان پڪڙن ٿا) سندن کاڄ آهن. جانور
باهه تي ڀُڃي کائن ٿا، ڍور ڍڳا پالن ڪو نه ۽ نه ئي ٻني ٻارو ڄاڻن. هنن جي ٻوليءَ ۾
دشمن، جنگ، قتل ۽ برائيءَ لاءِ ڪو به لفظ آهي ئي ڪو نه. سندن ڪو به مذهب ڪونهي.
وٽن هڪ بربط جھڙو باجو آهي جنهن کي ’ڪوبنگ‘ چون. سڀ هڪ غار ۾ گڏجي رهن ٿا پر
ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاهي ويهن. هر ٽولي ۾ ماءُ پيءُ ۽ ننڍا ٻار هوندا آهن. گڏجي
کاڌو هٿ ڪن ۽ وراهي کائن. وٽن ڪو به سردار ڪونهي ۽ ڪو به فيصلو ڪرڻ وقت هر هڪ کي
برابريءَ جي بنياد تي راءِ ڏيڻ جو حق هوندو آهي.
15.
ملايا جي
جابلو ٻيلن ۾ ’سيمانگ‘ نالي هڪ پوئتي پيل قبيلو رهي ٿو. هر گھراڻو ويهن ٽيهن جي
ٽولن ۾ هڪ ڌار جھوپڙيءَ ۾ رهي ٿو، تير ڪمان سندن هٿيار آهي، بيد جون ڪاٺيون رهڙي
باهه پيدا ڪن، گلن، ميون، پاڙن ۽ پکين، نوريئڙن ۽ ڪوئن جو شڪار ڪري گذارو ڪن، ڪِن
مُردن کي دفنائن، ته ڪِن کي ٽَڪريءَ تي ڦٽو ڪن.
16.
آمريڪا ۾
’پٖييُوت‘ نالي هڪ قبيلو گڏجي رهي، گڏجي شڪار ڪري ۽ ونڊي وراهي کائي ٿو. ]هي ماڻهو[ خيمن ۾ رهن ٿا.
شڪار ۾ سڀ صحتمند ماڻهو شريڪ ٿين. سوڀ کان پوءِ عورتون، ٻار ۽ وڏا گڏجي گيت ڳائن.
شڪار وقت عورتون مٿي تي هرڻ جي کل پائي جانورن جهڙا آواز ڪڍن.
17.
ڪيليفورنيا
(امريڪا) ۾ ’يوڪوت‘ نالي هڪ ٻيو قبيلو آهي. هڪ وڏي گھر ۾ ڏهه ٻارهن ڪٽنب گڏجي رهن.
شادي ڪري مردُ عورت جي گھر وڃي. ويهه هزار کن ماڻهو ٿيندا.
18.
امريڪا ۽
ڪئناڊا جي سرحد تي ’بليڪ فُٽ‘ نالي قبيلو رهي ٿو. شڪار تي گذرو ڪن ٿا. سندن ڪو به
سردار ڪونهي، پر عام طرح وڌيڪ سگھاري ۽ سياڻي ماڻهوءَ جي ڳالهه مڃي وڃي ٿي. گڏجي
جھنگلي مينهن جو شڪار ڪن. ماهر شڪاري جھنگلي مينهن جي کل اوڍي ڌڻ ۾ گھڙي ويندو ۽
هوري هوري رڙهي، شڪار جي تاڪ ۾ ويٺل شڪارين وٽ ڌڻ گھلي ايندو. اڪيلي سر شڪار ڏوهه
آهي. کل مان پوشاڪ، جوتا، ٿيلهيون ۽ رَسيون ٺاهن. خيمن ۾ رهن ۽ خيمو عورت جي ملڪيت
هوندو آهي جيڪو سڄو قبيلو گڏجي ٺاهي کيس ڏاج ۾ ڏيندو آهي. گوشت ڀُڃي کائن.
19.
ڪولمبيا
۾ ماڇين جو هڪ قبيلو ’نُوتڪا‘ نديءَ ڪناري آباد آهي. مختلف ڪٽنبن جا سؤ کن ماڻهو
هڪ وڏي جهوپڙيءَ ۾ رهن. جھوپڙي گڏجي ٺاهن. مڇيءَ جو شڪار هر گھراڻي ۾ برابريءَ جي
بنياد تي ورهايو وڃي ٿو.
20.
سوشلسٽ
انقلاب کان اڳ روس جي سائبيريا علائقي ۾ ’يوڪاگِهير‘ نالي هڪ قبيلو هو. ٻارهن سڱن
۽ مڇين جي شڪار تي گذارو ڪندا هئا. سڀ کان وڌيڪ پوڙهي جي زال شڪار ورهائيندي، جيڪا
هر گھر جو خيال رکندي. خيمي ۾ رهن. ڄار ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هئن. نجي
ملڪيت ۾ پوشاڪ ۽ شڪاري اوزار هئن.
21.
نائجيريا
رياست ۾ ٻه قبيلا ’يورُوپا‘ ۽ ’بولوڪي‘ رهن ٿا. ويهنِ لکن ويجھو آدمشماري اٿن،
شڪار ڪن، جانور پالن ۽ ٻني ٻارو کيڙن. زمين سڄي قبيلي جي ملڪيت آهي، جا وڪڻي يا
خريد ڪري نه ٿي سگھجي. ٻني ٻارو عورتون ڪن ۽ ٿانوَ به اهي ئي ٺاهن. شڪار ڪرڻ ۽
جانورن پالڻ مَردن جو ڪم آهي. سندن قبيلي جو سردار ’الورفين‘ سڏجي ٿو جيڪو جيڪڏهن
بيمار ٿي پوي ته آپگھات ڪري ۽ جيڪڏهن سردار کي لاهڻو هوندو آهي ته قبيلي جا ماڻهو
گڏجي ان خلاف ڌڪار ڀريل گيت ڳائيندا، تان جو هو پاڻ ڇتو ٿي آپگھات ڪري يا ڳوٺ ڇڏي
ڀڄي وڃي.
22.
اتر
ڪئناڊا کان فِن لينڊ تائين واري ٿڌي برفيلي پٽي ۾ اسڪيمو رهن ٿا. انهن جو سيل
مڇيءَ ۽ برفاني رڇ جي شڪار تي گذر آهي. باهه ٻارڻ اچين، پر گوشت ڪَچو کائين. کل جي
پوشاڪ پهرن ۽ کل جا ئي خيما ٺاهن، پر گھڻو ڪري برف اندر کوٽيل گھرن ۾ رهن. ڪتو ۽
ٻارهن سِڱو پاليندا آهن. برف-گاڏيون،
جيڪي چَم جون ٺهيل ۽ بنا ڦيٿي هونديون آهن، ڪتن وسيلي برف تي گهلين. ننڍن ٽولن ۾
رهن. سندن ڪو به سردار ڪونهي، پر سياڻن سيبتن ماڻهن جو چوڻ مڃين. شڪار جا اوزار،
خيما، ڪتا، ٻارهن سڱا، گاڏيون ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهن، جڏهن ته
پوشاڪ وغيره نجي ملڪيت سمجھي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻي سان سهڪار نه ڪري ته ان
کي ڏوهاري سمجھن. وٽن لوڀ لالچ ۽ خود غرضيءَ کي عيب سمجھيو وڃي ٿو.
23.
بلوچستان
جي مَري بلوچن ۾، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به قديم راڄوڻي سماج جا اثر چٽا هئا.
پهريائين لاڏائو هئا، پر پوءِ ڳوٺ ٺاهي رهيا. جانور پالڻ ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ ڄاڻن ٿا.
قبيلي جي هر ماڻهوءَ کي چراگاهن، کوهن ۽ چشمن تي هڪ جيترو حق آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾
زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهي، پر جتي ايئن ناهي اتي هر مَرد (ٻار، جوان،
ٻُڍو) لاءِ هر پندرهين سال ورهاست ڪري برابر حصو رکيو ويندو هو. هر ڍيري (هلڪ) ۾
ڏهه ٻارهن خيما ٿين جن مان هڪ ’اوطاق‘ مهمانن لاءِ خاص رکيل هوندي آهي. ويندي فصلن
۽ جانورن جي وڪري مان ملندڙ ڏوڪڙ به برابر ڪري ورهايا ويندا هئا. هر ڍيري جو هر هڪ
سردار ٿئي ٿو (1966ع تائين اها صورتحال برقرار رهي).
نئون پٿر جو دور: سنڌ ۾ 5-لک سالن کان ماڻهوءَ جي رهڻ جا آثار مليا آهن.
-
مهر ڳڙهه
جا آثار (سبيءَ جي ڏکڻ پاسي بولا ٽڪرين ۾). ڪيتريون ئي وَسنديون. (6000 ق م - 2300 ق م، اٺ هزار سال آڳاٽا آثار) ــــــ
ان تهذيب ئي موهن جي دڙي واري تهذيب کي جنم ڏنو. شڪاري دَور. چوپايا پالڻ. پوک.
-
6000 ق م سال
اڳ: چوپائي پالڻ (ڍڳا، ڍڳيون، رڍون ۽ ٻڪريون نه) جي شروعات، گھرو جانور. مُئلن کي
ويٺل ۽ ستل حالت ۾ دفنائڻ. زيور ـــــــ هارَ، پازيب (پيڪڙا)، ڪمرِپَٽا ۽ هڏين،
ڪوڏن، پٿرن (فيروزن ۽ لاجوردن) جا مڻڪا.
پٿر جا ٽي مختلف دور:
(1)
وچون دور
(5-لک 35-هزار ق م اڳ)،
(2)
نئون دور
(35-هزار ـــ 10-هزار ق م اڳ)، ۽
(3)
باريڪ
پٿر جو دور (10-هزار ـــ ساڍا پنج هزار ق
م اڳ).
-
4000 ق م
اڳ: ڪنڀارڪو چڪ، آوي، ٿانوَ، پکين جون شڪليون، جاميٽري شڪليون. ڪماني برمي سان
فيروزي، عقيق ۽ لاجورد جي گھاڙ (چُنهون دڙي مان ڪماني برمو مليو آهي). ڪڻڪ ۽ جوَن
جي ڪيترين ئي جنسن جي پوک. چوپاين (ڍڳن، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن) جي پالنا.
-
3500 ق م اڳ:
ٿانون تي رڳو جاميٽري شڪليون ۽ رنگ برنگي نمونا.
-
3000 ق م اڳ:
انگورن جي پوک. ڪنڀارڪو کورو. ٿانوَ مختلف دورن جا.
پٿر جي نئين دور جي آثارن جو سلسلو ته مهرڳڙهه کان وٺي
بولان (سنڌو) نديءَ جي شاخن سان گڏ سنڌ جي هيٺائين ميدان (ڳڙهي خيرو، شهدادڪوٽ،
حمل ڍنڍ ۽ گاج نديءَ) کان منڇر تائين ويَل ٿو ڏسجي، جتان وري کيرٿر جبل جي هيٺين
حصي يا دادو ضلعي جي ڪوهستان ۽ ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن ڏانهن وڌيو هوندو، جتي اوائلي
سنڌو سڀيتا جا بهترين اهڃاڻ ملن ٿا: واهي پانڌي، علي مراد، گورانڊي، غازي شاهه، ڊمب
بُٺي، ارباب جو ٿاڻو، شاهه جو ڪوٺڙيو، عثمان بُٺي، ڏَسو، جھانگري، گھارو ٻيڙو،
ڪرچاٽ، تؤنگ، ڍل، ڳوٺ حسن علي، نل بزار ۽ اورنگي بستيون ڪجھ مثال آهن.
مهرڳڙهه کان ئي ڪلٖي گل محمد ۽ ڊمب سعادت (ڪوئٽا جي ويجھو)،
راڻو گورانڊي (لورالائي)، منڊيگاگ (افغانستان) ۽ مڪران جي نل ۽ ڪيچ دريائن سان گڏ
ڪيترين ئي وَسندين تائين پکڙيو.
ڪلي گل محمد، ڪوٽ ڏيجي، اوڀر پنجاب، ڪچ، گجرات، بيڪانير
وغيره جي آثارن جي ڳُوڙهي اڀياس ۽ چٽاڀيٽيءَ کان پوءِ سنڌ جي الهندين ٽڪرين، ڪوٽ
ڏيجي، اوڀر پنجاب جي ڪن آثارن (جيڪي اولهه پنجاب لڳ آهن) کي ”اوائلي سنڌو سڀيتا“
جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي مهرڳڙهه جي سنڌو سڀيتا جنم ڏنو. اوائلي سنڌو سڀيتا
جي تاريخوار ترتيب هيئن بيٺل آهي: منڊگڪ (4300 ق م)، ڪلٖي گل محمد (4200 ق م)،
ڪوهستان جا آثار ۽ آمري (3700-3500 ق م)، ڪوٽ
ڏيجي (2300-1800 ق م)، وغيره.
-
مهرڳڙهه
جي ستين دور (3000 ق م) ۽ اوائلي سنڌو سڀيتا جي ٺڪر جي ٿانون ۾ هڪ جھڙائي آهي.
-
مهرڳڙهه
۾ 3000 ق م ۾ ٺاهيل ننڍن بوتن (جيڪي 5000-4000 ق م ۾ ٺاهيل بوتن سان ملندڙ آهن) ۽ اوائلي سنڌو سڀيتا جي
زنانن بوتن (زوب ماتا ديوي) ۾ هڪ جھڙائي آهي. وڌيڪ واڌاريل سڀيا ۾ انهن ماتا ديوي
جي صورت ورتي.
-
مهرڳڙهه
جي 3500 ق م وارن ٿانوَن ۽ واڌاريل سنڌو سڀيتا (2300 ق م کان پوءِ) ٺڪر جي ٿانون ۾
هڪ جھڙائي آهي جن تي جانورن، پکين ۽ وڻن جي شڪلين بدران رنگ برنگي جاميٽري شڪليون
ٺهيل هيون.
انهن آثارن جي بنياد تي سنڌو سڀيتا جِي، پٿر جي وچين دور
کان نئين دور ۾ ۽ اڳتي، هن طرح اوسر ٿي:
(الف) جدا جدا شڪلين وارا ۽ مختلف قسم جي پٿرن (خاص طرح
فلنٽ) مان ڪاتيون، تير ۽ ڏاٽا ٺاهيا ويندا هئا ۽ سانبر جي سڱن کي هٿيار طور ڪتب
آڻبو هو. پيالي يا کرل جھڙي اکريءَ ۾ پٿر جي لسي منهن واري مُهري سان اناج پيٺيو
ويندو هو. ٻني ٻاري، پوک ۽ اناج جي پيداوار سبب زندگي گھڻي ڀاڱي ڳوٺاڻي هئي ۽ ڳوٺ
مستقل هئا، پر ڪي ڳوٺ اهڙا به هئا جيڪي رڳو خاص موسمن ۾ آباد ٿيندا هئا ۽ اتي رڳو
جانور پاليا ويندا هئا. چِيڪي مٽيءَ جي سِرن يا پٿرن کي چيڪي مٽيءَ جي گاري جي
اوساري ڏئي رهڻ لاءِ گھر جوڙيا ويندا هئا جن جون ڇتيون پکن ٽوئن جون هونديون هيون.
ڪانن ۽ سَرن مان تڏا، تؤنريون اهڙيءَ طرح ٺاهيندا هئا جيئن اڄ ڪلهه سنڌ جي جابلو
علائقي، خاص طرح جوهي تعلقي ۾ ٺاهيندا آهن.
(ب) ماڻهن ٽامي کي رجائڻ، گھاڙڻ ۽ اوزارن ۽ هٿيارن جون
شڪليون ڏيڻ شروع ڪيون. چاقن، ڀالن ۽ نيزن جا ڦر ٽامي مان ٺهڻ لڳا. ٻي درجي جي پوک
وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڦر ۽ ڪوهستان ۾ ڪيترا ئي مستقل ڳوٺ پئجي ويا. ريڍارڪو ڌنڌو گھڻو
گھٽجي ويو، پر پوءِ به ڌنارن ۽ ريڍارن جون موسمي وسنديون هيون. ٺڪر جي ٿانون تي
جانورن، مڇين، وڻن، ٻوٽن وغيره جا چِٽَ چٽيا ويندا هئا ۽ جاميٽري شڪليون ٺاهيندا
هئا. گھر هڪ ٻي کان ٿورو وٿيرڪا هئا ۽ ڪيترن ئي پڪن گھرن جي بنياد ۾ ۽ ڪِن جي ته
اوساريءَ ۾ به پٿر ڪتب آيل آهي. ڪنڀارڪي ڪم وڌيڪ ترقي ڪئي. کانڀاڻين سان اڇلائڻ
لاءِ مٽيءَ جا ڳوڙها (گليلا) ٺاهيا ويندا هئا. مئلن کي ڪرونڊڙو دفن ڪندا هئا.
آمري کان ڪوٽ ڏيجي تائين ايئن ترقي ٿي (3700 ق م ـــ 2800 ق
م).
(ٻ) سنڌو سڀيتا جو ٽيون دور ڪوٽ ڏيجي کان موهن جو دڙو (2800
کان 2300 ق م) آهي.
ٽامي ۽ پٿر جي اوزارن ۾ وڌيڪ سڌارو ٿيو. ڳن جي سوراخ واريون
ٽامي جون ڪهاڙيون ٺهيون. ٺڪر جي ٿانون جو هنر توڙي ڍنگ، نموني جي لحاظ کان وڌيڪ
پيچيدو ٿيو. انهن تي اڏامندڙ پکين، سندن پرن جو وڌيڪ تفصيل، نانگن بلائن، ٻوٽن جي
پنن، ڍڳن، واسينگ نانگن، چرپر ڪندڙ مڇين ۽ جانورن جون شڪليون هونديون هيون.
مهرڳڙهه ۽ آمريءَ جي ڀيٽ ۾ عورتن جي زيوَرن تي وڌيڪ سنهو ۽ نفيس ڪم ڪيل آهي. گھرن
ٺاهڻ لاءِ گرڊ سسٽم هوندو هو. آمريءَ کان سنڌوءَ ڪناري ڪچي ۾ لڏپلاڻ وڌي
وئي جتي فصل وڌيڪ اُچو ٿيندو هو. آبپاشي (پيڄاري) جو ابتدائي سرشتو ٺاهيو ويو.
ماڻهوءَ ۽ چوپائي مال جا پڪل مٽيءَ وارا ننڍا بوتا عام جام ٺهڻ لڳا. ڳوٺ وڏا ٿي
ويا. گھر گھر ۾ تندور (چلهو) هو. ٻوڏ جي پاڻيءَ تي پوک ڪرڻ لاءِ ڏکڻ بلوچستان ۽
ڏکڻ-اولهه سنڌ ۾ گبر بند گھڻا
ٺهڻ لڳا.
اُسريل ۽ واڌاريل سنڌو سڀيتا (2300 ـــ 1650 ق م):
سڌريل (اسريل ۽ واڌاريل) سنڌو سڀيتا جي ايراضيءَ ۾ اڄوڪو
سڄو پاڪستان (سرحد¨ صوبي جي جابلو علائقي ۽ آزاد ڪشمير کان سواءِ)، اوڀر پنجاب، اولهه
يُو پِي (اتر پرديش)، هريانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ اتر مهاراشٽر (بمبئي کان 80
ميل اتر-اوڀر ۾ دائم آباد) ۽
افغانستان جو منڊي گاڪ (گومل دڙي جي رستي) شامل هئا. پراڻي زماني جي ايڏي وڏي
ويڪري تهذيب تي مختلف شهري مرڪزن، جھڙوڪ ڪالي بنگن (اوڀر پنجاب)، هڙپا (اولهه
پنجاب)، گنور والا (بهاولپور)، موهن جو دڙو (سنڌ) ۽ لوٿل (ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽
اتر مهاراشٽر) مان حڪومت ڪئي ويندي هئي. گيد روسيا (ڏکڻ بلوچستان) شايد سنڌ جي
حڪومت هيٺ هو.
2300 ـــ 2000 ق م ۾ آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جا رهاڪو سڀيتا جي هڪ
اوچي ڏاڪي تي پهتا. موهن جو دڙو، هڙپا، ڪالي بنگن (بيڪانير) ۽ لوٿل (گجرات) اهم
ترين شهر هئا. هن سڀيتا جون اهم خوبيون هي هيون:
(الف) هاڻي اوزارن ۾ اڃا به سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. ماڻهو ٽامي
رجائڻ جي فن کان اڳتي وڌي ٽامي ۽ قلعِي جي ميلاپ سان وڌيڪ پختو ڌاتُو ــــــ ڪنجھو
ــــــ ٺاهڻ لڳا. ڪنجھي جا ئي اهڙا نازڪ سانچا (قالب) مليا آهن جن وسيلي ڪنجھي جا
ننڍا ننڍا نفيس بوتا ٺهيا پئي. ٽامي جون اجاريل آرسيون (آئينا، درسنيون) ٺهڻ
لڳيون. وڌيڪ سڌريل قسم جون بيل گاڏيون (هاڻوڪين جھڙيون) ٺهيون. شهر وڏا ٿي ويا.
رڳو موهن جي دڙي جي آدمشماري 35000 کان مٿي هئي. بائنيل ۽ ڏهائي سرشتي مطابق تور
شروع ٿي. ڪاموراشاهي وجود ۾ اچي وئي هئي جنهن شهر تي حڪومت پئي ڪئي. ڳوٺاڻين ايراضين
۾ پوک-اُپت تي محصول (رائر، ڍل)
رکيو ويو. زرعي اپت ۾ زبردست واڌ ٿي ۽ ان ڪري ئي شهرن ترقي ڪئي. اڳي جي ڀيٽ ۾ گھڻن
قسمن جا ۽ وڌيڪ سڌريل ٺڪر جا ٿانوَ ٺهيا. بوتن ٺاهڻ جي فن ۾ زبردست مهارت ماڻي وئي
(هڙپا ۾ مرداڻي جسم جي مٿين حصي جو جيڪو بوتو مليو آهي، ان جھڙا وَرَ يوناني بُت
ساز اٽڪل 1800 سال پوءِ ٺاهي سگھيا). پڪل مٽيءَ جا بُت ۽ ماتا ديوي جي بوتي جا
بهترين مهانڊا ۽ ور، ٺڪر جي ٿانون تي فن ۽ جاميٽري جا سهڻا نمونا، مهرن تي
پيچيديون پر صحيح شڪليون ۽ خاڪا نظر اچڻ لڳا. ٻيڙن ۾ سڌارو آيو ۽ سنڌو درياءَ کان
سمنڊ وسيلي مسوپوٽيما جي دجله نديءَ تائين سفر ٿيڻ لڳو. مُهرن تي انهن عقيدن ۽
آدرشن کي ظاهر ويو جيڪي 1600 سال پوءِ آرين اپنشدن جي مذهبي پستڪن جي صورت ۾ هندو
مذهب ۾ شامل ٿيا. مئلن کي اوڪڙو بدران سنئون سمهاري دفن ڪيو ويندو هو. شهرن ۾
سرشتي بندي قائم ٿي ــــــ پاڻيءَ جي نيڪال جون ناليون، صفائيءَ جو بلو، اناج جا
ڀانڊا، کليل ۽ ويڪريون گھٽيون، چؤديواريون، تلاءَ، پيڄارو (آبپاشي) سرشتو، پوکيءَ
۾ واڌارو، ڪڻڪ، جوَن، مٽرن ۽ ڪپهه جي پوک ۾ واڌ وغيره.
هن سڌريل سنڌو سڀيتا جو زوال 1800 ق م کان 1650 ق م جي وچ
ڌاري ٿيو. ان جو سبب آريا ڪو نه هئا (جيئن اڳ ٻڌايو ويندو هو)، پر 2000 ق م کان
پوءِ اوڀر پنجاب ۽ بهاولپور جي سرسوتي نديءَ ۾ پاڻي لهي ويو ۽ سنڌوءَ وهڪرو بدلايو
جنهنڪري پيڄاري سرشتو تباهه ٿي ويو. ٿر، بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ مينهن ڇڊا پوڻ لڳا. قدرتي
ماحول جي ڦيرڦار سنڌو سڀيتا کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن وقت گجرات ۽ هڙپا ۾ تباهيءَ جا
سبب ڄاتل ناهن.
بهترين تجزيو
ReplyDelete