سج
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو
اسين ڌرتيءَ جي جنهن گولي تي رهون
ٿا، اهو بظاهر ڏاڍو وڏو نظر اچي ٿو،
ڇو ته ان کي اسين عام نظر ايندڙ شين جي ڀيٽ ۾ ڏسون ٿا، پر ان کي جيڪڏهن سج ۽ سج-نظام جي ڀيٽ ۾ ڏسون ته اهو رڳو هڪ ننڍڙي گولي جيڏو مس ۽ وري
سج کي ڄاتل ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسون ته پوءِ سج ڪائنات ۾ ايئن آهي جيئن سمنڊ
ڪناري پکڙيل واريءَ ۾ واريءَ جو ذرڙو.
عام طرح اونهاري ۾ رات جو اسان کي
اُڀ ۾ جيڪو اڇو-پٽو (گَسُ، کير-پٽو، ڪهڪشان، گئليڪسي) نظر ايندو آهي، اهو حقيقت ۾ 1000000
لک (يعني 100,000,000,000) تارن کان به
وڌيڪ تارن جو ميڙو آهي. انهن تارن مان هڪ اسان جو سج آهي. جيئن سج کي پنهنجي
چوڌاري ڦرندڙ گرهن ۽ اُپگرهن جو ميڙ آهي تيئن ان گئس ۾ ڏيکارجندڙ لکين ستارن کي به
پنهنجو پنهنجو مخصوص ميڙو آهي. ڪائنات اڻکٽ (لامحدود) آهي پر ان جي جنهن ٽڪري بابت
اسين ڪجھ سُڌ ٻُـڌ رکون ٿا، ان ۾ اسان جي گس، کير-پٽي (مِلڪِي-وي) جھڙا ننڍا يا وڏا لکين گس آهن.
اسان جي کير-پٽي جي ويڪر جو ڪاٿو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو ته اسان جي سج کي ويجهي ۾ ويجهي
تاري جو مفاصلو 4 روشني سال (روشنيءَ جي هر ڪرڻي جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار
2 سؤ 88 ميل يعني 3 لک ڪلوميٽر آهي. انهيءَ رفتار سان لاڳيتو هڪ سال سفر ڪيو وڃي
ته طي ڪيل پنڌ کي هڪ روشني-سال جو
پنڌ چئبو) آهي ۽ اسان جي گس جي هڪ ڇيڙي تائين جو
مفاصلو 100000 روشني سال آهي.
سج جي مٿاڇري تي ڪارا چٽا آهن جن
کي سج-چُٽا (سج-داغ، سَن-اِسپاٽ) چئجي ٿو. اهي ڪجهه ڏينهن يا هفتن کان وڌيڪ
نه ڏيکاربا آهن. هر يارهين سال سج ۾ سرگرمي وڌي ويندي آهي ۽ سج-چٽا وڌي ويندا آهن.
ايئن 1968-1969ع ۽ 1980ع ۾ ٿي چڪو آهي ۽ آئنده 1991ع ۾ ٿيڻو آهي.
اڻکٽ ڪائنات جي ڄاتل وسيع علائقي
۾ ڪروڙين سج آهن، پر هت جنهن سج جو ذڪر ڪريون پيا، اهو ان سج جو ذڪر آهي جنهن کي
اسين، ڌرتيءَ جا رهاڪو، هر ڏينهن صبح کان سانجهيءَ تائين پاڻ کان مٿانهون، اڀ ۾
چلڪندو، چمڪندو، ڀڙڪندو، ڀنڀٽ ڪندو ۽ ڏينهن جو سوجهرو پکيڙيندو ڏسندا رهندا آهيون.
هيءُ سج هن ڌرتيءَ جو آهي يا اسان جي ڌرتي هن سج جي آهي. انهن لفظن ۾ مقصد جي لحاظ
کان ڏند ڪٿائي ۽ سائنسي معنيٰ لڪل آهي.
اسان وٽ موجود پراڻِي، مُدي خارج
۽ ردِي سوچ موجب، سج اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري پئي ڦرندو رهيو آهي، تنهنڪري ئي اها
غلط ۽ جاهل سوچ ٺهي ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي. پر، سائنس ثبوت ڪيو آهي ته اسان
جي ڌرتي سج جي چوڌاري ڦرندڙ نـوَن سيارنª (گرهن) مان هڪ ۽ ٽيون نمبر گرهه آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سج
صبح جو اڀرِي، ســڄو ڏينهن ڌرتيءَ مٿان تري، شام جو لهي ڪنهن اونداهي سمنڊ ۾ ٽٻي
هڻي، وري صبح جو ساڳي پاسي نه اڀرندو آهي، پر ڌرتي، جيڪا پنهنجي محور (مرڪز )
چوڌاري ڦري ٿي، اها سج جي چوڌاري به ڦرندي رهي ٿي. ڌرتي پنهنجي محور چوڌاري انهيءَ
رفتار سان ڦري ٿي جو چوويهن ڪلاڪن (صحيح انگن اکرن موجب 23 ڪلاڪ ۽ 56 منٽ) ۾ هڪ چڪر
پورو ٿيو وڃي، ۽ انهيءَ ڪري ئي هر چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ منجهند ٿيو پوي.
سج ڌرتيءَ تان اسان کي باهه جي
ٿالهه جيان نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ سج باهه جي گولي، کينهون يا بال (Ball) جيان آهي ۽ ايڏو وڏو جو عام ذهن ان جو ڪاٿو
به نه ٿو ڪري سگهي.
اسين جيڪڏهن هڪ وڏو ڌاڳو (تار)
کڻي سج جي هڪ پاسي کان چُڀائي، ٺيڪ وچ تائين ٽپائي، ٻي پاسي پهچون ته هڪ پاسي کان
ٻي پاسي تائين پهچڻ لاءِ اسان کي 8 لک 65 هزار ميل ڊگهي ڌاڳي (تار) جي گهرج پوندي.
ٻين لفظن ۾ چئبو ته سج جو قطر (ڊاياميٽر) 865000 ميل آهي. جيڪڏهن ڌاڳي (تار) کي
اهڙيءَ طرح هڪ ڀيرو ويڙهيون جيئن جتان ڌاڳو (تار) هلي اتان ٺيڪ وچُ ڏيندو، ڦرندو
اچي اتي ئي پهچي، ته ان ڪم لاءِ اسان کي 27 لک 18 هزار 5 سؤ 71 ميل ڊگھي ڌاڳي
(تار) جي گھرج پوندي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته سج جو گهيرو 2718571 ميل آهي.
سج ننڍو ان ڪري لڳي ٿو اهو اسان
کان گهڻو پري آهي. ڌرتيءَ کان سج تائين پنڌ 9 ڪروڙ 30 لک ميل آهي. ڌرتي ايڏي ته
وشال، ويڪري، وسيع آهي جو اسان مان ڪروڙين ماڻهن اڃا تائين ان کي هر ڦير ڦري گهمي
نه ڏٺو آهي. ڌرتيءَ جيڏا وڏا، جيڪڏهن تيرهن لک گولا گڏ ڪريون تڏهن وڃي سج جي قد بُت
جو گولو ٺهندو يعني سجُ ڌرتيءَ کان تيرهن لک ڀيرا وڏو آهي.
سج ڌرتيءَ کان جيڏو وڏو آهي وزن ۾
وري ايڏو وڌيڪ نه آهي. ڌرتيءَ جي نهراڻ وڌيڪ آهي، ڇو ته ڌرتيءَ تي پاڻي، مٽي، پٿر،
لوهه وغيره به جام آهن، پر سج گهٽ نهرو آهي. اڃا به ائين چئجي ته سج تمام گهڻي داٻ هيٺ ٻرندڙ گئسن جي
بٺي آهي. ڌرتيءَ جو وزن لڳ ڀڳ ٽيٽيهه لک ٽن آهي ۽ سج ان کان قد ۾ تيرهن لک ڀيرا
وڏو هئڻ باوجود وزن ۾ رڳو ٽي لک ڀيرا وڌيڪ آهي يعني سج ڌرتيءَ کان چار ڀيرا ڇڊو،
گهٽ گهاٽو آهي. سج جو وزن لڳ ڀڳ هڪ هزار بلين ٽن آهي، جڏهن ته بلين برابر آهي ڏهه
لک جي. سج جو مايو (ماس) ڌرتيءَ جي مايي کان 3 لک 30 هزار ڀيرا وڌيڪ آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوسو
علائقو جيڪب آباد آهي جنهن ۾ وڌ ۾وڌ گرميءَ جو درجو 47 ڊگريون سينٽي گريڊ لکيو ويو
آهي. پاڻي هڪ سؤ ڊگري سينٽي گريڊ تي اٻرندو آهي. اٻرندڙ پاڻيءَ جي ڪوساڻ کان ڇهه
هزار ڀيرا وڌيڪ ڪوساڻ ته رڳو سج جي مٿاڇري تي هوندي آهي، جڏهن ته سج جي مرڪز ۾ گرميءَ
جو درجو لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ڊگريون سينٽي گريڊ آهي.
جنهن سج جي گرمي اسان کي سياري ۾
وڻي ٿي ۽ اونهاري ۾ اسان جا پگهر ڪڍيو رکي، پر فصلن کي بچائي ٿي، اها سج جي خارج
ڪيل گرميءَ کان ايترو گهٽ ڪوسي آهي جو ڳاڻيٽي ۾ ئي نه آهي. جڏهن هيروشيما ۽
ناگاساڪي (جپان جا ٻه شهر) مٿان آمريڪي جنگبازن ايٽم بم ڪيرايا، ته ان وقت انهن
مان هر هڪ بم ڦاٽڻ وقت ان علائقي ۾ گرميءَ جو درجو ٻه هزار کان ٽي هزار ڊگريون
سينٽي گريڊ تائين پهتو هو جنهن ويجهن ساهوارن (وڻن، جانورن) توڙي بي ساهه شين
(پٿرن، جاين) کي رجائي ڀسم (ٻاڦ) ڪري، سندن وجود ئي گم ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ وڏو ڀنڀٽ
ڀڙڪو کائي مٿي اٿيو هو، جنهن ٽي سؤ ميلن تائين هر شيءِ کي ڄرڪائي ڇڏيو هو. اهڙا
ڪروڙين بم به سج جي گرميءَ آڏو ائين آهن جيئن باهه جي بٺيءَ اڳيان ميڻ بتي. سج جي
مٿاڇري تي جيڪي باهه جا اُلا نظر اچن ٿا، انهن مان ڪن جو قد 3 لک ميلن کان به وڏو
آهي. سج ۾ اها ايڏي وڏي گرمي ايڏي ڊگهي عرصي (يعني 4 ارب سالن کان برقرار آهي ۽
اڃا به اربين سال هلندي رهندي) کان ڪيئن موجود رهندي پئي اچي؟
اسان وٽ، ڌرتيءَ تي اڄڪلهه ڪيترن ئي قسمن جي موتمار ۽ ڌرتي تباهه
ڪندڙ بمن جو ذڪر موجود آهي، جن ۾ هئڊروجن بم، ايٽم بم وغيره شامل آهن. اهڙن هٿيارن
کي عام طرح نِيوڪليائي هٿيار چيو وڃي ٿو ڇو ته اهي نيوڪليئر (ايٽمي) شڪتي جي اصولن
پٽاندر ٺاهيا وڃن ٿا. سج اهڙن سڀني قسمن جي وڏن ۽ گهڻن بمن جو مجموعو آهي. سج جي
گهرائيءَ ۾ هر گهڙيءَ ايٽمي (نيوڪليائي) عمل ٿيندا رهن ٿا. سج ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدار
هئڊروجن ۽ هيليم گئسن جو آهي ۽ اهي گئسون نيوڪليائي عمل وسيلي هڪ ٻي ۾ تبديل
ٿينديون رهن ٿيون. ان نيوڪليائي عمل هلندي جيڪا گرمي نڪري ٿي اها ئي سج کي ايڏو
چمڪندڙ ۽ ڀڙڪندڙ بڻائي ٿي. ڪاٿو اهي ته سج ۾، هر سيڪنڊ ۾، لڳ ڀڳ 56 ڪروڙ ٽن
هئڊروجن گئس نيوڪليائي ڀڃ ڊاهه هيٺ اچي ٿي. اها ڀڃ ڊاهه سج جي مرڪز ۾ ٿيندي آهي. ۽
اتي ئي سڀ کان وڌيڪ گرمي-درجو هوندو آهي. ان گرميءَ جي ڪروڙين پتي به مس مس اچيو
ڌرتي تي پهچي، پر اها ئي گرمي ڌرتيءَ تي موجود ساهوارن جي بقا جو هڪ بنيادي ۽
دائمي سبب آهي. جيئن ڌرتي پنهنجي محور (مرڪز) چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي
تيئن سج به پنهنجي محور (مرڪز) چوڌاري ۽ کير-پٽي (ڪهڪشان، گس) ۾ هڪ مخصوص گولائيءَ
۾ ڦرندو رهي ٿو. ڌرتي پنهنجي محور چوڌاري هڪ چڪر 24 ڪلاڪن ۾ ۽ سجَ چوڌاري هڪ چڪر
365 ڏينهنِ ۽ 6 ڪلاڪن (هڪ سال) ۾ پورو ڪري ٿي. جڏهن ته سج پنهنجي محور چوڌاري هڪ
چڪر 28 ڏينهنِ (672 ڪلاڪن) ۾ پورو ڪري ٿو ۽ پنهنجي گس تي ٻارهن ميل في منٽ جي
رفتار سان ڪنهن ٻي وڏي نظام چوڦير ڦري رهيو آهي، جيڪو چڪر پورو ڪرڻ لاءِ کيس
پنجويهه ڪروڙ سال لڳيو وڃن.
سج ۽ ان جي نون گرهن (سج-نظام) کي
جيڪڏهن ڏاڍو پري کان ويهي جاچيون، ته ان جو نظارو ڏسڻ وٽان ۽ نيڻ ٺار هوندو.
ائين لڳندو ڄڻڪه هڪ وڏي ميڻ بتيءَ
چوڌاري نوَ پوپٽ يا هڪ وڏي روشن بال چوڌاري نوَ ننڍڙا وڏڙا رنگين بال پنهنجيءَ
پنهنجيءَ مخصوص گولائيءَ ۾، هڪ ٻي کان وٿيرڪا، پنهنجيءَ پنهنجيءَ مخصوص تيزيءَ سان
ڦري رهيا هجن ۽ ساڳي وقت انهن مان هر هڪ پنهنجي محور چوڌاري به مخصوص رفتار سان
ڦري رهيو هجي.
جيڪڏهن اسين سج جي مٿاڇري کان، ان
جي چوڌاري ڦرندڙ سيارن (گرهن) ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪريون، ته 3 ڪروڙ 59 لک 80 هزار ميل
پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اسين عطارد (مرڪيوري)، 6 ڪروڙ 72 لک 40 هزار ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ
زهره (وينس)، نو ڪروڙ اڻٽيهه لک 60 هزار ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ (ارٿ)، 14
ڪروڙ 16 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مريخ (مارس)، 48 ڪروڙ 38 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ
مشتريءَ (جوپيٽر)، 89 ڪروڙ 7 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ زُحل (سيٽرن)، هڪ ارب 78
ڪروڙ 70 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ يُورينس، 2 ارب 79 ڪروڙ 80 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ
نيپچون ۽ 3 ارب 67 ڪروڙ ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پلوٽو تي وڃي پهچنداسون.¨
انهيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ رنگارنگي
ڪجھ گرهن جا اپگرهه (چنڊ) ڀريو ڇڏين. عطارد ۽ زهره کي ڪو به چنڊ (اپگرهه) ڪونهي،
پر ڌرتيءَ کي هڪ چنڊ آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو ۽ رات جو چانڊوڪي پکيڙيندو
نظر اچي ٿو. مريخ کي ٻه چنڊ، پر مشتريءَ، زحل، يورينس ۽ نيپچون کي اڃا وڌيڪ چنڊ
آهن ۽ آخر ۾ پلوٽو کي وري هڪ چنڊ· آهي. انهن نوَن گرهن ۾ هڪ گرهه زُحل ته سڀ کان وڌيڪ سونهن ۾ سرس
ان ڪري آهي جو ان جي چوڌاري رنگين پَـٽن جا ڇلا ويڙهيل آهن. هونئن به هر گرهه کي
پنهنجي سونهن آهي. زهره ڄڻڪه چانديءَ جو چمڪندڙ گولو آهي، ته ڌرتي وري نيراڻ
پکيڙيندڙ نيڻ-ٺار ٿـڌِي، مريخ ڳاڙهو ته نيپچون نيرو وغيره.
عطارد کان پلوٽو تائين، انهيءَ وچ
۾ سوين ننڍڙا وڏا پڇڙ تارا، هزارين ننڍا وڏا ڪِرندڙ ”تارا“ (شهاب ثاقب) ۽ ٻيا جسم
آهن، جن مان ڪڏهن ڪي لاٽون ڪندا، ”اماڙي“ جيان ڀڙڪي ڀسم ٿي وڃن ٿا، ته ڪي ”تلوار“
جيان ڏهه ڏهه راتيون روشن نظر اچن ٿا.
اي ڪاش! انسان ڪڏهن ڏاڍو پراهون
وڃي پنهنجي روشن سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ گِرهن ۽ انهن جي چوڌاري ڦرندڙ اپگرهن
وغيره جو نظارو ڏسي سگهي، بلڪل ايئن جيئن سج-نظام جي ماڊل (نقل) کي ڏسي سگهي ٿو.
حقيقي سج-نظام جو دلڪش نظارو سندس
روح کي راحت ڏيندو ۽ ريجهائي دائمي فرحتون بخشي ويندو.
(سلسليوار ’سائنسي سوچ‘ پبليڪيشن قنبر، سيپٽمبر 1990ع ۾ ڇپيل)
ª سيارن جي نئين وصف موجب، هاڻي اٺ سيارا آهن، آخري
سياري ’پلوٽو‘ کي سيارن جي قطار مان خارج ڪيو ويو آهي. -مرتب
¨ سج چوڌاري چڪر دوران عام طرح
پلوٽو سڀ کان پراهون ۽ ٻاهريون گرهه آهي، پر 1979ع کان 1999ع تائين (ويهه سال)
نيپچون ٻاهريون ۽ پراهون گرهه آهي، ڇو ته پلوٽو جو گردشي مدار ڪجھ اهڙي قسم جو آهي
جو هر ڇهين چڪر کان پوءِ سج کي نيپچون کان ويجهو ٿي ويندو.
· موجوده وقت،
مشتريءَ جا ڄاتل چنڊَ 50، زحل جا ڄاتل چنڊَ 53، يورينس جا ڄاتل چنڊَ 27، نيپچون جا
ڄاتل چنڊَ 13 ۽ پلوٽو جا ڄاتل چنڊ 5 آهن. -مرتب
No comments:
Post a Comment