سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
اچو ته انهيءَ ڌنڌلي خاڪي تي هڪ
نظر وجھون جنهن کي ماڻهو ڦولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ڪائنات جو جيڪو حصو اسين ڄاڻون ٿا،
اهو لڳ ڀڳ 1010 روشني سال يا 2028 س م آهي. ماڻهو ڪائنات کان 1026 ڀيرا ننڍو آهي. ڌرتيءَ جي گولي جي وسعت به هن
عجب ۾ وجھندڙ ڪشادگيءَ جو اندازو ڪرڻ ۾ پتڪڙي آهي، پر ماڻهو رڳو ان ڪري عظيم آهي
جو هو انهيءَ کي ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٻِي لا انتها ڏانهن ويندڙ رستو ڏِسو، جيڪو
شروعاتي ذرڙن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. ننڍي کان ننڍو ڄاتل مفاصلو 10-14 س م آهي. ان جو وڏي مفاصلي کان فرق 1042 ٿيو. اڄوڪي ڄاڻ جون اهي حدون، رستي جا ماپيل ٽڪرا 1042 ، ايڏو وڏو نمبر آهي، جو ان جي قوت جو تصور ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو
آهي.
مثال
طور، سمجهو ته ماڻهن جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جيترو 1042. اهي ماڻهو جيڪڏهن ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهن ته ڌرتيءَ تي بيهڻ لاءِ 1015 ماڻهو گھربا. ڄاتل ڪائنات ۾ لڳ ڀڳ 1023 تارا آهن. اهو سمجھندي ته هر هڪ تاري سان 10
گِرهه لاڳاپيل آهن، ته گرهن جو تعداد ٿيندو 1024. چڱو، هاڻي جيڪڏهن انهن سڀني تي به ماڻهو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن ته وڌ ۾ وڌ 1039 ماڻهو بيهاري سگھنداسون جيڪو 1042 کان گھڻو ننڍو آهي.
وقت جو خيال ڪيو. ماڻهوءَ جي
اندازاً عمر 70 سال آهي. تهذيب ڪيترائي هزار سال پراڻي آهي.
ننڍي کان
ننڍو ڄاتل مفاصلو 10-14 س م آهي. اهو مفاصلو روشني 10-24 سيڪنڊن ۾ ڪري ٿي ۽ اهو ننڍي ۾ ننڍو وقت آهي ۽ ايترو ننڍو آهي جو اسان جا هن
وقت تائين ٺاهيل اوزار ڏيکاري نه ٿا سگھن. وڏي ۾ وڏو وقت، جيڪو ڄاڻون ٿا، اهو آهي
”ڪائنات جي عمر“، جنهن مان مراد اها آهي ته جڏهن کان ڪائنات پاڻ کي ڪشادو پئي ڪري.
ان جي باري ۾ اندازو آهي ته 100000 لک سالن کان 300000 لک سال ٿيندو يعني لڳ ڀڳ 1018 سيڪنڊ. انهن انگن جو جوڙ به اتفاق سان 1042 ٿئي ٿو. ماڻهو لڳ ڀڳ 108
سيڪنڊ رهيو آهي ۽ ان کي ايڏي وڏي مفاصلي سان منهن ڏيڻو پيو
آهي. وقت ۽ مفاصلي ۾ اهڙي هڪجھڙائي ڪا يقيني ناهي، ڇو ته انتهائي پراهان ڪائناتي
جسم لڳ ڀڳ روشنيءَ جي رفتار سان ڊوڙن پيا. اها رفتار ذرڙن جي دنيا ۾ پڻ موجود آهي.
اهڙي رفتار جي ڄاڻ عام ماڻهو نه ٿو رکي سگھي. اها رڳو انساني ذهانت آهي جيڪا ان کي
وڃي پهتي آهي.
خلا ۽ وقت جا اهي رُخ آهن. باقي
بچي ٿو مادو، اهو وقت سان تبديل ٿئي ٿو ۽ خلا ۾ چرپر ڪري ٿو. مادي جا ڪيترائي روپ
آهن ۽ انهن جا لقاءَ لامحدود آهن، پر سڄي مادي جي هڪ پيشڪش مايو (ماس، mass) آهي.
اچو ته سڄيءَ ڄاتل ڪائنات جي مايي
جو اندازو ڪيون. ان ۾ 1023 تارا
آهن. هڪ تاري جو مايو· لڳ ڀڳ 1035 گرام
آهي. مطلب ٿيو ته ڪائنات جو مايو لڳ ڀڳ 1058 گرام آهي. هر گرام ۾ لڳ ڀڳ 1024 پروٽان آهن. ٿلهي ليکي ڄاتل ڪائنات ۾ 1082 پروٽان ٿيندا. هڪ ماڻهوءَ جو ٿلهي ليکي مايو 105
گرام آهي ۽ ان جا پروٽان ٿيا 1029. پر، هن جو ذهن، بهرحال، 1082 نمبر جو گھيرو ڪري سگھڻ ۽ ڪائنات جو ”مايو“ ڪري سگھڻ لائق آهي.
جڏهن
اسان ڪائنات جي حدن جو ذڪر ڪيون ٿا، تڏهن حقيقي مراد ٿيندي اسان جي ڄاڻ جون حدون.
پوئتي نظر
قدماء جا فلسفياڻه نظريا ڪهڙا
هئا؟
اسڪندريا جي لائبريريُن ۾ هزارين
ڪتاب باهه کائي وئي. پرگامن جي لائبريريءَ ۾ 200000 جلد ساڳيءَ باهه جو بَک ٿيا.
وري، يروشلم جي قبي جي لائبريريءَ سان به ايئن ٿيو. آخر ۾، يونان ۾ پسسٽراٿس جي
ميمڦس ۾ ٿاهه قبي جي لائبريري.
اسان وٽ ٽٽل ڦٽل وساريل ڄاڻ جا
ٽڪرا ئي مس پهتا آهن. ميڪسيڪو تي ڪاهه ۾ بشپ لانڊا؛ مايا تهذيب جا سمورا دفتر
ساڙائي خاڪ ڪيا. اسان جو ماضي بعيد ڄڻڪ هڪ اڇو چٺو آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي بي ترتيب
ليڪا پيل آهن. خشڪ بجلي سيلَ، حقيقت آهي ته، حضرت عيسى کان سوين سال اڳ ٺاهيا ويا
۽ نِڪل جا سڪا 235 ق م کڙڪندا هئا. قديم بغداد جي سيسپُولس (cesspools) ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل سيلَ ڌاتو ۽ رَيزن سان ٺهيل آهن ۽ هڪ انجنيئر
اتفاقن ڳولي لڌا، ۽ ميوزم ۾ رکيا آهن. وچ آمريڪا جي وڏي علائقي ۾ پکڙيل ميموٿ (mammoth)، پٿريلا گول، صاف لوهه (فولاد) جو ٿنڀو
انڊيا ۾ ۽ قديم انڊيا جي يادگارن جي باري ۾ چوڻ آهي ته هئڊروجن ايٽم جي باري ۾ ڄاڻ
ڏنل هئي.
قديم يادگارن ۾ اهو ڏکيو ڪم آهي
ته سائنسي خيالن ۽ ڪاري جادو، فلسفي ۽ شاعريءَ، فلڪي علم (cosmology) ۽ ديو مالائي (ڏندڪٿائي، mythology) جي وچ ۾ فرق ڪري سگھجي. پراڻيون بابلي تختيون (epos)، The Ancient book of Zohar، هندستاني رامائڻ ۽ مهاڀارت وغيره ڪو ٺوس قاعدو ڪو نه ٿيون ڏين،
پر اها ڏندڪٿائي ڄاڻ ٿيون ڏين جنهن ۾ سائنسي ۽ فني خيال ڌار ڪري سگھڻ جوڳا نه آهن.
پراڻن ڪتابن ۾ ٽن ترندڙ وهيل مڇين جي پُٺن تي ۽ وڏي ڪڇونءَ جي پُٺيءَ تي بيٺل ٽن
هاٿين جي پٺن تي بيٺل ڌرتي ڏيکاريل آهي. انهيءَ مان سندن حقيقي خيالن جو اندازو
ڪري سگھڻ ڏکيو آهي، ڇو ته سڀ ڪجھ علامتي انداز ۾ آهي. اهو به غلط ٿيندو ته
ڏندڪٿائن کي سندن فلسفو سڏجي، پر ديو مالا کي ڪو پيش ڪيل حقيقت (فلسفي) کان ڌار به
نه ٿو ڪري سگھي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته راما ۽ ڪرشنا، مدروڪ ۽ اوزيرس، سيٽرن
۽ ڪرونوسس ۾ خلا، وقت ۽ شروعاتي عنصرن جي علامتي پيشڪش موجود آهي، جن جي باري ۾
خيال هو ته حقيقي شين جو جوهر آهن. انهن سائنس، فلسفو وغيره اسان واري مفهوم ۾ ڪو
نه پئي ڄاتو، پر اها به حقيقت آهي ته هنن بياني سائنس جو ٻج پوکيو.
پراڻن تي بحث کان وڌيڪ سٺو آهي ته
ديو مالا کان ٽپي انهن ڏي هلون جن ڪائنات جي شروعاتي جوهر سان واسطيدار خيال ڏنا
آهن.
ماڻهن جي
ڄاڻ طرف واڌ ڏاڍين ڏکيائين ۽ رڪاوٽن سان ڀريل آهي. نه ڄاڻ هنن کي ڪيتريون
هٿوراڙيون هڻڻيون پيون، ڪيترو ڀٽڪڻو پيو. نفرت، ڌڪار، بندشون وغيره اڃا ڌار هيون.
ڪائنات جوڙيندڙ ابتدائي مادي جي
ڄاڻ قديم مشرق ۾ ملي ٿي. قديم هندستاني ويشيسڪا اسڪول موجب، هر شيءِ ننڍڙن مادي
ذرڙن جي ٺهيل آهي. چين ۾، مصر جيان، ڪاري جادوءَ کان وهم تائين دنيا متعلق ٺوس
مذهبي تصورن جو گھيرو موجود آهي. قديم چيني تعليمن ۾ ٻن اصولن، يانگ ۽ يِن جي پاڻ
۾ عمل تي ٻڌل آهي ـــــ دنيا انهن تضادن جي ٻڌيءَ تي منحصر آهي. يانگ مذڪر طرف
اشارو ڪري ٿو ۽ يِن مؤنث اصول طرف. يانگ جو واسطو آسمان، سج، سموري فعال سرگرميءَ
۽ مثبت خاصيتن سان هو ۽ يِن جو ڌرتيءَ، اوندهه، سمورين مفعول سرگرمين ۽ منفي
خاصيتن سان هو.
ڪجھ ٻئي قسم جي تهذيب جو واسطو
آمريڪي کنڊ سان آهي. مايا تهذيب جي فلڪي ڄاڻ، جنهن جو ڪو مد مقابل ڪونهي. هنن
پنهنجو پاڻ کي وقت سان ايترو ته ڳانڍاپيل رکيو جو هو پنهنجو سڀ ڪجھ ڪئلينڊر موجب
ڪندا هئا. ٻاون جي خاص خصوصيت ستارن جو علم ۽ انهن جي چرپر جو جائزو وٺندو رهڻ هو.
هنن جي تاريخ، مذهب ۽ فلسفو به ڪئلينڊر سان ڳنڍيل هو. هنن چنڊ جي مهيني ۽ گرم ۽
سرد (synodic) سالن جو ڪاٿو ڪيو.
اڳوڻي فلسفي ۾ جدلياتي ماديت جا
عنصر موجود آهن، پر اهو صفا سادو نه هو. اڳتي هلي يوناني فلسفين ان ۾ گھڻا ئي قابل
قدر واڌارا ڪيا. هنن مختلف لقائن تي قدرتي قانونن جي حڪمرانيءَ جو جائزو ورتو ۽
سائنس تڏهن ئي جنم ورتو جڏهن ماڻهوءَ قدرت جو، قدرتي اصولن موجب، جائزو وٺي پنهنجي
تجربن جي روشنيءَ ۾ ڇنڊيو ڇاڻيو.
ٿيلس (Thales, 640-550 BC) مِليٽس (Miletus) جو رهاڪو هو. هن کي قديم يونان جي ستن ”ڏاهن“ ۾ شمار ڪيو ويندو
آهي. آخري عمر ۾ هو مصر ويو ۽ اتي جي ٻاون، پادرين کان قدرت جا راز سکڻ جو ڪوشش
ڪيائين. هو ڪڏهن به سک سان نه سمهيو ۽ لاڳيتو ڳولا ڪندو رهيو. دنيا جي تبديليءَ ۽
مختلف روپن هن کي بنيادي اصولن ڳولڻ تي آماده ڪيو. تاريخ ۾ سندس هڪ فقرو محفوظ
رهجي ويو آهي ته ”پاڻي شين جي اصول يا عنصر آهي. سمورين شين پاڻيءَ مان جنم ورتو
آهي ۽ پاڻيءَ طرف ئي موٽنديون.“
ٿيلس کي ئي اهو اعزاز ڏنو ويندو
آهي ته هن کي چقمق جي پراسرار قوت ۽ بجليءَ ڀري امبر (amber) جي هلڪي شين کي ڪشش جي چڱيءَ پَرِ ڄاڻ هئي. هن جي باري ۾ چيو
ويندو آهي ته هنَ چنڊ جي قد بت، ڌرتيءَ جي گول هئڻ، ecliptic جي کوجنا ۽ آسمان جي پنجن گولن (orbs) ۾ ورهايل هئڻ جا تصور به ڏنا.
نه رڳو ٿيلس جا قول ۽ ڪم موجود نه
آهن، پر اهو به آهي ته هن کي ڪي سيکاريندڙ به هوندا، پر مواد موجود ڪونهي.
ٿيلس کان پوءِ آيونين اسڪول جي
اڳواڻي انيگزاماندر (Anaximander, 610-547 BC) ڪئي. هو پڻ مليٽس جو رهاڪو هو. هن جي تعليم وڌيڪ ڳتيل ۽ ڀريل
آهي.
انيگزاماندر جو خيال هو ته هر
شيءِ جو بڻ بنياد اڻ ڄاتل ۽ دائمي، ابتدائي مايو (ماس) هو، جنهن مان ابتدائي
ابتڙون گرمي ۽ سردي، خشڪي ۽ آلاڻ ڌار ٿيون. ابتدائي مادي جو خيال عجب ۾
وجھندڙ آهي. اهڙي زماني ۾ سڀني شين جي بنياد طور گھڻ طرفي اصول جي سوچ لاءِ ڪهڙي
سائنسي توجيهه! انيگزاماندر جي تشريح ڪو ”پاڳل پڻو“ نه هو، پر ان زماني ۾ گرم ۽
سرد، ٻه قطعي ابتڙون تصور ڪيون وينديون هيون.
ٿيلس جو ٻيو پوئلڳ اناگزيمينيز
(Anaximenes) چالُو اصطلاح استعمال ڪندي، مادي
جي بناوت جو نظريو قوت واري اصول جي صورت ۾ ڏنو. سندس خيال هو ته هوا
ابتدائي مادو (substance) آهي. جيڪو ڪجھ وجود رکي ٿو ان جو
وسيلو هوا ئي آهي. جڏهن هوا ڳتجي ٿي ته پاڻي ٺهي ٿو ۽ پاڻي ڳتجِي مٽي ٿئي ٿو. جڏهن
اها پکڙجي ٿي ته باهه بڻجي وڃي ٿي. سموريون زنده شيون هوا جي تخليق آهن ۽ فنا ٿي
هوا بڻجي وڃن ٿيون.
اڳوڻن جي تعليم ڏاڍي عام (ڪشادي)
هوندي هئي ۽ گھڻن معاملن تي ٺهڪندي هئي. اناگزيمينيز جي تصور ۾ هروڀرو اهو ڪونهي
ته ڪو هن گئس جي پاڻياٺ ٿيڻ جو اصول ڳولي ورتو هو.
آيونين اسڪول جي تعليمن جو بنياد
اڪيلي ابتدائي مادي جي تصور تي بيٺل آهي جنهن مان سڄي نظر ايندڙ دنيا پيدا ٿي.
پٿاگورس (Pythagoras, 582-500 BC) ساموز (Samos) جو رهاڪو هو. هن جي باري ۾ خيال آهي ته هو ٿيلس يا اناگزيميندر
جو پوئلڳ هو. ڪجھ به هجي، پر هو انهن ٻنهي کان واقف هو. هو مصر ۾ اچي رهيو ۽ چيو
وڃي ٿو ته بابل ۾ به آيو. مصرِي ۽ ڪاليدين (اڪاليدين) ٻاون سان ڊگهي عرصي تائين گڏ
رهڻ کان پوءِ پنهنجي وطن موٽيو ۽ ڪروٽون (Croton) ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي هن هڪ تعليمي ادارو (اسڪول) قائم ڪيو
۽ هڪ ڳجِهي (لڪل) فلسفياڻي-سياسي
برادريءَ يا تنظيم جو بنياد رکيائين. جنهن کي به ان برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش
هوندي هئي، ان کي ڪَڙن امتحانن مان گذرڻو پوندو هو. درخواست ڏيندڙ کي پنهنجي لياقت
ثابت ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي، يگانو ٿي، پنج سال خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي هئي. ان
ڪري نوجوانن لاءِ هن تنظيم ۾ ڪشش گھٽ هئي. جلد ئي پٿاگورس جي تنظيم جو اثر ڪروٽون
۽ ٻين علائقن تي پئجي ويو ۽ اهو به غير فطري ناهي ته ان جي ڪري بيچيني ۽ دشمني وڌِي.
ادارو تباهه ڪيو ويو ۽ پٿاگورس کي قتل ڪيو ويو.
پٿاگورس جي باري ۾ مهيا ڄاڻ مان
اها خبر پوي ٿي ته هن جو خاص خيال ابتدائي مادي تي نه، پر عدد ۽ ماپ تي هو.
ارسطوءَ جي خيال موجب پٿاگورس بنيادي عنصرن بدران عددن ۾ شين جو اصل ڳوليندو هو.
هن ابتڙن (سٺو ۽ خراب، محدود ۽ لامحدود وغيره) جو تصور پڻ عددن جي بنياد تي ئي
ڏنو.
پٿاگورس جي هڪ شاگرد ڦلولاس
(Philolaus, 470-399 BC) جا ڪجھ ٽـڙيل
پکڙيل بيان مليا آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته اهي پٿاگورسي ئي هئا جن ڌرتيءَ جي گول
هجڻ جو نظريو پهريائين ڏنو. ڌرتيءَ کي هو مڪمل صورت سمجھندا هئا. هو باهه کي
سڀ کان وڌيڪ صاف مادو (substance) سمجھندا هئا
جنهن کان مناسب مفاصلن تي ضد-زمين،
چنڊ، سج، عطارد، زهره، مشتري، زحل ۽ ڄميل ستارا گھمندا هئا. ضد-زمين ۽ مرڪزي باهه اسين ڏسي نه ٿا سگھون، پر سج ۽ چنڊ اها
باهه موٽائن ٿا. هنن ضد-زمين جو
تصور ان ڪري ٺاهيو ته جيئن عدد ۽ ٻڙي وڌائي ڏهه عدد ٺاهي سگھن.
قديم يوناني فلسفي جو ٽيون اسڪول
ايليئيٽڪ (Eleatic) واڌاري جي تعليم تي، آيونين
اسڪول جو مخالف هو. اهو قدرت کي هڪ عالمي، اڻـٽُٽ ايڪائيءَ جي حيثيت ۾ ڏسندو هو ۽
تخليق ۽ اختلاف کي حواسن جو وهم قرار ڏيندو هو. اهو دلچسپ ٿيندو ته اڳتي هلي سڏيل
نوجوان قدرتي فلسفين تي ايليئيٽڪ اسڪول جو اثر ڏسجي، جن آيونين جي ايڪائي (in mutability) ۽ ايليئيٽڪ اسڪول جي ابتـڙ
دنيائي عنصرن جي گھڻ پاسائين فطرت کي قبول ڪيو. هيءَ سائنس ۾ هڪ نئين جدلي
واڌ هئي جنهن ٻنهي جي سٺائي پاڻ وٽ رکي بيڪار کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
انيگزاگورس (Anaxagorus,
500-428 BC) عام طرح نوجوان قدرتي فلسفين ۾ پهريون ڳڻيو
ويندو آهي. ڄاڻ جي اڃ هن کي اباڻي علائقي لِڊيا کان اٿينس گهِلي آئي. ڪيترن سالن کان
پوءِ هو مناسب دليلن سان چئي سگھيو ته ”فلسفي مون کي مادِي منزل (destitution) تي پهچايو، نه ڪي روحاني محبت.“·
هن جي شاگردن ۾ قديم يونان جا ڪيترائي
معزز (celebrated) ماڻهو ڏسي سگھون ٿا. مثال طور
پيريڪلس (Pericles)، يوريڊيس (Euripides) ۽ سقراط (Socrates). ان ۾ ڪو به
شڪ ناهي ته اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي همعصرن ۾ رڳو پيار ۽ همت ئي ڪو نه ڀري هوندي پر
پنهنجا دشمن به پيدا ڪيا هوندا. انيگزاگورس اٿينز جي چوڪ تي بيهي چيو ته سج باهه
جو گولو آهي، ديوتا ناهي. هن تي الزام هنيو ويو ته هو خدا کي ڪو نه ٿو مڃي ۽ کيس
موت جي سزا ٻڌائي وئي. پيريڪلس جي مداخلت ئي هن جي حياتي بچائي سگھي. هو سڀ ڪجھ
وساري سوچ ويچار ۾ غرق ٿي ويو: ”اهو مان نه آهيان جنهن اٿيني وڃايا، پر اهي اٿيني
آهن جن مون کي وڃايو.“
هن جي مجسمي هيٺان فخر جوڳو بيان
ثبت ٿيل آهي: ”هتي انيگزاگورس دفن آهي جنهن سچ جون ڏوراهون حدون ڳولي لڌيون ۽
ڪائنات جي اڏاوت جو ڍانچو ڳولي لڌو.“
ڪيترائي نسل اهڙي دعوى ڪندي گذري
ويا آهن پر انيگزاگورس جي اهميت ۽ اڳواڻي مٽائي نه سگھيا آهن.
”قدرت جي باري ۾“ انيگزاگورس جي
ڪيترين ئي لکڻين مان هڪ اهم لکڻي آهي. سندس خيال آهي ته شين جي ظاهري تبديلين ڪري
شيءِ جي مادي (substance) تي ڪو به اثر نه ٿو پوي، پر اهي
ان ڪري آهن جو مادي جي انتهائي ننڍڙن ذرڙن ۾ گڏجڻ يا ٽـٽڻ جو عمل ٿئي ٿو.
ڪتاب ۾ ايٽم جي شروعات
ڊيموڪريٽس جي نظرئي سان ٿيندي آهي، پر حقيقت ۾ هن جو نظريو انيگزاگورس جي تشريح
کان سواءِ ڪجھ نه آهي. اڃا وڌيڪ اهو ته مادي جي تبديل ۽ بقا جو قانون به
انيگزاگورس بيان ڪيو آهي. ”يونانين ۾ اهو غلط تصور ويٺل آهي ته شيون وجود ۾ اچن
ٿيون ۽ وڃن ٿيون، پر ڪا شيءِ ظاهر ڪو نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي وري گم ٿئي ٿي ۽ تبديلي
دائمي طرح وجود رکندڙ شين جي گڏجڻ ۽ ٽـٽڻ کان سواءِ ڪجھ نه آهي. اهو چوڻ وڌيڪ صحيح
ٿيندو ته تخليق گڏ ٿيڻ آهي ۽ فنا ٽٽڻ آهي.“
انيگزاگورس جو فلسفو ايترو چِٽو ۽
پيغمبراڻو ڪونهي جيترو اسين اڄ ويهي سمجھون ٿا. اهو ذهن ۽ سبب جي بنياد تي تخليق
ٿيل ذهانت جو شاهڪار آهي. افلاطون (Plato, 429-347 BC) پنهنجي ڪتاب ’ڦيدو‘ (Phaedo) ۾ لکيو آهي ته هڪ ماڻهوءَ انيگزاگورس جو ڪتاب ويٺي پڙهيو جنهن ۾
اهو بيان ڪيائين ته ذهن سمورين شين جو سبب آهي. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ آءٌ
انيگزاگورس جي ذهانت جو معترف ٿيس. هو جيڪڏهن چوي ته ڌرتي گول آهي يا اها دنيا جو
مرڪز آهي، ته ان جي لاءِ هن وٽ سبب به ضرور هوندو. پر جڏهن اڃا اڳتي پڙهيو ويو ته
اها خبر پئي ته انيگزاگورس نه ذهن سان تعلق ڳنڍيو ۽ نه ئي سڀني حقيقتن ۽ بناوتن جو
سبب ٻڌايو، پر ان جي ابتڙ هن هوا، ايٿر، پاڻيءَ ۽ ٻين نامناسب شين کي سڀني شين جو
بنياد پئي ٻڌايو.
عام احساس کي ايليئيٽڪس
اهو چئي غلط پئي سمجھيو ته اهو ٻاهرين دنيا، سچ، سبب وغيره کي صحيح نموني محسوس
ڪري نه ٿو سگھي.
انيگزاگورس جا خيال سندس شاگرد ايمپيڊوڪليس
(Empedocles, 492-432 BC) وڌيڪ چِٽا ۽
مختصر ڪري لکيا آهن. پنهنجي استاد جيان هن به ”فطرت جي باري ۾“ ڪتاب لکيو، جنهن ۾
هو ٻڌائي ٿو ته بيوقوف ماڻهو سمجھن ٿا ته جيڪي شيون وجود ڪو نه ٿيون رکن اهي
هستيءَ ۾ اچي سگھن ٿيون ۽ اهو به ته وجود رکندڙ شيون ڪنهن به نشان ڇڏڻ کان سواءِ ٽـٽي
فنا ٿي سگھن ٿيون. قدرت ۾ ڪا به اهڙي شيءِ وجود ۾ ڪو نه ٿي اچي جيڪا فنا ٿي وڃي،
ڪا به شيءِ مڪمل طرح فنا ڪو نه ٿي ٿئي. ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي ته گڏجڻ ٿئي ۽
انهن جو ڌار ٿيڻ ٿئي. رڳو بيوقوف ئي ان کي ڄم ۽ موت سڏي سگھن ٿا. اهو ايمپيڊوڪليس
ئي آهي جيڪو ٻين عنصرن کي ڇڏي رڳو چئن عنصرن مٽيءَ، باهه، هوا، پاڻي کي اهم سمجھي
ٿو ۽ هن جي خيالن جو محرڪ ٻه جوهر آهن ـــــــ پيار ۽ نفرت. ”هاڻي پيار جي قوت شين
کي گڏائي ٿي ۽ هينئر اڻمِٽ نفرت جي ڪري سڄو ڌار ٿي ويو.“
ڊيموڪريٽس (460-370 or 360 BC) ابديرا جو
رهاڪو هو. هُو ۽ سندس استاد ليوسيپس (Lucippus) گھڻو ڪري گڏ بيان ڪيا ويندا آهن. حقيقت ۾ ليوسيپس ايٽم جي
باري ۾ خيال اڳ پيش ڪيا، 500 ق م ۾. انهن کي ڊيموڪريٽس وڌايو ۽ مڪمل ڪيو. ڊيموڪريٽس
۽ ليوسيپس جِي ڪائنات رد ٿيڻ جوڳن (void) ۽ لامحدود ننڍڙن نه ڏيکارجندڙ جزن ــــــ
ايٽمن ــــــ جي ٺهيل آهي. خاصيت جي لحاظ کان ڊيموڪريٽس ۽ انيگزاگورس جي بيان ڪيل
ايٽم ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، پر فرق آهي ته بناوت (configuration) يا حالت ۾ آهي. جسم ظاهر يا گم ان ڪري ٿين ٿا جو ايٽمن جو ميلاپ
يا ڌار ٿيڻ ٿئي ٿو (انيگزاگورس ۽ ايمپيڊوڪليس کي ياد ڪريو). ڪجھ به نه مان ڪجھ به
نه ئي ٿي سگھي ٿو، ۽ ڪا به شيءِ ڪجھ به نه ۾ بدلائي نه ٿي سگھجي. ايٽمن جي چرپر
ڪنهن ٻاهرين پراسرار قوت جي ڪري ڪانهي پر خود ايٽمن اندر لڪل آهي. ايٽم لاڳيتو
لامحدود خلا ۾ ڪرندا رهن ٿا، وڏا تيزيءَ سان ڪرن ٿا ۽ ننڍا هوري هوري. انهيءَ ڪرڻ
جي عمل دوران اهي هڪ ٻئي سان ٽڪرجن، ملن ۽ ڦرن ٿا، جنهنڪري وڏا جسم وجود ۾ اچن ٿا.
افلاطون جا خيال
ائٽلانٽس جي ڏندڪٿا جيان لاجواب آهن. ڪائنات جي مرڪز ۾ اڻ چُرندڙ ڌرتي رکي آهي
جنهن جي چوڌاري گرهه (سيارا) مخصوص مفاصلن تي ترندا رهن ٿا. هن باهه کي سڀ کان هلڪو
عنصر پئي سمجھيو. ان کان ڳوري هوا، ان کان ڳورو پاڻي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳوري زمين
ــــــ سمورا جسم پاڻ ۾ حاوي عنصر جي حڪم هيٺ آهن.
افلاطون جي شاگرد ايگزوڊس
(Exodus, 408-335 BC) سيارن جي چرپر
۾ بي ترتيبيءَ جي باري ۾ دلچسپ مفروضو ڏنو. آيونين ۽ پٿاگورين هر سياري جي باري ۾
چيو پئي ته اهو کوکلو ۽ ڌرتيءَ چوڌاري، مخصوص رستي تي، هڪجھڙي نموني گولائيءَ ۾
ڦرندڙ آهي. پر سيارا ته ڪڏهن تيز ۽ ڪڏهن ڍلا پيا هلن. ايگزوڊس اهو معاملو کنيو ۽
چيو ته هر گول (جسم) پنهنجي گھيري تي گھمندو رهي ٿو، پر اهو ترڻ ڪجھ بي ترتيب آهي.
ان ڪري هر سياري کي چار گھيرا گھرجن ٿا. سج ۽ چنڊ لاءِ ٽي گھيرا گھرجن ڇو ته انهن
۾ پٺتي (Retrograde) چرپر ڪونهي.
ارسطو (Aristotle, 384-322 BC) ايجين سمنڊ جي اترين شهر
اسٽئجيرا (Stagira) ۾ ڄائو ۽ سندس وفات يوبيا (Euboea) ٻيٽ تي ٿي، ڇو ته هن تي، خدائن جي وجود تي حملن
ڪرڻ جو الزام هنيو ويو هو. ارسطو جي قدرت مادي جي جسمن جي ٺهيل آهي جيڪي لاڳيتو
چرپر ۽ تبديليءَ ۾ آهن. ڊيموڪريٽس مادي کي الڳ الڳ (discrete) پئي سمجھيو، پر ارسطوءَ ان کي لاڳيتي سلسلي جي حالت ۾ بيان ڪيو.
هر جسم ۾
ابتدائي مادي مواد موجود آهي جيڪو چار بنيادي خاصيتون ــــــ آلاڻ، خشڪي، ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ
ــــــ ڏيکاري ٿو. مادي جون قدرت ۾ مختلف صورتون انهن خاصيتن جي گھٽ وڌ انداز ۾
ملڻ ڪري آهن. بنيادي عنصر ـــــ مٽي، پاڻي، باهه ۽ هوا ــــــ ٻن بنيادي خاصيتن جي
ميلاپ ڪري آهن. مثال طور خشڪي ۽ ٿـڌ ملي مٽي ٺاهن ٿيون، ٿـڌ ۽ آلاڻ ملي پاڻي ٺاهن
ٿيون. گرمائش ۽ خشڪي ملي باهه؛ ۽ گرمي ۽ آلاڻ ملي هوا ٺاهن ٿيون.
تاريخ ۾ به ايئن ٿئي ٿو. ڪا به
ابتدائي سماجي اوسر جي سطح جنهن تان مهذب ماڻهو گذريا آهن، انهن سان اها ڳالهه
لاڳو ٿئي ٿي ته انهن پنهنجي سماجي زندگي زمين جي گڏيل ملڪيت سان شروع ڪئي. زرعي
واڌارو، ترقي ٿيندي، اها گڏيل ملڪيت پيداوار تي هڪ زنجير (قيد، پابندي، ڏنڊا ٻيڙي)
بڻجي پوي ٿي. ان ڪري اها تباهه برباد ٿي وڃي ٿي، نفي ٿي وڃي ٿي. انهيءَ ٽوٽ ڦوٽ جي
وچ وارن ننڍن يا وڏن سلسلن کان پوءِ اها گڏيل ملڪيت ذاتي ملڪيت ۾ بدلجي وڃي ٿي.
ذاتي ملڪيت پيداوار ۾ واڌارو آڻي ٿي پر زرعي ترقيءَ جي اوچي ڏاڪي تي اها موٽ ۾ وري
پيداوار لاءِ زنجير بڻجي پوي ٿي. جيئن اڄوڪي زماني ۾ ننڍي يا وڏي زميني ملڪيت جي
حالت آهي. هاڻي وري اها گُهر لازمي طرح پيدا ٿئي ٿي ته ذاتي ملڪيت جي نفي ٿيڻ
گھرجي. ان کي هڪ ڀيرو وري گڏيل ملڪيت ۾ بدلجڻ گھرجي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته
قديمي گڏيل ملڪيت کي بحال ڪجي، پر ان جو مطلب اهو آهي ته ڏاڍي اتم (اعلى) ۽ وڌيڪ
ترقي ڪيل گڏيل ملڪيت قائم ڪجي ۽ اها اهڙي جيڪا پيداوار جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ
بڻجڻ ته پري، پر اڃا به ان جي ابتڙ پيداوار کي سڀني (ڪڙن، ڪوٽن ۽) زنجيرن کان آزاد
ڪري ڇڏي ۽ ان کي ان لائق به بڻائي ته اها جديد ڪيميائي کوجنائن ۽ مشيني ايجادن جو
ڀرپور استعمال ڪري سگھي.
يا اچو ته هڪ ٻيو مثال وٺون. قديم
زماني جو فلسفو ابتدائي (سادو) ۽ قدرتي ماديت پسند فلسفو هو. ان صورت ۾، اهو ان
لائق نه هو ته ذهن ۽ مادي جي وچ ۾ رشتي کي چٽائيءَ سان بيان ڪري سگھي. پر ان سوال
کي چٽائيءَ سان بيان ڪرڻ جي ضرورت روح جي الهامي تعليم تائين وٺي وئي. ان کان پوءِ
اها تعليم روح جي اڻ موت هئڻ جي تصور تائين پهتي ۽ آخرڪار (هلندي هلندي) هڪ خدا جي
مذهبي تصور تائين وڃي پهتي. پراڻي ماديت پسندي نفي ٿي، خيال پرستي بڻجي وئي. جيئن
جيئن فلسفي جي ترقي ٿي تيئن تيئن خيال پرستي پڻ پنهنجا پير ڄمائي سگھڻ لائق نه رهي
۽ ان جي نفي يعني هڪ نفيءَ (خيال پرستي) جي نفي جدلي ماديت پسندي ملي ٿي.
اها جديد ماديت پسندي، نفي جي نفي، اڳوڻي پراڻي فلسفي جو وري قائم ٿيڻ ڪونهي پر
پراڻي ماديت پسنديءَ جي سمورن ڪارائتن خيالن جي دائمي بنيادن ۾ فلسفي ۽ قدرتي
سائنس پاران گذريل ٻن هزار سالن ۾ مهيا ڪيل واڌارا ۽ مواد به کڻي هلڻا آهن ته انهن
ٻن هزار سالن جي تاريخ به.
هاڻي اهو
ڄڻڪ ته فلسفو (علم) رهيو ئي ڪونهي، پر هڪ عالمي نُڪتي نظر بڻجي پيو آهي. ان کي
پنهنجي جائز جاءِ حاصل ڪرڻي آهي ۽ ان کي نه رڳو هڪ ٻئي کان ڌار بيٺل سائنسن جي
سائنس بڻجڻو آهي، پر مثبت سائنسن ۾ به لاڳو ٿيڻو آهي. ان ڪري فلسفو ان تي حاوي به
پوي ٿو ته ان کي محفوظ به ڪري ٿو. جيستائين سندس روپ جو تعلق آهي ته ان تي حاوي
پوي ٿو ۽ جيستائين ان جي مواد جو تعلق آهي ته ان کي محفوظ رکي ٿو.
جيڪڏهن پاڻيءَ جي ٿڌاڻ تي گرمي
ڇانئجي وڃي ٿي ته پاڻي ٻاڦ يا هوا ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. موٽ ۾ وري جيڪڏهن هوا تي ٿـڌِ
دٻاءُ وجھي ٿي ته آلاڻ ٺهي ٿي. پاڻيءَ ۾ خشڪي وڌائڻ سان مٽي ٺهيو پوي. مهوسين
ارسطوءَ کان ئي خيال کڻي، هڪ عنصر کي ٻئي ۾ بدلائي سونَ ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
عنصر فطرت جي لحاظ کان هلڪا يا ڳورا آهن. مٽي دائمي طرح ڳوري آهي ۽ باهه دائمي طرح
هلڪي، ۽ هوا ۽ پاڻي ان جي وچ تي آهن. ان جو مطلب ٿيو ته هر شيءِ ۾ لڪل هلڪاڻ يا
ڳوراڻ شامل آهي ۽ ان ڪري انهن ڳورين (”شين“) جو واسطو ڌرتيءَ ۽ هلڪين جو واسطو
آسمان سان آهي. چرپر هيٺ يا مٿي ٿيندي رهي ٿي، تان جو انهن تي ڪو ٻاهريون زور لاتو
وڃي، رڳو گولائين صحيح چرپر، مڪمل ۽ دائمي آهي. ان جو سبب ايٿر آهي. پنجون خاص عنصر
ايٿر، جنهن مان آسمان آهي، اهو فطري آهي ته ڄميل ستارن جو دائرو سڄو ايٿر جو ٺهيل
آهي. ارسطو چرپر جي تشريح هيٺين طرح ڪري ٿو: ”ممڪن ۾ (امڪان ۾) وجود رکندڙ جو
واڌارو (عمل ۾ آڻڻ، implementation) چرپر آهي.
پنهنجي چرپر جي قوت جي نسبت سان اهو چرپر ڪندڙ جسم جو عمل آهي.“ ارسطوءَ جي خيال
موجب، چرپر جا پنج اصول آهن: چرپر جو سبب، اهو جيڪو چُري پُري ٿو، چرپر جو رخ،
شروعاتي نُڪتو ۽ منزل.
مقدار،
خاصيت ۽ جاءِ ۾ تبديليءَ کان چرپر کي ڌار ڪري نه ٿو سگھجي.
ارسطوءَ تي اچي يوناني قدرتي
فلسفي جو خاتمو به سڏيو ويندو آهي. ارسطوءَ جي ٻين پوئلڳن يوڊيمس (Eudemas) ۽ ٿيوڦراسٽس (Theophrastus) ارسطوءَ جي تعليم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت ۾ ان تي سخت
پابندي مڙهيل هئي.
ارسطوءَ کان پوءِ پيري پيٿسٽڪ
اسڪول جي شروعات ٿي، جن مذهبي نُڪتي نطر کان ڪائنات جي تشريح پئي ڪئي.
ايپيڪيورس (Epicurus, 341-270 BC) ايٽم جي فلسفي
کي اڳتي وڌايو ۽ عملي طرح ڄڻ ته هو ڊيموڪريٽس جو پوئلڳ هو.
يوڪلڊ (Euclid) کان سواءِ جنهن جاميٽريءَ جو روايتي سامان
ٺاهيو، ٻئي ڪنهن به يوناني فزڪسسٽ خلا، وقت ۽ مادي جي تصور ۾ ڪو خاص واڌارو نه
ڪيو.
آرڪمڊيز (Archimedes) کي فزڪس جو ابو سڏيو ويندو آهي. هو ساموز (Samos) جو رهاڪو هو. هن اها تعليم ڏني ته غير
متحرڪ سج چوڌاري ڌرتي ڦري پئي. اهو به لازمي ٿي پيو ته ستارا به ڦرندا هوندا، ان
ڪري آرڪمڊيز چيو ته انهن جو سج کان تمام وڏو مفاصلو آهي. هن چالو ذهن کي ڌڪ هنيو ۽
ان ڪري هو حقيقت ۾ ڪاپرنيڪس (Copernicus) ۽ آئنسٽائين (Einstein) جو اڳواڻ چئبو. اهو هيليوسينٽرڪ نظام
پنهنجا پير پختگيءَ سان ڄمائي نه سگھيو، ڇو ته اهو وقت کان گھڻو اڳ ۾ هو. آرڪمڊيز
سان ان معاملي ۾ ڪو به هم خيال نه ٿيو.
ساڳيو حال ايراٽوسٿينيس (Eratosthenes) سان ٿيو جنهن ڌرتيءَ جو قد بت لڳ ڀڳ صحيح
ٻڌايو ۽ ڪلونيڊيس (Cleonedes) جنهن گرهن جي
گولائيءَ ۾ چڪر هڻڻ جو نظريو ڏنو. ٽيسيبس (Ctesibius) ۽ اسڪندريه جو هيرو به شاعر ٽِيٽس ليوڪريٽيس ڪارس کان ڪجھ
وڌيڪ وڌايو، پر هن شاعر سائنسي موضوعن تي شاعري ڪري ان کي عوام ۾ واقف ڪيو.
ليوڪريٽيس ٻڌايو ته ڪپڙو هميشه آلو ٿي ويندو پر کُلي سج هيٺ ٽنگڻ ڪري سُڪي ويندو،
جيتوڻيڪ ڪنهن به اهو ڪڏهن نه ڏٺو آهي ته ان تي پاڻي ڪيئن ويهجي وڃي ٿو يا اهو
گرميءَ ۾ ڪيئن ٽُـٽي وڃي ٿو. ان ڪري چئي سگھون ٿا ته پاڻي ايترن ته ننڍن ذرڙن ۾
وراهجي وڃي ٿو جو اسان جي اک انهن کي ڏسي نه ٿي سگھي. چقمق جي باري ۾ هن پنهنجا
خيال هن طرح ٻڌايا: هر جسم پنهنجي وجود مان ايٽمن جون لهرون ڪڍي ٿو ۽ ان جي ڪري
اهي هڪ ٻئي تي اثر ڪن ٿا. چقمق رڳو لوهه کي ڇڪي ٿو. ٻين جسمن تي ٻئي نموني اثر ٿئي
ٿو. ڳورا جسم ڇڪجي نه ٿا سگھن ۽ هلڪن جسمن مان ايٽمي لهرون لنگھي وڃن ٿيون.
ٽالمي (Ptolemy, 70-147 AD) تي قديم زمانو قدرتي سائنس جي
تاريخ ۾ خاتمو ڪري ٿو. ٽالمي سڄي قديم فلڪي علم کي تيرهن جلدن ۾ شامل ڪري لکيو، پر
هن اهو ڪيو جو ڌرتيءَ کي ڪائنات جي وچ ۾ ڄمائي بيهاريو.
700ع کان 1150ع تائين جو دور عرب
فزڪس جو دور سڏيو وڃي ٿو. عربن ارسطوءَ جو فلسفو جيئن هو تيئن قبول ڪيو، ويندي
ايترو جو ارسطو ڄڻڪ اڌ-خدا بڻجي
ويو. خلافت جي دور ۾ حسابن جي علم، فلڪي علم ۽ طب وڏي ترقي ڪئي، پر ڪائنات جي بڻ
بنياد تي سوچ جي سلسلي ۾، اهي ارسطو جا ئي پوئلڳ رهيا.
يونانين ڪيمسٽريءَ جي سلسلي ۾
شايد ئي ڪو مطالعو ڪيو هو. جابر، ابو موسى جابر (800ع) ان سلسلي ۾ وڏو ڊگھو
اثر ڇڏيو. پهريون ڪيميائي نظريو جابر ڏنو. هن چيو ته سمورا ڌاتو پاري ۽ گندرف جھڙن
ٻن اصولن (بنيادن) تي ٺهيل آهن. جڏهن هڪ ڌاتو ٻري ٿو تڏهن اهو گندرف وڃائي ٿو.
گندرف ٻرڻ جو بنياد ۽ ٻارڻ جو وسيلو.
ڪيترن ئي پوين (مجوسين) اچي ان کي
ورتو ته جيڪڏهن هر شيءِ ٻن بنيادي اصولن جي ٺهيل آهي ۽ جيڪڏهن سمورا ڌاتو ساڳين
بنيادن مان ٺهيل آهن، ته پوءِ انهن ۾ گھٽ وڌائي ڪرڻ سان هڪ ڌاتوءَ مان ٻيو ڌاتو
ٺاهي سگھجي ٿو. مثال طور شيهي مان سونُ. ان ڪري ئي جابر ڪيمسٽريءَ ۽ ڪيميا جو ابو
سڏيو وڃي ٿو.
ڪيميا وسيلي هڪ ڌاتوءَ مان ٻيو
ڌاتو حاصل ڪرڻ جي عمل ڪري ڪيترن ئي پهلوئن تي تجربا پئي ٿيا ۽ ان ڪري عربَ ڪاري
جادوگر يا نجومي کان وڌيڪ ذهين ڪيميادان هئا، پر جڏهن هنن پارس جي ڳولا شروع ڪئي
تڏهن سائنسدانن مان ڦري ڌُڪي باز ٿي پيا.
ڪيميادانن پنهنجي هڪ مخصوص
اشاراتي ٻولي به ٺاهي ورتي هئي، ته جيئن جيڪو تيڪو سمجھي نه سگھي. مثال طور، هُو
چوندا ته باهه جي عمل مادي ۾ هڪ ڍانچو ڪارو (خاڪ) ڪري ڇڏيو ۽ ٻيو پکي (ٻرندڙ گئس).
ساڳيءَ طرح پاڻي چِڪائڻ (distillation)، ٽوٽ ڦوٽ وغيره لاءِ به هنن جون علامتون موجود هيون.
ان جو مطلب اهو ناهي ته هاڻوڪي
ڪيميا ۽ اڳوڻي ڪيميا هڪجھڙي آهي. اڳوڻي ڪيميا سُسي وڃي دُٻو ٿي پئي، جڏهن ته
هاڻوڪي ڪيميا وڌي اُپسمنڊ بڻجي وئي آهي.
عربن فلڪيات، ......¨ ۽ آپٽڪس (Optics) ۾ گھڻو ڪجھ وڌايو. مثال طور الحزن جي مخصوص
ماپ جي جدول، جنهن کان هاڻوڪي خاص فرق نه ٿي رکي ــــــ فونڊري سون 19.05 (19.3)،
پارو 13.56 (13.545، وِيهه ڊگري سª تي)، شيهو 11.32 (11.34)، چاندي 10.30 (10.445)، توتيو 8.66
(8.89)، لوهه 7.74 (7.88)، موتي (Pearl) 2.60 (2.684).
اِووري (Ivory) 1.64 (1.825-1.917) ۽ اُٻرندڙ پاڻي 0.958 (0.95835).
اها تصوير پنهنجو پاڻ ٿي ڳالهائي.
يونانين وٽ ان قسم جي سوچ ڪو نه هئي. جيتوڻيڪ عربن گھڻو ڪجھ ڪيو، پر ڪائنات جي
اڏاوت سان واسطو رکندڙ علم ۾ ڪو واڌارو نه ڪيو. ويندي ابن رشد جهِڙو
لائق عالم به ارسطوءَ جو ئي معترف ۽ پکيڙيندڙ هو.
”ارسطو
سمورين سائنسن جي ابتدا ۽ آخر آهي. ڪو ڳڻڻ جھڙو ماڻهو هن کان اڳتي وڌي نه سگھيو ۽
هن کان 15 صديون پوءِ تائين ڪنهن به هن جي تعليم ۾ ڪا شاندار واڌ نه ڪئي آهي ۽ نه
وري ان جي ڪا غلطي پڪڙي آهي. ارسطو سڀني ماڻهن کان عظيم آهي. خدا هن کي هر شيءِ جو
صحيح علم وديعت ڪيو.“
جڏهن هر
شيءِ جي وجود جو سبب خدا آهي ته پوءِ ان تي وڌيڪ سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت!؟ پر چَرچ جي
مجبوري هئي ته هاڻي نئين اسرندڙ سماج جي گھرجن موجب پاڻ کي عقلمنديءَ تي ظاهر ڪري
۽ دليل معنى ذهانت کي سڏ ڪرڻ. هنن دليل بازي شروع ڪئي، پر ضروري نه هو ته ذهانت به
انهن سان گڏ هلي. ذهانت هر شيءِ کي ڦولڻ شروع ڪيو.
13-14 صديءَ ڌاري ڊيموڪريٽس ۽ ارسطوءَ کي اڻ ڄاتل ڪيتريون ئي حقيقتون
پڌريون ٿيون.
پهريون قدرتي سائنسدان راجر
بيڪن هو. ”هر سائنس لاءِ ضروري آهي ته اها سٺي کان سٺي جي پوئواري ڪري،
يعني هر شيءِ جو صحيح نموني اڀياس ڪري، پهرين کي شروع ۾ رکڻ وسيلي، سولي کي ڏکئي
اڳيان، عام کي خاص اڳيان، سادي کي ڳتيل اڳيان رکڻ وسيلي. پيشڪش نتيجي واري هئڻ
گھرجي ۽ اهو تجربي کان سواءِ ناممڪن آهي. ڄاڻ جا ٽي وسيلا آهن: اختيار رکڻ (اٿارٽي)،
سبب ڏيڻ ۽ تجربو. اختيار ڪجھ به ناهي جيڪڏهن ان جا نتيجا وڌائي نه سگھجن. اختيار
تعليم نه ٿو ڏي، ان کي رڳو قبوليت جي ضرورت آهي. سبب ڏيڻ وسيلي اسين سوفزم (sophism) ۽ ثبوت جي وچ ۾ فرق ڪري سگھون ٿا، نتيجن کي
تجربن وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ.“
سائنس ۾ اڀياس جو صحيح طريقو رائج
ڪرڻ لاءِ راجر بيڪن شاندار ڪوششون ڪيون. بدقسمتيءَ سان هن جِي صحيح طريقو اختيار
ڪرڻ واري ڪوشش وقت کان اڳي هئي. هو پنهنجي عصرن يا آئيندي تحقيق ڪندڙن کي قائل ڪري
نه سگھيو.
علم الاهيات (اسڪولاسٽڪ)
فلاسافيءَ جي ويران ميدان ۾ هُو پاڙون پختيون ڪري نه سگھيو، پر ڪولمبس انڊيا ڳولڻ
لاءِ سفر جا سانباها پئي ڪيا ۽ ڪاپرنيڪس آسماني جسمن جي چرپر تي ڳولا پئي
ڪئي. ڪاپرنيڪس دنيا جي باري ۾ نج طبعياتي ۽ فلڪي علم جي حساب سان سبب ڏنا. ”جيڪڏهن
ڪو اهو يقين رکي ٿو ته ڌرتي ڦري ٿي ته ان کي بهرحال اهو به چوڻو پوندو ته اها چرپر
ڪا ٻاهران مڙهيل نه، پر قدرتي ئي آهي.“ ارسطوءَ جو اهو خيال هو ته هيءَ چرپر ڪنهن
ٻاهرين قوت جي ڪري آهي، پر ڪاپرنيڪس چرپر کي شيءِ جي اندروني فطرت مان ڦٽي نڪرندڙ
بيان ڪري ٿو.
گليلو
ڪاپرنيڪس جي نظريي کي گھڻو اڳتي وڌايو ۽ اهو ڏيکاريو ته ڌرتي ۽ آسمان ساڳئي قانون
جي مڃتي ڪن ٿا. هن مشتريءَ چوڌاري چئن چنڊن جي ڳولا ڪئي، زهره جي هر مرحلي کي ويهي
جاچيو ۽ نيٺ وڃي ان نتيجي تي پهتو ته ڌرتيءَ جيان سج به پنهنجي محور چوڌاري ۽ گَس
اندر ڦرندو رهي ٿو. هن اهو به مشاهدو ڪيو ته سج جيان اسان جي گس ۾ سوين تارا موجود
آهن ۽ سج انهن لامحدود تارن مان هڪ آهي. گليلو نسبتي نظريي جي سادي شڪل پنهنجي
زماني ۾ بيان ڪري ڇڏي هئي ۽ حقيقت ۾ جديد نسبتي نظريي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ان جي به گھڻي
مدد شامل رهي. اهو گليلو ئي هو جنهن پهريون ڀيرو ڪائنات جي لامحدود هئڻ جو منطق
سمجھيو.
ليونارڊو ڊاونسي (Leonardo da Vinci)
ٽائڪو براهي (Tycho Brahe)
برنارڊينو ٽيليسيو (Bernardino Telesio, 1508-1588 AD) لڳ ڀڳ ساڳيو،
ارسطوءَ وارو، ٿڌي ۽ گرم وارو اصول کنيو ۽ انهن کي ابتڙن جي صورت ۾ رکيو ۽ اولين
مادي جو بنياد قرار ڏنو ۽ ان ٿڌ جي ڪري ڌرتيءَ تي حياتي تخليق ٿي. هن رنگن جو
بنياد به انهن کي قرار ڏنو.
سورهين صديءَ ۾ سمورو علم اٿلايو
ويو، ترجمو ٿيو ۽ ڇپيو.
سترهين صدي ئي جديد سائنس جي
بنيادن کي پهچي سگھي.
ريني ديڪارتي (Rene Descartes) ذهانت جي باري ۾ چيو ته اها
حقيقي ڄاڻ جي ڪُنجي ۽ تجرباتي معلومات گڏ ڪرڻ جي لياقت آهي. تجربو، تجربو ۽ هڪ
ڀيرو وري تجربو. هن جي خيال موجب روحاني اصول مادي اصولن کان مڪمل ڌار ۽ خودمختار
آهن. مادي دنيا دائمي چرپر ۾ آهي، مڪينڪس جي اصول موجب. ديڪارتي بيڪن جي ابتڙ اهو
چيو ته لامحدود لاڳيتي چرپر لاءِ ڪنهن ابتدا ۾ مادي کي ڌِڪو ڏنو.
بارڪ اسپائينوزا
(Baruch Spinoza) ديڪارتي جي ٻه-قوتون پسنديءَ کي ڌڪاري ڇڏيو. قدرت پاڻ ئي خدا آهي ۽ هن جي
خيال موجب ان کي ڪنهن روحاني جوهر يا خالق جي ضرورت ڪانهي. قدرت لامحدود خلا ۾
دائمي مادو آهي. اها ”پنهنجو سبب پاڻ ئي“ (cause in itself) آهي.
مادي جي اڏاوت ۽ خلا ۽ وقت جي
خاصيتن جي باري ۾ مادي جو وڌيڪ بنيادي تصور قدرت ”پنهنجو سبب پاڻ ئي“ آهي. قدرتي
سائنس جي رستي اتي اچي ڊاٻو ڪيو.
يوناني ايٽمي فلسفي تي سنجيدگيءَ
سان تحقيق ڪندڙ پهريون ماديت پسند فلسفي، فرانس جو رهاڪو، گزيندي (Gassendi) هو. هو ڪيپلر ۽ گليلو جو همعصر هو.
هن خاص ڪم ايپيڪيورس جي فلسفي تي ڪيو ۽ ٻه هزار سالن ۾ مهيا ڪيل معلومات کي گڏ
ڪيو. ايپيڪيورس جيان هن به اهو چيو ته مايو، جنهن کي هو ”چرپر ۾ اچڻ لاءِ اندروني
خواهش“ چوي ٿو، ئي قدرت ۾ تبديل جو بنيادي وسيلو آهي، اهو ئي ايٽمن جي بنيادي
خاصيت آهي انهن جي رخن ۽ صورت سان گڏ. گزيندي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن مادي جي
ٺوس بناوت لاءِ مفروضا پيش ڪيا. هن ئي ماليڪيول جي باري ۾ تصور ڏنو ۽ چيو ته اهو
ڪيترن ئي ايٽمن جو مشيني انداز ۾ جوڙ (ميلاپ) آهي.
رابرٽ بوائل
(Robert Boyle, 1627-1691 AD) برطانيا جو
رهاڪو، طبعيات ۽ ڪيمسٽريءَ جو حقيقي معنى ۾ ماهر هو. هن ڪيميا پرستن ۽ يونانين،
ٻنهي تي سخت تنقيد ڪئي. ڪيميا پرستن مادي جي فطرت جي باري ۾ ڪجھ به نه پئي ڄاتو ۽
يونانين پنهنجي هر مادي کوجنا جو بنياد فطرت جي بنيادي لقائن ــــــ آرام، چرپر،
مٽي، باهه وغيره ــــــ تي پئي رکيو، پر بوائل وٽ انهن جو بڻ بنياد نج ماديتي هو. آخر
اهي ڪهڙيون سِرون آهن جيڪي ساڳئي مادي جون لامحدود شڪليون ٺاهڻ ممڪن بڻائن ٿيون؟
هن جي خواهش هئي ته اهڙا بنيادي عنصر ڳولي لهي جيڪي هڪ کان ٻئي ۾ بدلجي نه ٿا سگھن
۽ جن وسيلي اسان جي چوڌاري پکڙيل دنيا ٺهيل هئي. آخري چِٽو نتيجو اهو هو ته
ڪيميائي بنياد تي مادو هڪ ڪرو ڪونهي ۽ ڪي اهڙا عنصر وجود رکن ٿا جيڪي ڪنهن به
ڪيميائي عمل وسيلي تبديل ڪري نه ٿا سگھجن، جيڪي به مرڪب ڏسجن پيا، بنيادي عنصر
ايترا ڪونهن پر انهن جي مختلف انداز ۾ ميلاپن ايترن مرڪبن کي جنم ڏنو آهي، تنهنڪري
اهي عنصر ڳولڻ گھرجن جن ۾ ڪيميائي طريقن سان مادي کي ڦوري سگھجي.
بوائل مادي جي اهڙن ذرڙن کي
ڊيموڪريٽس جي ايٽم بدران ڪارپسِل پئي سڏيو. حقيقت ۾ اڄوڪو ايٽم جو تصور ڊيموڪريٽس
جي ايٽم جي تصور کان ڌار قسم جو آهي ـــــــ ان جا ايٽم اهي چئجن جن کي اسان
ابتدائي ذرڙا سڏيون ٿا.
هن ۾ لفظن جو نه، پر جوهر جو فرق
آهي.
بوائل ڪارپسل جي سڃاڻپ پهرين ۽
ٻئي درجي جي نالي ۾ ڪرائي. پهرين درجي جا ڪارپسل ننڍڙا ۽ عملي تصور ۾ ’نه اچي سگھڻ
جھڙا‘ آهن، انهن کي خاصيتون ڪونهن پر صورتون ڌار ڌار آهن ۽ هڪ ٻئي سان ننڍڙن ڪَڙن
۽ ڪنڍن وسيلي ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ٻئي درجي جا ڪارپسل سمورن جسمن جا بنيادي اڏيندڙ
آهن. ان ڪري بوائل جي چوڻ موجب شيون پهرين ۽ ٻئي درجي جون خاصيتون رکن ٿيون.
مادي ۾ رڳو پهرين درجي جي خاصيت،
نجي مشيني خاصيت آهي: صورت، پکيڙ، چرپر، آرام وغيره. انهن کان فرق ۾ ٻئي درجي جون
خاصيتون موضوعي آهن. بوائل جي چوڻ موجب، هڪ سُئي سور جي خاصيت ڪا نه ٿي رکي جيڪو
چُڀڪي کان پوءِ اوهين محسوس ڪيو ٿا. هن وٽ تيز تکو مُنهن آهي ۽ ان جي عمل جو نتيجو
اسان جا حواس محسوس ڪن ٿا. رنگ، بوءِ، آواز جھڙيون خاصيتون پڻ موضوعي آهن. اهي
اسان جي حواسن تي پهرين خاصيتن جي اثر ڪري آهن. هن جي سڄي ڳالهه ۾ سچ جو ٻج ذرو
موجود آهي. بوائل گھڻيون ڳالهيون پنهنجن تجربن مان حاصل ڪيون ۽ اهڙيءَ طرح هُو پنهنجي
دور کان گھڻو اڳتي هو. اينجلس چيو ته ”اهو بوائل ئي هو جنهن ڪيمسٽريءَ کي هڪ سائنس
بڻايو.“ بوائل اهو به نتيجو ڪڍيو ته مادي جون مختلف حالتون گھاٽائيءَ ۽ ڪارپسل جي
وچ ۾ ڳانڍاپي تي دارومدار رکن ٿيون. بوائل ئي اهو نظريو ڏنو ته گئس جو مقدار ۽ داٻ
هڪ ٻئي سان ابتڙ نسبت رکن ٿا.
آئزڪ نيوٽن تمام گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪيو. ڪشش ثقل، مادي جي بناوت، مايي (ماس)، روشني وغيره
تي سندس ڪيترائي خيال موجود آهن. هن عالمي ڪشش ثقل جو اصول ۽ مڪينڪس جا ٽي بنيادي
اصول ڳولي ڪڍيا، آسماني جسمن جي چرپر جو نظريو جوڙيو ۽ رنگ جي اصليت جي باري ۾
ٻڌايو. ”تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪيترائي جسم سخت آهن، پر اها سڄي جسم جي سختي ان جي
بناوتي جزن جي سختيءَ مان نڪتل آهي. ان ڪري ان نتيجي تي پهچڻ ۾ حق تي آهيون ته نه
وراهي سگھڻ جھڙا جزا سخت آهن، نه رڳو انهن جسمن ۾ جن کي محسوس ڪيون ٿا پر ٻين سڀني
جسمن ۾ به.“ بوائل جي طريقي تي هلندي، نيوٽن بيان ٿو ڪري ته مختلف جسمن جي خاصيتن
۾ فرق ان ڪري آهن جو جن ذرڙن مان ڪا به شيءِ ٺهيل آهي ان جي جزن جي وچ ۾ مفاصلو
گھٽ وڌ آهي. نيوٽن جي جزن ۽ بوائل جي ڪارپسل جي تصور ۾ فرق آهي. نيوٽن جي مادي جزن
۾ ڪشش ڪرڻ ۽ ڌِڪڻ جي قوت جو تصور به سمايل آهي. جيتوڻيڪ نيوٽن دنيا جي هر شيءِ کي
مشيني انداز ۾ چرپر ڪندي ڏٺو پئي پر پوءِ به مابعدالطبعياتي تصور جو خاتمو عام طرح
نيوٽن جي تعليم تي ئي ٿئي ٿو. حقيقت ۾ نيوٽن کي ئي ”فزڪس جو ابو“ سڏڻ گهرجي.
ارنيسٽ اسٽال جرمن ڪيميائي ايٽمي نڪتي نظر جي تضاد کي پنهنجي نه بدلجندڙ (imponderable)، بي رنگ ۽ بي بوءِ مادي ــــــ باهه جي غير
مادي اصول ڦلوجسٽن جي حوالي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ٻرڻ جي وضاحت کي ڏاڍو سولو
ڪري ڇڏيو. شعلو، دونهون، ٽانڊو، خاڪ هڪ مادي مان ٻي مادي ۾ بدلجڻ لاءِ مختلف
صورتون آهن. اهڙيءَ طرح ڦلوجسٽن جي تصور کي وڏي پيماني تي قبول ڪيو ويو ۽ ان سان
غير ڪشش ثقل خاصيتون لاڳو ڪيون ويون. تجربي بهرحال ان نظريي کي رد ڪري ڇڏيو.
ميڪائيل لومونوسوف روسي مادي جي حالتن، گرمي درجي جي ماپن ۽ فرئنڪلن جي بجليءَ واري
نُڪتي نظر کي وڌايو. هن اهو به چيو ته هر ايٽم پنهنجو مخصوص وزن رکي ٿو. هر تخليق
۾، جاندار يا بي جان، ڪارپسل چرپر ۾ آهن، اهي هر مئل يا جيئري وڻ ۾ چرپر ۾ آهن،
معدنيات يا غير نامياتي (inorganic)، هر شيءِ ۾
آهن ۽ چرپر ۾ آهن ۽ ان ڪري هر ڪيميائي يا طبعياتي خاصيت جو سبب چرپر آهي.
لومونوسوف جي چوڻ موجب عنصر (ايٽم) ڪنهن جي جسم جو اهو حصو آهي جيڪو ٻيو يا ان کان
ننڍو حصو ڪو نه ٿو رکي ۽ ماليڪيول انهن جي گڏپ آهي.
جان ٽولئنڊ چيو ته چرپر کي مادي جي پهرين ڳجهي خاصيت سمجھڻ گھرجي جيڪا ان کان ڌار ڪري
سگھڻ ممڪن نه آهي ۽ اهو به چيو ته ڪا قطعي نئين شيءِ قدرت ۾ ظاهر ڪو نه ٿي ٿئي.
ڪيترن ئي فرانسي فلسفين جان
ٽولئنڊ جي نُڪتي نظر کي پنهنجو ڪيو. هولباخ چيو ته قدرت جو تصور لازمي طرح
چرپر جو تصور به پنهنجي اندر رکي ٿو. پر ماڻهو پڇندا ته قدرت ڪڏهن کان چرپر حاصل
ڪئي؟ اسان چئون ٿا ته چرپر مادي جي جوهر جو لازم آهي. مادو پنهنجي اندروني شڪتيءَ/سگهه وسيلي چرپر ڪري ٿو. ان جي چرپر ان اندر لڪل مڙيل قوتن
جو ئي نتيجو آهي.
ارڙهين صديءَ ۾ ان وقت هي لفظ چيا
ويا جڏهن ”مادي“ ۽ ”شڪتي“ جي باري ۾ صاف تصور اڃا مهيا ڪو نه ٿيو هو. اڄ اسين
ڄاڻون ٿا ته شڪتي پڻ مادو آهي ۽ آئنسٽائن جي فارمولا ۾ مادو ۽ شڪتي سنئين
سڌي ۽ سادي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. قوانٽم نظريو مادي جي وجود جي سڀني صورتن جي اولين
ڳانڍاپي کي چِٽو ڪري ٿو.
فرانسي ماديت پسندن اهڙي ڳالهه ڪو
نه پئي ڄاتي. ٽولئنڊ کان پوءِ انهن چرپر کي خلا ۾ سادي تبديليءَ طور قبول ڪيو.
ڊڊريوٽ ان کان
به اڳتي وڌي اهو چيو ته ماليڪيول تي اثر ڪندڙ ٻاهريون زور ختم ٿي سگھي ٿو پر ان جو
ڳجھو مڙيل اندروني زور ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿو سگھي. ان مان هو ان نتيجي تي پهتو ته
قدرت جي چرپر دائمي آهي ۽ آرام نسبتي آهي.
1797ع ۾ جرمن ڪيمسٽ رچر (Richter) اها کوجنا ڪئي ته ڪيميائي عنصر ڪيميائي
مرڪب ۾ ڪنهن مخصوص نسبت (ratio) سان آهن.
جان ڊالٽن اڃا اڳتي وڌي چيو ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن ملي پاڻي ٺاهن ٿيون. هن ايٽم جي وزن جو
تصور ڏنو.
ڊميٽري مينڊلييف جي تحقيق جو شروعاتي نُڪتو اهو هو جنهن کان اڳتي وڌي هن پيريڊڪ قانون تي
تحقيق ڪئي.
1811ع ۾ ايووگيڊرو
ڪيمسٽريءَ ۾ ايٽمي نظريي جو بنياد رکي چڪو هو، جيڪو ڊالٽن جي ايٽمي نظريي جو بنياد
بڻجي ويو. ايووگيڊرو ايٽمي مادي (ماس) جي نسبت مقرر ڪرڻ لاءِ خاصيتي رستا کولي
ڇڏيا. هن ان جو به ڏَس ڏنو ته هڪ قوت ”ويلنس فورس“ (valence
force) ايٽمن کي هڪ ٻي سان ڳنڍي بيهاري ٿي.
1815ع ۾ پرائو (Prout) چيو ته ايٽم وراهي سگھجي ٿو. هن چيو ته هر
شيءِ جي ايٽم جو وزن هئڊروجن ايٽم جي وزن سان ڪو نه ڪو مخصوص نتيجو ظاهر ڪري ٿو.
ان ڪري سڀني عنصرن جو بنياد هئڊروجن ايٽم آهي جنهن جا ايٽم ڪائنات جون ”پهريون ۽
آخري اڏاوت ڪندڙ سِرون آهن.“
مائيڪل فيراڊي (Michel Faraday) ايٽمي نظريي کي بجليءَ سان
ملايو. بجلي به مادي جيان فطرتي طرح ايٽمن جي ٺهيل آهي.
1846ع ۾ ولهم ويبر (Wilhelm Weber) مفروضو قائم ڪيو ته مادي جو
مخصوص مقدار هميشه بجليءَ جي مخصوص مقدار سان ڳنڍيل آهي.
1865ع ۾ لاشمت (Loschmit) ڪنهن حد تائين صحيح؛ ايٽم جو قد بت مقرر
ڪيو.
1897ع ۾ جي جي ٿامسن (J. J. Thomsen) بجليءَ جي سائنس جي واري ڪري
اليڪٽران جي کوجنا ڪئي.
ردر فورڊ ايٽم جي مرڪز تي کوجنا ڪئي ۽ اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن هڪ ايٽم ڌرتيءَ جيڏو هجي ته
ان جو مرڪز رڳو هڪ شهر جيترو مس ٿيندو. اليڪٽران ۽ مرڪز جي وچ ۾ خلا آهي. جيتوڻيڪ
اهو مرڪز ايترو ننڍو آهي پر رڳو ان جو ٺوس هڪ ڪيوبڪ سينٽي ميٽر وزن ۾ 114 ملين ٽن
ٿيندو... (ناتمام)
¨ هي ليک ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي رف لکيل مواد مان
ورتو ويو آهي. ان جي عنوان بابت ڪجھ به ڄاڻايل ناهي ۽ نه ئي ليکڪ بابت. مواد جي
مطالعي مان ڪَٿ ڪري سگھجي ٿي ته مواد ترجمو ڪيل آهي. اهو پڻ معلوم نه ٿو ٿئي ته
مواد ڪٿان/ڪهڙي ڪتاب يا رسالي مان
ترجمو ڪيو ويو آهي. مواد ۾ ڏنل ڄاڻ جي اهميت کي ڏسندي، هي ليک هتي پيش ڪري رهيا
آهيون. -مرتب
· هتي
”وزن“ لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور اهو اصطلاح ڪتب ايندو آهي، پر يونٽ جي لحاظ
کان ”مايو“ اصطلاح صحيح آهي. -مرتب
· “Philosophy
brought me material destitution, but spiritual affluence.”
No comments:
Post a Comment