9/26/2012

پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به اخبار کڻو، ان ۾ ڪي نه ڪي، ڪن نه ڪن ڏوهن جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملي وينديون. هتي جمع جو صيغو ڪم آندو ويو آهي، يعني ڪن نه ڪن ڏوهن جون ڪي نه ڪي خبرون!
اڄ رمضان المبارڪ جي عيد جو ڏينهن آهي ۽ اخبار به رڳو هڪڙي يعني روزاني ”برسات“ ڪراچي جون هيٺ ڏنل خبرون پنهنجن نظرن مان ڪڍو:
·        ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 3- ڄڻا قتل، 7 زخمي.
·        خيرپور ۾ مذهبي وڳوڙ، تحريڪ جعفريه پاران 28 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل.
·        ڪراچي اندر چئن ڪارن ۽ ستن موٽر سائيڪلن جي ڦر.
·        سپر هاءِ وي تي هٿياربند عورتن پاران ڦر، ٻه ڄڻيون عوامي ڪوچ مان 90- هزار رپيا ڦري رستي ۾ ئي لهي ويون.
·        زيارت جي ڊِي سِي جي ”راڪيٽي“ هٿان اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي.
·        ڄام ڪنڊي ڳوٺ ۾ گھر تي حملو، 8- ڀاتي زخمي.
·        بفر زون ڪراچي جي مدرسي ۾ زوردار ڌماڪو.
·        موري شهر لڳ مقابلو، 2- بدنام ڌاڙيل ۽ 2 فوجي مارجي ويا.
اهي سڀ خبرون رڳو هڪ صفحي يعني مهڙ-صفحي (front page) تان کنيون ويون آهن ۽ اِهي اُهي خبرون آهن، جن کي کلي عام ڏوهه سمجھيو وڃي ٿو. انهن ۾ ڦر، اغوا، ڪاهه، دهشتگردي ۽ ڌاڙن سان گڏ قتل جون خبرون آهن.
ڏوهه (crime) جون ٿلهي ليکي ٽي وضاحتون پيش ڪري سگھجن ٿيون:
1.       هڪ اهڙو عمل جنهن لاءِ قانون سزا مقرر ڪري ٿو،
2.       بيوقوفيءَ وارو يا غلط عمل، جيڪو ضروري ناهي ته قانون جي ڀڃڪڙي هجي، ۽
3.       (فوج ۾) قاعدن جي ڀڃڪڙي (ضروري ناهي ته هروڀرو سِول قانون جي خلاف هجي).
ڏوهه جي، خاص طرح پهريُن ٻن تشريحن جي روشنيءَ ۾ هيٺ ڏنل خبرن تي هڪ نظر وجھو. اهي خبرون به رڳو هڪ ئي اخبار ”برسات“ 14- مارچ، 1994ع (يعني ”عيد“ جي ڏينهن واري) تان ورتل آهن:
·    سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب ۾ چوري ڪري ٻن وڏين شخصيتن جون زمينون سيراب ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ جو خطرو. موجوده صورتحال ڄام صادق دور ۾ ڪيل پنجاب حڪومت سان سنڌ جي پاڻي جي سودي جو نتيجو آهي.
·    سپاهي اوڍي جي قتل جي جوابدار جي ڳولا جاري. جوابدار جو ڀيڻويو ”ضمير“ چئن ڏينهن کان ڪاٺ ۾. سندس ڀيڻ 10- ڏينهن کان پنهنجي ئي گھر ۾ يرغمال بڻيل.
·    ٺٽي شگر مل جا پورهيت عيد جي پگھارن کان محروم.
·    بائجي لڳ مختلف ڳوٺن مان 4- ماڻهو گرفتار، پوليس پاران ”عيد خرچي آپريشن“ ۾ في ماڻهو تي پنج سوَ کان هڪ هزار رپيا مقرر.
·    ڌڻي بخش خاصخيلي ڳوٺ جا ڳوٺاڻا عيد تي به آزاد نه ٿيا. ايئرپورٽ پوليس پاران في ماڻهو 50- هزار رپين جي گھُر، ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون.
سنڌ جو پاڻي جيڪڏهن چوري ٿو ٿئي ته ڇا اهو هڪ ڏوهه ناهي؟ اهو هڪ صوبائي حڪومت ٻئي صوبي جي خلاف ڏوهه پئي ڪري. آباد ٻنيون ۽ وسندا کيت اجاڙڻ ڇا هڪ ڏوهه ناهي؟ اهو به هڪ صوبائي حڪومت پاران پنهنجي هم وطن ٻئي صوبي جي عوام خلاف هڪ ڏوهه آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي صوبي خلاف ڪيڏو نه وڏو ڏوهه ڪيو آهي؟ ملزم جي ڀيڻ گھر ۾، ڀيڻويو جيل ۾ قيد آهي، ڇو؟ حڪومتون ۽ انتظاميائون ته قانون جي تحفظ، بيڏوهن جي سنڀال ۽ ستايلن جي سار لاءِ هونديون آهن --- اهي ئي قانون کڻي پنهنجي هٿ ۾ ڪن، وسنديون ويران ڪن ۽ گھر اجاڙن، ته قانون جو ڇا ٿيندو؟
پاڪستان ۾، جيڪا به چڱائي آهي، جيڪو به ڪم سٺو سڏجي ٿو، ان جو مقدار کُٽندو پيو وڃي ۽ جنهن عمل کي برائي سڏجي ٿو، وَڌي پيو. چڱائين جي حوالي سان ڪيل درجيبنديءَ ۾ پاڪستان جو نالو وڃي ٿو هيٺ کان هيٺ ڪِرندو ۽ براين جي حوالي ڪيل درجيبنديءَ ۾ پاڪستان جو نالو وڃي ٿو چوٽَ، اوج تي پهچندو. لڳ ڀڳ ٻه سَو ملڪن جي قطار ۾ پاڪستان اڄ پنجين نمبر تي آهي، برايون هتي ان رفتار سان پليون آهن!
چيو ٿو وڃي ته سينيٽ جي مخصوص چيئرمئن کي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ بگٽيءَ جنهن ماڻهوءَ کي ڇڏائڻ جو شرط وڌو آهي، اهو هڪ بين الاقوامي سمگلر آهي. وحيد بلوچَ جن کي ڇڏائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي آهي، اهي پڻ ڏوهاري چيا وڃن ٿا ۽ سرحد حڪومت لاءِ ويڙهاند جو بنيادي موضوع به ”مال“ تي قبضي داري رکڻ آهي. عرفان مروت جون ارهه زورايون ڪنهن کان لڪل آهن، سميع مروت اڄ ان تي شاهد ٿي بيهڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس ڪيترائي پول پڌرا ڪري چڪو آهي. امتياز شيخ به ويٺو آهي. ايم ڪيو ايم جو هر گھربل ڏوهاري (ٻن کان سواءِ) اڄ به پاڪستان ۾ موجود آهن، پر ڪنهن جي به وار کي لهس نه ٿي اچي.
اسيمبلي ميمبرن جون خريداريون، ”گھوڙن“ جا اگھ، وفادارين جي بدل سدل، ڌوڪي بازيون، ڳجھ ڳوهه ۾ مخالفن سان ٺاهه، ڇا اهي سڀ ڏوهه ناهن؟ حڪومت جو ڪهڙو عهدو آهي، جنهن لاءِ سوديبازي نه ٿي ٿئي؟ عوام جي نمائندن جو اگھ مقرر آهي ۽ کلي عام پيو ٿئي!
آفيسن ۾ رشوت رڳو رشوت ناهي، داداگيري به آهي--- پيسا ڏيو، نه ته توهان جو جائز ڪم به نه ٿيندو، جيڪا ڪاهڻي اٿوَ وڃي ڪاهيو.
تعليم کاتو، صحت کاتو، پرڏيهي واپار جو کاتو، بجلي کاتو، جنرل آفيسون، انتظامي ادارا، ڪورٽون، جيل، ٿاڻا، سرحدون، ڇا بچيو آهي، جنهن لاءِ چئي سگھجي ته اتي ڏوهه نه ٿو پلجي؟
ڄام صادق دور ۾ اربين رپين جي مختلف ادارن مان ڦرلٽ ته رڳو حڪومت پاران ڪئي وئي، جنهن لاءِ ڏهاڙي ڪنهن نه ڪنهن کاتي ۾ ڪروڙن رپين جو ذڪر گذريل پندرهن ڏينهن کان ”برسات“ ۾ اچي پيو. ٻيون اخبارون ۽ رسالا به ان حڪومت جي ڏوهاري ڪرتوتن کي پڌرو ڪندا پئي رهيا آهن. ڄام صادق سنڌ کي تين وال ڪري مال پنهنجن خوشامدڙين ۾ ورهائي ڇڏيو، يا ساڻس ڏاڍ ۾ ساٿ ڏيندڙن کي بخشي ڏنو. هو مري ويو پر ڪيس ته مئلن تي به هلندا آهن. گيليلو کي پنج سَو ورهه اڳ هڪ ڪورٽ ڏوهاري سڏيو پر تازو ئي ان تي ويهاريل بينچ کيس بيڏوهي ۽ چرچ کي گيليلو جو ڏوهاري قرار ڏنو آهي. ڏوهاري جنرلن جون قبرن مان هڏيون ڪڍي کين ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو آهي. اسلامي روايتن جو ادب ڪندي ڄام جي هڏين کي ڀلي ڪجھ نه چئو پر سندس ڏوهن کي عدالتن ۾ ثابت ته ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن ڏوهن ۾ جن سندس ساٿ ڏنو، انهن بابت ڇا ٿا چئو، اهي ته جيئرا جاڳندا آهن ۽ انتظاميا جي اهم عهدن تي ويٺا ٽاڏيون پيا ڏين، سندن ڪنڌ ۾ نوڙي ڇو نه ٿا وجھو؟
سنڌ آپريشن دوران ٻاهتر ڄرڪن جي ڳالهه عام ٻڌي وئي. کين ڏوهن ۾ ملوث قرار ڏيندڙ هن ملڪ جو سڀ کان مٿانهون ”محافظ“ ادارو هو! ٻاهتر ئي ڄرڪا ڌاڙن، خونن، دهشتگرديءَ، چوريءَ، اغوا، ڦرلٽ، پاٿاريداريءَ ۽ ٻين سوين بدمعاشين ۾ گھريل هئا، پر جن ”محافظن“ جي ذاتي جهازن ۾ منشيات جي سمگلنگ پئي ٿي، جن پنهنجي ئي ملڪ سان عظيم غداريون ڪري ان کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو، اهي ڄاتل سڃاتل ماڻهو جيڪي ٻين ملڪن جا خريد ڪيل ايجنٽ هئا ۽ اڄ سرڪار جي اهم عهدن تي الوليون ويٺا ڪن، جن آئين جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ۽ جن ملڪ جا سودا ڪيا انهن کي ڇو نه ٿا ڪجھ چئو؟
دهشتگردن جي ڳچيءَ ۾ سوين خونن جا ڪيس آهن، انهن ڏهاڪين گھر ويران ڪيا ۽ ڪڏڪندڙ معصومن کان به ڪيهون ڪرائي ڇڏيون، سندن پويان عدالتن جا وارنٽ آهن، انهن کي ڀڄايو ۽ لڪايو ويو آهي؟ جيڪي انهن کي ڀڄائڻ ۽ لڪائڻ ۾ ملوث آهن، ڇا اهي ملڪي قانون موجب ڏوهاري ناهن؟ انهن کي ڇو نه ٿا واڙيو؟
دهشتگردن جا سردار لنڊن، نيويارڪ، بون ۽ ايمسٽرڊم ۾ ويهي، سرڪاري طرح موڪلون وٺي، پرڏيهه توڙي ڏيهه ۾ خطاب پيا ڪن، جلسا پيا ڪرائين ۽ کلي عام ملڪ کي ٽوڙي دشمن جي حوالي ڪرڻ ٿا گھرن. ڇا انهن جو وار ونگو ٿيو آهي؟ هتي ته انهن کي پرچائڻ لاءِ ڏهاڙي پنڌ پيا ٿين ۽ کين ايلاز ٿا ڪيا وڃن، ته اسان کي سينيٽ ۾ ووٽ ڏيو، اسين توهان جي هزارين ڏوهارين تان هزارين ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. قاتل، خوني ۽ دهشتگرد ته بيشڪ ڏوهاري آهن، انهن کي ته ڪجھ ٿئي الٽو کين بچايو پيو وڃي، کين بچائڻ ۾ جيڪي سهڪاري آهن، اهي ڇا ڏوهاري ناهن؟
هر مجرم پٺيان هڪ، ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ يا ملڪ جي ڪنهن وڏي ”صنعتڪار“ (منشيات فروش) جي ٽيڪ ڏيکارجي پئي. ڏوهارين پناهه ورتي آهي سياسي پارٽين ۾، پوءِ اهي اختلافي ڌر ۾ هجن يا حڪومتي اقتدار ۾. ڏٺا وائٺا ۽ ڄاتل سڃاتل مجرم حڪومت جي ڪليدي عهدن تي قابض ٿي ويا آهن ۽ کين آفيشل پروٽوڪول پيو ملي ۽ جي عهدن تي قابض ناهن انهن جي هلندي اڃا به وڌيڪ آهي. ضمير جا مجرم، عوام جا مجرم، ڏيهه جا مجرم، وطن ۽ قوم جا مجرم ٺٺ ۽ ٺانگر سان ڪنڌ ۾ ڪلي هنيو اڀا ٿيو پيا گھمن ۽ ظاهر ظهور کين ظهرانه، عزتون ۽ مان پيا ملن، وردي پوش ماڻهو سندن آڏو اٽينشن ٿيو بيٺا آهن ۽ کين سئليوٽ پيا ڪن.
سينيٽ جي چونڊ لاءِ ڏوهه پيا ٿين ۽ انهن کي ٽيڪ ملي ٿي، اسيمبلي چونڊن لاءِ ڏوهه پيا ٿين ۽ کين ٽيڪ ملي ٿي، اهم ترين انتظامي عهدن لاءِ ڏوهه پيا ٿين ۽ کين ٽيڪ ملي ٿي، ويندي پٽيواليءَ تائين، ڪو نه ڪو ڏوهه لڪو پيو آهي. سمگلر، قاتل، نشو وڪڙڻندڙ، دهشتگرد، پاٿاريدار سڀ لئه ۾ آهن، سندس مانُ ۽ شانُ ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو.
حڪمرانو! ڪو به هڪ ڄاتل سڃاتل مجرم ٻڌايو، جنهن کي توهان ڪورٽ ۾ ڇڪي کيس سندس ڏوهه جي قانوني سزا ڏياري هجي. اهو نه، ته اهو ٻڌايو ته توهان ڪهڙي ڄاتل سڃاتل مجرم جي مانَ شانَ کي وڌائڻ ۾ حصو نه ورتو آهي ۽ کيس ڪاٺ ۾ واڙيو آهي؟
ياد رکجو! اڄ، ڏوهه ڪرڻ ۽ ڏوهه وسيلي ڪاميابي ماڻي عزت حاصل ڪرڻ لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ جو سندر سپنو بنجي ويو آهي. مائرون، پيئر، ڀائر، ڀينرون ۽ زالون واسطيدار هر ڪمائيندڙ فرد کي ڏوهه تي آماده پيون ڪن. ڏوهه جي زندگي عزت جو نشان بنجي وئي آهي ۽ جيڪو ڏوهه نه ٿو ڪري، رُکي سُڪي، سچ پچ عزت لائق زندگي پيو گذاري، ان کي ٽوڪ ۽ لعنت جو، ڌڪار، ۽ ڦٽڪار جو نشانو بنايو پيو وڃي.
اڄ، وڏيرڪين ٻنين ۾، ڪروڙ پتين جي ڪارخانن ۾، انتظاميا جي عهدن ۾، حڪومت جي حاڪمن ۾، سياسي پارٽين جي سرير ۾ ڏوههَ لڪا ويٺا آهن ۽ عزت سان پيا پلجن. سوين هزارين ماڻهن جي اکين ۾ ڏوهه جو نشان هڪ خواب ٿي اٽڪي پيو آهي، ڏوهه کي جي ٻجو نه ڏنو ويو، ته پاڪستان جي زمين جو هر هڪ انچ ڪنهن نه ڪنهن ڏوهاريءَ کي جنم ڏيندو ۽ مجرمن جي وچ ۾ هڪ وڏي چٽاڀيٽي شروع ٿي ويندي. اڄ اها چٽاڀيٽي ڪجھ نه ڪجھ محدود آهي، سڀاڻي جڏهن جت ڪٿ شروع ٿي وئي، ته پوءِ...
(روزاني ”برسات“ ڪراچي، 17 مارچ 1994ع)

No comments:

Post a Comment