1/08/2014

سنڌ جو سورهيه پٽ شهيد فاضل - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ جو سورهيه پٽ شهيد فاضل
سنڌ تي بڇيل بلائن ۽ وبائن مان هڪ اها به آهي ته سنڌ جي ڪونڌر مڙسن جي نالي ۽ ڪردار، سندن اڪابري، ڏاهپ ۽ سندن لوچ ۽ سوچ کي تاريخ جي رڪارڊ مان گم ڪيو وڃي ۽ جي گم ڪري نه سگهجي ته بدنام ڪيو وڃي. رڳو ويجهڙ وارن ڏيڍ سؤ ورهين جي تاريخ تي ئي نظر وڌي ويندي ته اها ڳالهه پڌري ٿي ايندي ته سنڌ جي هزارين سورهين جا نالا گم ڪرڻ جا جتن ٿيا آهن. گورن جي ڏاڍ-راڄ جي ڏاڍاين خلاف وڙهندڙ هزارين سنڌي سورمن سان گڏ روپلو ڪولهي ۽ سندس ساٿي راڻو، وڏو پاڳارو ۽ سندس پوئلڳ بچو بادشاهه، هوشو شيدي ۽ هيمو ڪالاڻي جهڙا سورما، گورن جي جانشين ڪارن حڪمرانن جي ڪوشش سان ڄڻڪ گم ڪيل آهن. ڪارا حڪمران اپکنڊ ۽ خاص طور اڄوڪي ڀارت جا اهڙا اهڙا ڪردار ڳولي سندن ڪارنامن کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو گورن جي قصيده گوئي ۽ پوئلڳي ۾ به گذاريو پر اهي سنڌي سورهيه نروار نه ٿا ڪرڻ ڏنا وڃن جن جون سڄيون حياتيون گورن جي ظلمن خلاف وڙهندي گذريون. جڏهن ته انهن سنڌي سورمن جون حياتيون ڪارن حڪمرانن جي ظلم خلاف ڪجهه ڪري سگهڻ کان اڳ ئي قربان ٿي ويون. ان جو خاص سبب اهو آهي ته گورن جا جانشين ڪارا حڪمران گورن وارا ساڳيا ۽ ڪي ته انهن کان به بدتر ڏاڍ جا ڪم ڪندا رهن ٿا، جنهنڪري سنڌي سورهين جا گورن خلاف ڪيل ڪم عملي طور ڪارن حڪمرانن جي ڪرتوتن خلاف به ساڳيءَ ئي شدت سان سچ جو سنيهو بنجي اڀري اچن ٿا ۽ سنڌي ماڻهن کي آزاديءَ، آچار، امن ۽ انسان دوستيءَ جو سبق ڏئي ظلم خلاف جنگ تي اڀارن ٿا (۽ اها ئي ڳالهه ڪارن حڪمرانن کي نه ٿي وڻي). جيتوڻيڪ ڪارن حڪمرانن خلاف انهن جي ڪا به جنگ نه ٿي پر ڪارن حڪمرانن جي ذهني مرشدن خلاف جيئن ته اهي وڙهي چڪا ۽ هئا به سنڌي، تنهنڪري ڪارن حڪمرانن به کين وسارڻ ۽ ميسارڻ جي شعوري ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهو ته ڪجهه وطن دوست سنڌي دانشورن ۽ تاريخدانن، اديبن، شاعرن ۽ پڙهندڙ سياسي ڪارڪنن جي سمجهه ۽ لکيت جو ڪرشمو آهي جو ڪيترائي سورهيه نالا ۽ ڪردار پنهنجي ڪارنامن سان گڏ اجاگر ٿي آيا ۽ سنڌ جي جُنگ-ڪيڏاري جو لازمي حصو بنجي ويا آهن.

ڪارن حڪمرانن جي گذريل چاليهن ورهين واري ڏاڍ-راڄ ۾ به ڪيترائي نذير عباسي ۽ عبدالرحمٰن لاشاري پارا نوجوان، شاگرد، هاري ۽ مزدور پنهنجن اصولن ۽ نظرين تي ارڏو ٿي بيهندي يا ظلم خلاف ٽڪر کائيندي پنهنجا ڪنڌ قربان ڪري چڪا آهن. انهن مان گهڻن ته ويجهڙ ۾ ئي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ آمريت سان ٽڪر کاڌو پر جمهوريت جي دعويدارن پنهنجن اقتدار جي ڏينهن ۾ به سندن حياتين ۽ ڪارگذارين کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش نه ورتي ۽ انهن کي وسريل ئي رهڻ ڏنو ويو. سجاڳ سنڌي ماڻهو پنهنجن سورمن کي وساري نه ٿا سگهن ۽ ٻه شهيد اڳواڻ ته اهڙا آهن جيڪي ڪنهن به حالت ۾ وساري نه ٿا سگهجن. انهن مان هڪ آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو آهي شهيد فاضل راهو. جڏهن ته انهن مان پهرين جي خلاف سنئون سڌو سرڪاري سطح تي ۽ ٻي جي خلاف اڻسڌو سرڪاري نموني هڪ ڊگهي بدنام ڪريو مهم جاري ٿيل آهي.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سياسي ڪردار رکندڙ گهراڻي سان واسطيدار وڏ-گهراڻو ٻار هو، حڪومت ۾ مختلف قسمن جو وزير ٿي رهيو. فوجي آمر ايوب خان جي ماتحت رهي ڪم ڪيائين، ان سان اختلاف رکي جمهوريت جو نالو جهر جهنگ پهچايائين، هڪ وڏيءَ پارٽي جو اڳواڻ ٿي اولهه پاڪستان ۾ اڀريو، نئين پاڪستان جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، صدر ۽ وزير اعظم ٿي حڪومت ڪيائين. هن جي دَور ۾ خاص طرح مظلوم قومن ۽ انهن جي ترقي پسند، جمهوري ۽ وطن دوست ڌرين کي سخت شڪايتون رهيون پر پوءِ جمهوريت پسند ۽ سنڌي هجڻ جي ڪري آمرن هٿان شهيد ٿي ويو. جنرلن، ايجنسين ۽ انهن جي پوئلڳ رجعت پرست حڪومتن کيس بدنام ڪرڻ لاءِ وس ڪيا آهن، پر کيس آمرن جي ڪوڙن ۽ بدمعاشين کان ڪو به خطرو ناهي. هن کي جيڪڏهن ڪو جوکو رسي سگهي ٿو ته اهو سندس ئي پوئلڳيءَ جي دعويدار لٻاڙي، چاپلوس، موقعي پرست ۽ سازشي وڏيرن کان، جيڪي سندس نالي ۾ ووٽ وٺي پاڻ کي پاڪستان جي حقيقي، ڳُجهن، مڪار ۽ ڦورو حڪمرانن وٽ وڪڻي کيس بدنام ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبا (اڄ به ڪجهه، پر ايندڙ نسلن ۾ وڌيڪ) بلڪل ائين جيئن ڪيترن ئي پهرين مختلف سطحن ۽ شعبن جي اڳواڻن کي سندن تعليم ۽ عمل جي ابتڙ هلندڙ پوئلڳن جي وحشي روين بدنام ڪيو آهي.
وقت ۽ تاريخ جيئن سقراط جهڙن پنهنجي وقت جي ڏوهين کي ڏاهپ جو روشن منارو ثابت ڪيو آهي، تيئن سمورا اتم ماڻهو ۽ شهيد فاضل (سنڌ جي حوالي سان) هڪ اعليٰ انسان، هڪ سورهيه ۽ هڪ اورچ انقلابيءَ جي حيثيت ۾ نروار ٿي اڀري ايندا ۽ هزارين-لکين انقلابي سجاڳ ۽ سچار سنڌين جي دلين ۾ ورحاني رهبر جيان جيئرو رهندو.
فاضل ڇا هو، سنڌ جي ٻين انيڪ سُورهين کان ڪهڙين ڳالهين ۽ معاملن ۾ نرالو هو، فاضل ۾ ڪهڙيون ڏاهپون هيون، فاضل ڪهڙا ڪم ڪيا ۽ مظلوم ڦريل، ماريل ۽ محڪوم عوام جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ڪيئن جوڙي جڏهن ته حڪمرانيءَ ۾ نه رهيو، چوٽيءَ جو جاگيردار يا سرمائيدار نه هو، ڪنهن به هٿ ٺوڪي قوم ۽ وڏيرڪي سياست جو پرچارڪ نه هو (فاضل ته هتان جي پنجن ئي حقيقي قومن ــــــ سنڌي، سرائيڪي، بلوچ، پختون ۽ پنجابي قوم ــــــ جي وجود جي مڃتا ۽ انهن جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ ويڙهه ڪندو رهيو)، جنرلن ۽ ايجنسين جو ماڻهو نه هو، پاٿاريدار، دهشت گرد ۽ ڌاڙيل نه هو، رسمي مفهوم ۾ اديب، شاعر، دانشور، مفڪر ۽ سياستدان نه هو، ڪنهن به اخبار يا رسالي جو پبلشر، ايڊيٽر ۽ ليکڪ نه هو، ٽي وي، ريڊيو ۽ فلم جو فنڪار نه هو، وغيره، پر پوءِ به فاضل شهرت جي ايڏين بلندين تي پهتل ۽ لکين ماڻهن جي دلين ۾ وسندڙ هو، سو ڇو؟
    جيڪڏهن سٺا گڻ ظاهر ڪندڙ هزارين لفظن ـــــــ سورهيه، سرويچ، سجاڳ، سچار، سچيت، سلڇڻو، محبتي، ملنسار، ماٺيڻو، مرڪڻو، مٺو، پُرخلوص، پيارو، پنهنجائپ وارو وغيره کي گڏ ڪري چئجي ته فاضل هڪ ماڻهپي وارو سنڌي ماڻهو هو جنهن فضيلت ۽ انسانيت جي انتهائي اعليٰ معيارن پٽاندر مظلوم قومن ۽ ڦريل عوام جي ڇوٽڪاري، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ ماٺ ۾ سياسي پورهيو پئي ڪيو، ته ان ۾ ذري جو به وڌاءُ ناهي.
۽ اهو سياسي پورهيو ڪندي هو ماءُ به هو ته پيءُ به، ڀاءُ به هو ته ڀيڻ به، سنگتي به هو ته ساٿي به، ڪارڪن به هو ته اڳواڻ به، همدرد ۽ غمگسار به هو ته عملي حال ڀائي به، تنظيم هيٺ رهندڙ ۽ سنڀاليندڙ به، ضابطي ۾ هلندڙ به هو ته ضابطو رکندڙ به، حڪم موجب ڪم ڪندڙ به هو ته حڪم هلائيندڙ به، تنقيد ڪندو به هو ته سهندو به هو ۽ واجبي تنقيد جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي درست رکندو  به هو، جمهوري قدرن جو رکوال هو ۽ انهن کي منظم ڪندڙ به، ڇڙواڳيءَ ۽ آزاد خياليءَ سان کيس پوت ئي نه هئي پر قيد ڪري به نه رکندو هو. سڀني جي گڻن کي ويجهائڻ ۾ هر طرح سهڪار ڪندو هو جو ڪنهن جي اندر جو ايذاءُ نه ٿئي، جتي ڪٿي رازداريءَ کي رازداريءَ جي حقيقي معيارن موجب ئي محفوظ رکيائين. سهپ، رواداريءَ، نڀاءَ ۽ نياءَ ۾ سندس مَٽ ملڻ مشڪل آهي ــــــ اڀرن، اڻپڙهيل، ميرن ۽ مسڪين ماڻهن جي وچ ۾ به وڏيرو ٿي ويهڻ بدران قرب، محبت، ڀائپيءَ ۽ پنهنجائپ جي ڪچهري مچائي رکندو هو. هر جدوجهد ۾ پنهنجي پوري ڏات ۽ ڏاهپ سان شريڪ هوندو هو. سدائين اڳين قطارن ۾ رهندي پوين قطارن تي به نظر رکندو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو. هلو ساٿيو نه، پر اچو ساٿيو سندس لفظ هوندا هئا. ڪو به ڪم ميار ٽارڻ واري نموني اڌو گابرو ڪري ٻين جي ڪلهن تي ڦٽو ڪرڻ بدران ڪبو ته توڙ تائين نڀائبو جي اصول تي عمل پيرا هو ۽ هر هڪ کان سندس صلاحيت ۽ سمجهه آهر پورو ڪم وٺندو يا ان جي حوالي ڪندو هو. عام قسمن جي ڳالهين ۽ ڪمن لاءِ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اجائي ڦٿ ڦٿ ۾ ڦاسائي ان ۾ هر هر رخني اندازي ۽ رنڊڪ ڪرڻ بدران بيڪار ڪم ڦٽا ڪري صحيح ڪم سنئون سڌو لائق ڪارڪن جي حوالي ڪندو هو. اوچتو دماغ ۾ آيل ڪنهن خيال تي انڌا ڌنڌ ڀڄ ڊڪ ڪرائڻ بدران اڳ ۾ ڪمپيوٽر جي تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان سڀ طرفو جائزو وٺي، ضروري سوچ ويچار ڪري، ڇڏي ڏيڻ جهڙو ڪم هجي ته رد ڪري ڇڏيندو ۽ ڪارائتو هجي ته ڪم ۾ آڻيندو هو. ڪُوڙيون، هٿ ٺوڪيون بيماريون پيدا ڪري انهن جي بهاني ڏکيائي جي ڪمن کي ٽارڻ يا انهن کان لنوائڻ بدران سور  هوندي به هر ڏکيائيءَ جو ڪم ڪندو، مرڪندو ۽ همتون وڌائيندو رهندو هو. لٻاڙي لفاظيون هڻي، من گهڙت تشريحون ڪري، پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ بدران سڌيون حقيقتون پنهنجن سمورن نقصن، انديشن، انومانن ۽ جوکن سميت ظاهر ڪندي مثبت پاسن تي نظر رکي الله توهار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. پنهنجو پيٽ سور لاهڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ٽيليفونون ڪري يا خط لکي ڪارڪنن جا سوين رپيا ڀاڙن ۾ خرچ ڪرائي کين غير ضروري ۽ سطحي ڳالهيون ٻڌائي کٿ ڪرڻ بدران وقت سر ڪارڪنن کي گهرائبو به، ته ڳالهيون اهڙيون تنظيمي ۽ تعليمي ٿينديون جو ماڻهو سمجهندو ته نئون ايمان پِرايو ۽ ڀروسو وڌايو اٿم يا وري معمولي کان معمولي ڪارڪن، همدرد، هم خيال وٽ پاڻ ئي وڃي پهچندو ۽ ڪم ڏسيندو. ملڻ جو شوق، جذبو ۽ سياسي عقيدت يا هم خيالي رکندڙ ماڻهن کي وقت ڏئي، ٻه ٻه ڪلاڪ ويهاري، انتظار ڪرائي، بيماريءَ جو بهانو ڏئي ٽاري، وڏ ماڻهپ جهاڙڻ ۽ شرم لڪائڻ لاءِ ماڻهن کي اثر ۾ آڻڻ جو اهو طريقو آهي چوڻ بدران وقت ڏبو ته ملبو ضرور پر اوچتو آيل جي به (ڪهڙي به اوپري وقت ۾، ڪهڙي به ڪم سان آيو هجي) اهڙي کِلي کيڪار ڪبي ڄڻڪ ان جي ئي انتطار ۾ هجي (۽ فاضل ڄڻڪ کيس پنهنجي ڪم لاءِ سڏايو هجي)، ڳالهائبو اهڙي پيار ۽ قرب سان جو سياسي طور متفق نه هوندي به هو بي اختيار چئي اٿندو، ماڻهو ته فاضل ــــــ مٺو ۽ محبتي“.ڪارڪنن جي هر ملندڙ ماڻهو سان پرپٺ گلاخوري مان فاضل نه ڄاڻي، جي گڻ هوندس ته ساراهه ڪبي ۽ جي گڻ نه هوندس ته به گلا نه ڪبي. هر ڪارڪن ۽ ملندڙ ماڻهوءَ کي پڪ هوندي ته فاضل پرپٺ هن بابت ڳالهائيندو ته سچ ڳالهائيندو، اجائي ناجائز ۽ ڪوڙي ڍڍ پٽ نه مچائيندو. پنهنجي پوريءَ لگن، سچائيءَ ۽ سگهه سان ڪم ڪرڻ فاضل جو شيوو هو ۽ ان ڪري ئي هر هڪ وسهندو هو ته جيڪو ڪم فاضل چوي ته هيءَ ٿيندو“، معنيٰ ٿيندو ۽ ڪهڙو به ڏکيو ڪم هجي، فاضل چوندو ٿي ويندو“ ــــــ الائي، شايد، متان، ممڪن آ، وغيره جهڙا لفظ فاضل آڏو معنيٰ وڃائي ويهندا هئا. هر ننڍي يا وڏي ڪم کي بس ڪم ئي چئبو، ان تي ڊاڙون هڻڻ يا غير اهم ڪم به اهم ۽ وڏو ڪري ٻڌائڻ فاضل جي عادت ئي نه هئي. ها، جي ڪارڪن سٺو ڪم ڪيو ته ان جي سامهون توڙي پرپٺ هڪ جهڙي ساراهه ڪبي. اهو عملي سبق هوندو هو، هر ٻي ماڻهو لاءِ ته اسان وٽ ماڻهوءَ جو پرپٺ به قدر آهي ۽ ان ڪري هر ماڻهو اعتماد، سچائيءَ، خلوص ۽ پنهنجي سگهه سارو ايماندريءَ سان ڪم ڪرڻ تي زور ڏيندو هو. دولت واري کي عزت ڏيڻ بدارن سنڌ-دوست ۽ عوامي ڪم ڪندڙ کي عزت ڏبي. هو نظريي“، موشگافين، تاويلن، تشريحن ۽ ڊگهين پٽاڙن ۾ پوڻ بدران سڌي سادي ، چٽي ۽ ٺوس نموني ڇنڊيل ڇاڻيل اصولي ۽ نظرياتي موقف رکڻ ڄاڻيندو هو ۽ اهڙو ته وزنائتو رکندو هو جو حيل حجت جي جاءِ ئي نه بچندي هئي. حقيقت اها آهي ته هن جو دليل ۽ وزن سندس عمل جي پختگي ۽ قول سان سچو هجڻ هو. هو ننڍن عملن، جلسن، جلوسن، مظاهرن وغيره کي اهڙو بيان نه ڪندو هو، سنڌ جي آئيندي جو دارومدار هيو ئي انهن تي. هو ته انهن کي ماڳ ڏانهن وڌڻ جو هڪ ڏاڪو سمجهندو هو، هڪڙي ڪانفرنس ڪري ان تي ڇهه مهينا سياسي هٿ هلائڻ سندس وڙ نه هو، جلسي ۽ جلوس کي سياسي ڌِڪي طور ڪم نه آڻيندو هو. هن جي نظر ته ماڳ تي هوندي هئي ۽ ان لاءِ هر قسم جا ڏونگر ڏوريندو، لنگهه لتاڙيندو، راهون رنديندو من موج سان اڳتي وڌندو رهندو هو. گهڙيءَ کن جو آرس ۽ جهٽ پل جي ٽوٽائپ به سندس ريت جي خلاف هئي. هر دم تيار، هر گهڙيءَ ڦڙت، هر ويرم جوشيلو ۽ هر وقت ڪم فاضل جو وڙ هيو. بيماريءَ جو بهانو ڪري، ڪوڙيون اوٻاسيون ڏئي، چونڊ ڇوڪرين کان زور ڏيارڻ ۽ ڪنجهندي ڪرڪندي پنهنجا دردناڪ داستان ٻڌائي رومانٽڪ، جنسيت زده ڳالهيون ڪندو رهڻ تي لعنت موڪليندو هو. هر نياڻيءَ کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ برابر سمجهندي ۽ سندن حد درجي احترام ڪندي ڪم جي سلسلي ۾ مرد جي برابر سمجهندو هو.
سچ پچ تڪليف هوندي به ڪارڪنن توڙي ملندڙن جي جيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ، سندن ڏک سور، شڪوا شڪايتون، اعتراض ۽ سوال (۽ سندس نظر ۾ ڀلي ناجائز هجن) هر قسم جون تنقيدون ٻڌڻ ۽ انهن جا مناسب حل ٻڌائڻ يا حل ڪرڻ ۽ ذاتي دلچسپي وٺي توڙ تائين نڀائڻ فاضل جو ڪل وقتي ڪم هو. گهڻي تڪليف ۽ بڇان جهڙا ڪم به پاڻ ڪري ساٿين کي آسائش ۽ آرام پهچائڻ جو اونو هر وقت رکندو هو، ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو پنهنجي تڏي تي نه، سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾، قيد توڙي بند ۾، بلوچستان توڙي پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ (جتي به پاڻ پهتو) پنهنجا ماورائي، ديوتاڻا، مخلص ۽ پيار ڀريا قصا ڇڏي آيو. جنهن فاضل ڏٺو ۽ ٻڌو، جيڪو به فاضل سان مليو تنهن ڄڻ ماکي ۽ مکڻ کاڌو. جانب تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!
فاضل مظلوم ۽ محڪوم عوام ۽ ڪارڪنن جي دلين تي حڪمرانيون ٿي ڪيون. هو هر مظلوم جو آواز هو، هر ويڙهاڪ جو ڏڍ هو، هر من، هر ذهن ۾ ڄڻڪ سندس ڪا مورتي ٺهيل هجي جنهن سان عقيدت رکندي ۽ عزت ڏيندي ڄڻڪ گڏجي جيئڻ ۽ گڏجي وڙهڻ جا جتن جاري رکڻ وارا وچن ڪيل هجن ته سر گهورڻو آهي يا وري ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جي نگري ڊاهي سک، سانت، امن، انصاف ۽ ڀائيچاري جو راڄ ٺاهي رهڻو آهي. فاضل اهو فنڪار هو جنهن انقلاب جا چِٽ چٽيا ۽ هر گهڙيءَ اورچائيءَ جي جدوجهد جا نغما پکيڙيا، اهو سياستدان هو جنهن پنهنجي قول جي سچائي پنهنجي عمل سان مڃائي، اهو مفڪر هو جنهن حق ۽ سچ کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ظاهر ڪيو. فاضل سنڌ جي هڪ پراهين ڪنڊ ــــــ ڪڙيو گهنور گولاڙچي ــــــ کان نڪري سڄي دنيا جي وسعتن ۾ سج جي روشني جيان پکڙيو ۽ جنهن ڏٺو تنهن بيشڪ سچ مڃيو. فاضل پنهنجي نوجوانيءَ کان وٺي ظلم خلاف جنگ جوٽيندو آيو، پوءِ اها جنگ تر جي وڏيرن جي ڏاڍاين ۽ ڦرلٽ خلاف هجي يا پوليس ۽ ڪورٽن جي بي انصافيءَ خلاف، شاگردن جي آمريت خلاف ويڙهه هجي، سنڌ جون ٻنيون نام نهاد نيلام وسيلي ڦٻائڻ جي سازش خلاف احتجاج هجي، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي بنائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ڪيل فسادن جي باهه ۾ ساڙيل سنڌين جي بچاءَ جي جنگ هجي، جمهوريت جي نالي ۾ مڙهيل آمريت جي خلاف مظلوم قومن جا حق بچائڻ جي جنگ هجي يا اگهاڙي فوجي آمريت جي ڏاڍ خلاف ويڙهه يا وري عالمي سامراجي قوتن جي ڏاڍاين ۽ دخل اندازين خلاف جنگ، سنڌ ۾ هجي يا بنگلاديش ۾، بلوچستان ۾ هجي يا افغانستان ۾، جتي به ظلم خلاف جنگ جو اعلان هوندو، فاضل پنهجي قوت آهر اڳرو نظر ايندو. هن پنهنجي جدوجهدن ۾ ڄاڻي ورتو ته سٺي ۽ سڌريل تنظيم کان سواءِ انقلابي جدوجهد هلائي نه ٿي سگهجي ۽ انقلابي جدوجهد کان سواءِ ڦريل ۽ سمورين قومن ۽ عوام کي حقيقي نجات نه ٿي ملي سگهي. ان لاءِ ضروري هو ته سهپ، رواداري، سڀ طرفي تعليم، ٻڌيءَ ۽ توڙ تائين گڏيل جدوجهد جو پايو مضبوط ڪيو وڃي. ڪنهن به ڏاڍ آڏو جهڪڻو ناهي، پاڻ وڪڻڻو ناهي، ڀاڙي ٿيڻو ناهي، سورهيائيءَ ۽ سرويچيءَ سان اورچ جدوجهد ئي نجات جي راهه آهي ــــــ ۽ فاضل ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو. فاضل اهو سنڌي سورمو هو جنهن جي هر گهڙي دليريءَ ۽ جرئت جي جوت سان ٻهڪيل هئي ۽ اهو ماڻهو جيڪو ماڻهپي سان ٽمٽار هو. فاضل سامراج دشمن هو، آمريت جو سخت مخالف هو، هن کي نفرت هئي ڪُوڙ کان، ڪم چور کان، ڪم ٽپائو هجڻ کان، ڪمزوريءَ کان، ڪُپت کان، ڪلڇڻائيءَ کان ۽ هر ان ڪم کان جنهن سان ڪنهن به ماڻهوءَ يا ماڻهپي کي جوکو رسي، فاضل جي انسان دوستي، امن دوستي، سڄڻائپ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪنهن به شڪ کان بالاتر آهن. هو جمهوريت پسند، انقلابي ۽ مظلوم جو ساٿي هو. فاضل جو وجود هر مظلوم ۽ ماريل، ڦريل ۽ ڦاسايل قوم ۽ عوام جي آجپي، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ اڪابري، اورچائي، سرويچي، سورهيائي ۽ سچائي جو سنيهو آهي ۽ اها ئي سنڌ جي آجپي جي عوامي راهه آهي.
هن وقت ڏاڍي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته عقيدي پرست ۽ اڻڄاڻ عوامي حلقي ۾ سنڌ جي هن سدا حيات سورهيه ۽ انقلابي اڳواڻ کي سرڪاري طور پير بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شايد شاهه عنايت شهيد کي ائين پير بنايو ويو هو! پر، اسين اميد ٿا رکون سجاڳ سنڌي عوام ۾، ته جيئن شاهه عنايت جي انقلابي ڪردار کي عقيدي پرستيءَ جي اوٽ مان ڪڍي نروار ڪيو ويو آهي تيئن سنڌ جي هن سورهيه کي به پنهنجن سمورن انقلابي ڳڻن سان پڌرو رکيو ايندا ۽ سنڌ جو هڪ بي مثال روشن انقلابي مينار اجهامڻ نه ڏيندا. فاضلُ بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ فرق ڀاو جي مظلوم قومن، مظلوم عوام ۽ سنڌ دوستيءَ جي انقلابي راهه جو سدا جيئاڪ نشان آهي.
(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 17 جنوري 1992ع)

No comments:

Post a Comment