4/11/2024

ڪئناڊا ايڪيل رهڻ جي اميد رکي ٿو (محمد اظغر علي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو)

 ليکڪ: محمد اظھر علي خان

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

                              

ڪئناڊا ايڪيل (equal) رهڻ جي اميد رکي ٿو

         

ڪئناڊا سڄيءَ دنيا جي انهن ماڻهن کي ڏاڍو وڻندو آهي جيڪي پنھنجو ۽ پنھنجن ٻارن جو سٺو آئيندو اَڏڻ جي سَڌ رکندي هِن ڌرتيءَ تي اچڻ گهرن ٿا.

پر پاڻ ڪئناڊا منجهه، اُن تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن اچي ويا آهن. عالمي طور تي پيدا ٿي ويل پَستيءَ ڪئناڊا کي خاص طور ڏکيو ڪيو آهي. اهو 1930ع کان وٺي هن وقت تائين پيدا ٿيل حالتن مان سڀ کان وڌيڪ ڏُکي حالت منجهان گذري رهيو آهي. ڌَنڀياسي (معاشي) ماهر چوَن ٿا ته هاڻي وري به کوٽ کي ڀَري سگهڻ ويجهو اچي پھتا آهيون، پر ڏيوالا ۽ بي روزگاري وڌي ويا آهن ۽ هتي اها سَڀار (عام) ساڃاهه (ادراڪ) آهي ته پاڻ ڀرڻ جو عمل ڍرو هوندو. سياسي محاذ تي صورتحال ڪجهه سُڌري آهي. هاڻي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اها اميد ڪجهه وڌي آهي ته ڏيھه هڪُ ئي رهندو، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پڪ سان چئي سگهن ٿا ته ڏيھُه ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ ڪو نه ٽُٽندو.

مسئلو ايڏو ته منجهيل ۽ اِينگهائيندڙ آهي جو مرڪزي حڪومت ۽ راڄ-سڀا (پارليامينٽ) ڪيتريون ئي ڪميشنون ۽ ڪميٽيون ان کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ٺاهي رکيون هيون. هر صوبي کي پنھنجا اندريان معاملا سلجهائڻ لاءِ پنھنجي دستوري جوڙجڪ جي سڀا آهي. مرڪزي حڪومت سينئر وزيرَ جَو ڪلارڪ کي سندس پرڏيھي وزارت تان مَٽائي دستور جي سنڀال جو چيو، ته جيئن نئين هلت لاءِ ڪا صلاح رٿي سگهي.

مسئلو، پنھنجيءَ اڄوڪي صورت ۾، پيئر ٽروڊي دور هلندي، 1982ع ۾ ڪيل دستوري تبديليءَ جو نتيجو آهي. اتم وزير (وزير اعظم) ٽروڊي ڀانيو ته پنھنجو اقتدار اعلى (سوورينٽي) رکندڙ هڪ ڏيھه جي حيثيت ۾ ڪئناڊا کي راڄ-سڀا سان ڳنڍيل هئڻ بدران پنھنجو دستور هئڻ گهرجي. ڪئناڊا جي پراچين ماڻهن ۽ قئبيڪ صوبي اعتراض واريو، انهيءَ ڀوَ کان ته مرڪزي حڪم تي متان سندن (اقتداري) ٻَل سان هٿ چراند نه ڪرڻ لڳي.

قئبيڪ جي منظوري وٺڻ لاءِ اتم وزير مِلورونيءَ، چار سال اڳ سڀني صوبن سان گڏجي هڪ ٺھرو (ايگريمينٽ) ڪيو، جنھن کي ’مِيڪ ڍنڍ ٺھرو‘ سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ قئبيڪ کي ڪئناڊا اندر هڪ سَنڌائتي (چِٽي) راڄ طور سڃاتو (مڃيو) وڃي ٿو جنھن کي صوبائي (اقتداري) ٻل طور اهو وَس مليل هو ته پنھنجي فرينچ [فرانسي] ٻولي ۽ ثقافت تاتي نپائي سگهي. قئبيڪي، جيڪي انگريزي ڳالهائيندڙ  برطانوي ۽ امريڪين جي سمنڊ ۾ گهيريل آهن، ڏاڍي گهٽ ڄم-واڌ رکن ٿا. انهن کي ڊپ آهي ته وقت سان گڏ سندن ٻولي ۽ ثقافت گم ٿي ويندا تان جو قئبيڪ حڪومت کي سندن بچاءَ لاءِ خصوصي وَس نه ٿا ڏنا وڃن.

بھرحال، مِيڪ ڍنڍ ٺھرو ٻه سال اڳ تڏهن هيڻو ڪيو ويو جڏهن اهو باقي سڀني صوبن جي رضا کٽڻ ۾ ناڪام ويو. ڪجهه ڇٽِيھرن (پريميئرس، ڪئناڊا ۾ صوبي جو اڳواڻ ــــ ’وڏو وزير‘) ۽ ڪجهه پراچين ماڻهن پاران اعتراض ڪيا ويا ته قئبيڪ کي ملندڙ رعايتون ڪئناڊا کي ويتر ڪمزور ڪري ڇڏينديون. ڪئناڊا ته اڳ ئي دنيا جي انتھائي ڪمزور مرڪز رکندڙ ڏيھَن مان هڪ آهي. پراچين ماڻهن ڀانيو ته جڏهن فرينچ ٻولي ۽ ثقافت سنڀالي رکڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن، تڏهن پراچين سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حقن تان ڌيان ٿِڙي وڃي ٿو.

ٻه ورهيه اڳ، ميڪ ڍنڍ ٺھري جي ناڪاميءَ کان پوءِ، مرڪزي حڪومت سڀني صوبن سان هڪ اهڙي ٺھري تي پھچڻ گُهري ٿي، جيڪو قئبيڪ سان گڏ اُلهندي ڪئناڊا ۽ ائٽلانٽڪ صوبن، سڀني کي راضي رکي.

اُلهندي ڪئناڊا کي ججها ڌَنيري (معاشي) وسيلا آهن پر ٻين جي ڀيٽ ۾ ماڻهو وري گهٽ. الهندي وارا ڪئناڊين محسوس ڪن ٿا ته ڏيھه جون ڌنيري پاليسيون اونٽاريو ۽ قئبيڪ جي فائدي لاءِ ٺاهيون پيون وڃن ڇو ته انهن وٽ ايڏي آبادي آهي جو راڄ-سڀا تي ڄَمت رکي سگهن ۽ انهيءَ ڪري حڪومت ۽ معيشت (ڌَن) تي به.

ٻين جي ڀيٽ ۾ ائٽلانٽڪ ڪئناڊا غريب آهي ۽ ان ڊپ ۾ ورتل ته مرڪزي حڪومت جي ڪا به وڌيڪ ڪمزوري، ڏيھه جي ٻين غريب علائقن جي مدد ڪرڻ واري سندس ڏات کي هيڻو ڪري رکندي.

پراچين ماڻهن به چيو آهي ته اهي به گهڻي ئي بي ڌيانيءَ ۽ ڪِن حالتن ۾ ته ڦرلٽ جو به شڪار ٿي چڪا آهن. اهي چاهن ٿا ته کين پنھنجو اقتدار اعلى رکندڙ (حڪومت) طور مڃيو وڃي، ڇو ته برطانوين انهن تي ڪاهه ڪري سوڀ نه پاتي هئي پر اهي تاج (برطانوي حڪومت) سان هڪ صلحنامي (ٽِريٽي) وسيلي گڏيا هئا. اهي ڪئناڊا اندر پنھنجي حڪومت ٺاهڻ گهرن ٿا، جڏهن ته حالت اها آهي جو ڪو به نه ٿو ڄاڻي ته اها ڪم ڪيئن ڪندي يا ان جو مطلب ڇا آهي!

قئبيڪ، ساڳي وقت، هڪ مار مھل (ڊيڊ لائين) ڏئي ڇڏي آهي. ان پنھنجي سر پاڻ هڪ سڌيراءِ (عام راءِ، ريفرنڊم) لاءِ دير ۾ دير به هِن سال 28 آڪٽوبر [1992ع] جي تاريخ ڏئي رکي آهي. جيستائين ڪئناڊين حڪومت سڀني صوبن سان صلاح مشورو ڪري ٻڌائي سگهي ته هوءَ پنھنجي ثقافتي ۽ ٻوليائي ۽ ڌنيري سگهه برقرار رکڻ لاءِ انتھائي ضروري ڀاسندڙ (اقتدار) ٻل جا شرط ڏئي سگهي. هڪ اهڙي ئي سڌيراءِ 1980ع ۾ ورتي وئي هئي، جڏهن ڪيترن ئي قئبيڪين پاڻ پنھنجي سياسي اقتدار اعلى جو تصور رد ڪري ڇڏيو هو.

قئبيڪ جا علحدگي پسند هِن ڀيري کَٽڻ جي گهڻي اميد رکن ٿا. اهو هڪ ڀوائتو خواب هوندو، ڇو ته قئبيڪ جي پراچين رهاڪن، جيڪي ڳالهه جي حد تائين قئبيڪ ۾ زمين جو ويڪرو حصو والارين ٿا، چيو ته اهي قئبيڪ بدران ڪئناڊا جو حصو ٿي رهڻ پسند ڪندا. اڃا به اهو ته قئبيڪ 1898ع ۾ جڏهن ڪئناڊا سان گڏيو هو تڏهن سرحدن جي حوالي سان انتھائي سوڙهو صوبو هوندو هو. ان کي 1927ع ۾ ڪافي وڏي (ويڪري) سرحد (زمين) ڏني وئي هئي. پر ڳالهين موجب اها زمين ڪئناڊا جي آهي ۽ جيڪڏهن قئبيڪ ڌار ٿيو ته ڪئناڊا کانئس پنھنجي زمين موٽائي وٺندو. اڃا وڌيڪ، ڪيترا ئي ڪئناڊين زور ٿا ڀرين ته قئبيڪ جيڪڏهن ڌار ٿيو ته اهو لازمي طرح ڪئناڊا سان پاڻ کي ڳنڍڻ لاءِ سَڻاوَن شرطن تي ڌنيري پرچاءُ ڪندو.

قئبيڪ ڇٽيھر، رابرٽ بوراسا چيو آهي ته گهڻا قئبيڪي ڪئناڊا جو حصو رهڻ گهرن ٿا ـــ پر انهن کي اهي قوتون ضرور ملڻ گهرجن جيڪي اهي پنھنجيءَ ثقافت جي سنڀال لاءِ ضروري سمجهن ٿا.

ساڳي وقت الهندا ڪئناڊين چوَن ٿا ته پاڻ کين ا-ب-چ (ٽن اکرن واري) لوڪ-سڀا (سينيٽ) ضرور ملڻ گهرجي يعني هڪ اهڙي لوڪ-سڀا جيڪا اثرائتي، برابر ۽ چونڊيل هجي ۽ اونٽاريو ۽ قئبيڪ (جي نمائندن) سان ڏَٽيل عامن-گهر (هائوس آف ڪامنس) کان سندن پنھنجن مفادن جو بچاءُ ڪري سگهي. پراچينِي چون ٿا ته انهن کي پڻ پنھنجا پورا پورا حق ملڻ گهرجن. ڪئناڊا جي شھرين (رهاڪن) طور ته اهي پنھنجا انفرادي حق ماڻين ۽ مزو وٺن ٿا پر جنتا جي حيثيت ۾ پڻ پنھنجا گڏيل حق گهرن ٿا، خاص طور زمين تي، جيڪا اهي دعوا ڪن ٿا ته قانوني ۽ اخلاقي طور سندن ئي آهي.

معاملن کي اڃا به منجهائيندي، ڪئناڊا ۾ هاڻي ڳڻپ جي لحاظ کان پوريءَ طرح برطانوي ۽ فرينچ ماڻهن جي برتري ناهي، جيڪي هِن ڏيھه جو پايو وجهندڙ قومون هئا. بڻائتا ڪئناڊين اڄ ڳڻپ ۾ 40 سيڪڙو تائين وڌي چڪا آهن ۽ سندن نسبت لاڳيتو وڌي رهي آهي.

ڪئناڊا اڄڪلهه سچ پچ ته 100 کان وڌيڪ خصوصي قوميتون رکندڙ گهڻ-ثقافتي ڏيھه ٿي پيو آهي. اهو ان راهه تي اڃا به وڌي رهيو آهي. ان کي پنھنجو ڌنيري آئيندو بچائڻ لاءِ پرڏيھه مان ايندڙ جي گهرج آهي ۽ پرڏيھه مان ايندڙ هاڻي گهڻي قدر يورپ مان هئڻ بدران سڄيءَ دنيا مان اچن ٿا. اُهي هڪ اهڙي ڏيھه ۾ اچن ٿا جيڪو سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آزاد ۽ سُکيو (سائو) ڏيھه آهي. هن سال ڪئناڊا پنھنجو 125-هون جنم ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، پر جنم ڏهاڙو ان هڪ ڳڻتيءَ ۾ ڳوٿل آهي، جيڪا ڪئناڊين کي پنھنجي ڌنيري ۽ سياسي آئيندي مٿان ڇانيل نظر اچي ٿي.

*

(ڇپيل: روزاني ”الوحيد“ ڪراچي، 5 مارچ 1992ع)

No comments:

Post a Comment