4/17/2024

پِي اين اي-تحريڪ جي ابتدا ۽ انتُ - منير احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: منير احمد

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

پِي اين اي-تحريڪ جي ابتدا ۽ انتُ

 

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جو مُدو 10 آگسٽ 1977ع تي ختم ٿيڻو هو. پ پ پ جي ڪجهه اڳوڻن ڀُٽي (صاحب) کي صلاح ڏني ته چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، ڇو ته آگسٽ مھينو چونڊن لاءِ موزون ناهي. ڀُٽي (صاحب) وٽ رٿ رکي وئي، ته چونڊون آڪٽوبر يا نومبر 1977ع ۾ ڪرايون وڃن. تڏهن به، مرحوم ڀُٽي ان سان اتفاق نه ڪيو ۽ پاڻ قومي اسيمبليءَ جون چونڊون 7 مارچ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون 10 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

اپوزيشن (مخالف ڌر) کي پڪ نه هئي ته ڀٽو صاحب ڪو ايترو جلدي چونڊن جو اعلان ڪندو. ذوالفقار علي ڀُٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جنھن کان پوءِ اپوزيشن جا اڳواڻ جوڙ توڙ ۾ رُجهي ويا ۽ هنن 11 جنوريءَ تي پاڪستان قومي اتحاد (پِي اين اي) [پاڪستان نيشنل الائِنس] جي نالي ۾ هڪ انتخابي اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پِي اين اي فيصلو ڪيو ته 1977ع جي چونڊن ۾ گڏيل اميدوار بيھاريا وڃن. ان اتحاد ۾ نوَ سياسي پارٽيون شامل هيون، جن ۾ تحريڪ استقلال، جماعت اسلامي، پاڪستان جمھوري پارٽي، خاڪسار تحريڪ، جمعيت علماءِ اسلام، جمعيت علماءِ پاڪستان، مسلم ڪانفرنس، اين ڊِي پِي ۽ مسلم ليگ (قاسم گروپ) شامل هيون.

2 جنوريءَ تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس سجاد احمد خان قومي اسيمبليءَ جي نئين تَڪ بنديءَ جو اعلان ڪيو. 19 جنوريءَ تي قومي اسيمبليءَ لاءِ نامزدگي ڪاغذ گڏ ڪرائڻ جو آخري ڏينھن هو. انهيءَ ئي شام ذوالفقار علي ڀٽو، ممتاز علي ڀٽو، سلطان احمد چانڊيو، مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ مجتبى جتوئي بنا مقابلي چونڊجي ويا، جنھن تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ عام چونڊن کان اڳ ئي ڌانڌليءَ جو الزام آندو.

پي اين اي جي صدر مفتي محمود 25 جنوريءَ تي ديره اسماعيل خان جي هڪ مسجد ۾ نمازين جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته اپوزيشن ڌانڌلين خلاف تحريڪ هلائيندي. ان کان پوءِ ملڪ ۾ جهيڙن جو سلسلو شروع ٿي ويو. 7 مارچ تي قومي اسيمبليءَ لاءِ چونڊن جي موقعي تي پ پ جي ڪجهه وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ڌانڌلين جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي ڦڏو ٿيو ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ قتل جا واقعا ٿيا، جنھن کان پوءِ پِي اين اي هڪ هنگامي گڏجاڻيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جي نتيجي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ نئين سر چونڊن جي گُهر ڪئي. انهيءَ وچ ۾ اصغر خان پاڻ کي اُڀاري آيو هو. هُن تڪڙي حڪمت عملي تيار ڪري، ملڪ ۾ مظاهرن جو سلسلو شروع ڪرائي ڇڏيو. پِي اين اي 13 مارچ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان کان اڳ رفيق احمد باجوه، ڀُٽي صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ ان کان پوءِ پِي اين اي جي جنرل سيڪريٽريءَ واري عھدي تان استعيفى ڏني. هُن جي جاءِ تي پروفيسر غفور احمد کي نئون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي پاسي اصغر خانَ فوج سان رابطو ڪري ورتو ۽ هُن ڀُٽي صاحب کان مطالبو ڪيو، ته هُو فوج جي نگرانيءَ هيٺ نئين سر چونڊون ڪرائي. ان تي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي، مفتي محمود کي ڳالهين جي دعوت ڏني. جيئن ته حڪومت پاران حالتن کي خرابيءَ کان بچائڻ لاءِ 144 قلم لاڳُو ڪيو ويو هو، ان ڪري پِي اين اي پنھنجن ڪارڪنن کي چيو ته اهي پنھنجي ڳچيءَ ۾ قرآن وجهي ميدان ۾ نڪري اچن. انهيءَ وچ ۾ پِي اين اي جِي احتجاجي تحريڪ کي نظامِ مصطفى جي تحريڪ جو نالو ڏنو ويو، جنھن جو مقصد ملڪ ۾ اسلامي نظام رائج ڪرڻ جي هام هنيل هئي. ضياءُ الحق پاران مارشل لا ته هاڻي ماڻهن جِي ان حد تائين سکيا ڪري ورتي آهي ته اهي اسلام جي نالي تي دلڪش وعدا ڪرڻ وارن سياستدانن جي ڳالهه تي ڌيان ئي نه ٿا ڏين، پر ڀُٽي جي ڏينھنِ ۾ اها صورتحال نه هئي. اتحاد ۾ شامل انهن جماعتن سان واسطيدار هزارين ڪارڪن اسلام لاءِ مرڻ تي تيار ٿي ويا، جنھن جو سياستدانن خوب فائدو ورتو. اهي ماڻهن کي مارائيندا ۽ تحريڪ هلائيندا رهيا. انهن ئي ڏينھنِ ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين به پِي اين اي جي اڳواڻن کي نوٽن جا ڍڳَ ڏيڻ شروع ڪيا. آمريڪا مان به ڊالر اچڻ جي ڳالهه عام ٿي وئي. پِي اين اي جِي تحريڪ لاءِ جيڪي ماڻهو فنڊ مھيا ڪري رهيا هئا، انهن جو اڪائونٽ آمريڪن ايڪسپريس بئنڪ ۾ کوليو ويو، جنھنڪري شڪ پيدا ٿيو ته آمريڪا اسلام نافذ ڪرڻ وارن جي مالي مدد ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي آمريڪا جو ضياءُ الحق سان رابطو قائم هو ۽ ضياءُ الحق اپوزيشن جي سياستدانن کي هر ممڪن مدد مھيا ڪري رهيو هو. ضياءُ الحق، پِي اين اي جي ڪجهه سياستدانن کي ان ڊيوٽيءَ تي چاڙهيو ته اُهي ڀُٽي سان ڳالهين کي ناڪام ڪن. ڀُٽي اپوزيشن جا سڀ مطالبا مڃي ورتا، پر ان هوندي به اصغر خان آخري گهڙيءَ تائين گوڙ ڪندو رهيو، ته پِي اين اي جون ڳالهيون ناڪام ٿيون آهن. اپوزيشن 9 اپريل 1977ع تي ملڪ ۾ وڳوڙن جو نئون سلسلو شروع ڪيو، جنھن ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. جيئن ته پِي اين اي احتجاجي تحريڪ کي نظامِ مصطفى جو نالو ڏنو هو، ان ڪري ڀُٽي ان کي مُنھن ڏيڻ لاءِ شراب تي پابندي وِڌي، جوئا ۽ ريس (شرط) کي اسلام مخالف سڏيو ۽ عام موڪل آچر بدران جمعي ڏينھن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان باوجود پِي اين اي پاران ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي ته اهي حڪومت کي ٽئڪس نه ڏين ۽ بئنڪن مان پنھنجا ڏوڪڙ ڪڍرائي وٺن. ان سان گڏ ئي اصغر خان فوج جي سربراهن کي خط لکيا ته اهي هنن حالتن ۾ پنھنجو فرض ادا ڪن ۽ حڪومت جا غير قانوني حڪم نه مڃن. ڀُٽي صاحب اپوزيشن جو ٻيھر چونڊون ڪرائڻ وارو مطالبو مڃي ورتو، ته اپوزيشن ڪي ٻيا مسئلا اُٿاري ڇڏيا. ڀُٽي جو ابتدا ۾ چوڻ هو ته هُو صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٻيھر ڪرائيندو ۽ جيڪڏهن اپوزيشن کي ڪاميابي ٿي، ته قومي اسيمبليءَ جون چونڊون به ٻيھر ڪرائيندو، پر پِي اين اي ان آڇ کي ٿُڏي ڇڏيو. پاڻ پ پ جا ڪي ميمبر جن ۾ سردار شوڪت حيات، بلخ شير مزاري، عبد اللھ روڪڙي ۽ اعتزاز احسن شامل هئا، پارٽيءَ مان استعيفى ڏئي ڇڏي. 5 مئي تي پِي اين اي 32 نُڪتن وارو مطالبن جو چِٺو پيش ڪيو. انهيءَ وچ ۾ اسلامي ملڪن قومي اتحاد ۽ ڀُٽي جي وچ ۾ معاملا نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي. 17 مئي تي ڪُويت، 20 مئي تي فلسطين ۽ 27 مئي تي سعودي عرب جي اڳواڻن اپوزيشن سان ملاقات ڪري معاملن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن پاڪستان مارشل لا هيٺ ڦاسي وڃڻ کان بچي سگهي. پِي اين اي جي تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ڀُٽي صاحب ايٽم بم ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. هُن ٽين دنيا جي ملڪن کي ترقي يافته ملڪن جي قطار ۾ آڻڻ پئي گُهريو. اسلامي ملڪن جون ڪوششون چڱيءَ حد تائين سوڀاريون ٿيون ۽ اپوزيشن سان حڪومت 3 جون 1977ع کان ڳالهين جي ابتدا ڪئي. ڀُٽي سان گڏ جيڪا ٽِيم هئي، ان ۾ ڪوثر نيازي ۽ عبدالحفيظ پيرزادو شامل هئا، جڏهن ته اتحاد پاران مفتي محمود، نوابزادو نصر اللھ خان ۽ پروفيسر غفور احمد شامل هئا. اصغر خان جي خواهش هئي ته هُن کي به مذاڪراتي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي، پر حڪومت کيس ان ۾ شامل ٿيڻ نه ڏنو. هونئن به پِي اين اي جا اڳواڻ اصغر خان جي موجودگي پسند نه ڪندا هئا. ڀُٽي صاحب 3 جونِ 1977ع تي خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ڪري اپوزيشن کي ريجهائي ورتو ۽ قومي اتحاد جي ٽن مرڪزي اڳواڻن اصغر خان، نوراني ۽ محمد اشرف خان کي آزاد ڪيو، 144 قلم ختم ڪري، اخبارن تان سينسرشپ هٽائي ڇڏي. 8 جونِ تي پِي اين اي پاران اهو تاثر ڏنو ويو ته حڪومت سان ڳالهيون سوڀاريون ٿينديون. 14 جونِ تي ڀُٽي اعلام ڪيو ته هُو چونڊون 1977ع ۾ ئي ڪرائيندو. ان جي ٻئي ڏينھن اپوزيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ سڀني اهم مامرن تي سمجهوتو ٿي ويو ۽ ڀٽو چئن ڏينھنِ لاءِ اسلامي ملڪن جو دورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

25 جونِ تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهين دوران رٿيل سمجهوتي جي ڊرافٽ تي هر هڪ شَق جي حوالي سان بحث شروع ٿيو. ڀُٽي جو خيال هو ته هُو اسيمبلين کي 25  جولاءِ تي ختم ڪندو، جڏهن ته اپوزيشن جو مطالبو هو ته اسيمبليون 7 جولاءِ تي ٽوڙيون وڃن. ان کان پوءِ ٻنهي ڌرين ان لاءِ تاريخ 10 جولاءِ مقرر ڪئي. 2 جولاءِ تي اپوزيشن ٻيھر حڪومت سان ڳالهيون ڪيون ۽ اعلان ڪيو ته حڪومت پاران اپوزيشن جي 11 نُڪتن وارن مطالبن کي مڃيو ويو آهي جنھن پٽاندر عام چونڊون 18 آڪٽوبر تي ٿينديون، چونڊون ڪرائڻ لاءِ آزاد ۽ خودمختيار  مشينري قائم ڪئي ويندي، ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ نگران ڪائونسل مقرر ٿيندي جنھن جو چيئرمئن ذوالفقار علي ڀٽو هوندو، ٺاهه تي صحيحون ٿيندي ئي هنگامي حالتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو، سڀئي سياسي قيدي آزاد ڪيا ويندا، اسيمبليون ٽوڙيندي ئي گورنر راڄ نافذ ٿيندو، گورنرَ قومي اتحاد جي صلاح سان مقرر ڪيا ويندا، نئين بااختيار اليڪشن ڪميشن قائم ٿيندي، هاڻوڪي سينيٽ ميمبرن جي چونڊ ختم ٿي ويندي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي انتخابي مھم جي حوالي سان سُڌ سماءَ جي وسيلن تي هڪجيترا موقعا ڏنا ويندا.

3 جولاءِ تي پاڪستان قومي اتحاد جي مرڪزي ڪائونسل راولپنڊيءَ ۾ اَٺن ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ 10 وڳي هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو جنھن تي ايندڙ ڏينھن صحيحون وجهڻ جي صلاح طيءِ ڪئي وئي. ڀُٽي انهيءَ ئي رات ڏيڍ وڳي هنگامي پريس ڪانفرنس سڏائي تقرير ڪئي. جيئن ته اصغر خان ڳالهين جي ناڪاميءَ جو اعلان ڪيو هو، ڀُٽي ڪاوڙ ۾ چيو ته ”قومي اتحاد واران چون ٿا ته اسان جا ڪجهه اڳواڻ ٺاهه کي قبول نه ٿا ڪن. اهڙيءَ طرح آءٌ به چئي سگهان ٿو ته منھنجا ڪي وزير پڻ رٿيل سمجهوتي مان خوش ناهن.“ هُن ٻئي ڏينھن، 4 جولاءِ تي ٻيھر ڪوشش ڪئي، ته پِي اين اي جي سربراهه مفتي محمود سان ملاقات ٿي وڃي، پر اصغر خان دير وجهرائيندڙ هٿڪُنڊا ڪم آندا. انهيءَ ئي رات فوج اسلام آباد ۽ ٻين شھرن ۾ گشت شروع ڪري ڏنو. 5 جولاءِ تي صبح جو ماڻهو جڏهن ننڊ مان جاڳيا، ته کين خبر ملي ته جنرل ضياءُ الحق مارشل لا مَڙهي، ڀُٽي سميت سياستدانن کي حفاظتي حراست ۾ وٺي، مريءَ پھچائي ڇڏيو آهي.

*

(ڇپيل: روزاني ”برسات“ ڪراچي، 4 اپريل 1994)

No comments:

Post a Comment