ليکڪ: اقبال جعفر
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ معاملن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟
چوٿين صدي عيسويءَ ۾ گُپتا گهراڻي جي حڪمرانيءَ هيٺ برهمڻ-مَت
جي سجاڳيءَ سان ٻُڌ-مت هِن اُپکنڊ ۾ پنھنجيءَ ويسر (فنا) جو ڊگهو پنڌ شروع ڪري چڪو
هو. 644ع ۾ جڏهن عربن مڪران تي قبضو ڪيو، ٻڌ-مت پنھنجن پويَن پساهن ۾ هو. ٻوڌين
(ٻڌ-مت وارن) کي آرياورت جي جهالرن (ڪناريُن) ۾ ڌِڪيو ويو هو. اوڀر ۾ بنگال ۽
بِھار ڏانھن ۽ اولھه ۾ سنڌ ۽ ڏاکڻي پنجاب ڏانھن انهن ڏينھنِ ۾ سنڌ جي گهڻائي ٻُڌير
(ٻُڌ-متاري، ٻُڌ-مت جي قائل يا اُن کي مڃيندڙ) هئي ۽ بلوچستان سنڌ جي سڌرا ٻوڌي
بادشاهن، راءِ گهراڻي جي راڄ جي تابعدار رياست هئي. پر، 710ع ۾ سنڌ تي عرب ڪاهه
کان لڳ ڀڳ 60 ورهه اڳ ٻوڌِي حڪمرانيءَ کي بدلائي برهمڻ حڪمراني قائم ڪئي وئي هئي.
تپرس ۾ وجهندڙ هڪجھڙائي هيءَ ته 1198ع ۾ بنگال تي مسلم ڪاهه کان ساڳيائي لڳ ڀڳ 60
ورهه اڳ پالاس جي ٻوڌي بادشاهي پڻ ختم ڪري، سينا گهراڻي جي برهمڻ حڪمراني قائم ڪئي
وئي. اهڙيءَ طرح ٻن ڪاهن کي ذري گهٽ 500 ورهين جي وِٿيءَ سان ساکيات سڃاڻپ ۽
ساکيات مقصدن وارو منڍ آهي.
اسين هاڻي پھرين سوال جو جواب هڪ ٻئي جوابي سوال پڇڻ سان
ڏئي سگهون ٿا: ٻوڌِي ڪاڏي ويا؟ ڏيکارجڻ ۾ وڌيڪ سچي (مُنھن مِٺي) سمجهاڻي اها آهي
ته ٻوڌي، جيڪي اڄوڪين مسلم گهڻائيءَ وارين ايراضين ۾ ڪَٺا (ڳتيل) ٿي ويا هئا ۽
هاڻي اتي يا ڀرپاسي ڪٿي به ڪونهن، اسلام ڏانھن لَڙي ويا هئا ۽ انهيءَ ڪري ئي انهن
علائقن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي.
عرب-هندي ثقافت جي ٻن عنصرن ــــ عرب-ٻوڌي ــــ کي آءٌ ترڪ-هندي
ثقافت جي عنصرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اُتم (ڀلو ۽ اصيل) چئي سگهان ٿو. عرب انتظاميا، سندس
ٿورڙي کھرائپ (سختيءَ) کي ڇڏي ڪري، چئي سگهجي ٿو ته حڪمرانيءَ جي لحاظ کان ٻاجهاري
۽ وڌيڪ اسلامي هئي، گهٽ سامراجي هئي ۽ نسل پرستيءَ ۾ پڻ گهٽ هئي. تُرڪ-مغل
انتظاميا، سندس ٿورڙي ٻاجهه کي ڇڏي، چئي سگهجي ٿو ته حڪمرانيءَ جي لحاظ کان کھري
(سخت) ۽ گهٽ اسلامي، وڌيڪ سامراجي ۽ نسل پرستيءَ ۾ پڻ وڌيل هئي.
انتظاميائن جي ڀيٽ ڪري ڪيل هن تَڪ تور کي ان حقيقت جي ڪري
وڌيڪ وزن ملي ٿو ته دنيا ۾ ڪٿي به، عرب حڪمرانيءَ هيٺ رهيل ايراضين جا رهاڪو لڳ ڀڳ
سڀ اسلام ڏانھن لڙي آيا. جڏهن ته ڪجهه عرصو پوءِ ترڪ-مغل مسلم حڪمرانيءَ هيٺ رهيل
هن اُپکنڊ جي ايراضين مان اسلام ڏانھن لڙيل آبادي 10 سيڪڙو کان به گهٽ هئي.
پڌرو آهي ته ترڪ-مغل حڪمراني اصلوڪي جوهر ۽ اسلام جي
برابريءَ واري پنگتي (سماجي) سرشتي ڏانھن وٺي ويندڙ راهه نه هئي. حالت کي جنھن اڃا
به خراب ڪيو سا هيءَ ته آرياورت جي ڀونءِ تي مسلمانن پاڻ کي هڪ اهڙي راڄ (پنگت،
سماج) ۾ گهيريل ڏٺو، جنھن جو پنگتي سرشتو راڄوڻي تبديليءَ ڏانھن اَواٽ (الانگهو)،
ڪٺور ۽ اسھپ هو. اهو اڃا به آهي! ٻه مسلم ثقافتون، ان ڪري، ڌار نموني جي سماجي-سياسي
ماحول ۾ پڌريون ٿين ۽ جدا جدا نموني جو ڪردار پنھنجايائون.
عرب-هندي ثقافت، جيڪا پُر امن سھه-وجودي (بقاءِ باهمي،
ڪوايگزسٽينس) ۽ سھپ جي ماحول ۾ ڦُٽي ٿي، امن ڀري (سانتيڪي) هئي. ترڪ-هندي ثقافت،
جيڪا جوکائتي (غير محفوظ) ۽ وروڌِي (ساڙيلي) ماحول ۾ ڦٽي پڌري ٿي، پاڻ-بچائيندي،
اڳرائي ڪندڙ، اسھپ ۽ پنھنجو جيئاپو قائم رکڻ لاءِ ٻي کي ستائڻ ڏانھن مائل هئي. ذهن
۾ اهو تاريخي پَس منظر رکندي هاڻي اسين اڄوڪي حالت تي اچي سگهون ٿا.
پنھنجن ٻين پھلوئن سان گڏ، سنڌي-مھاجر جهيڙو پڻ عرب-هندي ۽
ترڪ-هندي ثقافتن جي وچ ۾ جهيڙو آهي. اسان منجهان اُهي، جيڪي عرب-هندي ثقافت جي اثر
هيٺ اچي ويا هئا، ڪنھن به اندرين للڪار، ساڙ (تِيسي) يا وروڌ کان آجي (سَکڻي)
حياتيءَ ڏانھن هيرايا ويا. ڪنھن به للڪار جي اڻھوند سبب اهڙو ڪو به داٻ (زور) ڪو
نه هو جنھن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ گهربل ڏات کي وڌائجي، ڪنھن به جهيڙي لاءِ ناتيار ۽
پاڻ ۾ پورا، اهي (سنڌي ماڻهو) اچرج سان ڏٺا ويا.
اسان منجهان اُهي، جيڪي ترڪ-هندي ثقافت جي اثر هيٺ آيل هئا
۽ هڪ ساڙيلي ۽ اسھپ ماحول جا هيراڪ هئا، ٻيو ڪجهه نه، پر نئين ماحول کي اويساھي (شڪ
ڀريل) نظرن سان ئي ڏسي سگهيا پئي. سندن، دائمي ساڙ جي ماحول ۾ ڪُوڙي گهڙيل ذهني
جوڙجڪ، جيڪا آرياورت جي ڀونءِ تي هڪ عام چالو نمونو هئي، اهي ئي موٽُون ڏيڻ لڳي
جيڪي پاڪستان کان اڳ وارين حالتن ۾ ڏيندي هئي. پنھنجيءَ ٻولي ۽ ثقافت جي جُلهائتي (اڳرائي
ڪندڙ) مڙهپ، هڪ ڌار نيات (برادري) ايتري قدر جو قوميت، جي حيثيت ۾ مڃتا (سڃاڻپ) ۽
سرڪاري ڪِرت ۾ حصي پتيءَ تي ڌيان (۽ ان سان واسطو).
اهڙو آهي عام ويچار (سوچ) جو ڍانچو جنھن ۾ ٻه ثقافتون وجود
رکن ٿيون. انهن وٽ ڪو به اختيار (مرضي) ڪونهي، سواءِ ان جي، ته هڪٻئي جي ڀر ۾
جيئنِ (وجود رکن) جيستائين خدا پاران نئين سنجوڳ جا ڪي چڱا ڏينھن وَرن يا ان وقت
تائين جڏهن پنگتي ڌنيري (سماجي معاشي) بار هيٺ سڃاپجي نه سگهڻ جھڙي مايي ۾ پيھجي
ملي وڃن، يا وري ان وقت تائين جڏهن اهي نج جذباتي جوش پورو ڪري، ٿڪجي پاڻ ۾ ملت
ڪن، ٻه آخري امڪان وڏو ملهه وٺي ٺيڪ ٿيندا.
اڄوڪو عامه-ويچار (سوچ) جو ڍانچو ونجوڳ (اَڻبڻت) جا ٻج رکي
ٿو، پر سمورا ڇَٽيل ٻج پاڙُون هڻندا (انگوربا، سَلا ڪڍندا) ۽ وڌِي وڏا وڻ ڪو نه
ٿيندا آهن. ان آکاڻيءَ جو انتھائي دکدائڪ پاسو اهو آهي ته اهي ٻج، جن ۾ ونجوڳ جي
شڪتي موجود آهي، قدرتي طرح ۽ آزاديءَ سان انگورجي نه سگهندا آهن. سڀ جو سڀ نه.
لالچن (وڏ خيالپ) يا ڪجهه فردن يا وري هڪ فرد جا ريچڪ (پُورَ، جُجڪيون) پورا ڪرڻ
لاءِ انهن (ٻجن) کي پاڻي پيئاري، ڀاڻ ڏئي ۽ سندن سار لھي وڌايو ويو!
سنڌين جي اوپرائپ ترت ئي 1948ع ۾ تڏهن شروع ٿي جڏهن سنڌ
مسلم ليگ جي سَڌن کي سَٽيندي مرڪزي حڪومت ڪراچي کَسي ورتي، تنھن مٿان وري ترت ئي
سنڌي مفادن ۽ جذبن کي بي عزت ڪندي، هڪ ڪٺور عمل شروع ڪيو ويو. گروِي رکيل زرعي
زمين ۽ شھري ملڪيت پناهگيرن (رفيوجيز) کي الاٽ ڪئي (ورڇي ڏني) وئي. هندو وياج خورن
(قرض تي پيسا ڏيندڙن) 1947ع تائين زرعي زمين جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو گروي جي صورت ۾
قبضي ڪري ورتو هو. ان کي اَويڪيو (خالي ڪيل) ملڪيت پڌرو ڪيو ويو، جنھن ۾ لڪل مقصد
اهو هو ته اها سڀ زمين پناهگيرن کي ورڇي ڏني وڃي. سنڌ صوبائي اسيمبليءَ هڪ ٺھراءُ
پاس ڪيو، ته ملڪيت مالڪن کي موٽائي ڏني وڃي، پر مرڪزي حڪومت اهو قبول نه ڪيو، جڏهن
ته ساڳي ئي قسم جو فيصلو اهڙي ئي قسم جي ملڪيت لاءِ پنجاب ۾ اٿاريو ۽ مڃيو ويو هو.
مٿان وري اهو ته جتي ملڪيت جو مُلهه 10 هزار يا ان کان وڌيڪ ڪَٿيو ويو، اتي مقامي
ويٺلن (رهاڪن، قبضي وارن)، جن ۾ بي زمين هاري به شامل هئا، کي هَڪالي ڪڍيو ويو. پاڪستان
جي تخليق انهن لاءِ سخت (ڏڪاري) قرضن مان معافي (نجات، رعايت) ته ڪو نه آندي، اٽلو
قبضيداري به ختم ڪري ڇڏي! ان کان پوءِ گُڊو ۽ ڪوٽڙي بيراجن جي ڪمان هيٺ ۽ سرڪاري
زمين جا وڏا وڏا ٽڪرا بيٺڪ ڪندڙن (سيٽلرس، ٻاهران اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙن) ۽ ٻين
صوبن کان ايندڙ مرڪزي حڪومت جي پگهاردارن کي ورڇي ڏنا ويا.
اڃا اهي ڦَٽ ڇُٽا ئي ڪو نه، ته هڪ رٿابنديءَ (سازش)، دڙڪي
دهمان ۽ زوريءَ وچ ۾ ٽپي مخالف ڌر کي دٻائڻ واري هلت وسيلي 1955ع ۾ وَن يونٽ (هڪ،
ايڪو) خلقيو ويو. سنڌُ، هڪ صوبي جي حيثيت وارو وجود وڃائي ويٺي. (هاڻي نئين ٺاهيل
صوبي اولھه پاڪستان جي) صوبائي گادي (لاهور) جي پري هجڻ ڳوٺاڻن سنڌين جي حياتيءَ
کي تھائين وڌيڪ (سرڪاري) بي ڌيانيءَ (غفلت) جي غار ۾ ڌِڪي ڇڏيو ۽ سنڌي سوِل
عملدارن کي اولھه پاڪستان ۾ مختلف هنڌن تي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏڻ وسيلي رهندو انهن کي به
گم شم ۽ بي اثر ڪري ڇڏيو ويو. جيئن جيئن سنڌي-سُرت ۾ ان جا نتيجا گھِرا ٿيندا ويا،
ون يونٽ خلاف ڪاوڙ (اهنج، ناراضگي) ٻنڀ ڏئي ڦاٽي پئي.
هوري هوري ٽھڪندڙ (ڪڙهندڙ) ڪاوڙ ۽ بي آسرائپ جي هن ماحول ۾
قومي تعليم تي ڪميشن پاران پارتون (رٿون) ڏنيون ويون. سڌارن جي وڌيل شوق ۽ حقيقت
جي انڌي احساس سان ڪميشن، 1960ع ۾، پنھنجا رايا ظاهر ڪيا. ٻين شين سان گڏ ڪميشن
پارت ڪئي ته سنڌي شاگردن لاءِ تعليمي هدايتن جو وسيلو (ميڊيم) 3 کان 6 درجي تائين
سنڌي ۽ اردو ٻوليون هونديون ۽ ان کان مٿي (پوءِ) تعليمي وسيلي طور سنڌي ختم ڪئي
ويندي. ڪميشن چٽيءَ طرح، ان پڌري حقيقت کان اڻڄاڻ هئي ته سنڌي ٻولي جيڪڏهن اڳ نه،
ته به 17-هين صديءَ کان وچولن (ثانوي) درجن تائين ۽ گذريل 90 ورهين کان مٿيَن
(هاءِ) درجن تائين تعليمي هدايتن جو وسيلو رهندي پئي آئي. اها 1851ع کان وٺي سرڪاري
ٻوليءَ طور رائج رهي هئي. ان ڪري اها ڪا عجب ۾ وجهندڙ ڳالهه نه هئي، ته سڄيءَ سنڌ
۾ احتجاجن ۽ مظاهرن جي لھر اڀري پئي.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ علائقائي تحريڪ جو پايو وڌو ويو. سنڌي
قوميار احساسن ۾ اوجُ 4 مارچ 1967ع تي پھتو، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي
احتجاجي ميڙ تي پوليس پاران گولي هلائي وئي، ڪيترا ئي شاگرد مارجي ۽ ڦَٽجي پيا.
حيدرآباد ۾ امن امان جي حالت ٺيڪ رکڻ لاءِ ذميوار ڪامورا، جيڪي سڀ غير سنڌي هئا،
چٽيءَ طرح، پنھنجن اختيارن جي اهڙي پُر تشدد واهپي جي نتيجن کان غافل هئا. ماڻهو
جيڪو ڪجهه چئي سگهي ٿو، ان معاملي ۾ گهٽ کان گهٽ ايترو ضرور چئي سگهندو. 1955ع کان
وٺي لاهور ۾ ويھاريل صوبائي حڪومت ان واقعي کي ڏاڍي گنڀيرتا سان ڏٺو ۽ هڪدم سنڌي
وائيس چانسلر کي هٽائي ڇڏيو!
4 مارچ جي واقعي کان پوءِ، اها هڪ احتجاجي گڏجاڻي هئي، جنھن
۾ پھريون ڀيرو ’سنڌو ديش‘ جو نعرو هنيو ويو. ان کان پوءِ، 4 مارچ سنڌي شاگرد
برادريءَ ۾، هر سال ڏک جي هڪ ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو آهي.
ان سڀ ڪجهه اتي آڻي بيھاريو آهي ته انهن (حاڪمن) جيڪو ڪجهه
ڪيو هو، ان جي (سنڌين پاران) مخالفت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پاڻ سنڌ ۾ سنڌين کي اڪيلو
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شاندار سامراجي روايتن جي پوئلڳي ڪندي، ان وقت اولھه
پاڪستان جي گورنرَ، سنڌ ۾ هڪ غير سنڌي سياسي پارٽيءَ جي تخليق لاءِ هدايتون جاري
ڪيون. جيئن ئي گورنر چيو، هتي هڪ پارٽي هجڻ گهرجي. ٻئي پاسي ٺھه پھه هڪ پارٽي ٺھي
پئي: مھاجر پنجابي پٺاڻ متحده محاذ! سنڌ جا اهي مھاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ، حيدرآباد ۾
جن ان پارٽيءَ جو پايو وڌو، ضلعي سطح جا مَس چَپٽين جي پيداوار، مٿي تي هٿ رکائڻ ۽
اثر وڌائڻ جا خواهشمند هئا. اُهي سمورا ڏوهي هئا. انهيءَ مان هيءُ سڀ کان وڌيڪ
نندڻ جوڳو ڏوهه هو. اهو ان ڪري نندڻ جوڳو هو جو انهن هڪ محاذ بيھاريو (ٺاهيو) هو
سنڌين خلاف ۽ انهن ڏينھن ۾ جڏهن سنڌ هڪ صوبي طور وجود ئي ڪو نه پئي رکيو ۽ سنڌين
وٽ جيڪو به، ڪجهه معمولي (ذرڙو) سياسي ۽ انتظامي ٻَل هو، اهو ون يونٽ جي هٿيار
وسيلي ڇڊو ڪيو ۽ کَسيو ويو هو. محاذ ڇا جي خلاف يا ڪھڙي مقصد لاءِ؟ سرڪاري ڏنڊي ۽
چالاڪيءَ جي زور سان سنڌ کي نسلي راهن تي ورهائڻ پڻ سڀني مقصدن ۾ وڌيڪ انتھائي
ڪمينو (لُچو، نيچ) مقصد هو، جيڪو قومي مفادن جي رکوالن وٽ ان وقت موجود هو.
سنڌ ۾، سنڌين خلاف هڪ محاذ جي ڪري نسلي احساس کي مھميز
(ڇٻي) لڳي وئي ۽ ان زور وٺڻ شروع ڪيو. 1967ع ۾ انتھاپسند سنڌي سياستدان سڀ کان
وڌيڪ سگهارا ٿي ويا ۽ حقيقت اها آهي ته هيءَ اڪيلي سياسي سگهه هئي جنھن سنڌي ماڻهن
جي پٺڀرائي ۽ همدرديءَ تي ڪمان رکي پئي.
واقعن جي خوش ڪندڙ موڙ سبب 1968ع ۾، هتي سنڌ ۾ پايو رکندڙ
هڪ قومي پارٽي اسري جيڪا 1969ع ۾ سنڌ جي سڀني (پارٽين) کان وڌيڪ مشھور پارٽي ٿي
اڀري ۽ ان ٻين صوبن ۾ پڻ ويساھه جوڳو (معتبر) اثر پئي رکيو. اهو، اسان جي تاريخ ۾
سڀ کان وڏي زور واري دور جو سياسي ڇيد، انهن ڏينھن ۾ سنڌي انتھاپسنديءَ جي بي مثال
اوسر جي نتيجن کي ڏسڻ ۾ ناڪام ويو آهي. 1968ع ۾ سنڌ اندر اسرندڙ سياسي لاڙو، ايندڙ
ٻن سالن لاءِ اڃا به وڌيڪ اسري ها، ته پوءِ سنڌ جو سياسي منظرنامو، ان ڪٺن گهڙيءَ
۾، ان کان مختلف نه هجي ها جيڪو ڪجهه 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان اندر ٿيو هو. ساڳين ئي
ڏينھن ۾ علائقي پرست ۽ بين الاقوامي قوتن جو اوڀر پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ڪَٺو ٿيڻ ۽ اهو
به ساڳي انداز ۾، ظاهر آهي ته ساڳي ئي قسم جي نتيجن ڏانھن وٺي وڃي ها.
ڀلو ڀاڳ اسان جو، جڏهن 1970ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون، سنڌي
انتھاپسند هارائي ويا ۽ هڪ دکدائڪ وٿيءَ کان پوءِ، پاڪستان ۾، پھرين چونڊيل حڪومت
ڊسمبر 1971ع ۾ گاديءَ تي ويھاري وئي.
قومي سرچاءَ جو هڪ عمل شروع ڪيو ويو پر ان کان اڳ جو اهو
پنھنجون پھريون مرادون ماڻي سگهي، ڊهي (ناڪام ٿي) پيو. ان جا ڪيترا ئي ڪارڻ هئا پر
گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾، وڌيڪ اهم سبب سنڌي سوِل عملدارن ۽ حڪومت ڪندڙ پارٽيءَ جي ڪجهه
صوبائي اڳواڻن جو رويو هو. ڪيترن ئي سنڌي سول عملدارن ۽ اقتدار تي ويٺل ڪجهه
سياستدانن قوت جو غلط واهپو ڪيو جنھن انهن جي ڪيترن ئي گهڻگهرن کي به بدظن ڪري
ڇڏيو.
غلط واهپو (اڀمان)، اڪثر ايئن بيان ڪيو ويندو آهي ته اهو
غير سنڌي سول عملدارن ۽ سياستدانن جي اڳواڻن ٻن ڏهاڪن ۾ ساڳي ئي قسم جي ڪيل اڀمان
جو ردعمل هو. هڪ وضاحت طور اهو ڪافي صحيح سچ آهي، پر هڪ وضاحت هڪ ثابتي (سچ) ناهي.
پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ ان ٺھيل پھرين جمھوري حڪمرانيءَ، جيڪا هڪ يڪراءِ حڪومت جي
صورت ۾ شروع ٿي، کي ايئن ئي هلڻ گهربو هو. حقيقت ۾ ان جي ايڪتا جي پيڙه کي پختو
ڪيو وڃي ها، پر ايئن ڪو نه ٿيو.
5 جولاءِ 1977ع کان اسان جي تاريخ جو ٽِن مان سڀ کان ڊگهو
مارشل لا راڄ شروع ٿيو. ان سان گڏ ڦاهيون، ڦٽڪا، قيد ۽ سزائون به شروع ٿي ويون.
سنڌي ان جي باهه جو سڀ کان وڌيڪ کاڄ ٿيا. انهن کي مرڪزي حڪومت سان ٽڪر واري 1968ع
کان اڳ جھڙي حالت ڏانھن ڌِڪيو ويو. ان عمل هڪ تاثر ڇڏيو، جنھن کي وڌائڻ ۾
اسٽيبلشمينٽ جي اثرائتي حصي جو به ڪردار هو، ته سنڌي سڀ کان وڌيڪ سٺا جهيڙاڪر (ناٺاهي)
۽ سڀ کان خراب علحدگي پسند آهن. ان خيال جي پوئواريءَ ۾ ڪجهه سنڌي اڳواڻن جو غير
محب وطن کھرو انداز پيش ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه سياستدانن جا بيان، انهن جي
پوئواري (پوئلڳي) ڪيتري به ٿوري هجي، اهڙن نتيجن جو بنياد ٺاهيا ويندا، ته پوءِ
اسان کي ساڳي قسم جا نتيجا ساڳي ئي وقت ڪجهه بلوچ ۽ پٺاڻن بابت به ڪڍڻا پوندا. اهو
عمل، موٽ ۾ ان نتيجي تي پھچائيندو ته سچا محب وطن رڳو پنجابي ۽ مھاجر آهن.
آءٌ پڙهندڙن جو ڌيان غير محب وطن هلت جي هڪ ٻي متبادل نظاري
ڏانھن ڇڪائڻ پسند ڪندس: جيڪي ٻين جي محب وطنيءَ تي سوال (اعتراض) ڪن ٿا، اهي پاڻ
غير محب وطن آهن. آءٌ ان حقيقت بابت سُرت ڀريو آهيان ته هيءُ بيان ممڪن آهي ته ان نتيجي تي پھچائي،
ته اسين سڀ غير محب وطن آهيون. اهڙو نتيجو، مون کي ترت ئي ڪڍڻ گهرجي، نه رڳو ممڪن
آهي پر ان سان گڏ سچ به ٿي سگهي ٿو!
سٺي پاڪستاني هئڻ جي حيثيت ۾ سنڌين جي سَنَد بابت
ڳالهائيندي، اسين آزاديءَ کان پوءِ واري پنھنجي سياست ۽ معنى ڀري وڏي اهم سچ تان
ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. نسلي سنڌي ئي آهن جن قومي قد جا، چئني صوبن ۾ ڳڻپ
جوڳي پوئلڳي رکڻ وارا (ٽي) اڳواڻ پيدا ڪيا آهن. اهڙن ٻن اڳواڻن مان، هڪ کي ماريو
ويو ۽ ٻيو لاٿو ويو، ۽ ٻئِي ساڳي جنرل پاران!
ان صورتحال جي ٻي عبارت ۾ ڪو به ماڻهو هيءُ سوال پڇي سگهيو
پئي: اسٽيبلشمينٽ قومي اڳواڻيءَ کي ختم ڪري ۽ پاڪستان جي کاڌل (هڪٻئي کان ڌار ڪيل)
ماڻهن جي سياست علائقائي اڳواڻيءَ جي سنڀال ۽ مالڪيءَ ۾ ڏيندي ڪيئن اهو رٿي سگهي
پئي ته قومي سالميت جو بچاءُ ڪري سگهندي؟
فوجي راڄ ۽ ان کان پوءِ وارن ورهين ۾ ڇا ڪجهه وهيو واپريو، ان جي تفصيلن ۾
گھرو وڃڻ بدران، اچو ته اسين موجود حال تي پنھنجو ڌيان سيڙايون. آءٌ اڄوڪي حالت
بيان ڪرڻ نه ٿو گهران، ڇو ته ان بابت راءِ ايندِي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ٿيندِي رهي آهي.
آءٌ اهو ارادو ٿو رکان، ته ٽن وڌيڪ دلچسپ ۽ اهم موضوعن تي پنھنجا خيال ظاهر ڪيان:
امن امان جي حالت، انتظامي سڌارا ۽ ٻين صوبن سان پرچاءُ (سرچاءُ). سرچاءُ نه رڳو
پراڻن ۽ نوَن سنڌين جي وچ ۾، پر سنڌ ۽ ٻين صوبن جي وچ ۾ پڻ. جيستائين پراڻن ۽ نوَن
سنڌين جي وچ ۾ سرچاءَ جو تعلق آهي، ان کي انهن سمورن نتيجن جي پوئواري ڪرڻ گهرجي
جيڪي هڪ راءِ طور ظاهر ڪيا پيا وڃن.
امن ۽ امان جي صورتحال:
بي روزگار هاڻي بي هٿيار ناهن. اهو بد امنيءَ (لاقانونيت)
جي سبب جو سنئون سڌو ۽ پُر مغز بيان آهي، جنھن ڏانھن سنڌُ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
کليل آهي. شايد سنڌ ۾ وڌيڪ بي روزگار آهن يا وڌيڪ هٿيار آهن يا متان ايئن هجي ته
ٻئي وڌيڪ آهن.
جيئن ته بد امني وڻجارڪي ۽ صنعتي سرگرمي گهٽائي (رنڊائي)
ڇڏي ٿي، اها اڃا به وڌيڪ بي روزگاري پيدا ڪري ٿي، اها وڌيڪ ڏوهه پيدا ڪري ٿي ۽ اهو
وري اڃا وڌيڪ بي روزگاري پيدا ڪري ٿو، ۽ ايئن سلسلو وڌندو هلي ٿو. ان ڪري ڪنھن ڏاڪي
تي بد امني بي روزگاريءَ جو سبب ۽ نتيجو، ٻئِي ٿي پوي ٿي. بد امنيءَ تي قابو رکڻ،
ان ڪري، ڪيترن ئي پنگتي (سماجي)، سياسي ۽ ڌنيري (معاشي) بيمارين جي علاج لاءِ
پيڙهائتي شيءِ آهي.
هڪ ئي مھل ٽي اپاءَ وٺي سگهجن ٿا:
1.
هٿيارن
۽ بارود جي پھچ کي پاڙ کان پَٽي ڪڍجي. هٿيارن جو قبائلي علائقن ۾ آزاد ۽ نِجو وڪرو
۽ ٺھپ (مينوفيڪچر) بند ڪيا وڃن. جيڪي هيءُ ڌنڌو ڇڏين، انهن کي ڪا نه ڪا ڪِرت يا
نوڪري ملڻ گهرجي، ته جيئن اهڙو ڪو ڌنڌو ڪري سگهن جيڪو ايڏو موتمار نه هجي. پُست
(آفيم، هيروئن) پيدا ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ هن شعبي تي ساڳيو اصول وڌيڪ اثرائتو لاڳو ٿي
سگهي ٿو.
2.
غير
قانوني هٿيار ضرور کَسيا وڃن. ان جا طريقا وڏين سياسي پارٽين ۽ انتظاميا جي وچ ۾
ايڪتا پيدا ڪري جوڙيا وڃن. ان کان پوءِ غير قانوني هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري
طريقا واهپي ۾ آندا وڃن. هٿيار هٿ ڪرڻ جي مھم معافي جي مھلت (هفتي يا ٻن لاءِ)
فيصلو ڏئي هلائي وڃي، جنھن دوران رضاڪارانه ڏنل هٿيارن جي قيمت ڏني وڃي.
3.
ڌاڙيلن
کي معافي ڏيڻ لاءِ هاڻي ڳُوڙهو ڌيان گهرجي. ڌاڙيلن تي (قانوني) فيصلو ڏيڻ وقت اسان
کي ذهن ۾ اها حقيقت رکڻ گهرجي ته ڌاڙيلن مان گهڻا ڳوٺاڻن علائقن ۾ سرنديءَ وارن ۽
پوليس جي ڦورُو روين جو شڪار رهي چڪا هوندا آهن. اهي هڪ ظالم ۽ بي انصاف ماحول
(رويي) جي پيداوار آهن. جنھن حياتيءَ ۾ نه ته ڪا اميد آهي ۽ نه ئي وري مھلت.
جيڪڏهن ان سان اسان جي ضمير کي ڌوڏو نه ٿو اچي، ته معافي ڏيڻ سان پڻ اسان جو ضمير
نه ڌڏڻ گهرجي.
سرچاءُ:
ٻين صوبن سان سرچاءُ: ”ڀيٽيندڙ
چِٺي“ تي، ويندي اڇاتري نظر به پڙهندڙن کي قائل ڪندي، ته سنڌ (سنڌي نه) ۽ ٻين صوبن
جي وچ ۾ سرچاءَ جي ڏاڍي گهرج آهي. هن گهڙيءَ، سنڌ ۾ نسلي ورڇ ۽ ڏوريءَ ۾ اڳواٽ
ڦاسجي پوڻ سبب، ان جي گهرج نظرن آڏو گم آهي.
سنڌ ٻين صوبن کان آيل لکين ماڻهن جو گهر آهي. اها پاڪستان
جو جوهر (تَت) آهي. ان جي ٻين صوبن سان برڪت ۽ سُک ڏيندڙ مائٽي، ان ڪري، ٻين صوبن
جي خود غرض مفاد ۾ آهي. آءٌ خود غرض لفظ، ڄاڻي واڻي ڪم آڻيان ٿو، ڇو ته ’اسلام‘،
’وطن دوستي‘، ’انصاف‘ يا ’فيئر پِلي‘ (جنرل ضياءُ جو ڀُٽي کي لاهڻ وارو منصوبو)
جھڙن لفظن جو اسان جي اصلي هلت سان ڪو به لاڳاپو رکڻ ڇڏي ڏنو آهي. حقيقت اها آهي
ته انهن لفظن جي پنھنجي عزت (ڪارج)، ايتري قدر جو هڪ نعري طور به، وڃائي ڇڏي وئي
آهي.
وڻج، صنعت ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن جي وڌيل (اڻ
نسبتي) واڌ چِڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي
ڏئي سگهي. اهو دليل هر هر ورجايو ويندو آهي ته سنڌين وٽ وڻج ۽ صنعت جي باريڪين کي
سمجهڻ جي تيز فھمي (ذهانت) ڪانهي ۽ سرڪاري ۽ جنتا (پبلڪ) ۽ نجي ادارن ۾ ڪرت ڪرڻ لائق
پڙهيل ئي نه آهن. پر ڇا اسان سان اهو سڀ ڪجهه ڪو نه ٿيو هو؟ اِهي اُهي دليل آهن،
جيڪي آزاديءَ کان اڳ هندوءَ جي خلاف ڏيندو هو، ۽ اسين آزاديءَ کان پوءِ اوڀر
پاڪستان بابت ڏيندا هئاسون. اسان مان گهڻن ئي انهن دليلن پٺيان لڪل بي ايمان ۽ خود
غرض نيتن (ارادن) کي ڄڻڪ ترت ئي، 1970ع ۾، تڏهن تاڙي ورتو هو جڏهن گهڻي دير ٿي
هئي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي ڏکن سورن تي ڌيان ڏيون. هاڻي، اجهو هِن گهڙيءَ!
ان ڪري هيٺيون رِٿون شايد ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس (عام
گڏيل مفادن جي سنڀال لاءِ سڀا) کي ڌيان تي آڻڻ گهرجن، جيئن قومي ايڪتا جي پڪ ڏئي
سگهجي.
1.
بيٺڪ
ڪندڙن (سيٽلرس، سنڌ کان ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهندڙن) ۽ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي
پگهاردارن کي ورڇي ڏنل (الاٽ ڪيل) سموري سرڪاري زمين، جيڪا آباد ٿي چڪي آهي يا نه
ٿي آهي، جيڪا الاٽين کان لاپي (پَٽي) تي خالي ٿي آهي، موٽائي ورتي وڃي. جتي زمين سڌاري
وئي آهي، اُتي سڌاري جو عيوضو ڀري ڏنو وڃي.
2.
ٻين
صوبن سان واسطو رکندڙ سنڌ حڪومت جي پگهاردارن کي ٻولايل وقت ۾ سندن پنھنجن صوبن
اندر جذب ڪيو وڃي.
3.
پھرين
کان سورهين بنيادي پگهار ماڻ (بيسڪ پي اسڪيل) تائين يا ان جي برابر درجن تي ڪم
ڪندڙ مرڪزي شعبن/ڪارپوريشنن (منڊلين)/ايجنسين (ڪوٺيون، ڀلاوڻي جون) جي پگهاردارن
کي سنڌ سان ئي واسطو رکڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ پراڻن ۽ نوَن سنڌين جي ڪا به ڪوٽا
(مقرر پَتي) مقرر ڪيل نه هجي. آئيندي ٿيندڙ سموري ڀرتيءَ سان اهو اصول لاڳو ڪرڻ
گهرجي.
4.
ٻين
صوبن کان آيل ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفيڪيٽ (دائمي گهريلو رهائش جي سَنَد) هڪ مقرر
ڪيل رهنما اصول هيٺ هجي. رهنما اصول سان نه ٺھڪندڙ سنَدُون رد ڪيون وڃن.
5.
ٻين
صوبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا نالا سنڌ جي اليڪٽورل رُولس (چونڊارن چِٽن) تان ڪڍي
ڇڏڻ گهرجن. اهو اصول ٻين صوبن ۾ پڻ لاڳو ٿيندو، ڇو ته اهو حڪومت جي مرڪزي شڪل جي
روح سان ٺھڪندڙ آهي.
انتظامي سڌارا:
اسان جي مکيه سياسي ڏوهن مان، جن بابت اسين ڏوهي هجڻ جو
احساس رکون ٿا، هڪ ضلعي ۽ ڊويزن (ونڊُ، وانڊُ) سطح تي جمھوري ادارن کان غافل هجڻ
آهي. حياتيءَ جي هڪ راهه طور جمھوريت کي انتھائي هيٺيَن پرتن تائين هڪ مقصد ڀريل
نموني جذب ٿي (پيھي، سمي) وڃڻ گهرجي. خودمختياريءَ جو اصول، هر حالت ۾، ننڍي کان
ننڍِي حد تائين، انتظامي ايڪن (يونٽن) جي جَڙ (جوڙ) تائين لاڳو ٿيڻ گهرجي. ماڻهن
کي سندن ڏهاڙڪ حياتين کي ويجهن معاملن ۾ ۽ سطحن تائين جمھوري قاعدن ۾ حصو وٺڻ لاءِ
تيار ڪيو وڃي.
اچو ته اسين صوبائي سطح کان ذرو هيٺاهين سطح وٽان شروع
ڪيون، وانڊُن (ڊويزنن) کي اقتدار جي سپردگي گهڻي هجڻ گهرجي، جيڪا چونڊيل باڊيءَ جي
انتظام هيٺ ۽ ڪامورڪي قبضي کان آجِي ڪيل هجي.
رٿ کي عملِي شڪل ڏيندي، مون کي صاف چوڻ گهرجي ته هيءَ ڪا
وانڊن کي صوبن ۾ بدلائڻ جي تجويز ناهي. هڪ خيال، جو هاڻي ۽ پوءِ تَريو بيٺو آهي، ۽
جنھن کي ٻيھر وري اٿاريو ويو آهي، وَن يونٽ واري هڪ انتھا کان ٻي 19-يونٽن واري
انتھا تائين جو ٽَپو، حد درجي ۽ انتھائي خراب آهي.
هيءَ رٿ ڏيندي، رٿيندڙن جي پنھنجن ذهنن ۾ سنڌ جي حالت پڌري
هوندي، پر سنڌي ۽ مھاجر پڻ ماڻهو آهن جيڪي سڄي صوبي ۾ گڏ رهن ٿا. اهي زمين جا ٻه
پَٽا (ٻَنا) ناهن جن جي وچ ۾ حد مقرر ڪري ۽ ٻيو ڪو نالو ڏئي سگهجي. جيڪڏهن اهي
وانڊن ۾ امن امان سان رهي سگهن ٿا، ته اهي صوبي ۾ پڻ رهي سگهن ٿا. جيڪڏهن نه، ته
پوءِ صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ بدران اهي پنھنجون راهون بھتر نموني سڌاري سگهن ٿا.
ان رٿ جو سڀ کان سڀ کان وڌيڪ ڳجهو (ٺڳ، دغاباز) پھلُو اهو آهي ته هيءَ ضامني نظريي
(هوسٽيج ٿيورِي) ۾ ايمان ڏانھن اشارو ڪري ٿو. سنڌي ڪراچيءَ ۾ ضامني ۽ باقي هنڌن تي
ضامني مھاجر. مون کي ضرور باسڻ گهرجي ته آءٌ پناهگيرن جي ضامنين ۾ بدلجندڙ راڄوڻي
(سماجي) اوسر کي ڪو چشڪيدار نظارو نه ٿو سمجهان.
ڀيٽيندڙ چِٺو (خاڪو)
ثقافتي:
1.
ڪنھن
به علائقائي ٻوليءَ ۾ ايترا گهڻا اکر نه آهن ۽ نه ئي ايڏو ججهو ۽ صحتمند ادب آهي جيترو
سنڌيءَ ۾، جيڪا سترهين صديءَ کان تعليم جو وسيلو رهي آهي.
2.
سنڌيءَ
کان سواءِ ڪا به علائقائي ٻولي ڪڏهن به هن صوبي ۾ سرڪاري ٻولي نه رهي آهي. سنڌيءَ
کي اهو مقام 1851ع کان حاصل آهي.
3.
سنڌيءَ
کان سواءِ ڪنھن به ٻِي علائقائي ثقافت تي ڪڏهن ڌاري ثقافت مَڙهي نه وئي آهي.
معاشي (ڌَنيرِي):
1.
ڪنھن
به ٻئي صوبي ۾ ڌارين جو صنعت تي قبضو نه رهيو آهي جيئن سنڌ ۾ صنعت ڌارين جي قبضي ۾
آهي.
2.
ڪنھن
به ٻئي صوبي ۾ زمين جا وڏا حصا ٻاهران ايندڙن (مھاجرن ۽ ٻين) ۽ ٻين صوبن جي وفاقي
ملازمن ۾ نه ورهايا ويا آهن جيئن سنڌ جي زمين ڌارين کي انعام ۾ ڏني وئي آهي.
3.
ڪنھن
به ٻئي صوبي ۾ اتان جي اصل رهاڪن کي ٻھراڙين يا ننڍن شھرن ۾ بند نه رکيو ويو آهي.
انتظامي:
1.
ڪنھن
به صوبي ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڌاري پوليس نه آهي جيتري سنڌ ۾ آهي.
2.
ڪنھن
به ٻئي صوبي ۾ وفاقي کاتن/ڪارپوريشنن/ايجنسين ۾ ايڏي وڏي ڳڻپ ۾ ڌارين کي نوڪري نه
ڏني وئي آهي، جيئن سنڌ ۾ ٿيو آهي. ان ۾ اهي انگ اکر شامل ناهن جتي سڄي-پاڪستان جي
بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون.
3.
ڪنھن
به ٻئي صوبي ۾ 45 سالن مان 43 سالن تائين چيف سيڪريٽري يا انسپيڪٽر جنرل پوليس ٻين
صوبن مان نه رکيا ويا آهن، جيئن سنڌ ۾ ٿيو آهي.
سياسي:
1.
45
ورهيه ڇڏي سنڌ ئي اڪيلو صوبو آهي، جنھن ۾ چيف ايگزيڪيوٽوِ (جمھوري جوڙجڪ مھل وڏو
وزير ۽ فوجي راڄ هيٺ گورنر) سدائين ٻي صوبي مان مقرر ڪيو ويو آهي.
2.
سنڌ
ئي اڪيلو صوبو آهي جنھن کي 1948ع کان وٺي مرڪزي حڪومت سان ويڙهاند ۾ رکيو ويو آهي.
3.
سنڌ
ئي اڪيلو صوبو آهي جتي مرڪزي حڪومت اڪثر ڪري ڄاڻي واڻي معاملو وڌائيندڙ جو ڪردار
ادا ڪري 1954ع کان وٺي نسل پرستيءَ کي پئي وڌايو آهي.
4.
سنڌ
ئي اڪيلو صوبو آهي جتي ٻين صوبن کان ايندڙ لاڳيتي لڏپلاڻ سبب حقيقي رهاڪو ٿورائيءَ
۾ بدلجي سگهن ٿا.
فوجي:
1.
هٿياربند
فوجن ۾ توڙي فوجي سوِل نوڪرين ۾ هن قَدبُت جي ڪنھن به ٻي نسلي ٽولي جي ڀيٽ ۾،
سنڌين جي موجودگي لڳ ڀڳ نه هئڻ برابر آهي.
2.
ٻن
صوبن مان سنڌ هڪ آهي (ٻيو بلوچستان) جيڪو غير دانشمندانه پاليسيءَ جي ڪري، گهٽ ۾
گهٽ هڪ ڀيرو، قومي ايڪتا جي نالي ۾ فوج سان ويڙهايو ويو آهي.
سنڌيڪار پاران:
1.
هِن
قسم جو مضمونُ ڪنھن ’قومي اخبار‘ ۾ پڙهڻ جو پھريون ڀيرو اتفاق ٿيو آهي ۽ ليکڪ سنڌ
۽ سنڌين جي ڪجهه اهم ڏُکن کي ڇھيو آهي (تنھنڪري ئي مون هيءُ مضمون ترجمو ڪيو آهي).
مضمون جي شروع ۾، جيئن هن مضمون کي ڇرڪائيندڙ، ڌوڏيندڙ وغيره سڏيو ويو آهي، ان مان
پڻ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ’ڊان‘ اخبار ۾ هِن قسم جو مواد پھريون ڀيرو ڇپيو ويو
آهي، نه ته جيڪو ماڻهو سنڌي پڙهندڙ آهي، ان لاءِ، ڪجهه کان سواءِ، هي سڀ ڳالهيون
نه ته ڇرڪائيندڙ آهن ۽ نه ئي وري ڌوڏيندڙ. سنڌي سياسي سُرت اسان جي قومي اخبارن
کان 40 ورهيه اڳتي وڌيل آهي. سنڌي ماڻهو گذريل اَٺن سالن [يعني 1983-84ع] کان
پڪيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته ڌاڙيل ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ ڇو ۽ ڪيئن پيدا ڪيا ويا، پر ليکڪ
کي 1992ع ۾ وڃي اها خبر پئي آهي ته 1968ع ۾ ’مھاجر-پنجابي-پٺاڻ محاذ‘ ڇو ۽ ڪيئن
ٺھيو. جڏهن ته، ان بابت سنڌين 1968ع ۾ ئي ڄاتو پئي. جيڪڏهن ’قومي اخبارون‘ سنڌي
سُرت کي سمجهن ۽ جيئن جو تيئن پيش ڪن، ته ڏهاڙي اهڙا ڪيترا ئي ڇرڪائيندڙ ۽ ڌوڏيندڙ
مضمون ڇپي سگهن ٿيون.
2.
مون
کي ليکڪ جي ڪيترن ئي خيالن سان اختلاف آهي. اختلاف جو حق محفوظ رکندي، مون،
بھرحال، پنھنجيءَ ڄاڻ آهر ليکڪ جي خيالن کي جيئن جو تيئن پيش ڪري ترجمي جو حق ادا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، رڳو ان نيت سان ته سنڌي ماڻهو هر قسم جو، اختلافي به، مواد
پڙهن.
*
(ڇپيل: روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي، 26 ۽ 27 فيبروري 1992ع)
No comments:
Post a Comment