ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
بابر ۽ پنجاب
دولت خان لوڌي، ابراهيم لوڌيءَ پاران پنجاب جو حاڪم هو. هُن ابراهيم لوڌيءَ کان ناراض ٿي، بابر کي ترڪستان کان هلي اچي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هِرکايو. پنجاب ۽ هندستان تي ڪاهه جو سڄو قصو ظھيرالدين بابر جي آتم ڪٿا ”تزڪ بابري“ ۾ لکيل آهي. هندستان ۾ بابر کي ڇا نظر آيو، جنھن کيس ڪاهه تي اڀاريو، اهو به تزڪ بابريءَ ۾ لکيل آهي.
بابر لکي ٿو: ”هندستان جا ڳوٺ
هجن يا شھر، پر ڏاڍا بدشڪل (اڻوڻندڙ) آهن. سمورا ڳوٺ ۽ شھر هڪجھڙا آهن. هتي باغن
جي چوڌاري ڀِت به نه ٿي ٺاهي وڃي. ماڻهو به سُھڻا ڪو نه آهن. هتي جي رهاڪن کي رهڻ
ڪھڻ جو سليقو ڪونهي ۽ نه ئي انهن کي سونھن سوڀيا جو ذوق آهي. ماڻهن جو پاڻ ۾ ميل
ميلاپ گهٽ آهي. انهن ۾ ذهانت جي به کوٽ آهي، ته خوش اخلاقيءَ جي به.“ ان کان پوءِ وڌيڪ
لکي ٿو: ”هندستان جِي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ آهي ته هيءُ هڪ ويڪرو ديس آهي ۽ هتي
سونَ ۽ چانديءَ جي گَهڻ آهي.“
ايئن ٿو ڀانئجي، ته هندستان
جي سونَ ۽ چانديءَ بابر کي پاڻ تي هرکايو، پر ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڪنھن نه ڪنھن بھاني جي
گهرج ته هوندي آهي. بابر ڪھڙي بھاني جي آڙ وٺي ها!؟ غزنوي ۽ تيمور ته جھاد جي آڙ ۾
هندستان تي ڪاهي آيا هئا. بابرَ هندستان تي ڪاهڻ لاءِ اهو بھانو گَهڙيو، ته هندستان
تي بادشاهي ڪرڻ جو حق لوڌي پٺاڻن بدران ترڪن جو آهي. ان ڪري، بابر ترڪن جو حق هٿ ڪرڻ
لاءِ پنجاب رستي هندستان تي ڪاهي آيو.
بابر پنجاب تي پنج ڪاهون
ڪيون. انهن ڏينھن ۾ پنجاب جا حاڪم به پرڏيھي هئا. انهن صوبي جي بچاءَ جو ڪو به بِلو
نه ڪيو هو، ان ڪري پنجاب جي رهاڪن کي ڏاڍو وڏو جوکو سَھڻو پيو. بابر پھرين ڪاهه 1519ع
۾ ڪئي. ان ڪاهه جو نشانو ڀيره شھر ٿيو. نديءَ ڪناري آباد هيءُ شھر پنجاب جو وڏو
واپاري مرڪز هو ۽ سُکيو وڻجار طبقو هتي آباد هو. بابر کي ان حقيقت جي ڄاڻ هئي.
ڀيره جي بچاءَ جو ڪو مناسب بلو ڪو نه ڪيل هو، ڇو ته هيءُ سڄو علائقو امن ڀريو هو.
مقامي ماڻهن کي لاچار چار لک شاهه-رخي سُڪي جو تاوان ڏئي، پنھنجي جانِ بابر کان
ڇڏائڻي پئي.
اها ڪاهه هلندي بابر گکڙن
کي نابود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنجاب جو هيءُ بھادر قبيلو هر ڪاهيندڙ جو مقابلو ڪندو
هو. بابر انهن جي قلعي برهاله تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن جي سالار دوستَ بيگ
مغل گکڙن سان ويڙھ شروع ڪئي. گکڙ قوم (قبيلو) وڏي بھادريءَ سان وڙهندي رهِي، پر هڪ
پيشيوَر منظم فوج جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ هُن کي نقصان سَھڻو پيو. گکڙن جي ناڪي
بندي بابر جي پنھنجيءَ ڪمانَ هيٺ ڪئي وئي. هار کاڌل گکڙ جبلن ڏانھن ڀَڄي ويا. بابر
برهاله جو قلعو ڦُري ورتو.
1519ع ۾ بابر ٻيھر ڪاهه جي
نيت سان پنجاب روانو ٿيو، پر ترڪستان ۾ ويڙھ جون خبرون ٻُڌي پوئتي موٽي ويو.
1520ع ۾ بابر ڪاهيندو
سيالڪوٽ تائين پھچي ويو. شھرين هٿيار ڦٽو ڪري پنھنجي جانِ بچائي، پر سيدپور جي
رهاڪن ويڙھ جو فيصلو ڪيو. هتي بابر مردن جو عام ڪوس ڪيو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي ٻانِهيون
۽ غلام ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويو.
1524ع ۾ بابر پنجاب تي
چوٿون ڀيرو ڪاهه ڪئي. لاهور تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ هن سھڻي شھر کي باهه ڏئي خاڪ ڪري
ڇڏيو. هِتان کان هُو سڌو ديپالپور روانو ٿيو. ديپالپور جا ماڻهو قلعي بند ٿي
وڙهيا. جڏهن انهن کي هار ملي، ته بابر ديپالپور ۾ عام قتل جو حڪم ڏنو.
1525ع ۾ بابر پنجاب تي
پنجين ڪاهه ڪئي ۽ سوڀ جا جهنڊا ڦڙڪائيندو دهليءَ تائين هليو ويو ۽ ان تي قبضو ڪيو.
بابر کان پوءِ سندس گهراڻو،
جيڪو مغل گهراڻو سَڏجي ٿو، هندستان جي تخت تي ويٺو.
*
No comments:
Post a Comment