ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ فرد نه، پر ادارو هو
علي زاهد
کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪـڏهيـن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاهه
سائين)
جس هجي رياضت کي،
ان کان به وڌيڪ جس لهڻي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“،
جيڪا هر سال ان مهان ماڻهوءَ جي مهانتا جا ڳڻ ڳائڻ جو
اهتمام ڪري ٿي،
جنهن ماڻهوءَ کي ٻڌايو ته ماڻهو ڪهڙي بلا آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ياد ۾ هي جيڪو پروگرام ارينج ڪيو
(سِٽيو) ويو آهي،
اهو هڪ فرد کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ناهي،
اهو سڀ ڪجھ ته ان اداري لاءِ آهي جيڪو تمام گھڻ رُخو آهي،
ٻولي، تاريخ، سياست، ادب، سماجي ڀلائي، مطلب ته هر حوالي
سان هڪ مڪمل ادارو،
ان اداري جو نانءُ آهي ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو.
هيءَ مڃتا ان اداري جي لاءِ آهي جيڪو پنهنجي تخليق ۽ تحقيق
وارين صلاحيتن ۾ گھڻن کان مٿاهون هيو/آهي،
اهو ماڻهو جنهن جي سڄيءَ عمر جون تحقيقون فردن جي روح جي
اذيتن ۽ خوشين، يا ڪنهن گروهه جي فائدي يا نقصان لاءِ ناهن،
بلڪ ان لاءِ آهن ته پنهنجي قوم کي اهڙو ڪجھ ڏجي جيڪو اڃا
سوڌو ڪو به ناهي ڏئي سگھيو.
شاعر، مصور، ليکڪ يا محقق جو آواز صرف انسان جي هئڻ جي
اثبات ناهي هوندو، پر اهو ته انسانيت کي سهارو ڏيڻ جو وسيلو، يا آسرو بڻجي انسان ۾
برداشت ڪرڻ ۽ غالب اچڻ جو جوش ۽ جذبو بيدار ڪندو آهي.
ان جا پڙاڏا، ڪڏهن ماضيءَ جي ڌنڌلين ديوارن سان ڳراٽڙيون
پائي واپس ورندا آهن ته ڪڏهن مستقبل جي ممڪنه ڪوٽن ۽ ڪنگرين جا الهام کڻي اچن ٿا،
۽ ڏين ٿا انهن ماڳن جون مبارڪون جن جي پسڻ ۾ ئي مڪتي آهي.
مڪان ۽ لامڪان جا سمورا راز پروڙي جڏهن اصل ماڳ کي سونهون
ٿجي ٿو،
تڏهن کرڪڻا لاهي سُک سمهڻ واري ڪار ته پري جي ڳالهه پر
اڳتي وڌڻ جو جنون کرڪڻا پائڻ به نه ٿو ڏئي.
پير پٿون ٿين ته ٿين،
جيءُ جُهري ته جهري،
راهبر، راهزن بڻجن ته پيا بڻجن،
پنهنجي پيالي ۾ جيڪو جام آهي
ان کي جام جام ڪري اڃارن جي اُڃ اجھائڻي آهي،
۽ اها ئي واٽ، اهو ئي دڳ، اهو ئي اصول هيو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي
جو،
جنهن جي زندگيءَ ۾ ”سُک نه سُتا ڪڏهين“ واري ڳالهه سورنهن
آنا سونهين ٿي.
ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن اديب هجڻ جي ڪا به دعوى نه ڪئي،
پر هُو هيو وڏو اديب.
هن ته ڪڏهن ڪو سياسي ليڊر هجڻ جي به ڪا هام نه هنئي،
جيتوڻيڪ سندس ڪلهي تي ڪيتريون ئي سياسي توپون هلايون ويون،
هن جڏهن ڏٺو ته هتان جي سياست سواءِ ڌٻڻ جي ڪجھ به ناهي ته
هن سياست کان ئي ڪناره ڪشي اختيار ڪري ڇڏي،
اهو سڀ ظاهري طور هيو، پر پنهنجي اندر ۾ ۽ خمير ۾ هُو هڪ
داناءُ ۽ اڪابر سياستدان هيو.
هُو گوشه نشين ٿِي ويو،
پر اهڙو گوشه نشين، جنهن جي چَوڏس غريب، لاچار، بي پهچ،
اڃارن ۽ بُکارن جا ميڙ هوندا هئا،
ڪي بيمارين کان بي حال،
ڪي سماج جا ستايل،
ڪن کي ادب جي اُڃ،
ڪي تاريخ لاءِ تاسارا،
ڪي تحقيق جا طالب،
ته ڪي ڄاڻ کان اڻڄاڻ.
ڊاڪٽر صاحب جي من گهرِي خواهش هئي ته جيڪي به اصل فڪر جا
مالڪ آهن اهي سڀ گڏ ٿين،
پر هتي، هن بي حس سماج جا پرزا ڪٿ ٿا هڪ مشين ۾ فِٽ ٿين!؟
ڊاڪٽر محبت پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گھڻو لکيو،
۽ هن جيڪو ڪجھ لکيو اهو نظرين ۽ انهن جي باري ۾ تصورن کان
مٿاهون ٿي لکيو آهي،
ايندڙ نسلن لاءِ سندس لکڻيون ساکي رهنديون ته هو ڪيترو بي
ڊپو ماڻهو هيو.
سندس لکڻيون ساکي آهن ته هن سچيت انسان بُک قبولي، پر اصولن
۽ آدرشن تان نه ڦِريو.
هن نانءَ ڪٺيو هيرو بڻجڻ بجاءِ ڪجھ به نه، زيرو بڻجي قنبر
جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي اهي ڪم ڪيا جيڪي فائيو اسٽار هوٽلن جي ٿڌن ڪمرن يا وڏن بنگلن
جي ٽيرس ۾ ويهي نه ٿا ڪري سگھجن.
ڊاڪٽر محبت جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ بنهه نرالو ۽ غير معمولي
هو،
هن جي زندگي رابرٽ بائرن
جي هن چوڻيءَ جو عڪس ڀاسندي هئي ته:
The Purpose of life is a life of purpose.
ڊاڪٽر
صاحب جي زندگيءَ جو ڪارج ئي ڪارج واري زندگي گذارڻ هو،
باقي
فضول، بي ڪَمي ۽ اجائي زندگي گذارڻ جو ڍنگ ته هر ڪنهن کي چڱيءَ پر اچي ٿو.
هن زندگي
گذارڻ جو ڍنگ سِکي ورتو هو
۽ اهو
ڍنگ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه ناهي.
اسان جي
سماج ۾ وري اهڙي قسم جي ماڻهن کي جيڪي لقب ڏنا ويندا آهن، اهي به ڪنهن کان ڳجھا
ناهن.
پوءِ ڇا
ڪجي؟ اهڙي سوچ تي، اهڙي لقاءَ تي ۽ اهڙي سماج تي سچ پچ ته روئڻ ٿو اچي.
شيڪسپيئر ڪٿي لکيو آهي:
The Trouble with the world is that
The stupid are full of confidence
And the intelligent remain in doubt.
اهڙي
سماج ۾ جتي بيوقوف قسم جا ماڻهو ان يقين سان زندگي گذارن ته هو صحيح دڳ تي پيا هلن
۽ ذهين قسم جي ماڻهن کي حالتون اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏن ته ڪٿي هو ڪنهن غلط راهه
جا راهي ته نه پيا بڻجن!؟
اتي، ان
حالت ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جهڙا گمنام ۽ گوشه نشين ماڻهو اهڙن ذهين پر تذبذب جو شڪار
ماڻهن لاءِ راهه جا سونهان بڻجي نروار ٿيندا آهن.
ڊاڪٽر
صاحب هر دڳ جو سونهون هيو. هن ڪيترن ئي ڀٽڪيلن کي ڍنگ سيکاريو ۽ درست دڳ لاتو.
قنبر شهر
۾ زندگيءَ جو هڪ سال گذارڻ دوران
منهنجو
علي زاهد طور نئون جنم ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب
سان گھاريل ڪجھ گھڙين، ڪچهرين ۽ ليڪچرن دوران مون تمام گھڻو پِرايو. ان وقت سنڌي ادبي
سنگت قنبر شاخ اهڙا ليڪچر پروگرام ارينج ڪندي هئي ۽ مان ان جو ميمبر پڻ هئس.
ڪارل
مارڪس، لينن، اسٽالن، روس جو انقلاب، چين ۽ فرانس جو انقلاب، جديد ادب، ٻوليءَ جون
پيچيدگيون، شاعري، روسو، برٽرانڊرسل. گوئٽي، نٽشي، بائرن، ڪيٽس، شيلي،
ڊاڪٽر
صاحب انهن سڀني سان اسان جي ملاقات ڪرائي.
مطلب ته هن
هر قسم جي مڌ جو مزو وٺرايو ۽ اسان کي ڄاڻ جو پياڪ بڻائي ڇڏيو.
سندس ان
مڌ جو مزو اسان کي بي چين ڪري ويندو هو،
پوءِ
پياڪ ۽ هيراڪ بڻجي انهيءَ مڌ جي ميخاني ۽ موکيءَ جي ڳولا پاڻ ڪندا هئاسين.
اڄ مان ۽
مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي دوست جيڪڏهن ڪجھ آهن ته ان ۾ ڪي قدر ڊاڪٽر محبت جي محبتن،
پنهنجائپ، درس، ڏاهپ ۽ سندس پُرڪشش شخصيت جو عمل دخل ضرور آهي.
جڏهن به
قنبر ايندو آهيان
ڊاڪٽر
صاحب جي ياد اکيون آليون ڪري ويندي آهي
۽ ان سان
گڏ اهو احساس شدت سان ٿيندو آهي ته
جيڪڏهن
ڊاڪٽر صاحب اڃا جيئي ها، ته نه ڄاڻ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ الائي جي ڇا ڇا ڪري ها.
ٻوليءَ
جي حوالي سان سندس ڪيتريون ئي ڪاوشون اڻپوريون رهجي ويون،
خاص ڪري
انسائيڪلوپيڊيا وارو ڪم ته تمام عظيم ڪم هيو.
وري به
جس آهي رياضت ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ“ جي دوستن کي،
جيڪي
پنهنجي هڙئون وڙئون ڊاڪٽر صاحب جي پورهيي کي ڇپائي منظر عام تي آڻين پيا.
اميد ته
اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو.
(ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي تيرهين ورسي ۾، اپريل 2010ع ۾، پڙهيل
تاثر)
No comments:
Post a Comment