ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو هر آرڻ ۾ اڻ موٽ هو
علي آڪاش
ڊاڪٽر محبت تي لکڻ وقت اهو ئي خيال آهي ته ساڻس انصاف نه ڪري سگھندس. هو جنهن
مرتبي جو ماڻهو آهي، ان تي ويچار ۽ رايا قائم ڪرڻ به عالمن، اڪابرن، سمجُھن ۽
پارکن جو ڪم آهي. آءٌ فقط ساڻس محبت ۾ ٻه ٻول ٻولڻ چاهيان ٿو ائين جيئن ڪُمهلي
پونم رات ۾ ڪوئل ڪنهن گھاٽي وڻ ۾ ٻولي، اڏري ويندي آهي.
ڊاڪٽر محبت لاءِ لکڻ جي ڪٿان شروعات ڪجي ۽ ڪيئن لکجي، سچ پچ ته اهڙو پتو مون
کي بنهه نه پئجي رهيو آهي. ان ڪري منهنجي هن مضمون کي مصور جي ڪنهن رف اسڪيچ وانگي
ئي سمجھيو وڃي. ڊاڪٽر محبت پنهنجيءَ ذات ۾ ايترو ته گھڻ پاسائو ماڻهو هو جو
سوچيندي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. هيءَ ڳالهه عام رواجي نه سمجھي وڃي، جيئن
ڪنهن کي مانُ ڏيڻ لاءِ خوامخواهه لفظن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. آءٌ انهن سڀني شين
جي خلاف رهيو آهيان ته شيءِ جي قيمت هڪڙي هجي پر اشتهار طور ان جي قيمت وڌائي،
سندس اهميت لکائي وڃي. هر هڪ شيءِ جي قيمت هوندي آهي ۽ اها ئي ان جي حيثيت ۽ اهميت
جو تعين ڪندي آهي، پر سوچيان ٿو ته محبت جي ڪهڙي ڪٿ لڳائجي؟ ڇا ”محبت“ تي ڪنهن
قيمت جو ليبل لڳائي سگهجي ٿو؟ دنيا جي بازار ۾ هر هڪ وکر جو ملهه هوندو آهي پر
”محبت“ بازاري وکر نه هو، جو اگھه مقرر ڪري ان کي خريدي سگھجي.