مٺڙي دوست ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي ورسي جي حوالي سان لکيل تاثر
ڪنهن پر روئان پرينءَ کي،
روئي نه ڄاڻان
شاهنواز راڄپر
اڳوڻي چانڊڪا پرڳڻي (هن وقت
لاڙڪاڻو ضلعو) جي کهري، ڪلراٺي، لوڻياٺي مٽي ۾ نزاڪتن واري شهر قنبر جي هڪ غريب
گھراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ نينگر جيڪو ننڍي لاڪون ئي ماڻيٺو ۽ سٻاجھو هو، پر سندس
چهري جو سڀاءُ ۽ اکين جي گھرائي ڏسندڙ کي ان ڏانهن ضرور متوجهه ڪندي ۽ ڪن ماڻهو
شناس ذهنن اهو ضرور اندازو لڳايو هوندو ته اڳتي هلي هي ڇوڪرو ضرور پنهنجون
صلاحيتون ڏيکاريندو! ۽ پوءِ ٿيو به ايئن....!
سنڌ ڌرتي جيڪا هميشه قومي، طبقاتي
۽ سامراجي غلاميءَ جو شڪار رهندي آهي، ان کان آجپي لاءِ سنڌ اندر مختلف محاذن تان
وقت به وقت جدوجھدن به هلنديون رهيون آهن. 80 واري ڏهاڪي ۾ عوامي تحريڪ، شاگرد
محاذ تي هڪ مضبوط نظرياتي تنظيم جي کوٽ محسوس ڪندي ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ جو بڻياد
رکرايو، جن جي باني اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر سيف الله نظاماڻي
(جيڪو هن وقت لنڊن ۾ رهي ٿو) ظفر قادري (هن وقت ڊاڪٽر
عبدالغفور جي نالي سان لياري جنرل اسپتال ڪراچي ۾ جاب ڪري رهيو آهي) ابراهيم سوهو (جيڪو هن وقت ميرپور بٺورو ۽ ڪراچي ۾
پنهنجي موج مستين ۾ مگن، زمينداري سنڀالي رهيو آهي) ۽ ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو (جيڪو اڄ اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي) ۽ ٻيا دوست جن جا
نالا رکڻ اجائي ڊيگھ ٿيندي ۽ ٻيو ته اهي دوست گمنام ٿي ويا آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مون پهريون
دفعو آڪٽوبر 79ع ۾ راهوڪي (شهيد فاضل جو ڳوٺ) ۾ ٿيل ملڪ گير هاري ڪانفرنس ۾ تقرير
دوران ڏٺو ۽ ٻڌو.
اهو ياد رکڻ گھرجي ته ان وقت ملڪ
سخت قهري مارشل لا مڙهيل هئي ۽ ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ کي اڃا مس ڇهه مهينا گذريا هئا
ته هي ڪانفرنس ڪرائي وئي! ڊاڪٽر محبت جيڪا تقرير (اها ڪيسيٽ اڄ به مون وٽ محفوظ
آهي) ڪئي، جنهن منجھ ناٽ، نخرا، ٺينگ ٽپا ۽ اجائي اوٽ پٽانگ ته ڪو نه هئي، پر سندس
”لفظ“ جيڪي تقرير دوران هن ادا پئي ڪيا، تن ۾ سندس چهري ۽ اکين جھڙو اعتماد ۽
گھرائي، سچائي ۽ سنجيدگي هئي جيڪا مد مخاطب لاءِ وڌيڪ تشويش ۽ پريشانيءَ جو باعث
هئي!
بعد ۾ هيٺ پنڊال ۾ جڏهن ڪچهري ٿي
ته ان جو لطف ئي ٻيو هو. بقول لطيف سائين جي ته:
ڪال گڏئوسن ڪاپڙي،
بابو بيکاري،
سامي سيلوسرتي، مالا
موچاري،
ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير ويو.
سچ پچ ته هن سان ڪچهري ڪيڻ کان پوءِ
مون منجھ انقلاب لاءِ، پارٽي لاءِ، پاڻ سڌارڻ ۽ ارپڻ جون نئون جذبو، نئون ولولو
پيدا ٿيو، جنهن جي ڪيف ۽ سرور جو مزو ئي الڳ هو. ان جو اظهار لطيف سائين جي ٻوليءَ
۾ ئي ڪري سگھجي ٿو.
بيکاريءَ بر ۾، ويو
ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ
جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪاجا انگ اڙي، جنءَ ڇٽا ڦٽ ڇڏي پيا!
سج سڀاڻي جا ڪري،
سامي سائي روءِ،
اچي ٿي عطر جي،
منجھا مُگٽ بوءِ،
سا ڏيکاريهون جوءِ، جتان لاهوتي لعل ٿئو.
جوڳي تي جڙاءُ،
نسروئي نيهه جو،
پتنگ جنءَ پيدا ٿيو،
سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنئارن ڪڪورئو.
سچ پچ ته سندس ڳالهائڻ جو، چوڙڻ
ماڻڻ جو، ميل جول جو ڍنگ ئي الڳ ۽ نرالو هو، جيڪو اڄ تائين مون کي ڪنهن ٻئي ۾ نظر
نه آيو آهي.
اڳتي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي نظرياتي
ميدان ۾ جيڪو ڪجھ ثابت ڪيو اهو اسان جي ٽهي کي چڱي طرح ياد هوندو، بلڪه اهو تاريخ
هو حصو ثابت ٿيندو! قدرت کيس لکڻ، ڳالهائڻ ۽ موقف پيش ڪرڻ جي ڏات سان مالا مال ڪري
ڇڏيو هئس، جنهن به موضوع تي هن کي ڇيڙيو ته دل چوندي اڃا جيڪر ڊاڪٽر صاحب ڳالهائي
ته ٻڌان!
جدلي ماديت جھڙي (منهنجي لاءِ پٿر
جھڙو سخت ۽ خشڪ) موضوع تي پنج ڪلاڪ ڳالهائڻ (اهي ڪيسيٽون به مون وٽ محفوظ آهن)
جنهن ۾ صرف ٿوري وقت لاءِ هڪ وقفو ٿئي ۽ ٻڌڻ وارن ۾ هڪ کان سواءِ ٻيا سڀ نان
گريجوئيٽ آهن ۽ اهي سڀ ٻڌڻ کان بيزار نٿا ٿين، ٿڪجن نه ٿا، ننڊارکا نٿا ٿين! سبب
اهو ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ليڪچر ڏيڻ وقت ٻڌندڙن جي معيار کي نظر ۾ رکندي زبان اها
سولي ۽ آسان استعمال ڪندو هو جو ان جا لفظ اسان وٽ گھڻو مروج ۽ روزمرهه ڳالهائڻ
وقت استعمال هيٺ رهندا آهن.
قومي جدوجھد ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو
ڪردار هميشه بهادر ۽ بيباڪ اڳواڻ جيان رهيو. هن جو مطالعو وسيع هو. هن ڪيترائي
ڪتاب ۽ اخباري مضمون مختلف سياسي موضوعن تي لکيا آهن. وقت جي بيرحم وهڪري بيمهلو
سنڌ کان هڪ اهڙو سپوت کسي ورتو، جنهن جي سنڌ کي اڃا تمام گھڻي ضرورت هئي!
ڪنهن پر روئان
پرينءَ کي روئي نه ڄاڻان،
مٿي ڪيو ڀڻان، جنجن هاڻان هتڙا. . . . . !
نه سي ووئڻ وڻن ۾،
نه سي ڪا تاريون،
پسيو بازارون، هيڙو مون لوڻ ٿئي!
No comments:
Post a Comment