1/15/2013

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا... - ساگر حنيف بڙدي



ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...
ساگر حنيف بڙدي
زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڪي اهڙا آواز به هوندا آهن، جن جي صدا ڪڏهن جھڪي ته ڪو نه ٿيندي آهي، پر ان آواز جي سُريلپ تي رڻ پٽ به پيو ناز ڪندو آهي. هونئن ته اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جن جون حياتيون مايا جي موهه ۽ دنيا جي ڊوهه جي دائرن ۾ ڦرنديون رهنديون آهن. اهڙن دائرن ۾ ڦرندڙن جي دلين ۾ موت جو ڊپ سمايل هوندو آهي. اهو برابر آهي، ته هر انسان جي حياتيءَ جي ميوزم ۾ موت جو ڊيڄاريندڙ ”بت“ رکيل هوندو آهي، پر ڪن حياتين جي عجائب گھرن ۾ رکيل بتَ، ڀڳوان جو روپ وٺي، پنهنجو تعارف تخليقڪار جي نالي سان ڪرائيندا آهن. سائين محبت ٻرڙو به اهڙي حياتيءَ جو نالو آهي، جنهن سموري زندگي علم، ادب، عشق تحقيق ۽ تخليق جي پرچار ڪندي گذاري

هونئن ته هن اڻ گَھڙيي سماج ۾ شاعر ۽ اديب به الڳ لڳندا آهن، پر اڪثر ڪري محقق، تاريخدان، لسانيات جا ماهر پنهنجي تحقيقن وانگر خشڪ ۽ ڳجھارتن وانگر مبهم ۽ اوپرا لڳندا آهن، پر اديب، محقق ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو هجڻ سان گڏ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نهايت حساس، نرم دل ۽ روشن خيال محسوس ٿيندو آهي. محبتي ماڻهن خاص ڪري جن جي ٻوليءَ سان محبت آهي، انهن سان محبت جو اندازو مون سائين محبت ٻرڙي جي ان خط مان لڳايو، جيڪو هن ڊاڪٽر هدايت پريم  ڏانهن لکيو هو.
ڊاڪٽر محبت لکي ٿو: ”توهان جو پريم هو يا منهنجي محبت يا ٻنهي جي سچائي ۽ ڇوهه جو ڪراچيءَ کان موٽندي اوهان وٽ اچي حاضري ڀرڻ لاءِ ٽول پلازه وٽ لهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ توهان جو در کڙڪايم... ٻه ڳورا سفري ٿيلها ڪلهن ۾... مون سان گڏ منهنجو 12 ورهيو پٽ ساجد گڏ هو...“
هن روان دوان فضول زندگيءَ ۾ ڪير ٿو رڳو ٻوليءَ تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪري؟ هونءَ ته هر ڪو لئيءَ مان لٺ ڀڃي اديب ٿيو وڃي، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو شمار انهن اديبن ۾ ٿئي ٿو جيڪي رڳو نالي ڪمائڻ لاءِ جاکوڙ نه ڪندا آهن، پر انهن جي پورهئي سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جو آئيندو وابسته هوندو آهي. جيئن، نه رڳو سنڌ جي خلاف سازشن جا ڄار وڇايا پيا وڃن، ائين سنڌي ٻوليءَ جي خلاف پڻ ڪات ڪهاڙا تيز ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ان خيال جو هو، ته سنڌي ٻوليءَ جو سينو تمام وسيع آهي، سنڌي ٻولي پنهنجي پنهنجائپ ڀرئي مضبوط ڀاڪر ۾ سامي سٿ جي ڪجھه  ٻولين سميت سنسڪرت سان گڏ ڪيترن ئي ٻين انڊو-يورپين توڙي دراوڙي ٻولين جي کاڻ مان ججھو ذخيرو جھٽي جذب ڪري سانڍي رکيو آهي. ڊاڪٽر محبت مثال ڏيندي رڳو هڪ لفظ محبت لاءِ سنڌي جا ٻيا متبادل لفظ ٻڌائي ٿو: پريم، نينهن، لنئون، چاهت، چاهنا، آر، پيار، حُب، الفت، سنيهه، قرب، سڪ، وغيره.
ڊاڪٽر کي ايترو ته سنڌي ٻوليءَ تي فخر ۽ اعتماد هوندو هو، جو چوندو هو، ته سنڌي ٻولي ايتري ته سگھه رکي ٿي، جنهن ۾ لچڪ پذيري ۽ ڪشادائي تمام گھڻي سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي صدين کان جٽاءُ ڪندي، بقا رکندي، عوامي ٻولي رهندي آئي آهي. ڊاڪٽر محبت جي اها سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ لڳاءُ ئي هو، جو هو سنڌيءَ ۾ اصطلاحسازيءَ جو وڏو قائل هو. هن کي اهو اعتماد هوندو هو، ته ڪنهن به ٻوليءَ جي هر لفظ جو اصطلاح سنڌيءَ ۾ ملي ويندو. کيس اصطلاحسازيءَ جي مخالفن تي تڏهن ڪاوڙ ايندي هئي جڏهن هو لسانيات، حيوانيات، ارضيات، علم جغرافيه، نباتات جھڙا اصطلاح استعمال ڪندا هئا. واقعي به جڏهن سنڌ جا اڪثر تعليمي ادارا علم کان وانجھيل هجن، وڏا علمي ادارا به عالم ۽ ماهر پيدا ڪرڻ بجاءِ جاهل ۽ رَٽو پيدا ڪندا هجن، ان صورتحال ۾ ڪنهن کي لاچار پيو آهي جو ويٺو هر شي جا سنڌيءَ ۾ متبادل ڳوليندو وتي! سنڌي ٻوليءَ ڏانهن سنڌي ادارن ۾ اديبن جو اهڙو رويو آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جو تعارف ئي ڄڻ ته ڄٽڪي ٻولي ٿي پيو آهي. ڀلي اسان سنڌيءَ کي قديم ۽ شاهوڪار ٻولي چئون، ڀلي اسان شاهه لطيف جي پيغام کي عالمي پيغام چئون، پر اها حقيقت آهي، ته هر عام سنڌي ماڻهو توڙي سنڌي اديب پنهنجي اولاد کي انگريزي پڙهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
سنڌي ٻوليءَ جي وسدار اداري جو چئرمين سائين قاسم ٻگھيو چوي ٿو، ته جڏهن ڪنهن کي به سنڌي پڙهڻ لاءِ چئجي ٿو، ته ڄڻ ته کيس ڄٽ ٿيڻ جي دعوت ٿي ڏجي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ته سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري، ان جو اهڙو تعارف ڪرايو ويو آهي، ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ڄاڻ نه هجڻ ڪري اهڙو تاثر بيٺو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ بچائڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن سائنسي، علمي، فني، هنري ۽ سڀني موضوعن تي گھربل معياري مواد موجود نه هوندو، ته سنڌي واقعي به ڄٽڪي ٻولي ليکي ويندي.
علامه آءِ آءِ قاضي پڻ هڪ جاءِ تي چيو ته سنڌي ٻولي اوهان بچائي تڏهن ٿا سگھو، جڏهن ان کي معنيٰ ۽ فڪر جي قوت سان مضبوط ۽ سگھارو ڪيو.
ڊاڪٽر محبت ان خيال جو هو، ته جيئن ته اسان سنڌي آهيون، سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ٿا، لکون، پڙهون ۽ سوچيون به سنڌيءَ ۾ ٿا، اسان جو روزانو وهنوار به سنڌيءَ ۾ ٿئي ٿو، ان ڪري لازم آهي، ته دنيا جو سمورو علم سنڌيءَ ۾ ميسر هجي. اهوئي سڌو سادو سلجھيل ۽ سلڇڻو رويو آهي. ڀلي ته سنڌ ورسٽيءَ ۾ سائين هدايت پريم جي گھر ڏانهن ويندڙ گھٽين ۽ قنبر شهر جي روڊن ۽ رستن تي سائين محبت ٻرڙي جي قدمن جا نشان اڄ ڪنهن کي نظر نه اچن پر ڄامشوري ۾ غلام حسين هڪڙي جي گھر جي ڪٻٽن کان وٺي سائين قاسم ٻگھئي جي ڪچهرين ۾ علمي ادبي، خاص ڪري ٻوليءَ جي بحثن کان وٺي ادب دوست ماڻهن جي دلين ۾ ڊاڪٽر محبت جي محبت جا نشان واضح هوندا.

No comments:

Post a Comment