ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو هر آرڻ ۾ اڻ موٽ هو
علي آڪاش
ڊاڪٽر محبت تي لکڻ وقت اهو ئي خيال آهي ته ساڻس انصاف نه ڪري سگھندس. هو جنهن
مرتبي جو ماڻهو آهي، ان تي ويچار ۽ رايا قائم ڪرڻ به عالمن، اڪابرن، سمجُھن ۽
پارکن جو ڪم آهي. آءٌ فقط ساڻس محبت ۾ ٻه ٻول ٻولڻ چاهيان ٿو ائين جيئن ڪُمهلي
پونم رات ۾ ڪوئل ڪنهن گھاٽي وڻ ۾ ٻولي، اڏري ويندي آهي.
ڊاڪٽر محبت لاءِ لکڻ جي ڪٿان شروعات ڪجي ۽ ڪيئن لکجي، سچ پچ ته اهڙو پتو مون
کي بنهه نه پئجي رهيو آهي. ان ڪري منهنجي هن مضمون کي مصور جي ڪنهن رف اسڪيچ وانگي
ئي سمجھيو وڃي. ڊاڪٽر محبت پنهنجيءَ ذات ۾ ايترو ته گھڻ پاسائو ماڻهو هو جو
سوچيندي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. هيءَ ڳالهه عام رواجي نه سمجھي وڃي، جيئن
ڪنهن کي مانُ ڏيڻ لاءِ خوامخواهه لفظن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. آءٌ انهن سڀني شين
جي خلاف رهيو آهيان ته شيءِ جي قيمت هڪڙي هجي پر اشتهار طور ان جي قيمت وڌائي،
سندس اهميت لکائي وڃي. هر هڪ شيءِ جي قيمت هوندي آهي ۽ اها ئي ان جي حيثيت ۽ اهميت
جو تعين ڪندي آهي، پر سوچيان ٿو ته محبت جي ڪهڙي ڪٿ لڳائجي؟ ڇا ”محبت“ تي ڪنهن
قيمت جو ليبل لڳائي سگهجي ٿو؟ دنيا جي بازار ۾ هر هڪ وکر جو ملهه هوندو آهي پر
”محبت“ بازاري وکر نه هو، جو اگھه مقرر ڪري ان کي خريدي سگھجي.
ڊاڪٽر محبت سان زندگيءَ جا ڪجھه پَل مون به گذاريا آهن. سچ پچ اهڙي غير معمولي
شخص سان گھاريل پلن بابت سوچيندي، مون کي زندگي سجائي لڳندي آهي. وٽس سدائين چُپ
کي ويڙهي ويهندو هوس، جرئت نه ٿيندي هئي ڪجھه ڳالهائڻ جي. ائين به ناهي ته ڪو
ڊاڪٽر محبت سخت مزاج جو ماڻهو هو. هُو انتهائي شفيق، ملنسار، قربائتو ۽ وڙائتو
ماڻهو هو. روزاني زندگيءَ بابت ڏاڍو هلڪو ڦلڪو ڳالهائيندو هو ۽ سندس ڳالهائڻ مان
خوش مزاجي جھلڪندي هئي، پر جڏهن به بحث مباحثي جو دور شروع ٿيو ته هو خوش مزاج نه
پر سنجيده هوندو هو. ڪنهن به شيءِ لاءِ ڪو به تڪڙو رايو نه ڏيندو هو ۽ دليل کان
سواءِ بلڪل ڪا به ڳالهه مڃائڻ، ٻڌائڻ يا واضح ڪرڻ نه چاهيندو هو. هر موضوع کي واضح
۽ چٽو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش سان کيس پيار هو، پوءِ ڀلي ڪيترو به وقت ڇو نه گذري
وڃي.
پنهنجي ذات ۾ هو مارڪسٽ هو. جدلياتي ۽ تاريخي ماديت تي ڳالهائڻ هن جو محبوب
مشغلو هوندو هو، ان ڪري سبب ۽ تضادن جي منطقي طريقي کان سواءِ ڪا به شيءِ نه
آئڙندي هئس، پر ائين به ناهي ته هن پنهنجي پاڻ کي فقط اتي ئي محدود رکيو. سندس ذات
۾ وڏي وسعت هئي. مون هن کي ڌرتيءَ بابت ليڪچر ڏيندي ٻڌو ته مون سمجهيو ته هو ان
فيلڊ (شعبي) ۾ فِٽ (درست) آهي، پر جڏهن ٻوليءَ ۽ ان جي آوازن بابت ليڪچر ٻڌو ته
سوچيم: هيءُ ته ٻوليدان آهي. ائين هيومن رائيٽس بابت سندس ليڪچر ٻڌم ته سمجھيم،
سماجي ماهر آهي. ٿلهي ليکي چئجي ته هن جي ذات ڪيترن ئي پاسن کان مڪمل هئي. هو هڪ
ئي وقت ڪيترن ئي مامرن، مسئلن، موضوعن ۽ نظرين تي ڳالهائڻ، انهن کي منطق ۽ استدلال
ذريعي درست يا غلط، مثبت يا منفي ثابت ڪرڻ جي سگھه رکندو هو. هونءَ ته چوڻ لاءِ
ائين چئجي ته هو هڪ ڊاڪٽر هو، جنهن جو ڪم مريضن کي شفا بخشڻ هئڻ گھرجي، پر ان جي
اندر ۾ ڪا گڙٻڙ هئي جنهن کيس فقط ڊاڪٽر ٿي رهڻ نه ڏنو. هن پنهنجي پاڻ کي هڪ نه
کٽندڙ تاڪئي جيان وڇائي ڇڏيو هو، جنهن کي نه پورو کولي سگهجي، نه سهيڙي سگهجي.
محبت جي ذات لاءِ جيڪڏهن مون کي هڪ راءِ قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته اهو ئي
چوندس ته هو سمجھه ۾ نه ايندڙ هڪ غير معمولي ماڻهو هو، ڇاڪاڻ ته مون اڄ ڏينهن
تائين به هن بابت سوچيو آهي ته ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگھيو آهيان. هميشه
منهنجو ذهن هڪ سواليه نشانيءَ تي اچي رڪجي ويندو آهي. هو هڪ اهڙو ڪرادار هو جنهن
جِي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ته نشاندهي ٿئي ٿي پر حقيقت ۾ جيئرو جاڳندو چرندو پرندو سامهون
هجي، اها هڪ يقين نه ڪرڻ جھڙي ڳالهه هئي. جيستائين محبت جي زندگيءَ جي مالها نه
ٽٽي هئي، تيستائين آءٌ فقط اهو سوچيندو رهيس ته هو پڙهي ڪهڙي وقت ٿو؟ ڇاڪاڻ ته
منهنجو جڏهن به سندس ڪلينڪ تي وڃڻ ٿيو ته مون کيس لکندي ڏٺو. ڊاڪٽر جا اکر ڏاڍا
سهڻا هوندا هئا پر ان سان گڏوگڏ هن کي صاف صاف لکڻ جو ڏانءُ ايندو هو. لکندي لکندي
جيڪڏهن هن کان ڪٿي ڪو لفظ يا جملو صحيح نه لکيو ويو هجي يا ڪا تبديلي ڪرڻ هجي، ته
هو اهو پنو ڦاڙي ٻيهر لکڻ شروع ڪندو هو ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته بغير ليڪن جي
هر پني مٿان اڪريل سٽون ڪڏهن به هيٺ مٿي نه هونديون هيون. اکر سهڻا ائين لکندو ڄڻ
پرنٽ ٿيل هجن. اها شيءِ سندس نفاست کي ظاهر ڪندي هئي.
ڊاڪٽر محبت پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کان وٺي ڪتابن سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان ئي دور ۾ سياست
به ڪيائين ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايس ايس ٽي جي نه فقط
بنياد وجھندڙن مان هو پر ان جو پهريون صدر به هو. اها سياست هئي جنهن ڊاڪٽر کي
گھڻو ڪجھه سيکاريو ۽ انهيءَ سبب ئي هن جا ڪيترائي خواب ۽ خواهشون اڌوريون ۽
اڻَرَسيون پڻ رهجي ويون. شاگرديءَ واري زماني ۾ هو گھڻو مٽجي ويو هو. هاڻ محبت
ڏينهن رات، جيڪو ڪتاب هٿ آيو پڙهيو، کي ڇڏي هڪ مقصد هيٺ ڪم ڪرڻ لڳو. محبت جي ذات
جي سچائيءَ ۾ شڪ نه ٿو ڪري سگھجي. هن لاءِ ڪي ٻه رايا قائم ڪري نه ٿا سگھجن. هن
سياست ڪئي ۽ آخري وقت تائين پنهنجي سياسي نظريي تان نه ڦريو. توڻي جو گھاٽ مٿان
اها گھنگھرو گھٽا نه رهي، ته به هو اُس ۾ اتان تِر جيترو به چرڻ لاءِ تيار نه ٿيو.
توڻي جو ڪاتارن وڃي نوان ارٽ ۽ آتڻ تاڙيا پر هن رتو راس ڪرڻ لاءِ ڀڳو ئي ڀيريو ۽
ائين ڪندي کيس ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿي. مخالف هوائن جا ارادا پسندي، ناکئن ٻيڙين جا
رخ مٽائي ڇڏيا پر هو مانجھين جيان جبل جيڏي ڇولين جي سامهون پئجي، اڳتي وڌندو
رهيو. هن زندگيءَ جي آخري لمحي تائين هٿن مان ونجھه اڇلي پنهنجو پاڻ سير حوالي نه
ڪيو. هن پنهنجي اکر ۽ وکر کي ڪڏهن به ڪٿي به پراڻ لڳڻ نه ڏني. هو ته اهو وڻجارو هو جنهن کي چڱيءَ پر پروڙ هئي ته ڪهڙو وکر پئي پراڻو
نه ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر محبت انهن ارک انسانن کي دير سان سڃاتو، جن جون مَديون پسي شيطان به
شرمائجي ويندا آهن پر هو سچ جو سوداگر هو، موتي ڏيکاري هن ڪائو ڪچ نه ڪمايو. اهو
سندس زندگيءَ جو نچوڙ هو:
ڪڍج ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ مَ ڪمائيج،
وڻج
وهائيج، سڀ سوداگر!
سچ جو.
هو اونهي مان اڪرڻ ڄاڻيندو هو. درياهه جي دهشت کي هن هوشياريءَ ۽ عقلمنديءَ
سان منهن ڏنو. هو تار تري ويو، پر اڻ تارو، جن عميق جا وڏا احوال اوريا ۽ پاڻيءَ
جو پاڻ کي پارکو سمجھندا هئا، پنهنجي مولهين (پٽڪن) جي بار ۾ ئي ٻڏي ويا.
ڊاڪٽر کي انهن ارک انسانن جو ڪو به غم نه ٿيو. هن پنهنجي جدوجھد جو رخ موڙي
ڇڏيو. اهو دور هن جي سياست کان موٽ وارو دور هو (جيڪو سنڌي زبان لاءِ سڀاويڪ ۽
سدورو ثابت ٿي پئي سگھيو، جيڪڏهن ساڻس زندگي وفا ڪري ها. تڏهن به هن پنهنجي پوئتان
ڪيترائي علمي مضمون ۽ مقالا ڇڏيا آهن جن مان ڪيترائي ٽن ڪتابن جي صورت ۾ ڇپجي چڪا
آهن، پر اڃا محبت جي لکڻين جو هڪ ججھو تعداد اڻ ڇپيل آهي. انهن مان پڪ سان ائين
چئي سگھجي ٿو ته خاص طور سنڌي ٻولي جي آوازن، اچارن ۽ بڻ بنياد بابت ڪافي رستا ملي
سگھندا). هن کي هر حال ۾ جاکوڙڻو هو، جھاڳڻو هو. سفر تي سنبري هلڻ وارن مان ساڻس
ڪير به گڏ نه رهيو. ٻيڙيءَ جو تختو تختي سان نه مليو، پر هو تانگھه ۽ تمنا جي ترهي
ترندو رهيو. اوکي راهه هوندي به هن جي مت موڙهي نه ٿي. سندس سرت سُجان هئي. هن وٽ
اهڙيون اکيون هيون جيڪي اوندهه ۾ به ڏسي سگھنديون هيون. ڏک فقط ان ڳالهه جو آهي جو
ساهه جي سڳي هن سان وفا نه ڪئي. هن کي ته تمام گھڻا ڪم ڪرڻا هئا. هن جو زندگيءَ
ڏانهن رويو اهو هو، جيئن غالب چيو آهي:
ڪوئي دن گر
زندگاني اور هي،
اپني جي مين هم ني ٺاني اور هي.
هن کي زندگيءَ جي اهميت جو احساس هو. هُو وقت جو بهترين استعمال ڄاڻيندو هو.
ائين به ناهي ته ڪو پاڻ فقط خشڪ موضوعن تي ڳالهائيندي ڊگھا ڊگھا بحث ڪندڙ ۽ ڪتابن
جي ڪڙي ۾ ڪڙيل هو، پر زندگيءَ جا سڀ مزا وٺندو هو. هُو هر قسم جو ڊائجسٽ وڏي چاهه
سان پڙهندو هو. جاسوسي ناول پڙهڻ هن جي هابي هئي. ڪيرم بورڊ جو به ڀلوڙ کيڏاري هو.
بيڊمنٽن ۾ به چڱي چوکي مهارت رکندو هو، پر سنجھا کان اڳ لغڙ اڏارڻ هن جو خاص شوق
هو. خالص سائنسي ۽ فلسفي جو ماڻهو هوندي به کيس شاعريءَ ۽ ادب سان خاص لڳاءُ هو.
ادبي سنگت ۾ پنهنجي تمام گھڻين مصروفيتن هوندي به، وقت به وقت شريڪ ٿيندو هو ۽
ڪيترا ڀيرا ته هو ادبي سنگت کي گڏجاڻي لاءِ پنهنجي ڪلينڪ تي دعوت به ڏيندو هو ۽
تنقيدي راين ۾ نهايت نفاست ۽ باريڪ بينيءَ کان ڪم وٺڻ به هن کي ايندو هو ۽ داد ڏيڻ
۾ به ڪنجوسي نه ڪندو هو.
اڄ ڊاڪٽر محبت جسماني طور اسان جي وچ ۾ نه آهي پر اهو نه ٿا چئي سگھون ته اهو
اسان سان گڏ نه آهي. هو اسان جي وچ ۾ هوا جيان موجود آهي. جيڪا موجود آهي ته سهي،
پر اسين کيس ڏسي نه ٿا سگھون. هو اڄ به سؤ سڳندون کڻي، اسان جي وجود جي وڻن مان
گذري ٿو.
ان ڳالهه تي هر ماڻهو متفق آهي ته محبت جو جوانيءَ ۾ مري وڃڻ هڪ وڏي الميي کان
گھٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته هُو اهڙو ماڻهو هو جيڪو هڪ اداري جيترو ڪم اڪيلي سِر ڪري
سگھندو هو ۽ کيس ڄاڻيندڙن جو اهو به رايو آهي ته محبت جي حصي جو ڪم شايد سنڌ ۾
هاڻي ڪو به نه ڪري سگھي.
آءٌ ذاتي طور محبت کي مرحوم نه، پر هڪ شهيد سمجھان ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سڄي ڄمار،
سچ جي پاسباني ڪندي، ڪوڙ خلاف وڙهندي گذاري. سنڌ ۽ سنڌي قوم هن جا مرڪزِ نگاهه
هئا. هُو جيستائين جيئرو هو، انهن لاءِ ئي هو. ڪٿي به بيزاريءَ وارِي واٽ نه
ورتائين:
جان جان هئي
جيئري، ورچي نه ويٺِي،
وڃي ڀُون پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.
No comments:
Post a Comment