”ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو“
آزاد انور ڪانڌڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، محقق، مترجم
۽ نقاد هو. سندس تحقيقي، تاريخي ۽ ادبي مقالن ۽ تصنيفن کي سنڌي ادب ۾ سُهڻو مقام
حاصل آهي. پاڻ لکتن جو هڪ وڏو قيمتي ذخيرو ڇڏيو اٿن. سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪم،
مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرندي اعليٰ مقام تي پهتو هو. پاڻ وطن جي محبت جي جذبي
سان سرشار هو؛ جيڪو به علمي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نمايان
نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر محبت جو جنم 25 مارچ 1952ع تي قنبر ۾ ٿيو. سندس اصل
نالو محبت علي هو. پاڻ پرائمري تعليم قنبر جي مين پرائمري اسڪول ۾ 1964ع تائين
پڙهيو. سيڪنڊري، ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ڪيائين. هائر سيڪنڊري گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻو مان پڙهي پاس ڪيائين، جڏهن ته ايم.بي.بي.ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج
ڄامشورو مان ڪيائين. ملازمت جي سلسلي ۾ پاڻ ٻه سال فوج ۾ ڪيپٽن به رهيو. بعد ۾
ميلون جونس بلڊ بينڪ ڪراچي، آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچي ۽ پرائيويٽپريڪٽس ۾
جنرل ميڊيڪل پريڪٽيشنر طور نوڪريون به ڪيائين. سياست ۾ اچڻ کان پوءِ هن ڪا به
سرڪاري نوڪري نه ڪئي ۽ 1984ع کان 1997ع تائين قنبر ۾ پنهنجي ذاتي ”لطيف ڪلينڪ“
هلايائين.
ڊاڪٽر محبت ڪيترين ئي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ قومي
جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائيندڙ تنظيمن جو باني اڳواڻ، عهديدار ۽ ميمبر به رهيو.
ڊاڪٽر محبت صاحب جو سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت بابت مطالعو
وسيع هو، ان حوالي سان پاڻ ڪتابن خريد ڪرڻ جو پڻ شوقين هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس
ذاتي لائبرري ۾ هر موضوع تي ڪتاب موجود آهن. ذاتي طور تي محبت هڪ سادو، پرخلوص ۽
همدرد انسان هو، اجائي وڏائي ۽ ٺٺ ٺانگر کان بلڪل پري رهيو.
کيس سنڌ جي تاريخ ۽ مشاهيرن جي حالات زندگيءَ جي ترتيب ۽
ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ پڻ وڏو درڪ حاصل هو. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن جي زندگي ۽ خدمتن
تي ڪتاب لکڻ جو خيال هوس. ان سلسلي ۾ ڪيترن عالمن ۽ اديبن بابت ڪافي مواد پڻ گڏ
ڪيائين، پر افسوس جو موت کيس مهلت نه ڏني.
ڊاڪٽر محبت آخري وقت ۾ سنڌي ٻولي، خاص طور تي گرامر ۽ لغت
بابت تحقيقي ڪم ۾ پڻ مصروف هو. گرامر ۽ ٻوليءَ جو اڀياس سندس خاص موضوع هو ۽
انهيءَ مضمون تي سندس گھري نظر ۽ دسترس هئي. سنڌي لغت تي سندس ڪم کي ڏسندي کيس داد
ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي. مطلب ته هر موضوع تي هن ڀرپور انداز ۾ لکيو ۽ نهايت
جاندار لکيو، پوءِ اهو موضوع تاريخي هجي، جاگرافي هجي، زراعت هجي، باٽني هجي،
اقتصاديات هجي، فلسفو هجي، سوشيو لنگئسٽڪس هجي، عام معلومات هجي. هر موضوع تي سندس
لکڻيون وڏي تعداد ۾ موجود آهن.
افسوس جو سندس زندگي بقا نه ڪئي ۽ دل جو دورو پوڻ ڪري
9-اپريل 1997ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
No comments:
Post a Comment