سنڌي ٻولي ۽ ڊاڪٽر محبت
ملهار سنڌي
ٻولي جيڪا نه صرف رابطي لاءِ ضروري آهي، پر قومن جي ترقي جو
اهم ذريعو به ٿيندي آهي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان اندر ٻوليءَ جا مسئلا وڏي پيماني
تي رهيا آهن، اهوئي سبب هو جو بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو. سنڌ صوبو به
لسانياتي رٿابندي نه ٿيڻ ڪري گھڻو متاثر ٿيو آهي. سنڌي ٻولي هينئر هڪ انتهائي ڏکئي
موڙ تان گذري رهي آهي.
سنڌي هونئن ته سنڌ جي سرڪاري زبان آهي، پر ان کي ڪابه
سرڪاري سرپرستي حاصل نه آهي. سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جون ٻوليءَ جي
واڌاري لاءِ سرگرميون هڪ ڊگھي عرصي کان وٺي معطل رهيون آهن. روزاني زندگي ۾ ٻوليءَ
جو غلط استعمال، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ کي مناسب وقت نه ملڻ، اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ پراڻو نصاب ۽ بازاري موسيقي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن ۽
خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڏانهن لاپرواهي وارو رويو به هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي ۽ ان
کان علاوه سنڌي اخبارن ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
مطلب ته سنڌي ٻولي هن وقت گھڻن ئي خطرن ۾ گھيريل آهي، سنڌ
جي عام ماڻهوءَ کان وٺي مٿين طبقي تائين ڪنهن جو به پنهنجي فطري ٻولي ڏانهن رويو
فخر وارو نه آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي اردو ۽ انگريزي اسڪولن ۾ پڙهائيندي
فخر محسوس ڪري ٿو. جڏهن ته کين اهو فڪر ئي نه آهي ته سندس ٻار پنهنجي مادري ٻولي
پڙهي نه ٿا سگھن. اڄ ان ڳالهه جي اهم ضرورت آهي ته سنڌي ٻوليءَ بابت قائم ڪيل
ادارن ۽ ٻوليءَ جي عالمن کي سنڌي ۾ اهڙو ڪم سرانجام ڏيڻ گھرجي، جيڪو کيس مقابلي ۽ ميڊيا
جي هن طوفان ۾ بچائي سگھي.
اڄ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي
ورسي تقريب ۾ اسان کي اهو عهد ضرور ڪرڻ گھرجي ته سنڌي ٻولي جي وجود جي بقا خاطر هر
ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جو شمار انهن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو جن سان
ڀٽائيءَ جي اها سٽ ٺهڪي اچي ٿي ته ”جان جان هئي جيئري ورجي نه ويٺي“. ڊاڪٽر پنهنجي
سموري زندگي سنڌ کي ارپي ڇڏي هئي. هن صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جا خواب
ڏٺا هئا. هن سنڌي ٻوليءَ جي سنوارڻ لاءِ سموري زندگي جتن ڪيا. هو سنڌ ديس جو سچو
سپوت هو. هن صرف سنڌ جي ئي مسئلن کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو. سنڌ جي تڪليف کي
پنهنجي تڪليف سمجھندڙ ڊاڪٽر محبت هڪ غير معمولي حيثيت سنڌي اديب هو. هن سنڌ جي
حالتن جي عڪاسي ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”سنڌي ٻولي کي سرڪاري سرپرستي ڪانهي، سنڌي
ثقافت کي نيچ ڪرڻ لاءِ هر وسيلو ڪم آندو پيو وڃي. سنڌي عوام تي هر پاسي کان ڏنڊي
جو وسڪارو آهي ۽ هاڻي ته قانون به اهڙا پيا جوڙيا وڃن، جيڪي اگھاڙي نموني سنڌي
عوام جي خلاف آهن، مجموعي طور سڀ سياسي پارٽيون هڪ قطار ۾ بيهاريون ويون آهن. جڏهن
ته غداري ۽ وطن دوستي ۾ فرق ڪرڻ گھربو هو. نوبت اتي وڃي پهتي آهي جو عوام جي حياتيءَ
۾ سک چين موڪلائي ويو آهي.“ هن پنهنجي قلم ذريعي پڙهيل طبقي جي نمائندگي ڪئي. هن
ڪڏهن به جابر قوتن اڳيان آڻ نه مڃي، بلڪه وڏي جرئتمنديءَ سان سندس خلاف لکندو
رهيو. هن جو تخليق ڪيل سمورو ادب سنڌي ٻوليءَ جو لازوال سرمايو آهي.
ڊاڪٽر محبت پنهنجي نالي جيان محبتي انسان هو. هو هڪ مسيحا
هو. اهڙا آدرشي انسان صدين کان پوءِ جنم وٺندا آهن. هن جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي
سان لکيل تحقيق مضمون ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت جو
اندازو سندس هيٺئين سٽن مان لڳائي سگھجي ٿو، جيڪي هن ڊاڪٽر هدايت پريم ڏانهن هڪ خط
۾ لکيون آهن. هو لکي ٿو ته ”جيئن هر ماڻهوءَ وٽ ڪيئي خواهشون هونديون آهن، تيئن
مون وٽ به سوين سڌون موجود آهن، سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ مون وٽ هڪ سڌ اها به موجود
آهي ته سنڌي ماڻهو کي سنڌي ٻولي ۾ ئي سموري تعليم ۽ سکيا ملي سگھي .. هئڻ گھرجي.
شعبو ڪهڙو به هجي ۽ سطح ڪهڙي به هجي ۽ ان سڌ جي ابتدائي ڇيڙي کي ڇهڻ لاءِ هڪ ”جامع
انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ بهترين ڊڪشنري جي گھرج اڻٽر ٿو سمجھان.“
ڊاڪٽر محبت جون علمي ادبي خدمتون تمام مٿاهين ليول جون آهن.
سندس اڳ ڇپيل ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“
انتهائي خوبصورت آهي. سندس نئون ڪتاب ”سنڌي ٻولي، لفظ،
لغت ۽ لکيت“ سنڌي ادب ۾ خوبصورت اضافو آهي. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي دوستن کي
جس هجي جن ڊاڪٽر واري تسلسل کي برقرار رکيو آهي. اسان سمورن ادب سان وابسته ماڻهن
کي گھرجي ته ڊاڪٽر محبت جي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا واري خواب جي ساڀيان لاءِ ڪوششون
وٺون.
(ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڇهين ورسيءَ
جي موقعي تي پڙهيل)
No comments:
Post a Comment