اکين جي مرڪ ۽ اندر جو درد
ادا اشرف علي جن
چينيءَ جي ستن پياليُن ۾ پاڻيءَ جي سطح هڪ ٻئي کان مختلف رکي، انهن جي ڪنارن کي
ڏونڪي سان کڙڪائيندي، سُرُ سُرَ سان ملائي نرالي قسم جو هڪ جلترنگ جڏهن وڄائڻ شروع
ڪندا هئا تڏهن ان جو لهر لهر ٿي اسرندڙ ۽ لهندڙ، اسرندي لهندڙ ۽ لهندي اسرندڙ،
جادو- اثر، منڊي ڇڏيندڙ، لنوندڙ پکين جي لات کان وڌيڪ مٺڙو ۽ جھرڻن جي جھانءَ کان
وڌيڪ جھوريندڙ آواز ٻڌي مون جھڙي ”گھٽ ذَوق“ ماڻهوءَ جي مَن ۾ به ميٺ جو هڪ مَوجَ
ساگر ڇلندڙ لڳندو هو.
تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا ’استاد‘ بخاريءَ جو گيت
ــــ ”تنهنجا مون تي ٿورا...“ اڃا تازو ڇپيو هو، انهيءَ جلترنگ جو پڙلاء فضا ۾
ٻُري رهيو هو ۽ پاڻ به جھڙوڪر پنهنجي ارادي کان سواءِ ئي ڇڪجي اچي اوطاق جي در تي
بيٺو هئم. گيت جي تال ۾ گُم ادا اشرف علي جن روشنيءَ جي اوچتو ٿي ويل جھيڻائپ کي
محسوس ڪندي ڪنڌ مٿي کڻي، اکيون کولي مون ۾ گُھوريو هو ۽ پوءِ آجيان ڪندڙ لوڏ سان
جھڙوڪر کيڪاريندي ويهڻ جو اشارو ڏنائون.
اُن گھڙيءَ،
ياد آهن مون کي اهي
ڏياٽين جيان جرڪندڙ،
ڪينجھر جھڙيون گھريون ۽
موتئي جيان مرڪندڙ اکيون ۽
کيڪاريندڙ،
ڪنڌ جي اها لوڏ.
منهنجيءَ سڄيءَ ڄمار ۾ منهنجي
ورلي ڪا اهڙي سهڻي آجيان ٿي هوندي.
ڪجھ دير کان پوءِ پڇيائون، ”ڇا سمجھيُئِه؟“
آءٌ جھڙوڪر موڳو.
”چڱو ٻُڌ.“
تنهنجا مون تي ٿورا، ڪي ٿورا ته ناهن،
حـيـاتـي جـي هـونـدي، تـه مـن لاهـبـا پـيـا.
. . .
ڏني رب جي طاقت ته لاهي ڇڏيندس،
جي لاهي نه سگھبا، ته من ڳائبا پيا.
موهيندڙ آواز، ادا اشرف علي جن جو،
گيت ’استاد بخاري‘ جو
موسيقي ڏيندڙ جلترنگ ۽
ڌُن
اڳ اڻٻُڌل پر روح ريجھائيندڙ ــــ
جي لاهي نه سگھبآ
ته مَنَ ڳائبا پيا!
ائين پئي ڀانيو ته ساهه جي تندن مان رَچي ۽ تنوارجي نڪرندڙ
درد سڄو وجود ڌونڌاڙيندي جرڪندڙ ۽ گھرين اکين جي مرڪ تي جُھڙَ جيان ڇانئجي ويو
هجي.
اکين جي اها مرڪ
اها آجيان ۽
اندر جو اهو درد
اڄ به
منهنجي منَ ۾ ڪوريَل
پنهنجن سڀني قدرتي رنگن سان
اجرو وجود رکن ٿا.
. . .
چيو وڃي ٿو ته منهنجا اکر سهڻا آهن. ان ڳالهه ۾ جيترو به سچ
آهي ۽ منهنجي لکت ۾ جا به سونهن آهي، پنهنجيءَ پوريءَ آگاهيءَ سان چوان ٿو ته اها
ادا اشرف علي جن جي لکت جي محض نقل سبب آهي.
No comments:
Post a Comment