ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو
رپورٽ:
رياضت ٻرڙو
9 اپريل 1997ع تي، سنڌ جي سڄڻن کي
پنهنجي وڇوڙي جو اڻ ميو ڏک ڏئي ويندڙ سنڌ جي ڏاهي، دانشور، عالم، محقق، اديب ۽
سنڌي عوام دوست سياست جا بنياد اڏيندڙ، سچي سپوت، ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جو چاليهو 25 مئي 1997ع تي، آچر ڏينهن، صبح جو، گورنمينٽ پراونشلائيزڊ (بوائز) هاءِ اسڪول قنبر ۾
منعقد ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چاليهي جا ٻه حصا هئا: پهريون ادبي گڏجاڻيءَ جو
۽ ٻيو خيرات جي مانيءَ جو.
هاءِ اسڪول جي نئين اڏايل هال جي مکيه گيٽ تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ ۽ سنڌي
ادبي سنگت قنبر شاخ پاران آيل سڄڻن لاءِ ٿورن جو بينر هنيو ويو هو، جڏهن ته
هال اندر ٺهيل اسٽيج جي پٺينءَ ڀت تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چئن فوٽن سميت، چاليهي ۽
ادبي گڏجاڻيءَ جي سُڌ ڏيندڙ بينر لڳايو ويو هو. هال ۾ اڍائي سو ماڻهن جي شرڪت جو
انتظام ڪيل هو. ادبي گڏجاڻيءَ جي شروعات، سوا يارهين وڳي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ننڍي
ڀاءُ رياضت ٻرڙي، شاهه سائينءَ جي هن شعر سان
ڪئي:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺِي،
وڃي ڀُونءِ پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.
وڃي ڀُونءِ پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.
هن چيو: اڄ اسين سنڌ جي سچي سپوت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جڏهن سچو سپوت چئجي ٿو ته ان ۾ عام ماڻهوءَ جون جيڪي به سلڇڻايون ٿين ٿيون، جيڪي به بهتريءَ وارا ڪم ٿين ٿا، اهي شامل ٿي ٿا وڃن.
ان کان پوءِ اسٽيج تي، ادبي گڏجاڻيءَ لاءِ، صدارت طور ڊاڪٽر نذير شيخ، مک
مهمان طور ڊاڪٽر محبت جي وڏي ڀاءُ رستم علي ٻرڙي ۽ اعزازي مهمان طور ڏاڏا سليمان
ڏاهري، محمد قاسم ميرجت، حسين بخش ناريجي ۽ سرمد چانڊيي کي ويهاريو ويو. تلاوت
قرآن پاڪ سائين خير محمد ”سوز“ ڇڄڙائيءَ ڪئي،
جنهن کان پوءِ ڏهين محرم تي صبح جو دل جي دوري پوڻ سبب گذاري ويل پياري دوست رياض سومري لاءِ دعا گھري وئي. دعا کان پوءِ اسٽيج
تي ويٺلن کي بيج لڳايا ويا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت ۽ علمي، ادبي توڙي عملي ڪم جي حوالي سان مضمونن ۽
تاثرن پيش ڪرڻ جي باضابطا شروعات ڪندي، رياضت ٻرڙي چيو ته مون کي اها ڄاڻ نه هئي
ته ڪو اوچتي ڀاءُ محبت رُسامو ڪري ويندو ۽ اسان کي سندس تڏي تي ويهي، تعزيتي
گڏجاڻي ۽ چاليهو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجيءَ دل کي وڍ ڏئي، ڀاءُ محبت بابت ماضيءَ جي
حوالي سان ڳالهائڻو پوندو ته ”گذريون جي اوهان ساڻ گھڙيون، ياد ڪنداسين.“ ڀاءُ
محبت کي عام طرح ڊاڪٽر، ڪيپٽن ۽ ادا محبت جي نالي سان مخاطب ٿيندو هيم. اهي ٽي
لفظ: ڊاڪٽر، ڪيپٽن ۽ ادا محبت ڄڻ ته زبان تي هوندا هئا، رڳو چپ چورڻ جي ضرورت
هوندي هئي. هاڻ مون وٽ انهن ٽن لفظن کي اچاري سڏ ڪرڻ وارو اختيار نه رهيو آهي.
گذريل ڪجھه وقت کان، جڏهن ته مون شعوري زندگيءَ ۾ پير ڌرڻ شروع ڪيا هئا ۽ منهنجي
زندگيءَ ۾ گھڻو ڪجھه هئڻ جي شعوري حيثيت کي ڀاءُ محبت رَسي چڪو هئو، ته اهڙي وقت
۾، قنبر جي مکيه قبرستان ۾، ڄڻ ته منهنجو شعور، منهنجو من، اڃا به چئجي ته منهنجو
احساساتي اندرُ دفنائجي چڪو آهي. هاڻي مان کوکلو آهيان: منهنجي مرڪ، منهنجا ڀوڳ،
منهنجا ٽهڪَ، مطلب ته منهنجي جيوَنَ جي هر هڪ ڏک پنهنجي جانداريت ۽ شگفتگي وڃائي
چڪي آهي. منهنجي ساهه ۾ هر پل بيوسيءَ ۽ بي دليءَ جو احساس رچيل آهي.
رياضت ٻرڙي پنهنجا ويچار تفصيلي طور پيش ڪرڻ کان پوءِ اعزازي مهمان سرمد چانڊيي کي پنهنجو تاثر پيش ڪرڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ
ته سرمد چانڊيي جي طبيعت خراب هئي. سرمد چانڊيي چيو ته تضاد جو نظريو هجي، تاريخي
ماديت هجي، عوامي نظريو توڙي قومي نظريو، ڊاڪٽر محبت اسان کي سمجھايو. ايم ڪيو ايم
تي به لکيائين. ڊاڪٽر محبت منهنجو مڪتبِ فڪر هو. پوءِ سرمد چانڊيي ڊاڪٽر محبت جي
ڏنل سياسي نظريي موجب هڪ لوڪ گيت پيش ڪيو.
سرمد چانڊيي جي تاثر کان پوءِ ڊاڪٽر محبت جي پٽ ساجد محبت کي اسٽيج تي ويهاريو
ويو. پوءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڀاءُ صحبت ٻرڙي پنهنجا
خيال تفصيل سان پيش ڪيا. هُن چيو ته مون سوچڻ شروع ڪيو هو ته محبت جي شخصيت ڇا
آهي؟ سندس دائرو ڪيترو آهي؟ پر هن جي شخصيت منهنجي سوچن جي دائري کان گھڻي ٻاهر
هئي. هو تمام گھڻو اڳتي ڏسندڙ ماڻهو هو. هن جي دائري جا ماڻهو اسان نه آهيون. محبت
هن دور جو ذهين، داناءُ، ڏاهو ۽ عالم ماڻهو هو. ان عالم جو دائرو سٺا عالم ڪَٿن ته
پوءِ ئي ممڪن حد تائين محبت جي شخصيت کي سمجھي سگھون ٿا. هُو هڪ سٺو انسان پڻ هو.
سندس اصل پيشو لکڻ هو ۽ ان ۾ هن پاڻ ملهايو. محبت ٻوليءَ جي شعبي ۾ انڪشاف ڪرڻ
شروع ڪيا. هن سنڌي لغت جي پهرين جلد ۾ اهي 1100 لفظ ڳولي ڪڍيا جيڪي پنهنجيءَ جاءِ تي موجود ڪو نه هئا. ان کان پوءِ هن ضميري
پڇاڙين تي مضمون لکيو ۽ لفظن جي بڻ تي تفصيل سان ويچارڻ شروع ڪيو. اها شَي ان طرح
اڳ ٻوليءَ ۾ ڪا نه هئي جيئن محبت سوچڻ شروع ڪيو. هن انسائيڪلوپيڊيا جا دائرا به
طَي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. محبت لفظن جي اصطلاحن جو پورو سيٽ ترتيب ڏنو، پر محبت به
انهن ماڻهن مان هو جن کي پنهنجي زندگيءَ ۾، پنهنجي شعبي ۾ اها مڃتا نه ٿي ملي،
جيڪا ملڻ گھرجي. قومي سطح تي اسان پنهنجن ماڻهن جي مڃتا ۽ قدر ڪرڻ اڃا سکيا ئي
ناهيون. محبت قومي سطح تي ڪنهن کي معاف ڪرڻ وارن مان نه هو.
صحبت ٻرڙي کان پوءِ، تَر جي مشهور فنڪار برڪت
گوپانگ، گل حسن گوپانگ ’شاد‘ جو ڊاڪٽر
محبت جي ياد ۾ لکيل گيت پيش ڪيو. ٻول هن ريت هئس:
ڊاڪٽر محبت علي
ڏاڍو ماڻهو هو سُٺو،
دوست اسان کان ٿِي ڌار ويو.
اڄ ته اهو ڏسجي نه ٿو،
جيڪو ڪالهه هو ڪَٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سُٺو.
ڪڙو ڪسارو ڪين هو،
ماکي مصريءَ کان مٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سٺو.
موٽي نه ايندو ماڳ تي،
جيڪو راڻو آ رُٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سٺو.
گل حسن گوپانگ چئي،
انهيءَ ڳالهه کي وَٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سٺو.
ڏاڍو ماڻهو هو سُٺو،
دوست اسان کان ٿِي ڌار ويو.
اڄ ته اهو ڏسجي نه ٿو،
جيڪو ڪالهه هو ڪَٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سُٺو.
ڪڙو ڪسارو ڪين هو،
ماکي مصريءَ کان مٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سٺو.
موٽي نه ايندو ماڳ تي،
جيڪو راڻو آ رُٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سٺو.
گل حسن گوپانگ چئي،
انهيءَ ڳالهه کي وَٺو،
ڏاڍو ماڻهو هو سٺو.
ڊاڪٽر سڪندر مغل پنهنجون يادگيريون
ٻڌائيندي چيو ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان اڪثر نظرياتي حوالي سان بحث ٿيندو هو. ڊاڪٽر
محبتُ هسٽاريڪل ۽ ڊائليڪٽيڪل مٽيريلزم (تاريخي ۽ جدلي ماديت) جي اهڙن اهڙن پاسن تي
بحث ڪندو هو، جو لاجواب ٿي ويندو هيم. ڊاڪٽر محبت جي علمي سفر جو جائزو وٺجي ٿو ته
اسان کي انتهائي باشعور سنڌي محقق ميچوئر ٿيندي محسوس ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محبت جيڪڏهن
زنده رهي ها ته اسان هڪ بهترين دانشور ۽ محقق کي پاڻ وٽ محسوس ڪيون ها. ماڻهو
پنهنجين حالتن جي پيداوار آهي. ڊاڪٽر محبت هڪ خوشحال زندگي گذارڻ چاهي ها ته اهو
ڪجھه نه ڏئي سگھي ها، جيڪو ڏنائين. سندس بي وقتائتي جدائيءَ جو خال ڀرجڻ ڏاڍو مشڪل
آهي. ڊاڪٽر محبت جي جدائي سنڌي ماڻهن جي آجپي جي جدوجھد ڪندڙ فوج جي هڪ سپهه سالار
جي جدائي آهي.
ڊاڪٽر بخت جمال پنهنجو لکيل پيپر
پڙهيو، جنهن ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر محبت پنهنجي قوم جي محرومين، مايوسين، خوشين ۽
جفاڪشيءَ جي ڪهاڻي آهي. محبت کي ڏسي، لڳندو هو ته قسمت به ڪا شَيءِ آهي جو هن جھڙو
محنتي ماڻهو به معاشي طور رهجي ويو. محبت جفاڪش، محنتي، ذهين ۽ بردبار انسان هو.
سندس جدائي اڻ ميو الميو آهي. محبت ناليج ورڪر هو. سندس ڪلينڪ، لائبريري ۽ سياسي
آفيس وڌيڪ هئي. محبت علم جي ڦهلاءَ ۾ عام ڪردار ادا ڪيو. هن جو مطالعو گھڻو، گھرو
۽ ڳوڙهو هو، تجزياتي حس تيز هئس، سٺو تنقيد نگار هو. هو جذباتي نه ٿيندو هو، صبر
کان ڪم وٺندو هو.
سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري ڪامل
امداد جتوئيءَ ڊاڪٽر محبت جي ياد ۾ شاعري پيش ڪئي. سندس ٻه چوسٽا هن ريت
هئا:
محبت کان جنهن ڏي هلي هوندي محبت،
محبت امر ٿي کلي هوندي محبت.
وڏو خوش نصيب آ محبت کان جنهن کي،
مِٺي ماڻهپي جي ملي هوندي محبت.
محبت امر ٿي کلي هوندي محبت.
وڏو خوش نصيب آ محبت کان جنهن کي،
مِٺي ماڻهپي جي ملي هوندي محبت.
نه هٽڻو هيو هي، اڃا اڳڀرو هو،
سنڌوءَ جون هو ڇوليون، وڏو وهڪرو هو.
سياست ادب جو وچون هي وَرو هو،
محبت هي ٻرڙو ته ماڻهو کرو هو.
سنڌوءَ جون هو ڇوليون، وڏو وهڪرو هو.
سياست ادب جو وچون هي وَرو هو،
محبت هي ٻرڙو ته ماڻهو کرو هو.
ڊاڪٽر ايوب شيخ به لکت ۾ مضمون
پيش ڪيو، جنهن ۾ ڪجھه تاثر هي هئا: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جنهن پيماني جو محقق هو، هن
هال ۾ باقي هڪ ماڻهو ويٺو آهي، سو ڊاڪٽر سڪندر مغل آهي. ڊاڪٽر محبت جھڙا ماڻهو اڌ
وهيءَ ۾ نه مرڻ کپن، ان ڳالهه تي اسان کي سوچڻو پوندو. ڊاڪٽر محبت اسان جي دوستيءَ
کان وٺي مرڻ تائين ساڳيو هو. ڊاڪٽر محبت علم جي ڇپ هو. محبت جو مرڻ توڪل تي وڏو
ترهو هو. اسان کي گھرجي ته توَڪل جي مزاحمت ڪريون.
ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ ڊاڪٽر محبت سان پهرين ۽ ٻيءَ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته محبت تي ڳالهائڻ ڏاڍو
ڏکيو آ، ڇاڪاڻ جو محبت جو نالو وٺڻ سان ئي من ۾ محبت اچي ٿي، محبت پيدا ٿئي ٿي. ان
محبت جي وڇوڙي تي جڏهن به ڪنهن ڳالهايو آهي ته اهو نوحو ٿي ويو آهي، مرثيو ٿي ويو
آهي. ڊاڪٽر محبت جو اڳيون پيرڊ گلن جھڙا ٻارڙا ۽ سياسي سفر جو آهي، پر ان کان وڌيڪ
ڳرو پيرڊ سندس محقق وارو آهي.
ملڪ آگاڻيءَ پهريائين هي شعر پڙهيو:
هئه هئه منهنجو من، جهلجي
پلجي ڪين ڪي.
ڪهڙو ڀتُ ڀلو ڀانيان، ڪهڙو وڻي ان ريءَ اَنُ.
ڪالهه ويو ميدان مري، جو سورهيه سنڌ تان گھوري تن.
مون کي ووڙڻ آيو آيل، هيڪل هڪڙيءَ سارو بن.
ڪهڙو ڀتُ ڀلو ڀانيان، ڪهڙو وڻي ان ريءَ اَنُ.
ڪالهه ويو ميدان مري، جو سورهيه سنڌ تان گھوري تن.
مون کي ووڙڻ آيو آيل، هيڪل هڪڙيءَ سارو بن.
هئه هئه منهنجو منُ.
ملڪ آگاڻي پنهنجي ناول نيرولي جو ڪُن جو ذڪر ڪندي، ان جي پس منظر ۾ ڊاڪٽر محبت جي رسامي
جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ڌرتيءَ جو قرض ادا ڪندي محبت ٻرڙو اسان کان جدا ٿي ويو.
اسان کي گھرجي ته جنهن مقصد پٺيان محبت حياتي قربان ڪئي، ان مقصد پٺيان اسان به
ڪجھه نه ڪجھه فرض نڀائيندا هلون.
ادل سومري چيو:
موت تي ڪهڙي ميار، جيئن اچي، جاتي اچي،
ڳالهه آهي زندگيءَ جي، توڙ تائين مڃُ نه هارَ.
ڳالهه آهي زندگيءَ جي، توڙ تائين مڃُ نه هارَ.
”لکڻ وڏي شي ناهي، پر سچائيءَ ۽ جرئت سان لکڻ وڏي ڳالهه آهي، ۽ محبت ٻرڙو اهڙو
ليکڪ هو، جنهن بنا ڪنهن مصلحت جي سچائيءَ سان لکيو، جرئت سان لکيو. هو هڪ اعليٰ
انسان هو، جنهن ڪنهن جي پرواهه ڪو نه ٿي ڪئي. موت اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا حيثيت نه
رکندو آهي، موت اهڙن ماڻهن کي ماري نه سگھندو آهي.“
ادل سومري هيءُ پنجڪڙو به پيش ڪيو:
جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا
شي ناهي،
وکَ وکَ تي پنجوڙ ڏسي، شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ،
ڪنهن به عقابي چنبي ڀوَ ۾، آکيري جي اوٽ وتي آ،
جھرڪي جھڙپ ڏسي ڏرندي آ، ڏر جو ڏڍ گدڙ لاءِ آهي،
جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي.
وکَ وکَ تي پنجوڙ ڏسي، شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ،
ڪنهن به عقابي چنبي ڀوَ ۾، آکيري جي اوٽ وتي آ،
جھرڪي جھڙپ ڏسي ڏرندي آ، ڏر جو ڏڍ گدڙ لاءِ آهي،
جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي پڻ لکت ۾ پنهنجو ليک پڙهيو. سندس ويچار هئا. ڊاڪٽر محبت موتيءَ جھڙو ماڻهو هو.
کيس ٻڌڻ جو مزو ئي ٻيو هو. ڇو ۽ ڪيئن جا سوال پڇندو هو. ٿڌو ۽ بردبار هو. هن جي
محنت سان پوريءَ سنڌ ۾ هڪ لهر اٿي. هن جا نظرياتي پاسا تمام گھڻا هئا، انهن جي
کوجنا ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هو علم جو ڀنڊار هو، تڏهن به ڪيڏي نه سادگي هيس! هو هڪ
گھڙي به غافل نه رهيو. هو 16 ڪلاڪن کان به وڌيڪ ڪم
ڪندو هو. ڪيڏي نه اعتماد جي جھلڪ هيس! محبت جو ساٿ هر عمل، هر تنظيم ۾ هو. رشيد
ڀٽيءَ کان پوءِ هيءُ هڪ وڏو حادثو آهي. محبت پل پل زندگي، بامقصد گذارِي.
جبار ڪيهر چيو ته سنڌي ماڻهن لاءِ
ويهين صديءَ جو هي آخري ڏهاڪو، ٽينيوئر آف ٽريجڊي (المين جو ڏهاڪو) آهي، ڇاڪاڻ ته
هن ڏهاڪي ۾ جنهن پائي جا علمي، سياسي، صحافتي ماڻهو، جيڏي سندن فصاحت ۽ بلاغت هئي،
اسان کان کسجي ويا. هونءَ ته سنڌ ۾ مڙسن جي کوٽ هئي، ان حوالي سان، ان وڏي سطح جا
ماڻهو تمام گھٽ آهن، پر سنڌ جو الميو اهو آهي ته لطيف کان پوءِ ڪجھه ماڻهو، آڱرين
تي ڳڻڻ جيترا ان پائي جا ماڻهو هئا، محبت ٻرڙو به انهن ماڻهن مان هو، جن کان ڪجھه
پرائجي. ماڻهو مڻيادار، سنجيدو ۽ ٻهڳڻ لڳو. هن جي شخصيت ۽ فڪر ۾ جيڪا همه گيريت
هئي، جيڪو سچ هو، جيڪا ڪمٽمينٽ (وابستگي) هئي، ڪمال جي هئي. ان قسم جي ماڻهن جو
قدر ۽ ڪٿ ڪرڻ هن وقت منهنجي اڳيان وڏو مسئلو آهي، پر جيڪو مسئلو سڀ کان پهريان ۽
بنيادي هجڻ کپي، جيڪو سوال اٿارڻ کپي، سو اهو هجي ته محبت ڪهڙي پنڌ جو پانڌيئڙو
هو، هن جي ڪمٽمينٽ ڪنهن سان هئي؟ اصل شي اها آهي. محبت جو باقي رهيل ڪم جن ماڻهن
هٿ ۾ کنيو آهي، اڻ ڇپيل يا اڌورو ڪم آهي، ان کي پايئه تڪميل تي پهچائجي ۽ ان کان
پوءِ هن پروگرام جي جوهر کي سمجھجي. جيڪا ڳالهه هت ڪجي ٿي، اها ڳالهه مستقل
مزاجيءَ سان، اسان جي خمير ۾ اوتيل نظر اچي، ڪردار ۾ نظر اچي، عمل، سوچ ۽ فڪر ۾
نظر اچي، ته اسان ڪيترو، نه فقط محبت سان، پر محبت جي مقصد، ان جي رستي، لوچ، فڪر
۽ سوچ سان ڪميٽيڊ آهيون. اهو سوال بنيادي آهي، جنهن جي ضرورت آهي. باقي ٻيون شيون
ثانوي آهن.
ميهر مجاهد مختصر طور يادگيريون ۽
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي وڻندڙ پنهنجو غزل ٻڌايو. نادر
حسين چانڊيي چيو ته ڊاڪٽر محبت اها شخصيت هو جيڪو اسان کان وڌيڪ هو.
حريف خان چانڊيي چيو ته اسان جي
ڊاڪٽر سان حقيقي محبت هئي ۽ هو به اسان سان سچي محبت ڪندو هو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌ
جي شاگرد سياست، پورهيت سياست، روشن خيال سياست جو پايو هو، هن هلڪڙائپ، ٽرڙائپ،
جذبات پڻي، شوبازيءَ ۽ ڪوڙي ڏيکاءُ واري سياست بدران گڏيل جدوجھد، بحث مباحثي،
پڙهائيءَ، علم وسيلي نئين جاڳرتا جو هڪڙو دور شروع ڪيو هو. زندگيءَ جي تمام گھڻن
مرحلن مان گذرندو هو. هُو قنبر ۾ ويهي ڪتاب لکندو هو، ڪمزور ٿي ويو هو، هڪڙي سگريٽ
مان ٻيو سگريٽ دکائيندو هو، ٽيبل تي پنا ۽ قلم پيو هوندو هئس ۽ هو لکندو هو. بحث
ڪندو هو. ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڊاڪٽر محبت واقعي سنڌ جي انهن سڄاڻ ماڻهن مان هڪ
آهي جيڪو سڀ ڪجھه وساري، هن قوم لاءِ جيئي ٿو، جنهن پنهنجو وجود وساري ڇڏيو آهي،
جنهن پنهنجي قوم جي سورن کي سمجھندي، پنهنجي وطن جي خدمت ڪندي، آزاديءَ جي رستي تي
هلندي، اها ڳالهه سمجھي هئي ۽ اسان کي سمجھائي پئي ته ”سڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي
ڪا، جيهي تيهي ذات جي، جنبش ناهي جا، مون سين هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري“. ڊاڪٽر
محبت جيءُ مٺو نه ڪيو، عياشي نه ڪئي هئي، بنگلن کي پسند نه ڪيو هو، ڊاڪٽر محبت هڪ
آدرشي انسان هو، جيڪو آزاديءَ جي رستي تي وڙهندي اسان کان جدا ٿي ويو. ڊاڪٽر محبت
عوامي تحريڪ جي بنيادي ورڪر جي حيثيت ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي، اسان ان کي هميشه ياد
رکنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ڊاڪٽر محبت آزاديءَ جي جدوجھد ۾ آخري دم تائين
ثابت قدم رهيو ۽ پوئتي نه هٽيو ۽ نه لڏيو تيئن اسان ان رستي تي هلنداسين ۽ ڪڏهن
پوئتي نه هٽنداسين. ڊاڪٽر محبت تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ ياد ڪيو ويندو. هو اسان کان
وسري نه سگھندو.
اعزازي مهمان حسين بخش ناريجي يادگيرين جو
ذڪر ڪندي چيو ته محبت اسان جو فڪر هو. اسان قومي طور بيحس ۽ مرده پرست قوم آهيون.
اسان کي سندس وفات کان پوءِ خبر پئي ته هو ايڏو وڏو محقق هو. هو عالم، ڏاهي ۽ سنڌي
قوم جي رهبر جي حيثيت ۾ ڏکن کي ختم ڪرڻ لاءِ، ان سفر جو سرواڻ هو، جرنيل هو.
ٻي اعزازي مهمان محمد قاسم ميرجت چوٿائي
صدي اڳ جون يادگيريون ٻڌائيندي چيو ته ان وقت قاضي
عفار قنبر جي ٽن ڇوڪرن جي هوشيارائپ جي ڳالهه ڪئي جيڪي ڊاڪٽر محبت، ڊاڪٽر ظفر قادري ۽ عظيم
سومرو هئا. ڊاڪٽر محبت ۽ ڊاڪٽر فيروز سنڌي
عوامي تحريڪ يا سنڌي عوام جي نظرياتي ۽ فڪري کوٽ ختم ڪئي ۽ هنن سچي سپاهيءَ جيان
زبردست محنت ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون. محبت نه صرف ليکڪ هيو پر محبت هڪ مقرر، هڪ
استاد ۽ سياستدان به هو. هن پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ مايوسيءَ جو ڪڏهن به
اظهار نه ڪيو ۽ محنت کي لڳو رهيو.
ٽين اعزازي مهمان ڏاڏا سليمان ڏاهريءَ چيو
ته اسان ڊاڪٽر محبت جي ڀائرن سان ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. ڊاڪٽر محبت منهنجو
سڌيءَ يا ان سڌيءَ طرح استاد به هو. ڊاڪٽر محبت جو فلسفي تي جيڪو مطالعو هو، ان جا
نوٽس پڙهڻ بعد مون کي فلسفي سان گھڻي دلچسپي ٿي. ڊاڪٽر محبت تمام وڏي پائي جو
ماڻهو هو، جنهن لاءِ جيتري به ڳالهه ڪجي، اها ٿوري آهي. اسان هن سان، هن جي لکڻين
سان، ڪتابن سان، تاثرن سان، مضمونن سان ۽ هن جي نڪتي نظر سان پنهنجو پاڻ کي گڏ
رکون. ڊاڪٽر محبت اسان لاءِ جدوجھد جي هڪ راهه آهي.
ڊاڪٽر محبت جي 13-ورهين جي پٽ ساجد محبت پنهنجو تاثر
ڄاڻائيندي چيو ته بابا هڪ نيڪ انسان ۽ نامور ليکڪ هو. هو سنڌ جو هڏ ڏوکي انسان ۽
ذهين ڊاڪٽر به هو، پر هن کي ڊاڪٽريءَ سان محبت نه هئي ۽ چوندو هو ته ”مون سان ڪو
شخص اهو شرط رکي ته تون ڊاڪٽري ڇڏ يا لکڻ، ته مان ڊاڪٽري ڇڏي ڏيندم“. مون کي هر
راند کيڏائيندو هو پر چوندو هو ته ”تون دل لائي پڙهه“. مستقبل جون تمام گھڻيون نيڪ
خواهشون هيس، پر افسوس جو هن سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ الله کي پيارو ٿي ويو.
مک مهمان رستم علي ٻرڙي، ڊاڪٽر محبت جي
وڏي ڀاءُ، آيل سڀني مهمانن ۽ دوستن جا ٿورا مڃڻ کان پوءِ چيو ته اڄ به منهنجي دل
اهو نه ٿي سمجھي ته ڊاڪٽر محبت اسان کان وڇڙي ويو آهي. محبت جي اها ئي عظمت هئي جو
هو سچ چوندو هو. جڏهن عوامي تحريڪ کي ڪجھه به نه سمجھيو ويندو هو ان وقت محبت
عوامي تحريڪ جو نالو وٺي عوامي تحريڪ کي گڏ ڪرڻ چاهيو. محبت منهنجي دڪان تي مختلف
دوستن کي گڏ ڪيو ۽ سچائيءَ جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ واٽ چونڊي. ان مورچي ۾ ڪجھه
گل به هنيا ويا. انهن گلن جو ان وقت ته وجود ڪو نه هو، پر جڏهن اهي وڏا ٿي پنهنجي
خوشبوءِ ڏيکارڻ لڳا ته انهن گلن مان ڪنهن پاڻ کي ڊاڪٽر بخت جمال، ڪنهن ايوب شيخ،
ڪنهن ڊاڪٽر نذير، ته ڪنهن مشتاق شابراڻي سڏائڻ شروع ڪيو. مطلب اهي گل هيا جيڪي
محبت پيدا ڪيا ۽ انهن گلن جي ايتري خوشبوءِ اٿي جو پوري پاڪستان ۾ هٻڪار ٿي وئي ته
واقعي عوامي تحريڪ ڪا پارٽي آهي، پر محبت کي غدار قرار ڏئي پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو
ته ڇاڪاڻ ته سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ ۾ فرق آهي. پارٽي اڳواڻ سچ سهي نه سگھيو. پوءِ محبت ٻي
عوامي تحريڪ ۾ شرڪت ڪئي. اها ڪهڙي عوامي تحريڪ هئي، اهو غريبن جو آواز هو، غريبن
جو ڏک هو. ان غريب قوم لاءِ هن لکڻ شروع ڪيو جيڪا اصلي عوامي تحريڪ آهي. جڏهن محبت
لکندي لکندي ٿڪبو هيو ته شايد قلم به ٿڪجي پوندو هيو ۽ اهو قلم اتي ئي هٿ ۾ هوندو
هيس ته هو سمهي پوندو هيو ۽ ان کٽ تي جنهن تي هي سمهندو هيو، هنڌ به نه وڇائيندو
هيو. اسان کي پنهنجي ڀاءُ، سنڌي قوم جي سپوت تي ناز آهي، مهراڻ جي ان انمول موتيءَ
تي ناز آهي جيڪو محبت جي نالي سان هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو ۽ هو اصلي ماءُ جي
ڪُکِ ۾ سدائين لاءِ آرامي ٿيو آهي.
ادبي گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندڙ، ڊاڪٽر محبت جي ويجھي دوست ڊاڪٽر نذير شيخ چيو ته ڊاڪٽر محبت جي سلسلي ۾ يا هن
جي ڪم ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ ته ڪو اهلِ علم ماڻهو ئي ڳالهائي سگھي ٿو. ڊاڪٽر محبت جي
علم تي ته ماڻهو ڳالهائي سگھي ٿو، تحقيق ۽ ڪيل ڪم تي ته ڳالهائي سگھي ٿو، پر اهي
ڪم، اهي تحقيقون ڪهڙين حالتن ۾ ٿيون آهن، انهن جي ماڻهن، هتي ويٺل دوستن کي به خبر
ناهي. گذريل پنجن سالن ۾ محبت مون سان ويجھي ۾ ويجھو هو. آءٌ چوندس، محبت منهنجو
دادلو هو. محبت جي باري ۾ ماڻهن کي خبر ناهي. هن جي ذاتي زندگيءَ بابت ماڻهن کي
خبر ناهي. آءٌ چوان ٿو، اهو پهلو اچڻ کپي. ماڻهو علم، تحقيق، ڪيل ڪم تي ته
ڳالهائي، پر ماڻهو اهي ڪم ڪهڙين حالتن ۾ ڪري ٿو، اهو پهلو آڏو اچڻ کپي، نه ته اسان
سان وڏا بلينڊرس ٿا ٿين. محبت ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو. هن سان اسان جا اختلاف
هئا، زندگي گذارڻ جي باري ۾. محبت سنڌ ڊيموڪريٽس جي حيدرآباد جي فنڪشن ۾ چيو:
جيڪڏهن توهان فورم نه ٿا جوڙيو، مان ته پنهنجو ڪم ڪريان پيو، پنهنجو فرض نڀايان
پيو. مون کي هي ڪم ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڪو فورم جوڙيو ٿا ۽ انسٽيٽيوٽ ٺاهيو ٿا ته
تمام بهتر ڳالهه آهي، نه ته مان پنهنجي ڪم سان آهيان. محبت جيڪا ڳالهه جائز
سمجھندو ته ڪندو، نه ته ڪير به ڇا چوي، نه ڪندو هو. مجموعي طور محبت تمام وڏو
ماڻهو هو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي هڪڙي مضمون ۾ چيو ته ملوڪ ماڻهو ٿيندا آهن ڪي گھٽي
جا، هڪڙا شهر جا، هڪڙا تعلقي جا، ته هڪڙا ضلعي-ملوڪ ماڻهو ٿيندا آهن. محبت سنڌُ ملوڪ ماڻهو هو. محبت ڏکي ۾ ڏکي زندگي
گذاريندو هو. سوسائٽي ۾ پريشرز (دٻاءَ) آهن: ماءُ جو پريشر آ، زال، ڀيڻ، پُٽ جو،
سڄي فيمليءَ ۽ سوسائٽيءَ جو پريشر آهي، ته ٻيا به ڊاڪٽر آهن. جڏهن محبت جيئرو هو
ته ماڻهو چوندا هئا: سڄو ڏينهن ٿو لکي، چريو آهي، ڊاڪٽرن جو خيال نه ٿو ڪري، ڪپڙا
ميرا اٿس، ڪار ڪانهيس، گھر ۾ بيسڪ فيسلٽيز (بنيادي گھرج جون شيون ۽ سهولتون)
ڪونهنس. انهن پريشرز هوندي ماڻهو ڄمي بيهي، ته اها ڳالهه پرک آهي ماڻهوءَ جي، ته
هُو پرفيڪٽ (ڪامل) آهي. پر ڇا اهو رويو برقرار رهندو ته ماڻهو مري وڃن، چاليها
ٿين، تعزيتي گڏجاڻيون ٿين، ماڻهو گڏ ٿين ۽ پوءِ الڳ ٿي وڃن؟ هن چاليهي تي اهو ڪم
ٿيڻ کپي ته جن کي وسيلا ڪونهن، انهن جي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ٿيڻ کپي، نه ته ساڳيو
سسٽم هلندو. ان ليول تي ڪو قدم کڄي ته سنڌ ۾ هڪ نئون ٽريڊيشن (رواج) ٿيندو. سنڌ جي
حالت اها آهي جو اها ٻن محققن کي نه ٿي سنڀالي سگھي.
No comments:
Post a Comment