سوويت يونين کان پوءِ دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي ته سوويت يونين کي سامراجي قوتن،
سرمائيدار ڏيهَن ۽ انهن جي ڀولڙين ۽ رجعت پرستن پاران لوهي ڀت وارو قيدخانو سڏيو
ويندو هو ۽ سندن نظر ۾ اتي جي ڪا به ڳالهه سٺي نه هئي.
1917ع جي
آڪٽوبر انقلاب وقت دنيا جا جيڪي به ڏيهه پنهنجي پر ۾ بهترين حياتي گذاري رهيا هئا
۽ سوين ورهين جي محنتن، ڪشالن، عوامي جدوجهدن ۽ فسادن ۽ ڏهاڪين قومن ۽ ڏيهن جو مال
ملڪيت ڦري سُک جي ان معيار کي وڃي پهچي سگهيا هئا، انهن ڏيهَن 1960ع تائين جيڏي به
ترقي ڪئي ۽ جن به اعليٰ ذهني، جسماني، سماجي، اقتصادي، اخلاقي، نفسي ۽ رهائشي
معيارن کي وڃي پهتا، انهن مان گهڻن بلڪه سڀني کان سوويت يونين 1917ع ۾ هر طرح
پوئتي هجڻ باوجود، 1918-1919 ۾ چوڏهن ڏيهَن جي گڏيل فوجي چڙهائيءَ جو شڪار ٿيڻ
باوجود، 1926ع ۽ 1934ع ۾ اندروني فسادن ۾ ڦاسجي وڃڻ باوجود ۽ 1941-1945ع تائين
نازي-فاشي جنگ جي تباهين جو سڌو شڪار ٿيڻ باوجود 1960ع ۾ سوويت يونين جو ذهني،
جسماني، سماجي، اقتصادي، اخلاقي، نفسي ۽ رهائشي معيار ڏهاڪين ڀيرا وڌيڪ سکيو ستابو
هو. سائنسي ترقيءَ جي ميدان ۾ دنيا جي سڀني ڏيهن کان ڪيترن ئي شعبن ۾ وڌيڪ ترقي
ڪيل هو، خلا ۾ سڀني کان اڳ پهتو، پهريون جاندار ۽ پوءِ پهريون ماڻهو به سوويت
يونين مان ئي هو جنهن خلا ۾ سير ڪيو، معياري ۽ مٿير ايٽمي سگهه ماڻي ورتائين ۽
ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي ڏيهن کي ايتريون ته گهٽ وياج تي بنيادي صنعت ۽ ٻيون شيون فراهم
ڪندو هو جنهن جو گڏيل آميريڪي رياستن سميت ٻيا سمورا سرمائيدار ڏيهه تصور به نه
ڪري پئي سگهيا. تعليم مفت، لازمي ۽ سؤ سيڪڙو، روزگار جي اڳواٽ ضمانت، گهر ڏيڻ لاءِ
ذميوار ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي ملهه تي بنيادي سهوليتون مهيا ڪندڙ ڏيهه
ـــــــ سوويت يونين ـــــــ دنيا ۾ ٻن مٿير قوتن مان هڪ هو.
پر ان
سوويت يونين جو هر ڪم، هر ڳالهه (ڪجهه کان سواءِ) هر ماڻهو، هر رياست، هر ترقي، هر
اپت، هر ايجاد، هر هنر ۽ فن ـــــ سندس هر هڪ شيءِ خراب ته ڇا، سڀ کان وڌيڪ خراب
ڄاڻائي ويندي هئي، ڇو ته اتي پورهيت راڄ قائم هو، اتي سرمائيدارن ۽ سامراجين کي
ڦرلٽ ۽ دخل اندازي ڪرڻ جي موڪل نه هئي ۽ سڄيءَ دنيا ۾ جتي به انهن پاران ڪا به
داداگيري ۽ بدمعاشي ٿيندي هئي ته کين پنهنجي راهه ۾ سڀ کان خطرناڪ رنڊڪ سوويت
يونين جي شڪل ۾ هر وقت پسبي هئي. اهي سوويت يونين ۾ آزاديءَ ۽ سولائيءَ سان ايئن
مداخلت ۽ بدمعاشي نه پئي ڪري سگهيا، جيئن عراق، ليبا، ڏکڻ ڪوريا وغيره ۾ ڪري سگهن
ٿا، تنهنڪري سوويت يونين لوهي ڀت وارو قيدخانو هو.
سوويت
يونين خلاف هر قسم جي ڪُوڙي پرچار هر سرمائيدار ڏيهه ۽ سامراجي قوت پاران پنهنجو
پهريون فرض سمجهي ويندي هئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جا رجعت پرست پنهنجو سُر ملائڻ ضروري
سمجهندا هئا. اڄ انهن جي اکين مان سوويت يونين جي حالت زار تي واڳونءَ وارا ڳوڙها
ڳڙي رهيا آهن پر سندن اندر ۾ بغليون پيون لڳن.
انهن
لچ ۽ لوٺي قوتن ”لوهي پردي“ پٺيان جيڪو سماج ڏسڻ پئي گهريو، ان جا ڪجهه آثار پڌرا
ٿي آيا آهن ۽ جنهن سماج جا ويري هئا اهو ڪيئن هو، ٻنهي جون جهلڪيون هيٺ ڄاڻايل حقيقتن
۾ ڪجهه قدر نظر اچي وينديون.
”مهانگائي“
اڄ کان ڪي
ڏهه ورهيه اڳ اوهين هڪ روبل ۾ ڏيڍ ڊزن آنا يا ڇهه چَڪيون معياري صابڻ جون يا ٽي
ڪلو کنڊ خريد ڪري سگهيا پئي ۽ ان وقت گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار اڍائي سؤ روبل هئي.
هڪ روبل هڪ ڊالر کان وڌيڪ ملهائتو هو، پر اڄ اوهين ان ساڳي روبل ۾ اڌ پاءُ گوشت به
خريد نه ٿا ڪري سگهو. اڄ کان رڳو پنج ورهيه اڳ ڪنهن به ڪٽنب جي هڪ هزار روبل ماهوار ڪمائيءَ (گهر
جي ٻن ڪمائيندڙ ڀاتين جي پگهار) کي شاهي ڪمائي سمجهيو ويندو هو پر هاڻي اها ملهه ۾
10-ڊالرن کان به گهٽ آهي.
سماجي
صورتحال ۽ خاص طور مهانگائي وري به ڪجهه قبضي هيٺ هئي پر 2-جنوري 1992ع تي روسي صدر بورس يلتسن جيئن ئي قيمتن تان قبضي
جي خاتمي جو اعلان ڪيو تيئن ئي مهانگائي لوٽي مان نڪرندڙ ديوَ جي دونهين جيان وئي
وڌندي ۽ رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٽيڻي، چؤڻي مان ڏهوڻي ئي نه، پر پنجاهوڻي به ٿي وئي.
جيڪي ڪٽنب هڪ هزار روبل ماهوار ڪمائيءَ مان شاهي ۽ عياش زندگي گذاريندا هئا ۽ فرد 4-سؤ
روبل ماهوار ڪمائيءَ مان به پنهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪري بچت جي پيسن مان هر سال
مهينو کن سوويت يونين جو سير سپاٽو ڪندا هئا اهي هاڻي لنگهڻ تي ويلا ڪاٽڻ لڳا.
جنهن ڏيهه
جي ٽن پيڙهين وٽ بک ۽ لنگهڻ جو تصور ڪرڻ به ممڪن نه هو ۽ دنيا ۾ ڪٿي به ڏڪر، لنگهڻ،
بک، بدحاليءَ ۽ بيزورگاريءَ جي خبر پڙهي وائڙا ٿي ويندا هئا اهي پاڻ بکن ۾ پاهه
ٿيڻ لڳا آهن ۽ پياري پاڪستان جهڙو پينو ملڪ به انهن کي مدد موڪلي رهيو آهي!
”اسان ڪڏهن
به بک نه ڏٺي پر هاڻي نه ٿا ڄاڻون ته آئينده ڇا ٿيندو.“ هيءَ دانهن روس (سوويت
يونين جي هڪ رياست، بورس يلتسن جي صدارت هيٺ) جي ان مرد ڊاڪٽر ڪئي جنهن جي زال به
ڊاڪٽر آهي ۽ کين رڳو ٻه ٻار آهن. ”اسين پنهنجي ڪل ڪمائيءَ مان رڳو 2-ڪلو گوشت في
هفتو ۽ اڻپوري ڊيل روٽي خريد ڪري سگهون ٿا. اسان ڪيتري ئي عرصي کان کير نه پيتو آهي،
جو خريد ڪري ئي نه ٿا سگهون.“
”هڪ ماڻهو
پنهنجون رڳو بنيادي گهرجون پوريون ڪري سگهي، ان لاءِ کيس گهٽ ۾ گهٽ 2-هزار روبل
ماهوار گهرجن.“ ماسڪو سرڪار پنهنجو ڪاٿو پڌرو ڪندي چيو آهي.
ڊاڪٽرن
محسوس ڪيو آهي ته اوچتو ئي اوچتو اسان جي ماڻهن ۾ ”رت جي کوٽ“ (بيماري) ٿي پئي
آهي، جيڪا ظاهر آهي ته بنيادي گهرجون پوريون نه ڪري سگهندڙ کاڌي سبب ئي ٿي آهي.
ڳاٽي
ٽوڙ مهانگائي، کاڌي جي کوٽ، اڻپوري خوراڪ، بک، لنگهڻ، بيماريون، ڳڻتيون ۽ بيزوگاري،
تنهن مٿان وري لٽي ڪپڙي، گهر گهاٽ، تعليم ۽ سکيا جي گهرج اڳوڻي سوويت يونين جي
سکئي توڙي عام ماڻهوءَ کي ڌڪي ڪٿي وڃي پهچائيندي، ان جو جواب ڪنهن به سمجهه ڀري
ماڻهو لاءِ ڏکيو ناهي.
”روس ۾ وڌندڙ ڏوهن جي ڌڌڪار“
هزارين
ڪاوڙيل ٽيڪسي ڊرائيورن ماسڪو جي اهم چؤواٽن تي پنهنجون گاڏيون بيهاري سڀ اهم دڳ
بند ڪري ڇڏيا ۽ مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس کين تحفظ مهيا ڪري، ڇو ته سندن سوين ساٿي
قتل ٿي چڪا آهن جنهن جا ذميوار، سندن چوڻ موجب، ڪئوڪاس (ڪوهه قاف) جا رهاڪو آهن ۽
مطالبو ڪيائون ته انهن جي شهر ۾ داخلا تي بندش وڌي وڃي.
سوويت
يونين ۽ عوامي جمهوريا چين ئي اسان جي ڌرتيءَ جا ٻه اهي ڀاڳڀريا ڏيهه هئا جتي ورلي
ڪو ڏوهه ٻڌڻ ۾ ايندو هو، خاص طور ڦرلٽ ۽ قتل جو واقعو.
”ڪميونزم
جو جهرڻ“ ڏوهن ۾ ڇوٽ کڻي آيو آهي. هڪ پاسي معيشت جي تباهي ۽ ٻي پاسي چورين، ڌاڙن ۽
قتلن ۾ واڌ ماڻهن جا ڪلواڙ ڦيرائي ڇڏيا آهن. رشوت، ملاوت، سفارش، چوري، رهزني، کيسي
کي ڪاتر ۽ اهڙا ٻيا سوين ڏوهه ذڪر هيٺ به نه آندا وڃن، پر پوليس ۽ ڦورو ٽولن جي وچ
۾ کلي عام فائرنگ هر ڏينهن جو معمول ٿي ويو آهي ۽ دهشت جي ڪري ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويا
آهن. نشو ڏيندڙ شيون ــــــ هيروئن، چرس، آفيم، وغيره ــــــ عام جام اچڻ لڳيون
آهن ۽ اڳوڻي سوويت يونين، سڄي جو سڄي، انهن جي هڪ وڏي مڏيءَ ۾ بدلجي وئي آهي،
ايتري قدر جو هن پورهيت راڄ جي سڀ کان وڏي ۽ پهرين دشمن آميريڪا کي به اها ڳڻتي
ورائي وئي آهي ته جيڪڏهن روس ۾ ٻاهرين ماڻهن جي آمد اڃا به وڌيڪ ٿي، ته نشو ڏيندڙ
شين جو واپار چوٽ چڙهي ويندو ۽ امڪان آهي ته ٽٽل معيشت ان جو سٺو پسرائيندڙ ثابت
ٿي روس کي هڪ وڏي اڏي ۾ بدلائي ڇڏيندي. دولت جوڙيندڙ ٺڳيءَ جون نت نيون ايجادون
ٿيون آهن.
جارجيا ۾
پراڻي زماني کان هلندڙ رسم آهي ته تازي مئل ماڻهوءَ کي تابوت ۾ رکي، تابوت در جي
ٻاهران رکي ڇڏيندا آهن، هاڻي تابوت چوري ٿيو وڃن ۽ ڀنگ وٺي موٽايا وڃن ٿا.
1990ع
جي پهريَن ٽن مهينن ۾ لڳ ڀڳ 69-هزار ڏوهن جون رپورٽون دخل ٿيون پر 1991ع جي پهرين
ٽن مهينن ۾ اها ڳڻپ هڪ لک ٿي وئي. 62-سيڪڙو ڏوهه ملڪيت جي چوريءَ سان واسطيدار آهن
جنهن ۾ گهر ٻاهران لوهه چڙهيل دروازن جي چوري به شامل آهي.
”اخبارون ۽ ڪتاب“
”ترد“
اخبار جي ايلچيءَ چيو ته اسين مارچ 1992ع جي پڄاڻيءَ تائين به هلي ڪو نه سگهنداسون
ان ڪري جيڪا واهر ڪرڻي اٿوَ اها ان کان اڳ ئي ڪري وٺو. (ترد اخبار جون اڄوڪين
لاچار حالتن ۾ به 1-ڪروڙ 40-لک ڪاپيون ڏهاڙي ڇپجن ٿيون ۽ هيءَ شايد دنيا جي سڀ کان
وڏي روزاني اخبار آهي.)
اخباري
ڪاغذن جي اگهن ۾ 2-جنوري کان ويهوڻي مهانگائي ٿي وئي آهي، جنهنڪري اخبارن، رسالن ۽
ڪتابن جي ڇپائي بي انتها گهٽجي وئي آهي. مهانگائيءَ سبب اشتهار به جهڙوڪر اڻلڀ آهن
۽ نوبت اتي وڃي پهتي آهي ته جيڪڏهن پَني وارين صنعتن کي قيمتون گهٽائڻ جو چيو ويو
ته، اخبارن جو ڇا به ٿئي، مورڳو صنعتون بند ٿي وينديون..... ۽ پوءِ ظاهر آهي ته
اخبارون پڻ.
هي
ان ڏيهه جي اخبارن ۽ ڪتابن جو ذڪر آهي جتان ڇپجندڙ ڪتاب ۽ اخبارون سڄيءَ دنيا ۾
ڄڻڪ مفت ورهايا ويندا هئا ۽ خاص طرح ڪتابن جو پنو لاجواب هوندو هو ۽ ان جي معيار
جو آميريڪي يا برطانوي ڪتاب ان کان ڏهوڻ/ويهوڻ وڌيڪ قيمت ۾ ملندو هو.
”تعليم جي بنيادي ايڪن جي تباهي“
ڪنڊرگارٽن،
ابهم ٻارڙن جي بنيادي تعليم ۽ سکيا جي پيڙهه رکندڙ اسڪول، جنهن کي ٻاراڻو باغيچو
چوڻ ئي گهرجي، هن وقت تعليم جي لحاظ کان ايترو مهانگو ٿي ويو آهي جيترو اڳ سستو
هو. اڄ ٻاراڻي اسڪول جون فيون چنڊ تي ويندڙ راڪيٽ جي پُڇ سان ڳنڍيل آهن ۽ هي اسڪول
ان ئي رفتار سان ماڻهن جي پهچ کان پري وڃي رهيو آهي. اسڪول جي ماهوار في ماڻهوءَ
جي ماهوار پگهار کان به وڌي وئي آهي.
پنج ورهيه
اڳ جن جي پگهار 300-500 روبل ماهوار هئي انهن لاءِ پنهنجا ٻار اسڪول ۾ پڙهائڻ ڪو
مسئلو ئي ڪو نه هو. ٻار جي سار سنڀال، پال پوس ۽ تعليم سکيا سڀ سرڪار جي ذمي هئي.
والدين کان رڳو 6 ڪوپيڪ ڏهاڙي يعني 12-روبل ماهوار ٻار جي کاڌي پيتي لاءِ ورتا
ويندا هئا جيڪي ڪنهن به طرح مهانگا نه هئا پر هاڻي سادي کان سادي ٻاراڻي اسڪول جي
گهٽ ۾ گهٽ في 5-سؤ روبل آهي ۽ ڪجهه بهتر اسڪول ۾ 2-هزار روبل في مهينو في ٻار،
جيڪي انتهائي اميرن کان سواءِ باقي ڪروڙين ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي ۽ ظاهر آهي
ته سڀاڻي رڳو انتهائي اميرن جا ٻار ئي پڙهي حڪومت جي اهم عهدن تي اچي سگهندا. فيون
اڃا به پيون وڌن! هاڻي ڪنهن به، معمولي کان معمولي اسڪول ۾ به داخلا لاءِ، خاص طرح
هيٺين وچين طبقي جي ماڻهن کي پنهنجا ٻار داخل ڪرائڻ لاءِ هر قسم جي رشوت، سفارش،
زوربار ۽ سرندي وارن جو اثر هلائڻو پوندو.
۽ ان ڪري
ظاهر آهي ته پيسن ڪمائڻ، ڦرڻ، کسڻ، هٿ ڪرڻ جو هر اهو طريقو ايجاد ڪري پنهنجايو
ويندو جيڪو ڦورو طبقاتي سماج رکندڙ اسريل توڙي اسرندڙ ڏيهه ۾ جائز آهي.
هي ان ڏيهه
جو ذڪر آهي جتي جنم کان جوانيءَ توڙي پيريءَ تائين هر قسم جي واسطيدار تعليم مهيا
ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ تعليم کان فارغ ٿيندي ئي روزگار جي ضمانت پڻ. هن
پورهيت ڏيهه جي سڌريل تعليمي سرشتي، روزگار جي ضمانت، مفت طبي سهولت ۽ سماج سڌار
ذميواريءَ جي ڪري ئي ”سڌريل“ سرمائيدار ملڪن جون حڪومتن کي مجبور ٿي پنهنجي عوام
کي بغاوتن ۽ انقلابن کان پري رکڻ لاءِ سماج سڌارڪ رياستن جو روپ ڌارڻو پيو.
جيڪڏهن
ابتدائي کان به اڳ واري تعليم ايڏي مهانگي هوندي ته پوءِ مٿين تعليم جو حشر ڪهڙو
ٿيندو ۽ ڪيئن ماڻي سگهبي؟ ڇا اتي به مهراڻ انجنيئرنگ ۽ ٻين ڪجهه يونيورسٽين جيان
ڏيڍ لک ۾ سيٽ وڪڻڻ جون تياريون به ٿينديون ۽ ڇا ايڏو وڏو اگهه ڀرڻ ڦرلٽ، بي
ايماني، رشوت ۽ ڌاڙيلپ کان سواءِ ممڪن ٿي سگهندو؟
”اخلاقي پستي“
نوجوان
ڇوڪريون ۽ عورتون خاص طرح سينيمائن، هوٽلن، ڪيفي ٽيريائن، ريسٽورانين، ڪافي هائوسن
۽ ڪولڊ ڊرنڪس اسٽالن آڏو انهن جي مالڪن کي ”خوش“ ڪندي بيٺل نظر اچن ٿيون پر
جيڪي مالڪن کي ”خوش“ نه ٿيون ڪري سگهن،
اهي روڊن، چؤواٽن، عوامي باغن ۽ ٻين خاص هنڌن تي بيٺل ۽ کلي عام خصوصي اشارا ڪندي
۽ ميشون ڏيندي نظر اينديون. هي سڀ ڪجهه ان لاءِ آهي ته جيئن اَٺن ڏهن گراهڪن کي ”خوش“
ڪري ڪا هڪ جين جي پينٽ، ڪا فرانسي پرفيوم يا ڪا آميريڪي شرٽ خريد ڪري سگهجي يا وري
(شايد) پنهنجو (۽ شايد پنهنجن ٻارن جو) پيٽ ڀري سگهجي! ڪيترائي مرد دئوست (پنهنجن
زالن جي ڀڙوت) ڪندي نظر اچن ٿا ۽ گراهڪ ڦاسائڻ لاءِ مختلف ٻهروپ ڀريو تاڙ ۾ بيٺا
آهن.
جيئن چورن
جي حلقي ۾ وڏي چور کي، ڌاڙيلن جي محفل ۾
وڏي ڌاڙيل کي، موالين جي ڪچهريءَ ۾ وڏي مواليءَ کي ۽ عالمن جي مجلس ۾ وڏي عالم کي
عزت ۽ احترام جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي، تيئن ڦرلٽ کان پاڪ پورهيت سماج ۾ جنهن
کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. اهو ڪنهن به طرح ڦورو ۽ بدمعاش نه هوندو
پر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندڙ. دولت کي عزت ڏبي ته
ماڻهو دولت وڌائڻ جو جتن ڪندا ۽ علم کي عزت ڏبي ته ماڻهو علم وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا.
سنڌ ۾ پڻ دولتمند کي عزت ڏني وڃي ٿي تنهنڪري غداري ڪري به دولت هٿ ڪئي وڃي ٿي ۽
جڏهن غداريءَ جو حساب ڪتاب نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ اهڙا اهڙا ماڻهو غداريءَ ۾ گوءِ کٽڻ
جي ڪوشش ڪرڻ لڳا آهن جن جو تصور به نه پيو ڪري سگهجي. جڏهن عالمن، اڪابرن، ڏاهن،
مدبرن، مورخن، محققن، سائنسدانن، ليکڪن، فنڪارن، انسان ذات جي گهڻ گهرن ۽ هنرمندن
ــــــ پورهيو ڪندڙن ــــــ کي عزت ڏني ويندي ته پوءِ ظاهر آهي ته انهن ئي شعبن ۾
مٿير ٿيڻ لاءِ جتن ڪيو ويندو ۽ ان ڪري ئي 1916ع وارو زار جو ڏتڙيل، ماريل، ڪلڇڻو،
مسڪين ۽ بدحال روس انقلاب کان پوءِ اندرين توڙي ٻاهرين جنگين، گهوٽالن ۽ پستن کي
منهن ڏيندو، نازي ديوَ کي ڌڪيندي برلن ۾ دفن ڪري زندگيءَ جي هر شعبي ۾ شاندار
ريڪارڊ قائم ڪندو پئي رهيو.
۽ هاڻي
جيڪڏهن پياري پاڪستان جيان عزت انهن کي ملندي جيڪي ڏوهه، دهشت، ڦرلٽ، ذهني ۽
اخلاقي پستيءَ جو ڪارڻ هوندا ته پوءِ 30-ڪروڙ انسانن جو اهو ڏيهه اسان جي ڌرتيءَ
تي ڪهڙن شعبن ۾ ”شاندار“ واڌ ڪندو، اهو سوچڻ ڏکيو ناهي.
”قيد خاني
جي لوهي ڀت“ ڀورا ڀورا ٿي، اڪ جي ڦلڙين جيان آسمان ۾ اڏامي رهي آهي، انسانيت جا
بهترين گڻ فنا پيا ٿين ۽ انسان ذات کي روحاني طرح ڏنڀيندڙ زهريلا ڏند ڪچ ڪچ ڪندا
وڌي رهيا آهن.
** قيد
خاني جي لوهي ڀت ٽٽي آهي يا انسانذات جو ڇانورو؟
** جن
ماڻهن سوويت سماج اڏيو، عزت ۽ احترام لائق اهي آهن يا اهي جن ڪنهن به طرح هن سماج
کي ڊاهڻ ۾ حصو ورتو؟
(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 8 مارچ 1992ع)
tamam bahtareen article
ReplyDelete