(حصو ٻيو)
باب ڇهون
دشمن؟ پنجاب جو عوام، شاهوڪار نه!
”عام مظلوم پنجابي“،
سامراجي ذهنيت رکندڙ
پنجابي نه!
جِي ايم
سيد صاحب گذريل ٻن سالن ۾ ايترا ته متضاد بيان جاري پئي ڪيا آهن جو سندس ڪارڪن ۽
پوئلڳ به منجهي ۽ ڦاسي پيا آهن ته ڪهڙن فرمانن جي حمايت ڪجي ۽ ڪهڙن جي نه ڪجي. هڪ
بيان جي حمايت ٿا ڪن ته ٻي ۾ اڙجي وڃن ٿا ۽ ٻي کي ٺيڪ مڃن ٿا ته ٽين ۾ ٻه ٽنگا
ڦاٿا پيا آهن.
جِي ايم
سيد صاحب چوي ٿو:
”پنجاب جي عوام کي زمين نوڪريون ۽ ڪارخانا کپن جيڪي سنڌ مان
ملندا. ان ڪري پنجاب جو عوام اسان جو دشمن آهي. پنجاب جي عوام کان اسان کي پنجاب
جو شاهوڪار خاص ويجهو آهي ـــــــ پ پ وارن جي پويان پنجاب جو عوام آهي جڏهن ته
ضياءَ، ملٽري يا مسلم ليگ (جوڻيجو) وارا، جن جي هينئر حڪومت آهي، انهن سان پنجاب
جو خاص طبقو (يعني جاگيردار، سرمائيدار طبقو. -ليکڪ) شامل آهي، ان ڪري ضياءَ ۽ مسلم ليگ وارا اسان لاءِ گهٽ نقصانڪار آهن
بنسبت پنجاب جي عوام جي.”
(جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”برسات“، 15-21 جون 1987ع، ص-9)
جِي ايم
سيد جي ”امن“ ]اخبار[ واري بيان ۽ هن بيان ۾ وڌ ۾
وڌ ستن ڏينهن جو فرق هوندو. هن بيان ۾ پنجاب جي عوام کي دشمن ۽ وڌيڪ نقصانڪار سڏيو
اٿائين، جڏهن ته هن بيان کان لڳ ڀڳ ست ڏينهن پوءِ واري بيان ۾ ”عام مظلوم پنجابي
عوام“ جو فرق ڪرڻ ۽ ”عام پنجابي خلاف نه هجڻ“ جي ڳالهه ڪئي اٿائين. اهو فرق رڳو ان
ڪري آيو آهي جو ڊاڪٽر مسعود طارق جي اڳواڻيءَ هيٺ جِي ايم سيد سان ويهن ماڻهن جو
ٽولو مليو ۽ سندس حاضري ڀريائين. دشمن ۽ دوست جي وچ ۾ اهڙين ابتين سبتين ۽ وچڙندڙ
۽ ڦرندڙ ڳالهين سبب جيڪڏهن ماڻهو جِي ايم سيد صاحب کي پرمتڙيو ۽ لئه جو بکيو سمجهن
ٿا، ته ڪيئن غلط چئجن؟ پنجابي مليا ته هڪدم پنهنجي ”دشمن“ کي ڦيرائي مظلوم ڪيائين
۽ پناهگيرن سندس ٿوري ذاتي چاپلوسي ڪئي ته ”جيڪو ٿيو سو ٿيو“ چئي، سندن هر ظلم ۽
ڦر جو حق حساب ميساري ڇڏيائين!
-
دوست ۽
دشمن جي ڪسوٽي اها هوندي آهي؟
-
ڪنهن قوم
۽ عوام کي سندس مجموعي رويي جي بنياد تي سڃاڻبو آهي يا ڪنهن هڪ فرد (يا ننڍڙي
ٽولي) ڏانهن ذاتي رويي جي بنياد تي؟
جيڪڏهن
پنهنجي ذات جو بنياد بنائي دشمن ۽ دوست جي پرک ڪبي ته ان وسيلي ذاتي دوست ۽ دشمن
جي سڃاڻپ ٿي سگهندي، قومي دوست ۽ قومي دشمن جي نه. قومي سڄڻ ۽ قومي ويريءَ جي
سڃاڻپ ان قوم ڏانهن ٻي قوم يا ٽولي جي مجموعي رويي ۽ طبقاتي ساٿي ۽ طبقاتي ڦورو جي
سڃاڻپ ان طبقي ڏانهن ٻي طبقي جي مجموعي رويي جي بنياد تي ڪري سگهبي آهي ــــــ ذات
جي بنياد تي نه.
ٻي ڳالهه
جيڪا مٿين بيان ۾ ٽنبيل آهي سا سامراجي پنجابيءَ ــــــ پنجاب جي شاهوڪار ۽ ملٽري
کي گهٽ نقصانڪار ۽ پنهنجي ”خاص ويجهو“ ڄاڻائڻ بابت آهي.
-
سامراجي
ڪهڙو طبقو ٿيندو آهي، شاهوڪار (خاص) ۽ فوج يا عوام (عام)؟[1]
سامراج
جي سٺي وضاحت لاءِ لينن جو هڪ اهم ڪتاب ”سامراج:
سرمائيدار جو اوج“ پڙهڻ گهرجي.
سرمائيداري
ڇانئجڻ کان پوءِ سامراج جو خصوصي ڪردار اڄ ڏينهن تائين هڪ هٽي سرمائيدارن پئي ادا
ڪيو آهي ۽ اسين ان ڦورو سامراجي ڪردار کان ان قوم جي عوام کي تڏهن الڳ سمجهنداسون
جڏهن اهو عوام پنهنجي ڪردار کي پنهنجي حاڪم طبقي کان ڇني ڌار ڪري، ان جي مخالفت
ڪري ۽ مظلوم قوم (يا قومن) جي ڇوٽڪاري ۽ اهڙيءَ طرح خود پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ
جدوجهد ڪري.
اها
ڳالهه، جڏهن جرمن قوم 1848ع ۾ اٽليءَ مٿان بهاني بازيءَ سان ڪاهه ڪري وئي ۽ وڃي ان
کي دٻايو، تڏهن مارڪس (جرمن قوم جو هڪ ترقي پسند انقلابي ماڻهو) اٽليءَ وارن ڏانهن
هي جملا لکي ظاهر ڪئي:
”انهيءَ تڪرار ۾ اسين (جرمن ترقي پسند) جيڪو رويو هلنداسون تنهن بابت ڪو به شڪ
شبهو نه هئڻ گهرجي. اسين اٽليءَ جي ڇوٽڪاري جي حمايت ڪنداسون، اٽليءَ توڙي جرمنيءَ
۽ پولينڊ ۾ (پنهنجي هم قوم) آسٽريائي جرمنن سان موتمار ويڙهه ڪنداسون. اسين (جرمن
ترقي پسند) توهان اٽليءَ جي قوم وارن ڏانهن ڀائپيءَ جو هٿ وڌايون ٿا ۽ توهان کي
ثابت ڪري ڏيکارڻ گهرون ٿا ته توهان جي قوم تي (اسان جا) جرمن حاڪم جيڪو ويل وهائي
رهيا آهن تنهن ۾ اسين سندن ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ ڪڏهن به تيار ناهيون... اسين گُهر
ڪنداسون ته وحشي آسٽريائي (مارڪس ۽ جرمن ترقي پسند پنهنجي قوم کي ناجائز ويڙهه ڪرڻ
سبب وحشي سڏن ٿا. -ليکڪ)
فوج هڪدم اٽليءَ مان موٽائي وڃي ۽ اٽليءَ جي عوام کي حق ڏنو وڃي ته اهي جيڪا پسند
ڪن، ان قسم جي حڪومت ٺاهن.“ (”مارڪس ۽ ايجلس جا چونڊ
خط“، ص-46)
اسين
پاڪستان جي سڀني ترقي پسندن کان (جيڪڏهن اهي واقعي حقيقي ترقي پسند آهن ته) اهڙي
ئي رويي جي اميد رکون ٿا، پر جيڪڏهن اهي اهڙو رويو نه ٿا رکن ته پوءِ اسين کين
لينن جي لفظن ۾ ”سامراجي ۽ بدمعاش“ ڪري ليکينداسون.
اسان جي
اڳواڻ ساٿي رسول بخش پليجي ”صبح ٿيندو“ ۾ لکيو:
”پناهگير-پنجابي عوام جي نجات جي چاٻي پاڪستان جي مظلوم قومن جي هٿ ۾ آهي. جي
پنجابي-پناهگير پورهيت عوام چاهين ته ان جدوجهد کي مضبوط ڪري ۽ پنهنجي (حقيقي)
دشمن (پنجابي-پناهگير سرمائيدار، جاگيردار) کي ڪمزور ڪري پنهنجي نجات حاصل ڪري
سگهن ٿا ۽ پاڻ وٽ صحيح معنى ۾ عوامي اقتدار پنهنجي حاڪم طبقن جا ڇاڙتا بنجي، مظلوم
قومن جي ڦرلٽ مان حصا پتيون وٺي، مظلوم قومن جي حقن جي جدوجهد جي مخالفت ڪري، ان
کي ڪمزور ڪري، پنهنجن اصلي دشمنن (پنجابي-پناهگير سرمائيدارن، جاگيردارن) کي مضبوط
ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح کين عارضي فائدو ٿيندو، پر دائمي طرح (سندن حاڪم طبقي جي)
غلاميءَ جو ڳٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ سندن زمينداري ۽ سرمائيداري راڄ کان نجات جون
واهون بند ٿي وينديون. انهيءَ حالت ۾ پنجابي قوم ۽ پناهگير ٽولي جي عوام جو سچو
خيرخواهه ڪير آهي، تنهن جي سڃاڻپ ۽ ڪسوٽي اها آهي ته آيا هو پناهگير-پنجابي عوام
جي سچن ساٿين يعني مظلوم قومن جي عوام سان اتحاد ڪري ٿو يا نه؟ ۽ پناهگير-پنجابي
عوام جي اصلي ويرين (پنجابي-پناهگير سرمائيدارن، جاگيردارن) جي بااصول، مڪمل، هر
هنڌ هر مورچي تي مخالفت ڪري ٿو يا نه؟“ (ص-103)
”مطلب ته پناهگير-پنجابي پورهيتن جو صاف ۽ چٽو فرض آهي ته مظلوم قومن تي ٿورو
ڪري نه، پر خود پنهنجي نجات لاءِ پنجابي-پناهگير زميندار ۽ سرمائيدار جي خلاف
جدوجهد ڪن. نه رڳو ايترو، پر هو مظلوم قومن کان به اڳتي وڌي، پناهگير-پنجابي
سرمائيدارن، جاگيردارن طرفان مظلوم قومن تي ٿيندڙ قومي ظلمن جي مخالفت ڪن. اها ئي
صحيح ترقي پسند، صحيح انقلابي پورهيت ۽ صحيح مارڪسي، لينني واٽ آهي.“ (ص-105)
پنجابي-پناهگير، سامراج ۽ عالمي سامراج جو
اينجٽ!
محترم جِي
ايم سيد چوي ٿو ته ضياءُ، ملٽري ۽ مسلم ليگ (جوڻيجو) وارا ۽ پنجابي شاهوڪار گهٽ
نقصانڪار آهن ۽ پنجابي عوام وڌيڪ نقصانڪار آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي قطعي ابتڙ آهي.
خود پنجابي عوام مٿان به حاڪميت پنجاب جي ”خاص طبقي“ جي آهي ۽ پاڪستان ۾ مظلوم
قومن ۽ مظلوم عوام جي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جو ڇٽيسو به پنجابي-پناهگير ”خاص طبقو“ ئي
آهي. ملٽري ۽ مسلم ليگ وارا (حڪومت، رياست) وسيلي انهن جي ئي مفاد جي حفاظت ڪن ٿا.
۽ انهن
ئي ڦورن ۽ ظالمن ــــــ پنجاب جي شاهوڪارن، ”خاص طبقي“ ۽ پنجابي-پناهگير حاڪم ٽولي
جي مفادن جي نگهباني ڪندڙ ڪامورا شاهي، ملٽري وارن، ضياءُ ۽ حڪمران پارٽي وارن ”خاصن“
ـــــــ کي جِي ايم سيد صاحب گهٽ نقصانڪار ڇو ٿو چئي؟
-
ڇا واقعي
پنجاب جو شاهوڪار، ”خاص طبقو“ وغيره اسان لاءِ گهٽ نقصانڪار آهي؟
-
جِي ايم
سيد صاحب جي اها ڇنڊڇاڻ ٺوس سائنسي اصولن تي ٻڌل آهي يا پاڻ ڏانهن ذاتي رويي تي يا
بي سمجهيءَ تي؟
شاهه
صاحب وٽ قومي ۽ طبقاتي دشمن جي پرک لاءِ ڪسوٽي ٺوس سائنسي معاشي سياسي اصول نه پر
سندس ذات آهي، ڪجهه ماڻهن جو خيال اهو آهي. اسان کي ان ڳالهه سان به اتفاق آهي، پر
جِي ايم سيد صاحب وٽ جڏهن پورهيت عوام جا نمائندا وڃن ٿا ته پوءِ انهن سان اتحاد
ڇو نه ٿو ڪري؟
-
آخر اهو
سبب ڪهڙو آهي؟
ڇا اهو
ته اهي ”پنجاب جا اينجٽ“ آهن؟ يا، ”پناهگيرن جا ايجنٽ“ آهن؟ ”پنجاب جي ايجنٽ“ هجڻ
وارو سبب هجي ها ته پوءِ پاڻ پنجاب ۽ پنجاب جي به سڀ کان وڌيڪ رهزنن، ڇٽيسن، قاتلن
۽ جلادن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ بلڪ جي اجائي اگر مگر نه هجي ته چئجي ته سندن خاص
ماڻهو بنجي سندن ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ تيار ڇو آهي؟
”پناهگيرن
جو ايجنٽ“ هجڻ وارو سبب هجي ها ته پوءِ پاڻ پناهگيرن ۽ انهن جي سڀ کان وڌيڪ سنڌي
دشمن، نوابن ۽ سرمائيدارن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار ڇو هجي ها؟
ــــ ڇا
ان جو مطلب اهو ناهي ته هو پاڪستان جي سڀني ڦورو ۽ ظلم قوتن سان اتحاد ڪرڻ چاهي ٿو
۽ مظلوم پورهيت قوتن خاص ڪري سنڌي قوم جي عوامي قوتن سان اتحاد ڪرڻ نه ٿو چاهي؟ پوءِ
نيٺ اهو ڪهڙو سبب آهي جو جِي ايم سيد صاحب پنجابي-پناهگير
سرمائيدارن، جاگيردارن، فوجين ۽ حڪومت سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پورهيت عوام
جي نمائندن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؟
ان ڳالهه
۾ ڪنهن کي به ڪو به شڪ ناهي ته پنجابي-پناهگير جاگيردار-سرمائيدار ۽ ضياءُ-جوڻيجو حڪومت آمريڪي سامراج جي حامي آهي ۽ انهن سان وري جِي
ايم سيد اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ڇو؟....!
جِي ايم سيد صاحب جي ”خاص ويجهي“ جون ”مهربانيون“:
”ضياءُ،
ملٽري ۽ مسلم ليگ وارن سان پنجاب جو خاص طبقو آهي ۽ پنجاب جو ”خاص“ طبقو جِي ايم
سيد صاحب کي ”خاص ويجهو“ آهي ۽ جِي ايم سيد صاحب جي ان ”خاص ويجهي“، خاص طرح
-
سنڌي
عوام سان ڪيس ڪري ڇڏيا آهن،
-
لڳ ڀڳ هڪ
هزار سنڌي ڪونڌر ڪُهي ڇڏيا آهن،
-
سوين
مائرن، پيئرن، زالن، مڙسن، ڀينرن، ڀائرن، ڌيئرن ۽ پُٽن کي نِپٽو، بيواهو، بي سهارو
۽ نڌڻڪو بنائي ڇڏيو آهي،
-
بيشمار
ڳوٺ پاڙون پٽائي، ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا آهن،
-
ڪهڙو گهر
آهي جنهن تي لانگ بوٽ جي چِٿ نه آئي هجي؟
-
لڳ ڀڳ هر
گهر ۾ راڙو ۽ روڄ وجهي ڇڏيو آهي،
-
هزارين
بي گناهه ماڻهو سالن جا سال جيلن ۾ بند رکيا آهن،
-
سوين
بيڏوهين کي ڦٽڪن ۽ ڏنڀن جا نشان ڏنا آهن، ۽
-
سنڌي قوم
جي مجموعي ڦرلٽ ۽ مظلوميت ۾ اڳي کان سئوڻو واڌارو آڻي ڇڏيو آهي.
ان ”خاص
ويجهي“ جي ياري نڀائڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو سبب آهي جو جِي ايم سيد کي:
-
سنڌي قوم
سان وهيل ويل ته ٺهيو، ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ نوجوانن جا ڇاڻيون لاش، انهن جو وهايل بيڏوهي
خون، گرفتار گهايل شاگرد ۽ انهن جا ڏکايل وارث به ياد نه رهيا آهن، ۽
-
کيس
مظلوم سنڌين جي ساڙيل ڳوٺن جو دونهون ۽ رُلايل، روئاريل، ماريل ۽ بي گهر بنايل
ڏيهه واسين جا ڏک به نظر نه ٿا اچن،
-
کيس
مسڪين، ماريل ماروئڙن جي گهرن مان اٿندڙ داهون، ڪُوڪون، پار ۽ اوسارا به ٻڌڻ ۾ نه
ٿا اچن.
جيڪڏهن
ضياءُ، ملٽري، مسلم ليگ، پنجابي ۽ پناهگير شاهوڪار ۽ سندن ڦورو ۽ ظالم اڳواڻ ٽولا جِي
ايم سيد صاحب وٽ هاڻي پرين پيارا ٿي پيا آهن، ته پوءِ نيٺ:
-
سنڌين جي
مظلوميت جو ڪارڻ ڪير آهي؟
-
پاڪستان
کي سنڀاليندڙ ۽ هلائيندڙ ڪير آهي؟
-
مظلوم
قومن جي هيڏي ساري ٿيل ۽ ٿيندڙ ڦرلٽ جو ڇٽيسو ڪير آهي؟
-
هيل
تائين ٿيل ظلم جو ذميوار ڪير آهي؟
-
سنڌ جي
ڇوٽڪاري جي راهه ۾ رنڊڪون وجهندڙ ڪير آهي؟
-
قوم جي
خود اراديت جو حق ضبط ڪندڙ ڪير
آهي؟
-
سنڌي قوم
کي ٿورائيءَ ۾ بدلائيندڙ ۽ ان جو وجود ختم ڪندڙ ڪير آهي؟
-
سنڌ جي
پتيءَ جو پاڻي کائيندڙ ۽ سنڌ کي وارياسي ۾ بدلائڻ جي سازش ڪندڙ ڪير آهي؟
-
سنڌ جي
ڪارخانن، زمينن، شهرن، نوڪرين، روزگار، واپار، کاڻين، ڍنڍن، معدني ذخيرن، ٻين
وسيلن، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي قبضو ڪندڙ ڪير آهي؟
-
اهي نيٺ
ڪير آهن جن کان سنڌي قوم ۽ ٻيون مظلوم قومون پنهنجا حق ۽ آزادي ڇني وٺندا؟
جِي ايم سيد ته دشمن جو نالو نشان ئي گم ڪري سڄو ملڪ مٺائي ڪري ڇڏيو!
باب ستون
سنڌي عوام ”پنجاب جو ايجنٽ“!؟
ٻي پاسي
وري سنڌي عوام بابت جِي ايم سيد صاحب جيڪا سوچ ظاهر ڪئي آهي سا آهي سنڌي عوام ۽
قوم کي هڪ نهايت گندي، بيهودي ۽ ڪِريل سياسي ۽ سماجي گار.
”س: دنيا ۾ جيڪي قومي ۽ جمهوري تحريڪون هلايون ويون آهن، انهن ۾ مزدورن ۽
هارين جو ڪردار ڪهڙو رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ انهن جو ڪردار ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟“
”ج: اهو تفصيل گهرندڙ سوال آهي. مختلف دورن ۾ انهن طبقن جو
ڪردار مختلف رهيو آهي، ڪڏهن به هڪجهڙو نه رهيو آهي، سنڌ ۾ انهن طبقن پنجاب جي
ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.“
(جِي ايم
سيد جو انٽرويو،”اخبار جهان“، 4-10 مارچ 1987ع،
ص-9، ڪالم1)
جِي ايم
سيد وٽ ”سنڌي“ هجڻ ۽ ”پنجاب جو ايجنٽ“ هجڻ جا ڄڻڪ ٻه ٺپا ٺهيل آهن ــــــ (1) جيڪي
جِي ايم سيد کي مکڻ مکن، اهي ٿيا ”سنڌي“ پوءِ بيشڪ اهي سنڌ دشمن پنجابي يا پناهگير
ڦورو، ظالم ۽ رجعت پرست اڳواڻ ٽولا ئي ڇو نه هجن، ۽ (2) جيڪي هن صاحب جي موقعي
پرست وڏيرڪي اناپرست ۽ انتقام پرست سوديباز سياسي ڪردار کي ڏسندي ۽ سمجهندي سندس
مريد ٿيڻ ۽ سندس آڏو ٻانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، پوءِ بيشڪ اهي سنڌ جا مزدور ۽
هاري ئي ڇو نه هجن، پر انهن مٿان ٺڪاءُ ٿي ويندو ٺپو: ”پنجاب جا ايجنٽ“.
جِي ايم
سيد صاحب هن کان اڳ پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌي ماڻهن کي اٻوجهه، جاهل، پوئتي پيل، ويساهه
وسوڙيل، اڻ پڙهيل، ڄٽ، بيوقوف ۽ احمق ته سڏيو آهي، پر ڪڏهن به انهن کي ”پنجاب جو
ايجنٽ“ نه چيائين. اڄ ڏينهن تائين هن اهو ٺپو گهڻي قدر انهن اڳواڻن لاءِ ڪم آندو
هو جيڪي سندس چئي ۾ رهڻ بدارن مٿس تنقيد ڪندا هئا ۽ ڪندا رهن ٿا. ان کان
پوءِ وري اهو ٺپو انهن جي تنظيمن لاءِ ڪم آندو ويو. پر هاڻي ته ليڪا لنگهي، اگهاڙو
عوام دشمن ٿي پنجابين ۽ پناهگيرن کي ته سنڌي هجڻ جون سندُون پيو ڏي پر سنڌي مزدور
۽ هاري ــــــ پورهيت عوام کي ڏيهه جي ڏوٿين، مارن، سانگين ۽ جهانگين کي، پٽڪن ۽
اجرڪن کي ”پنجاب جو ايجنٽ“ سڏي، کين گندي ۾ گندي سياسي ۽ سماجي گار ٿو ڏي.
شاهه صاحب جي ڪي گهڻگهرا ماڻهو چون ٿا ته ”اسِي
مت کسي“ وارو قصو آهي ۽ سيد صاحب اسيءَ جي ڄمار ۾ پنهنجو آخري ڪتاب ”پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي“ لکي، پنهنجو (وڏيرڪو)
نظرياتي علم پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي کيس خبر ئي ڪا نه ٿي پئي ته ڇا چوڻ گهرجي ۽
چئي ڇا ٿو وڃي.
(1)
اهو به
هڪ جُزي طور ممڪن آهي پر ان کان وڌيڪ اهم سبب هي آهي ته جِي ايم سيد صاحب ڪڏهن به
پنهنجي نڪتهء نظر جو بنياد هاڻوڪي دور جي سائنسي سياسي اصولن ۽ پورهيت نظريي تي نه
رکيو آهي. پر جِي ايم سيد پنهنجي نڪتهء نظر جو بنياد پراڻي، اڏوهي کاڌل، عوام
دشمن، وڏيرڪي نڪتهء نظر، اوطاقي سازشن ۽ جوڙ توڙ، حڪمران ٽولي کي راضي خوش ڪري ۽
ٻاهرين طاقتن جي خوشنوديءَ کي ڌيان ۾ رکي، پنهنجي ذات ۽ من پسنديءَ تي رکيو آهي. جِي
ايم سيد سنڌي عوام لاءِ ڪجهه ڪري ها ته اهي کيس جيءَ ۾ جايون ضرور ڏين ها (جيئن
ٻين سياسي اڳواڻن کي مليون آهن). ظاهر آهي ته عوام جِي ايم سيد صاحب جي ذات ۽ پسند
جي ڪڍ هلي نه ٿو سگهي، تنهنڪري سنڌي وڏيري جي شير شاهه شڪري واري وير-وٺو ۽ انتقام
پسند فطرت ۽ مايوسيءَ، بيوسيءَ، توائيءَ، چڙ وچان سنڌي عوام تي باهه ڇنڊي اٿس ۽
پنهنجي عوام دشمن، وڏيرڪي ۽ مرشد قسم جي ذهن مان هن وقت جي وڏي ۾ وڏي گار سنڌي
عوام کي به وهائي ڪڍي اٿس.
(2)
جِي ايم
سيد واري ”پنجاب جي ايجنٽ“ (سنڌي عوام) جِي ايم سيد صاحب جي ئي لفظن ۾ ”ڪفن چورن
جي ويڙهه“ (ايم آر ڊي پاران هلايل تحريڪن) وسيلي جِي ايم سيد جي ”نيڪ ۽ شريف النفس
انسان“ (جنرل ضياءَ) خلاف زبردست جدوجهد ڪئي جنهنڪري اهي معتوب ته ٿيڻ ئي گهرجن
نه!؟ نيٺ انهن ”پنجاب جي ايجنٽن“ (سنڌي عوام) پناهگير-پنجابي ڦورو ٽولن ۽ عالمي
سامراج جي مڙهيل فوجي آمريت خلاف جدوجهد ۽ ويڙهه ڇو ڪئي ۽ اهي جِي ايم سيد صاحب جي
افلاطوني قول موجب ملڪ مٿان ڇانيل مصيبت (ضيائي مارشل لا) جي ڏينهن ۾ پنهنجن گهرن
اندر بند ٿي، ويڙهجي ويهي مطالعي ڪرڻ ۽ ڪتاب لکڻ ۾ غرق ڇو نه ٿي ويا!؟ ڇا اڃا به
انهن کي ”پنجاب جو اينجٽ“ نه چوڻ گهرجي!؟
(3)
سنڌي
عوام انهن اڳواڻن جا ساٿاري ڇو آهن جن بابت جِي ايم سيد صاحب اڳواٽ ئي ”پنجاب جو
ايجنٽ“ هجڻ وارو فرمان جاري ڪري چڪو آهي!؟ اها ته سراسر ناواجبي چئبي، ته انهن
ٻاهرين طاقتن جي مرضيءَ موجب ڀٽو حڪومت ڊاهڻ ۾ حصو نه ورتو، قومي اتحاد جي غير
مشروط حمايت نه ڪئي، وري اٽلو ان حڪمران ٽولي جي مخالفت ٿا ڪن جيڪو جِي ايم سيد
صاحب کي ”خاص ويجهو“ آهي!؟ ان ڪري سنڌي عوام کي به وڏي کان وڏي ۽ ذليل کان ذليل
گار ملڻ گهرجي!!
(4)
جِي ايم
سيد سنڌي عوام کي ان ڪري به گار ڏني آهي جو اهي سندس بوگس ۽ هوائي نعري ”سنڌو ديش“
جي ڏٽي ۾ اچي پنهنجي جدوجهد بند نٿا ڪن. جِي ايم سيد صاحب کي سنڌي عوام تي جيڪڏهن
ذرو به ڀروسو هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ”سنڌو ديش“ جي اڳواڻ قوم سنڌي عوام کي
مڃي ها. پر جِي ايم سيد سنڌي عوام کي غليظ گار ڏئي، پاڻ وري به ڊوڙي وڃي پناهگيرن جي
تعصبي سنڌي دشمن اڳواڻ ٽولي جو پڇ پڪڙيو آهي ۽ انهن کي ٿو ”سنڌو ديش“ ٺاهڻ جي
اڳواڻ قوت سڏي. هن ڪڏهن به عوام جي راهه نه ورتي. هن ڪڏهن به عوام جي بنيادي مسئلن
کي کڻي انهن جي تنظيم ۽ سياسي تربيت نه ڪئي ۽ نه ئي وري ڪڏهن انهن جي بنيادي حقن
لاءِ ڪا عملي جدوجهد ڪئي. جِي ايم سيد صاحب ته پنهنجي سڄي ڄمار وڏن وڏيرن، سُکين
سيدن ۽ پناهگير نوابن کي ميڙيندي ۽ انهن جون تنظيمون ٺاهيندي گذاري ڇڏي. پوءِ نيٺ
سنڌي عوام سندس ڪڍ ڇو هلي؟
(5)
”پنجاب جا ايجنٽ“
ڪير آهن، غدار سنڌي وڏيرا يا سنڌي مزدور ۽ هاري؟ جِي ايم سيد سنڌي عوام کي ”پنجاب
جو ايجنٽ“ هجڻ جي گار انهيءَ ڪري ڏني آهي ته جيئن غدار سنڌي وڏيراشاهيءَ جو ڍڪ رکي
سگهي.
”پنجاب جو ايجنٽ“ سنڌي عوام نه، پر
غدار سنڌي وڏيراشاهي آهي
جِي ايم
سيد صاحب پاڻ به ڪجهه اهڙا ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ گذريل پنجاهه سٺ سالن جي تاريخ
لکيل آهي ۽ تاريخي طرح سنڌي غدار وڏيراشاهي ئي انگريز پرمار ۽ پناهگير-پنجابي ڦورن
جي ايجنٽ ٿي رهي آهي، ان جو ثبوت انهن مان به ملي ٿو.
اسين جِي
ايم سيد جي رڳو هڪ ڪتاب ”سنڌ جا حق ۽ انهن لاءِ
جدوجهد“ مان مثال طور ڪجهه ٽڪرا ڏئي رهيا آهيون:
ـــ ”1843ع ۾ انگريز ان (سنڌ) کي ميرن کان فتح ڪري پنهنجي شهنشاهيت ۾ ملائي
ڇڏيو... ڪامورن جي حڪومت هئي جن پنهنجي رعب قائم ڪرڻ لاءِ زميندارن مان ڪن کي
پنهنجو ايجنٽ ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهن پنهنجي منظور نظر زميندارن کي ڪيترن
ئي طرحن سان نوازيو ٿي. آنريري ماجسٽريٽيون، درٻارين جون ڪرسيون، لقب، آفرين ناما،
زمينن جون گرانٽون وغيره سندن نوازڻ جا طريقا هئا. انهن ڳالهين خوشامد ۽ غلامانه
ذهنيت جو اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو هر ڪو زميندار انهيءَ مظاهري ۾ ٻين کان سبقت کڻڻ
جي ڪوشش ڪرڻ لڳو... حڪومت جي عملدارن جي غلامي ۽ تابعداري سردارن ۽ زميندارن جو
پيشو ٿي پيو ته انهن وري عام ماڻهن کي غلام رکڻ ۾ ڪسر ڪا نه ڇڏي! هڪ طرف عملدارن
جي نظر عنايت مان فائدو ورتائون ٿي ته ٻي طرف وري بدمعاشن ۽ چورن سان لاڳاپا رکي
انهن جي ذريعي ماڻهن کي هيسايائون ٿي... جڏهن هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي
۽ سنڌ ۾ به... ته ان وقت به انگريز، ڪامورن ۽ زميندارن وسيلي ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي... سرڪار زميندارن کان امن سڀائون قائم ڪرايون جن جو مقصد ملڪي آزاديءَ
جي تحريڪ ۾ مخالفت ۽ ڌارِي سرڪار سان وفاداري هئي. سنڌ جي مکيه ڪامورن، سيدن، پِيرن
۽ وڏن زميندارن ۽ ڪن مٺن مولوين ان ۾ چڱو حصو ورتو.“ (ص 5-8)
ـــ (بمبئي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ) ”اڪثر سنڌ جا زميندار ميمبر انهن خدمتن ڪري
خانصاحب، خانبهادر وغيره جا لقب حاصل ڪري ويا. ڪي ماجسٽريٽ بنيا، ڪن پنهنجن زمينن
۽ ملڪيتن ۾ واڌارو ڪيو... اٽڪل 90 سيڪڙو لائق آباد زمين وڏن زميندارن جي هٿ ۾ هئي.
25 لک هاري بنا زمين جي زميندارن جي رحم ۽ ڪرم تي هئا... ووٽ جو حق ننڍن کاتيدارن
۽ شهري رهاڪن، جي انڪم ٽيڪس يا ميونسپل ٽيڪس ڀريندڙ هئا، کي مليو. انهن جي حالت به
زميندارن جي رحم تي هئي. جڏهن چونڊون ٿيون ته وڏا زميندار ۽ پير ۽ سيد ڪامورن جي
مدد، ذاتي رسوخ ۽ پئسي جي زور تي پاڻ چونڊرائي اسيمبليءَ جا ميمبر ٿي آيا. اڳي به
ذاتي طاقت، ملڪيت ۽ اثر وڌائڻ لاءِ بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊجي ايندا هئا، هاڻ به سندن
زاويه نگاه ساڳيو هو... اڳي هو ڪامورن جي خوشامد ڪري چورن بدمعاشن ذريعي ماڻهن کي
هيسائي ذاتي رعب ۽ پئسي ذريعي طاقت قائم رکي ٿي سگهيا، هاڻ هو وري اسيمبلين ۾
وزيرن کي ووٽ ڏئي، چند ڪامورن کي اضافا ڏيارائي، ذاتي نفعا حاصل ڪري پنهنجو اقتدار
۽ قوت قائم رکڻ لڳا.“ (ص 9-10)
ـــ ”جيڪڏهن انهيءَ ساري دور ۾ سندن ڪاروائين تي نظر ڊوڙائبي ته معلوم ٿي
ويندو ته هنن اڳيان نه ڪي اصول هئا، نه سنگت، نه دوستيءَ سان وفاداري ٿي ڪيائون. رات
جو قسم کڻي صبح جو ڦري ٿي ويا. بيوفائي، بزدلي، بيغيرتي، قوم فروشي، خود مطلبيءَ
جا سڀ اوگڻ وڃي منجهن ڪٺا ٿيا هئا.“ (ص 10-11)
ـــ ”گهڻين وزارتن ۽ عهدن خاطر پارٽيون، گروهه، سنگتون، لاڳاپا، انجام ۽ اصول
ڀيري سان پئي بدلايا... هنن مان گهڻن پنهنجن هٿن سان سنڌ جي آزاديءَ کي ختم ڪري
پنجاب جي غلاميءَ ۾ ڏنو.“ (ص-12)
ـــ ”سنڌي زبان کي هن وقت اردو ۽
بنگالي زبانن جي مقابلي ۾ پنهنجو وجود قائم رکڻو آهي. انهن زبانن سان حڪومت جي مدد
هڪ طرف شامل آهي ته ريڊئي، سينيما، ڪثيرالتعداد اخبارن ۽ ڪتابن جي ڇپجڻ جي هٿي ٻي
طرف آهي ۽ سنڌي زبان تن تنها سندس وڏيري ڪلاس (طبقي) جي بي همتيءَ ڪري ڪسمپرسي
(مرڻينگ) جي حالت ۾ آهي.“ (ص-17)
ـــ ”ساڳيءَ طرح سنڌي ثقافت کي به پاڪستان جي مختلف ثقافتن جي مقابلي ۾، سنڌ
جي مٿئين طبقي جي لاپرواهيءَ ۽ احساس ڪمتريءَ هوندي به، نه صرف بچائڻو آهي پر ترقي
ڪرڻي آهي.“ (ص-17)
ـــ ”هاڻ جڏهن اڇي چمڙيءَ وارن صاحب لوڪن جي جڳهه ناسي چمڙيءَ وارن ديسي صاحب لوڪن
ورتي آهي ته اهو سنڌ جو مٿيون طبقو وري وڃي انهن جي دلالي ڪرڻ لڳو ۽ عوام کي
ساڳي (ئي حالت ۾) ڪمزور ۽ مسڪين رکيو پيو اچي.“ (ص-23)
ـــ ”نتيجو اهو نڪتو آهي ته هنن سنڌ جي جداگانه وجود کي ختم ڪري پنجاب جي
تسلط هيٺ ڏئي ڇڏيو آهي.“ (ص-24)
ـــ ”سنڌ اسيمبلي اندر انهن وڏيرن جي ذاتي اقتدار جي جنگ ئي بيروني جماعت
جهڙوڪ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا پير سنڌ ۾ پختا ڪيا[2] جن
جون واڳون هاءِ ڪمانڊرن جي هٿن ۾ هيون. کُهڙي سان پير الاهي بخش جي اختلاف ڪري پير
صاحب ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪئي، پيرزادي سان کهڙي جي اختلاف ڪري کهڙي صوبهء سنڌ کي
پنجابين جي پيرن تي نظر رکيو.“ (ص-30)
جِي ايم
سيد ان دور جو ذڪر ڪندي وڏي فخر سان چوي ٿو ته هو ان دور ۾ منسٽر ميڪنگ ]وزير ٺاهيندڙ (فيڪٽري)[ هو ۽ ”گورنر منهنجي چوڻ تي الله بخش سومري کان قسم کڻايو ۽ ڪنهن
کي ڪا ٻُڌ سڌ به نه ملي.“ (اهڙن تفصيلن لاءِ پڙهو جِي ايم سيد صاحب جا 1987ع ۾ ڏنل
خاص طرح ٻه انٽرويو: (1) ”اخبار جهان“، 4-10 مئي
1987ع ۽ (2) ظهير احمد جي ڪتاب ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“
۾ موجود انٽرويو)
·
ڪير آهي
بيوفا، بزدل، بيغيرت، قوم فروش، خود مطلب، سنڌ کي غلام بنائيندڙ، رات وچ ۾ ڦري
ويندڙ، جنهن جو نه ڪو اصول آهي ۽ نه ئي سنگت؟ سنڌي غدار وڏيرا شاهي ۽ ان جا ڇاڙتا
(ملا، پير، سيد ۽ وزير) يا سنڌ جو مزدور ۽ هاري عوام!
·
جِي ايم
سيد صاحب ان قوم فروش، وطن وڪڻندڙ، بزدل ۽ غدار طبقي جو پاسو ڇو ٿو وٺي، اڄ ان تي
ڍَڪ ڇو ٿو وجهي ۽ جيڪا سياسي گار ان کي ملڻ گهرجي اها سنڌي عوام لاءِ ڪتب ڇو ٿو
آڻي؟
·
چورُ چورَ
جو پاسو وٺندو يا ساڌ جو؟
·
قوم
فروشن ۽ وطن وڪڻندڙن جو پاسو ڪير وٺندو آهي؟
·
قوم جي
سڀ کان وڌيڪ اهم انقلابي قوت کي گار ڪير ڏيندو؟
جِي ايم سيد صاحب جون شايد اهڙيون ئي ڳالهيون ڏسي گهڻو اڳ محمد امين کوسي (جنهن کي جِي ايم سيد مجذوبِ سنڌ
سڏيندو آهي) لکيو ته:
”سنڌ ۾ هر مصيبت جو آغاز جِي ايم سيد ڪيو. بندو کيس ڇا چوي! سندس حالت عيان
آهي.“ (”مڪتوباتِ امين“، ڇپائيندڙ نظام الدين
کوسو، ص-23)
ساڳي ئي ڪتاب ۾، ص 15-16 تي، محمد امين کوسي جو جِي ايم سيد
ڏانهن خط لکيل آهي، جيڪو جِي ايم سيد کي مليو، هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيو ۽ جڏهن محمد
امين کوسي غلطيون ڪيون، ته ڏانهس موٽائي موڪليائين.
اسين ان خط جو نقل ڏئي رهيا آهيون:
سال
1938ع
سيد غلام مرتضى شاهه صاحب سن واري
جِي ايم سيد کي خط
بخدمت
شريف جناب سيد غلام مرتضى شاهه صاحب
هي ننڍڙو
مضمون موڪليان ٿو.
اوهان جي
پاڪ ۽ مقدس مراقبن ۾ ويٺا هوندؤ (ته)
انهن جي هندستان ۽ سنڌ جي بکين، بي حالن، مظلومن ۽ بي دست و پا ماڻهن کي ڪهڙي
پرواهه ۽ ڪهڙو اونو.
اوهان جي
روح کي اطمينان هوندو، قلب کي راحت هوندي، تهجد هوندا، نمازون هونديون ۽ روزا
هوندا!!
”نمازون
۽ روزا، اي پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪيو
ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.“
ڀلي!
غريبن جي ڪمائيءَ تي ”نديءَ ڪناري“ ويهي الله سان روح رهاڻ ڪريو.
ڀلي!
سرمائيدارانه ڳوڙها ڳاڙيو، پر ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن هارين ۽ مزدورن جو آهني
چنبو هوندو ۽ اوهان جا ڳلا هوندا!!
اوهان جو الله شال! اوهان کي ڪا حقيقي ’درد‘
ذري عطا ڪري. آمين!
اسان جي
اڳواڻ ساٿي رسول بخش پليجي لکيو:
-
پناهگير-پنجابي
سامراج جي اصل ۽ بنياد وڏيرا شاهي آهي.“ (”صبح ٿيندو“،
ص-24)
-
”وڏيرا
شاهي سنڌين کي پرمارن سان ٽڪر کائڻ نه ٿي ڇڏي ۽ دشمن پاران وچ ۾ ٽپيو سنڌين کي
دسائي ٿي.“ (ص-25-26)
-
”مخالف سڀ
زميندار نه پر فقط ظالم، وطن فروش ۽ غدار وڏيرا.“ (ص-167)
-
”در حقيقت سنڌي
عوام جي اڪثريت جو بنيادي ۽ دائمي مسئلو اندروني بيماري يعني وڏيرا شاهي آهي.“ (ص-28)
-
”وڏيرا شاهي
نظام جي گند ۽ پوسل ۾ ئي مڇرن ۽ ٻين جيوڙن (اڻهوند، بک، بيماري، جهالت ۽ وڏيرن،
پيرن ۽ مُلن جي ڦرلٽ، دٻاءَ ۽ دهشت، ذهني بليڪ ميلنگ، پناهگير-پنجابي سامراج کي
مٿان مڙهڻ وغيره) کي پيدا ٿيڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو موقعو مليو آهي.“ (ص-29)
-
”وڏيرا شاهي جي
لعنت ختم ڪرڻ ضروري آهي.“ (ص-32)
-
”وڏيرا شاهي جو
اصلي“ علاج آهي زمينداري نظام کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ. ان کان سواءِ سنڌي قوم ڪڏهن به
هڪ پاڻ ڀري، طاقتور ۽ شاندار قوم بنجي ڪا نه سگهندي.“ (ص-32)
-
”سرداري ۽
زمينداري نظام ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي قومن جي پيرن ۾ پيل زنجير آهي جو
کين غريبي، بک، بيماريءَ، جهالت ۽ بيوسيءَ جي کڏ مان نڪرڻ نه ٿو ڏي.“ (ص-155)
باب اٺون
جِي ايم سيد ۽ ”سنڌوديش“ جا اڳواڻ ڪير؟
جِي ايم سيد جي لفظن ۾ (1) سنڌي عوام ٿيو پنجاب جو ايجنٽ، (2) جن پنجابين ”سنڌي
ٻولي ۽ ثقافت اختيار ڪري ورتي ۽ پاڻ کي سنڌ جي زمين سان ڳنڍي رکيو“ اهي ٿيا سنڌي،
(3) پناهگير ٽولي کي ته ابتدا ۾ ئي سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي، (4) اتحادي
ٿيندا پنجاب جا شاهوڪار، ضياءُ، ملٽري وارا ۽ مسلم ليگ (جوڻيجو يعني پير سائين
پاڳارو گروپ، جيڪو سائين جِي ايم سيد صاحب جي سيد ايسوسيئيشن جو به اڳواڻ آهي).
هاڻي باقي مسئلو آهي اڳواڻ قوت جو؟ جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ايجنٽن جي
اڳواڻ قوت جو! سنڌي عوام جي اڳواڻ قوت جو نه، ڇو ته اهي پاڻ ”پنجاب جا ايجنٽ“ آهن!)
جِي ايم سيد ”سنڌو ديش“ لاءِ جيڪو ”انقلاب“ برپا ڪرڻ چاهي ٿو، ان جي اڳواڻي ڪير
ڪندو؟
جِي ايم
سيد صاحب پنهنجن اڳواڻن بابت نقاب ڪشي ڪري ٿو. قمر ڀٽي لکي ٿو:
-
جِي ايم
سيد هندستان مان هجرت ڪري 1947ع ۾ آيل مهاجرن متعلق ٻڌايو ته ”هن وقت مهاجر ۽ ٻيا
مستقل مفاد سنڌين جي غلاميءَ ۽ مفلسيءَ جو ڪارڻ بنيا آهن پر مون کي روشنيءَ جو ترورو
پيو نظر اچي ته خود انهن منجهان ڪي انصاف پسند ماڻهو پيدا ٿي سنڌو ديش کي آزاد ۽
خوشحال بنائڻ ۾ سنڌين جي مدد ڪندا.“ (قمر ڀٽي، ”جِي
ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ص-144)
-
”فرعون
جي گهر ۾ موسيٰ جو پلجڻ هڪ مثال آهي جو آئيندي هلي بني اسرائيل کي فرعون جي غلاميءَ
مان نجات جو ڪارڻ بنيو هو. اهڙيءَ طرح مهاجرن مان به مون (جِي ايم سيد) کي ڪن
حقيقت پسند ماڻهن جي پيدا ٿيڻ جو امڪان نظر اچي ٿو، جي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي
سنڌي قوم سان پنهنجا مفاد وابسته ڪري سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ڪارڪنن جي مدد
ڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات جو ذريعو بنجي سگهن ٿا ڇو ته اميد لاهڻي ناهي، خدا ۾
ڀروسو ڪري محبت ۽ سچائيءَ سان جدوجهد ڪرڻ ڪري پاڻهي ڪاميابي حاصل ٿيندي.“ (حوالو
ساڳيو،ص-145)
جِي ايم
سيد فرمائي ٿو:
-
”ڳالهه
هيءَ آهي ته ڪجهه بزرگن اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته مهاجر ئي توهان لاءِ وڙهندا... اهي
ئي ماڻهو توهان (سنڌين) کي پاڪستان کان نجات ڏياريندا، نجات انهن جي وسيلي ٿي سگهي
ٿي، هڪ ته اهي انٽليڪچوئل (دانشور) آهن، ٻيو ته اهي ڏاڍا مخلص ورڪر آهن، جيڪڏهن
اهي توهان سان گڏجي وڃن ته وڏي ميراث ثابت ٿيندا، ان ڪري اسان (جِي ايم سيد ۽ سندس
ايجنٽ) سنڌ جي لاءِ بِهارين کي ته ڇا، يهودين کي به خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار
آهيون.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد، ”جِي
ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-87)
- ”هي مهاجر جيڪي آيا آهن انهن
۾ گهڻي ڀاڱي انٽليڪچوئل (دانشور) آهن ۽ دانشور ماڻهو ڳوٺاڻي ماڻهوءَ کان وڌيڪ
سمجهي سگهي ٿو. حقيقت ۾ انهن جو مفاد ۽ اسان جو مفاد هڪ آهي ڇو ته اهي به سنڌ ۾
رهن ٿا ۽ اسين به سنڌ جا دائمي رهاڪو آهيون، اهي ڳوٺاڻا ناهن، گهڻي ڀاڱي شهري آهن
۽ شهري ماڻهو سدائين ليڊ (اڳواڻي) ڪندا آهن، اهي ٿورائي ۾ آهن پر قرآن چيو آهي ته
سمجهدار طبقو جيڪڏهن ٿورائيءَ ۾ هجي، تڏهن به اڳواڻي ڪندو.“ (حوالو ساڳيو،
ص-62-64)
هي ان
ساڳي جِي ايم سيد جا لفظ آهن جنهن 1974ع ۾ ”سنڌو ديش
ڇو ۽ ڇا لاءِ؟“ ۾، صفحي 16 تي لکيو ته ”سپ ٽار، مهاجر مار“ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ
لاءِ اڳواڻ قوت طور سنڌي شاگردن کي پيش ڪيو هئائين. جڏهن ته 1984ع تائين پناهگيرن
کي سامراج لکندو رهيو جيئن ”پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي“
۾ بيان ڪيل آهي.
سنڌي
عوام تي ڀروسو نه هجڻ ڪري، بلڪ انهن لاءِ سخت نفرت ۽ حقارت ڌارڻ ۽ کانئن بيحد
خوفزده هجڻ سبب ئي، جِي ايم سيد پنهنجي ”سنڌو ديش“ لاءِ ڀارتي پناهگير اڳواڻ ٽولي
کان اڳواڻي ڪرائي ٿو. پر شايد اهو انديشو به سندس ذهن ۾ موجود آهي ته متان اهي
اڳتي هلي ڦري وڃن تنهنڪري ڦڙِتي کائي وري وٺي جو ڊوڙ وجهي ٿو ته مورڳو ملڪ ڇڏي وڃي
ڀارت ۽ سوويت يونين جي حڪومت تائين ٿو پهچي ۽ اهي وري ڪنهن به طرح سندس مدد ڪرڻ
لاءِ تيار ناهن ڇو ته پنهنجن مجبورين ۾ ڦاٿل آهن. چوي ٿو:
(1)
”پاڪستان ٽوڙڻ کان سواءِ اسان وٽ ڪا راهه ناهي ۽
اهو به جڏهن بين الاقوامي قوتون چاهينديون.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير
احمد، ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-80)
(2)
”سوال: جيڪڏهن توهان کي اها اميد آهي ته بين
الاقوامي قوتون اچي پاڪستان ٽوڙينديون ته ڇا توهان بنيادي فڪر ڏيڻ واري جي حيثيت ۾
انهن قوتن سان ڪڏهن لاڳاپو رکيو آهي يا انهن ڪڏهن توهان سان لاڳاپو رکيو آهي؟
”جواب: منهنجا
لاڳاپا انڊيا سان به آهن ۽ روس سان به.
”سوال: لاڳاپا؟
”جواب: ها، لاڳاپا هئا ۽ آهن. پر ڳالهه هيءَ آهي ته انهن مان هر هڪ پنهنجي
نڪتهء نظر سان ڳالهه ڪري ٿو. اهي ٻين لاءِ پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ نه ٿا
گهرن. هڪ ڀيري مون اندرا گانڌي ڏانهن
ماڻهو موڪليو ته اسين مصيبت ۾ ڦاٿل آهيون، اسان جي مدد ڪريو ته هن چيو ته چئن ڳالهين جي ڪري اسين مدد ڪرڻ کان محروم
(وانجها) آهيون...“ (حوالو ساڳيو،ص-81)
(هنن
ڳالهين مان محترم جِي ايم سيد طرفان پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ ۽ وڏو ماڻهو ثابت ڪرڻ جي
بک کان سواءِ ٻيو ڪو به عنصر ظاهر نه ٿو ٿئي.)
اها ساڳي ڳالهه جِي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان
هاڻ ٽٽڻ گهرجي“ ۾ بيان ڪئي آهي. لکي ٿو:
(3)
”اسان کي روس ۽ ڀارت جي مدد سان پنهنجي آزادي
حاصل ڪرڻي پوندي.“ (ص-11-12)
(4) ”ڀارت سان الحاق ڪرڻ لازمي آهي. ڀارت هن
وقت مرڪزيت تي زور وٺائڻ ڪري تڪليفن ۾ مبتلا آهي. اڳتي هلي هن کي ڪنفڊريشن
جي بنياد تي مختلف زبانن ۽ تهذيبن جي ماڻهن کي ڪم و بيش برٽش ڪئبينينٽ مشن جي
بنياد تي گڏي هلائڻو پوندو.“ (ص-10)
(جيستائين ڀارت ائين ڪري
وٺي! ليکڪ)
(5)
”هندستان هڪ طرف صنعتي ملڪ هئڻ ۽ اندروني
اختلافن کان ڊڄي ڀر وارن ملڪن سنڌ ۽ بلوچستان جي حق خود ارادي تي مدد ڪرڻ لاءِ
تيار نه ٿو ٿئي؟“ (ص-11)
(6)
”ڀر وارا ملڪ ڀارت ۽ روس پنهنجي سياسي مفادن
خاطر اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيا آهن، بلڪ پنهنجي مشڪلاتن ۾ ڦاٿا پيا
آهن.“ (ص-12)
(رڳو ڏٽا، ڏٽن مٿان ڏٽا ۽ تنهن مٿان به ڏٽا، ڏٽن جو هڪ سـؤ ماڙ شيش محل، سکڻيون ڳالهيون، خوشفهمين جو گانجو چرس پيئاري مت مان ڪڍي سياسي
طرح ويهاري ڇڏڻ جون سکڻيون ڳالهيون. -ليکڪ)
مٿين ڇهن نُڪتن ۾ پڌرو آهي ته (1) جِي ايم سيد صاحب جو ”سنڌو ديش“ سنڌي دشمن
مافيا جي اڳواڻيءَ ۾ ڀارت ۽ روس جي مدد سان ٺهندو (جِي ايم سيد ٽولو پناهگيرن جي
پوئلڳي ڪندو)، (2) ڀارت ۽ روس پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، ڀارت مرڪزيت جي مصيبتن ۾
مبتلا آهي، اها اڳ ۾ ڪنفيڊريشن ٺاهي عوام جا مسئلا حل ڪرائي، تنهن کان پوءِ ڪم و
بيش برٽش ڪئبينيٽ مشن جي بنياد تي ”سنڌو ديش“ سان الحاق ڪندي، (3) اهي ٻين لاءِ
پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ لاءِ تيار ناهن ۽
پنهنجن سياسي مفادن خاطر جِي ايم سيد جي ”سنڌو ديش“ ٺاهڻ لاءِ مدد ڪرڻ تي تيار
ڪونهن، ته پوءِ (4) ”سنڌو ديش“ ڪيئن ٺهندو؟ ان جي ٺهڻ جو ڪو امڪان به آهي ڇا؟
جِي ايم سيد ”سنڌو ديش“ ڪڏهن ٺاهيندو؟
جِي ايم
سيد 1974ع ۾ آزاد سنڌو ديش پئي ٺاهيو، 1984ع ۾ ڀارت سان ان جو الحاق ڪرائڻ تي تيار
ٿيو ۽ هاڻي 1987ع ۾ وري پنجاب ۽ ايران کان ٿيندو پولار ۾ پيهي ويو آهي ۽ سوشلزم
بابت خاص طرح صفا ٻاراڻيون ڳالهيون ويٺو ڪري.
محترم جِي
ايم سيد چوي ٿو:
1-
”آءٌ
سمجهان ٿو ته هن وقت ٻه ڌريون خاص طور ميدان ۾ آيون آهن، هڪ سوشلسٽ يا ڪميونسٽ
ملڪن جي ڌر ۽ ٻي آمريڪن ڌر... ٻئي مادي پرست آهن، انهن جو اختلاف ورهاست تي آهي...
ٻئي دنيا جي سڀني شين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا... موت کان پوءِ (حياتيءَ ۾) ٻنهي جو
ايمان ڪونهي... جيڪڏهن زندگيءَ جي تسلسل کي مڃن ته هي ماڻهو ايٽم بم ڇو ٺاهن؟...
جيڪڏهن اهڙو (حيات بعدالممات ۾) ويساهه ئي ڪونهي ته پوءِ ته ويڙهه، فساد به ٿيندا
(ڄڻڪ ته حيات بعدالممات ۾ ويساهه رکڻ جي هام هڻندڙن (نڪسن، ريگن،شاهه ايران، جنرل
ضياء) ڪڏهن ڪو فساد ڪيو ئي ناهي، اهي پاڪن پاڪ آهن. -ليکڪ)... هي ته ”دنيا خاطر دين وڃائي ولها ٿيا“.... ان ڪري ٽيون گروپ هئڻ
گهرجي... جن ملڪن مان پيغمبر ٿيا اهي پنج ڇهه ملڪ آهن... اهي ملڪ مرڪز رهيا آهن
روحانيت جو، پر روحانيت پاڻ ورهائجي وئي... مذهب وارا پٺتي رهجي ويا... دين قرآن
جي حڪم جي روشني ۾ اهو آهي ته جيڪو به اوهان مان خدا کي مڃي ٿو... خدا انسان کي
پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو... خدا هر جاءِ حاضر ناظر آهي... اهو (سپر نيچرل) پاور
انسانذات جي تصور ۽ سمجهه کان آڳاهون آهي...“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”عبرت مئگزين“، 1-جولاءِ 1987، ص 5،4 ۽ 29)
(انهن
ڳالهين ۽ مُلا ڪوثر نيازي ۽ اهڙن ٻين مُلن جي ڳالهين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟)
2-
”اسين
مستقبل جا پوڄاري آهيون، مستقبل معنى حيات بعدالممات ۽ حيات بعدالممات وارن کي اهو
خيال ڪو نه ٿيندو آهي ته عارضي طرح اسان کي ڇا ٿو ٿئي...
س: ”سياست ۾ هڪ رٿابندي ٿئي ٿي، ٽارگيٽ (نشانو، مقصد، ماڳ) مقرر ڪرڻو پوي ٿو،
پر توهان وٽ حاصلات جو ته ڪو مسئلو ئي ناهي!؟“
ج: ”ٽارگيٽ اهو حاصل ٿي سگهندو جيڪو عارضي هجي، دائمي ٽارگيٽ
قيامت ملن ته به ويجها ڀانءِ سپرين... سنڌ جي آزادي ۽ بديءَ جي ڪوٽ کي ڊاهڻ
اسان جو وڏي ۾ وڏو ٽارگٽ آهي... اسان چئون ٿا ته هي روس ۽ آمريڪا ٻئي مفاد
پرست ملڪ آهن، اهي هڪ ٻئي کان جدا ڪونهن، ان ڪري اسان روحانيت وارا ملڪ
آهيون ۽ اهو روحانيت وارو ملڪ يا فيڊريشن ٺاهڻ گهرجي. اسان آزاد
ٿينداسون، ان کان پوءِ هندستان، سنڌ، پنجاب، جيڪڏهن گهرندا ته بلوچستان،
پختونستان، ايران، عراق، سعودي عرب ۽ مصر، اهي سڀ ملڪ جن ۾ روحانيت پيدا ٿي ۽ جن ۾
پيغمبر پيدا ٿيا، انهن ملڪن کي آهستي آهستي گڏ ڪنداسين.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو،
”برسات“، 15-21 جون 1987ع ص 5-6 ۽ 9)
اهي
ڳالهيون اڳي ٻين به ڪيون هيون ۽ انهن بابت محترم جِي ايم سيد جو پنهنجو خيال هي هو
ته:
”اسلام جهڙو عالمگير مذهب دنيا جي ملڪن کي 13-سـؤ ورهين جي عرصي اندر هڪ سلطنت ۾ شامل رهڻ لاءِ تيار ڪري نه سگهيو آهي. هاڻي
جناح صاحب، ڀٽي صاحب ۽ مودودي صاحب جي معرفت انهن کي هڪ ڪيو وڃي، سو خام خيال
آهي.“ (جِي ايم سيد، ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“،
ص-111)
انهن
بنيادن تي اسين به اهو سمجهون ٿا ته خود جِي ايم سيد جو خيال به خام آهي، بي بنياد
آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته پهرئين ڏينهن کان وٺي سندس رٿ ئي اها آهي ته ماڻهن کي
سنئون سڌو ڏٽو ڏيڻو آهي.
هي آهن جِي
ايم سيد صاحب جي غير سائنسي، رجعت پرست ۽ غير حقيقي سوچ جي اوج جا ٻه مثال ــــــ
وڃو، وڃي سوڙ پائي سمهي پئو، انقلاب ۽ جدوجهد جي لٻاڙ نه هڻو، جِي ايم سيد جو ماڳ
قيامت ۾ مليو ته به ويجهو آهي!
باب نائون
رجعت پرستو! عوام دشمنو!
ڪاڏي وئي خالص سنڌ جي
سياست؟
جِي ايم
سيد پاڻ پنجاب جي ڦورن، ظالمن، شاهوڪارن، ملٽري، ضياءَ، مسلم ليگ، پناهگير نوابن،
انڊيا، پنجاب، پختونستان، ايران، سعودي عربيه، مصر وغيره جي رجعت-پرست، عوام دشمنن،
سامراجي ڇاڙتن سان ته ٺاهن ڪرڻ، بلاڪن جوڙڻ ۽ الحاق ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو پيو وتي،
پر جيڪڏهن اسين چئون ٿا ته سڀني مظلوم پورهيتن جو اتحاد ٿيڻ گهرجي، تڏهن هي عوام
جا ويري ۽ غدار، ڄامڙا، ڄاها، رجعت پرست ۽ سامراج دوست هڪدم ٽيائون ٽيائون ڪرڻ لڳن
ٿا ته خبردار خالص سنڌ جي سياست جي ڳالهه ڪريو، جيڪڏهن سنڌ کان ٻاهرين مظلومن جي سياست جو نالو به وٺندؤ ته توهين سنڌ دشمن سڏيا ويندؤ، قوم
فروش سڏبـﺆ ۽ غداريءَ جو ٺپو هڻي ڇڏبوَ. ڇا اها بي
حيائيءَ، بي شرميءَ واري مڪاري ناهي؟
پورهيت عوام جي اتحاد جي ضرورت جي سلسلي ۾
رسول بخش پليجي لکيو:
”اسان جو اهو سياسي ايمان آهي ته سڄيءَ دنيا جي عوام جا بنيادي، جٽادار ۽ دائمي
مفاد ساڳيا آهن. سندن وچ ۾ هينئر جيڪي دشمنيءَ وارا فساد ۽ ٽڪر آهن، سي حل ٿيڻ
جوڳا آهن ۽ وڏي تاريخي دور جي گڏيل جدوجهدن کان پوءِ نيٺ دوستاڻي نموني حل ٿي
سگهندا ۽ ٿيندا. جيڪڏهن سڀ ڌريون عارضي لالچون ۽ مفاد ڇڏي دائمي مفادن لاءِ گڏجي
ڪوشش ڪن ۽ عوام دشمنن جي نظرياتي، سياسي ۽ اقتصادي ڪوڙڪين مان نڪرڻ لاءِ گڏجي زور
لڳائين ته نه رڳو پاڪستان جي سموري عوام جي وچ ۾، پر سموري ايشائي عوام جي وچ ۾،
ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي سموري عوام جي وچ ۾ ۽ دنيا جي سموري عوام ۽
سمورين قومن جي وچ ۾ جٽادار ۽ عاليشان اتحاد قائم ٿي سگهي ٿو ۽ پس و پيش ضرور
ٿيندو.“ (”صبح ٿيندو“، ص-164-165)
پاڪستان ”ڊاهبو“ ـــــــ ڏيکاءَ جا ڏند!
ٻي پاسي
جيتوڻيڪ جِي ايم سيد بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ رڳو نعري جي حد تائين نقالي ڪندي ”سنڌو
ديش“ ٺاهڻ ۽ پاڪستان ڊاهڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته، سندس
اڄوڪيون ڳالهيون به اهو ئي ظاهر ڪن ٿيون ته، جي رڳو پاڪستان جا حڪمران، سامراجي
ڇاڙتا مٿس چڱيءَ طرح هٿ رکن ته هو هڪدم ”سنڌو ديش“ جي سکڻي نعري جي به پچر ڇڏي،
پاڪستان جي اڏاوت جا ڪم ڪرڻ ۾ جنبي ويندو. اچو ته ڏسون:
1-
مسلم ليگ
جي مقبوليت لاءِ مسجد منزل گاهه جي بهاني هندو-مسلم فساد ڪرايائين.
2-
سنڌ
اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪرايائين.
3-
لياقت
علي خان ڏانهن لکي موڪليائين ته پاڪستان جي ڀلي ۾ حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ سواءِ
ڪنهن عهدي وٺڻ لاءِ تيار آهيون.
4-
”س: پر توهان
1970ع ۾ پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو ورتو هو؟“
ج: عارضي
طرح حصو ورتو هو ته ڪيئن پاڪستان جي اڏاوت ڪري سگهون ٿا، پر اسين ناڪام
رهياسين.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد، ”جِي
ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-50)
5-
ڀٽي صاحب
سان ”نئين“ پاڪستان جي اڏاوت لاءِ سهڪار ڪيائين، تان جو قيدي فوجي ڇڏائڻ لاءِ
هندستان وڃڻ تي به تيار هو:
”س: اها ڄاڻ
رکندي به توهان جي هڪ خاص عرصي تائين ڀٽي صاحب سان سهڪار رهي، جيئن توهان جي ڪتابن
مان به ظاهر آهي ته هو توهان کي ۽ امير حيدر شاهه کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ تي ڳالهين
لاءِ انڊيا موڪلي رهيو هو؟
ج: شروع
۾“ (حوالو ساڳيو، ص 53-54)
6-
هر سنڌي
سياسي تنظيم سان اتحاد لاءِ ”سنڌو ديش“ مڃڻ ۽ ان لاءِ ’جدوجهد‘ ڪرڻ جو شرط رکندو
هو ۽ ڪنهن به پاڪستاني فريم ورڪ ۾ سياست ڪندڙ تنظيم سان ٺاهه نه ڪرڻ ۽ ”خالص سنڌ
جي سياست“ جي ڳالهه ڪندو هو (۽ اڄ به اتحاد نه ڪرڻ لاءِ اهو بهانو ورجايو وڃي ٿو)
پر قومي اتحاد جهڙي ڪٽر رجعت پرست، سامراج نواز، فوج يار، پاڪستان جي حمايتي ۽
سنڌو ديش نه مڃيندڙن جي غير مشروط حمايت ڪيائين.
7-
جنرل
ضياء ۽ ملٽري جي ڊڪٽيٽر حڪومت جا ساراهيندڙ ٻول ٻولڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ انهن کي
پاڻ هڙتو صلاحون موڪلڻ لڳو ته ڪيئن پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. (حوالي لاءِ
رڳو هن ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل ”ڀٽي ۽ سندس پارٽيءَ جي مخالفت ڇو؟“ وارا ٽڪرا ڏسو.)
8-
مهاجر
قومي موومينٽ، جيڪا وفاقِ پاڪستان جي قطعي مخالفت ناهي (حوالي لاءِ ڏسو، ”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، اردو ۾، ص-18، هن ڪتاب ۾
پناهگير فتني جي ڇنڊڇاڻ وارا حصا) جي پوئلڳي ۾ سندرو ٻڌي بيٺو آهي ۽ سندس ڪارڪن
اندرونِ سنڌ مقم جي اڳواڻن کي جلسن ۾ ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍائي، انهن جي سنڀال لاءِ
پهرا ڏين ٿا، ۽ پاڻ چوي ٿو ته انهن سان اتحاد ڇو نه ٿو ٿي سگهي!
”جڏهن منهنجي
ماءُ مُئي ته جِي ايم سيد مون ڏانهن تعزيتي پيغام موڪليو. مون موٽ ۾ هن جي طبيعت
پڇي. منهنجي (جيل مان) آزاديءَ جي ٻي ڏينهن جِي ايم سيد مون ڏانهن هڪ ٽوپي ۽ لنگي
جي سوکڙي موڪلي.“ (الطاف حسين جي زباني، ”الطاف حسين
جا عزم ۽ ارادا“، اردو ۾، ص-53)
(شهيد
فاضل راهو جي شهادت تي ساڳي ئي جِي ايم سيد ٺلهي تعزيت يا ڏک به ظاهر نه ڪيو، رڳو
ان ڪري جو هو عوامي جدوجهد ڪندڙ هو.)
9-
پنهنجن
ڪارڪنن کي موڪل ڏنائين ته اهي بيشڪ فوجي حڪومت پاران پاڪستاني فريم ورڪ ۾ ٿيندڙ
چونڊن ۾ حصو وٺن. (مثال طور، جِي ايم سيد جو پٽ پاڻ چونڊن ۾ بيٺو ۽ قمر ڀٽيءَ
لاڙڪاڻي ۾ پاشا کهڙو جي ورڪ ڪئي.)
10-
قمر ڀٽي
لکي ٿو:
”جنرل ضياءُالحق
اخبارون ذريعي جِي ايم سيد ۽ خان غفار خان بابت چئي ڇڏيو ته اهي ٻئي بزرگ آهن،
برصغير جا وڏا ليڊر آهن، انهن وٽان سکڻ گهرجي، جِي ايم سيد پاڪستان ٽوڙڻ نه
ٿو چاهي، پر سنڌ سان محبت ڪري ٿو. آئون ڪوشش ڪري جِي ايم سيد سان سنڌ جي مسئلن
بابت ڳالهائيندس ته جيئن سالن جون غلط فهميون دور ٿين.“ (”جِي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ص-151)
جِي ايم
سيد چوي ٿو:
س: توهان
ويجهڙائيءَ ۾ اهو خيال ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن ضياءُالحق چاهي ۽ هو اوهان سان
ڳالهائي ته توهان ۽ غفار خان وٽ پاڪستان کي بچائڻ جو فارمولو (رٿا) آهي؟
ج: هاڻي
نئون پاڪستان پنجابين جو آهي (تنهنڪري) اهي پنجابي اسان سان گفتگو ڪن ته اسين
ڪنداسين، ان جو مطلب هو قبول ڪن ته آئين کي تبديل ڪندا، اسان کي مساوي حق ڏيندا يا
ڪجهه ٻيا معاملا جن تي ڳالهه ٿئي... مون هنن کي چيو آهي ته خان غفار خان پختونستان
جو حامي آهي، آئون سنڌو ديش جو حامي آهيان، بلوچستان وارا بلوچستان جا حامي آهن،
ان ڪري جيستائين انهن ڌرين سان گفتگو نه ٿيندي، تيستائين (پاڪستان) بچي ئي نه
سگهندو.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”برسات“،
15-21 جُون 1987ع، ص-5)
س:
جيڪڏهن هن سال (1984ع) چونڊون ٿيون، ته ڇا توهين حصو وٺندؤ؟
ج: اسان
هر قسم جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسون. (اها ڳالهه ڪرڻ جي باوجود حصو ورتائين. -ليکڪ). اسان کي هي آئين منظور ئي ناهي، ته چونڊون ڇا جون؟
اسين رڳو حڪومت جي تبديلي نه ٿا چاهيون، هڪ اهڙو آئين ٿا چاهيون جنهن ۾ مرڪز
وٽ رڳو دفاع، امور خارجه ۽ ڪِرنسي (سِڪي) جو حق هجي.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو،
8-فيبروري 1983ع، ظهير احمد ”1984 جا اهم خاڪا ۽
انٽرويو“، اردو ۾، ص-36)
11-
جيڪڏهن
پاڪستان کي بچائڻو آهي ته جنرل ضياءُ پير پاڳاري، خان غفار خان ۽ منهنجي وچ
۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي... اسان سڀ پير پاڳاري جا ايجنٽ آهيون (جيڪو خود پير
صاحب جي چواڻي فوجي هيڊڪوارٽر جو ايجنٽ آهي. -ليکڪ). هو چاهي ليگ ۾ هجي يا غير ليگ ۾ هجي، پنجاب پير پاڳاري کي خوش رکي، ته
پاڪستان بچي سگهي ٿو.“ (جِي ايم سيد جو بيان، ”جنگ“
اخبار، 18 مارچ 1987ع)
-
”جيڪي
ماڻهو پاڪستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ گهرن ٿا اهي غفار خان، پير صاحب پاڳاري ۽ مون
سان ڳالهائن (بلوچستان وارا ڪاڏي ڪري ڇڏيوَ؟ -ليکڪ) پهريائين مون پنهنجي ۽ غفار خان جي باري ۾ چيو هو، پوءِ پير پاڳارو آيو
ته مون چيو ته هو مسلم ليگ (جوڻيجو) جو رهنما ۽ ڪرتا ڌرتا آهي تنهڪري ان کي به
شامل ڪيو وڃي.“
(جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”اخبارِ
جهان“، 4-10، مئي 1987ع، ص-9، ڪالم-1)
(هيءَ سياست آهي يا ٻاراڻي کيچل؟ -ليکڪ).
رڳو
ڳالهيون، رڳو خيالي پلاءَ، رڳو ڏٽا، محترم بزرگ جِي ايم سيد صاحب رجعت پرست، غلط
سلط، ابتين سبتين، ٺلهين، ٻاراڻين، بي بنياد ۽ هوائي ڳالهين، خيالن ۽ ڏٽن جي هڪ
اهڙي ڏيڍ سـﺆ ماڙ ٺاهي ڇڏي آهي، جو مٿي چڙهڻ جو کيس به ڪو
رستو نظر نه ٿو اچي، اسان جو قبلو شاهه صاحب:
-
ڪڏهن
پاڪستان ٽوڙي ٿو ته ڪڏهن جوڙي ٿو.
-
ڪڏهن
پنهنجو ”سنڌو ديش“ شاگردن کان ٿو ٺهرائي، ڪڏهن دانشورن، ادبين ۽ شاعرن کان ته ڪڏهن
وڏيرڪي محلاتي جوڙ توڙ وسيلي، ڪڏهن پناهگيرن کان ٿو ٺهرائي ته ڪڏهن وري بين
الاقوامي قوتن کان، وٽس ان لاءِ ڪو به ٺوس پروگرام ڪونهي.
-
ڪڏهن
ماديت پسندن کي پَڏائي ٿو ته ڪڏهن وري انهن کي گاريون ٿو ڏي، ڪڏهن مذهبي رهبرن مان
ٿو وِڏون ڪڍي ته ڪڏهن وري پاڻ پيو ٿو روحاني بلاڪ ٺاهڻ جون خبرون ڪري.
-
ڪڏهن ”مهاجر-پنجابي
سامراج“ يا ”مهاجر-پنجابي مستقل مفاد“ کي ٿو دشمن ڄاڻائي، ڪڏهن مهاجر سامراج
(مستقل مفاد) کي گولي ڪيو پنجابي سامراج کي پيو گاريون ڏي ته ڪڏهن وري پنجابي
سامراج (يعني شاهوڪارن) ۽ ان جي محافظن کي پنهنجي خاص ويجهو سڏي ٿو.
-
ڪڏهن ”سنڌو
ديش“ الڳ رکي ٿو ته ڪڏهن انڊيا سان الحاق پيو ڪري، ته ڪڏهن وري انڊيا سميت پنجاب،
ايران، سعودي وغيره جو الحاق پيو ڪرائي.
-
ڪجهه
عوام دوست ماڻهن جي مخالفت ۾ ايتري حد تائين هيٺ لهي ويو آهي جو سڄي سنڌي عوام کي ”پنجاب
جو ايجنٽ“ سڏي غليظ گار ٿو ڏي.
-
وٽس سنڌي
عوام جي بنيادي مسئلن ۽ حقن بابت ڪو به ٺوس پروگرام ڪونهي، ان ڪري سنڌي عوام ساڻس
ساٿي ناهي ۽ هن کي سنڌي عوام تي ڪو به ڀروسو ڪونهي، بلڪ کيس پنهنجي وڏيرڪي طبقاتي
فطرت ۽ موقف سبب انهن کان وڏيرڪو ڊپ آهي، سندن واسطي نفرت ۽ حقارت آهي.
-
وڏيرن
واري اوطاقي ۽ حڪمرانن سان ميل ميلاپ ۽ جوڙ توڙ واري سياست پئي ڪئي اٿائين ۽ هن
وقت تائين وڏيرڪي طبقي جي مفادن واري ”جدوجهد“ پئي هلائي اٿائين ۽ سکڻي نعري
بازيءَ ۽ ڏٽي بازيءَ کان سواءِ ٻيو وٽس ڪجهه به ڪونهي.
-
هاڻوڪي
سائنسي دور ۾ جيئندي به جديد سائنسي انقلابي سوچن کان پنج سـﺆ سال پوئتي آهي.
-
گهڻي قدر
ڪيل ڪم غلط، بي بنياد، اجايا ثابت ٿيا اٿس جنهنڪري مايوسيءَ، چـڙ، بيوسيءَ، تيسي ۽
محروميءَ جي پنجوڙ ۾ ڦاسي ويو آهي، ۽
متضاد،
هوائي، بي بنياد ۽ بيڪار سوچن، ڳالهين ۽ عملن سبب مٿس ڪو به ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار
ناهي. شايد ان ڪري سندس هڪ معتقد کي لکڻو پئجي ويو ”پر افسوس جو سيد جا حمايتي
گهڻو وقت گڏ جٽاء نه ٿا ڪن.“ (قمر ڀٽي، ”جِي ايم سيد
جي سياسي زندگي“، ص-174)
باب ڏهون
آريسر جي اُڏام
عبدالواحد
آريسر جي ڪتاب ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ جي واکاڻ
ڪندي مهاڳ جا ”ٻه ٻول“ لکندڙ عبدالحڪيم ميمڻ لکيو، ”اسان ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان
تائين سنڌ جي محب وطن دانشورن ۽ اڳواڻن جا لکيل ڪتاب پهچائيندا رهون... انهيءَ سلسلي
۾ هن ڀيري سنڌ جي عظيم دانشور، تاريخدان، محب وطن اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين
محترم عبدالواحد آريسر جو هي ٻيو ڪتاب هن ئي اداري پاران ڇپائي پڌرو ڪري رهيا
آهيون جنهن مان آريسر صاحب جي ”مطالعي جي ميز تان تخيل جي اُڏام“ جي خبر پئجي سگهي
ٿي.“
پنهنجي
علمي اڪابري آريسر پاڻ به مختلف نمونن سان جهاڙائيندو رهيو آهي. ”برسات“ کي انٽرويو ڏيندي آريسر اها ڳالهه هيئن بيان
ڪئي:
”توهان منهنجي ڳالهائڻ مان اندازو لڳايو ته اسان وٽ ڪيتري
ڄاڻ آهي ۽ ڪيتري نه آهي. اسان جا باقائدي ڪلاسز ٿيندا آهن ۽ گڏجاڻيون ٿينديون آهن.“
(”برسات“، 27-مارچ - 13-اپريل 1987ع، ص-6)
خير، ”چانڊوڪيون
۽ چيٽ“ پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته آريسر جهڙا مٿاڇري ۽ ٻاراڻي سوچ رکندڙ ۽ لفظن جي
هير ڦير ڪري نسورو ڪوڙ، ٻٽاڪون ۽ زٽ هڻندڙ ماڻهو جيڪڏهن ”سنڌ جا عظيم دانشور،
تاريخدان ۽ محب وطن اڳواڻ“ سڏيا ويا ۽ جيئي سنڌ محاذ جا ليڊر آهن ته پوءِ سنڌي
دانش، تاريخ ۽ محب وطني ۽ سنڌي قوم جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ هونئن ته سڄو ڪتاب (ماڻهن
جي نالن کان سواءِ) نسورو ڪوڙ آهي پر اسان کي ان ڪتاب جي بنياد تي سندس دانش ۽ محب
وطنيءَ بابت ڪي سوال پڇڻا آهن. توهين به پڇو ۽ جواب ٻڌو:
مطالعي جي ميز تان تخيل جي پهرين اُڏام
”روپا! توکان پوءِ آءٌ چاند بيبي نه به ٿي سگهيس ۽ ڪنهن
ڪولهيءَ مون کي زال جي روپ ۾ قبول نه ڪيو ته به آءٌ پنهنجي ڪُک سائي ڪرائيندي
رهندس ۽ جيڪو نسل پيدا ٿيندو تنهن کي تنهنجو سبق پڙهائيندس ته آزاديءَ جي گهايل
تتر کي ڪارونجهر جي غفا مان ڪارونجهر جي چوٽيءَ (ڏانهن) عقاب وانگر اڏايو، ان وقت
ڪڍي، جيستائين هن ڌرتيءَ تان گوري جي پير جو آخري نشان به ختم ٿي وڃي.“
(عبدالواحد آريسر، ”چانڊوڪيون
۽ چيٽ“، ص-23)
”سنڌ جي
عظيم دانشور، تاريخدان، محب وطن اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين پنهنجي ”مطالعي
جي ميز تان تخيل جي اُڏام“ ان عورت بابت بيان ڪئي آهي جيڪا روپلي ڪولهيءَ جي زال
آهي. اهو روپلو ڪولهي جنهن جا پوئلڳ ”پورا پنج مهينا ٿر جا هٿيار (کڻي) ۽ ٿري
روايتي جنگ جوٽي انگريزن جي مقابلي ۾ بيٺا رهيا.“ (ص-21) ۽ جيڪو پاڻ مري گهڙيءَ
تائين انگريز پرمار خلاف وڙهندو رهيو.
اي آريسر!
روپلو ڪولهي سنڌي سورهيه هو ۽ سنڌي سورميءَ جو مڙس هو، ڪنهن وئشيا جو مڙس نه هو
جيڪا پنهنجي سورهيه مڙس آڏو سينو تاڻي ڳاٽ کڻي، تو وارو بيهودو ۽ بي غيرت اعلان
ڪندي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪولهيءَ کيس زال جي روپ ۾ قبول نه ڪيو ته به هوءَ پنهنجي ڪُک
سائي ڪرائيندي رهندي... ۽ ان ڪري پيدا ٿيندڙ نسل وري تو واري ”اُڏام“ موجب ڌارئي
پرمار خلاف ويڙهه ڪندو!
آريسر به
ته سنڌ ڌرتيءَ جي روپلي ڪولهي واري علائقي (ٿر) جو ماڻهو آهي ۽ هام ٿو هڻي ته هو
به ڌارئي پرمار خلاف وڙهڻ وارن مان آهي. ڇا هو پاڻ اهڙيءَ عورت جي پيٽ مان پيدا
ٿيڻ پسند ڪندو جيڪا پنهنجي ”مطالعي جي ميز تان تخيل جي اُڏام“ وسيلي بيان ڪئي
اٿائين؟
هن نه
رڳو روپلي ڪولهيءَ جهڙي سنڌي سرويچ کي گار ڏني آهي پر ڌارئي پرمار خلاف وڙهندڙ هر
جوڌي جي ماءُ کي گار ڏني آهي. هو جي پاڻ کي جوڌو ٿو سمجهي ته پنهنجي جيجل ماءُ جي
شانَ ۾ به سخت بي ادبي ۽ گستاخي ڪئي اٿس.
اسين هي
سٽون لکندي ڏاڍو ڏک محسوس ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن ڪنهن به پڙهندڙ کي ڏک ٿيو آهي ته ان
کان به معافي وٺون ٿا، پر اهي لفظ آريسر صاحب جي غليظ ذهنيت سبب لکڻا پئجي ويا آهن
۽ اسين کيس به عرض ٿا ڪريون ته سنڌ وطن جي ماروئڙن جي صدقي پنهنجي اهڙي گندي سوچ
پاڻ وٽ رکي. سنڌي سورهيه جي سرويچ زال ۽ ڌارئي پرمار خلاف وڙهندڙ جوڌن جي مائرن
بابت اهڙي بي غيرت، بيهودي ۽ واهيات سوچ... ”تخيل جي اُڏام“ ــــــ تي آريسر کي
جيڪر کولي ٻڌائجي پر ادبي فضيلت ائين ڪرڻ جي موڪل نه ٿي ڏي.
پڙهندڙ مهرباني ڪري هيٺين سوال جا جواب سوچن:
-
آخري مهل
۾ هڪ سورهيه جون سوچون ڪهڙيون هونديون آهن؟
اسان جي
خيال موجب هن کي ڏک هوندو آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌارئي پرمار جو پليت پير
پري نه ڪري سگهيو، کيس ڏڍ هوندو آهي ته هن پاڻ پوئين پساهه تائين پنهنجو پير پوئتي
نه هٽايو ۽ پُٺ نه ڏنائين ۽ کيس اميد هوندي آهي ته سندس پويان اڃا به ڪي ڪلي ڪوڏيا
ڪٽ مست ڪونڌر پيدا ٿيندا جيڪي ويريءَ کي سک سان ويهڻ نه ڏيندا.
پر روپلي
ڪولهي کي آڻ مڃائڻ لاءِ جڏهن انگريزن سندس مٿي تي پنوڙا رکي ۽ هٿن جي ترين ۾ آڱرين
تي (تيل) ٻڏل ڪپهه ويڙهي باهه ڏني، تڏهن ”عظيم دانشور“ جي ”تخيل جي اُڏام“ ٿي چوي
ته:
”کيس (روپلي ڪولهي کي) اهي راتيون ياد ڏياريون جيڪي ڪنهن جي گرم ارهن ۽ ڪوسي
جسم سان واسيل هيون. هن کي نوجوان ڪولهڻين جا راسوڙا ۽ مٽڪو راند ڪرڻ وقت گهاگهرن
جا گهيرا ۽ پيٽن جا پيچرا ياد آيا. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو...“
تخيل جي
هيءَ ”اُڏام“ ڪنهن جنسي جنونيءَ جي تصوير پيش ڪري ٿي يا ڪنهن ڌارئي پرمار خلاف
وڙهندڙ سنڌي سورهيه جون آخري گهڙيون؟!
ادبي
فضيلت سبب ئي اسين پنهنجي پاران ڪجهه نه ٿا چئون، باقي ايترو ضرور لکبو ته ڪنهن
سنڌي سورهيه جي آخري گهڙين بابت تخيل جي ”اُڏام“ تي پاڻ پڏائيندڙ کي جيڪڏهن دمڙيءَ
جيترو به سنڌي حياءُ هجي ته جيڪر ڪنهن گندي ڌٻڻ ۾ وڃي ٻڏي مري. روپلي ڪولهيءَ بابت
سندس تخيل جي سڄي ”اُڏام“ اهڙي گند سان ڀري پئي آهي.
”تخيل جي ٻي اُڏام“ ـــــــ تاريخي ڪوڙُ هڪ ”تاريخدان“
جو!
”هتي سنڌ ۾ سنڌي قوم ڀُٽي صاحب جي پٺيان لڳي پنجاب جي
غلاميءَ جو ڳٽ خوشيءَ سان پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو، جنهن کي اڃا تائين لاهڻ لاءِ تيار
ناهي.“
(عبدالواحد آريسر، ”چانڊوڪيون
۽ چيٽ“، ص-47)
(1)
ڇا ڀٽي صاحب کان اڳ سنڌ ۽ سنڌي قوم آزاد هئا؟
(2)
ڇا غلاميءَ جو ڳٽ سنڌي قوم پاڻ کي
پاڻ وڌو آهي يا اهو ڦاهو غدار سنڌي وڏيرا شاهي جو ڪارنامو آهي؟
پهرين
سوال جو جواب آهي ته ڀٽي صاحب کان اڳ به سنڌ ۽ سنڌي قوم آزاد نه هئا ۽ ٻي سوال جو
جواب اسين جِي ايم سيد جي ڳالهين سان ثابت ڪري آيا آهيون ته سنڌين جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ
جو ڳٽ غدار وڏيرا شاهي وڌو آهي ۽ ان عمل ۾ ”تاريخدان“ نادان جو اڳواڻ پاڻ به شامل
رهيو آهي.
”عظيم
تاريخدان“ سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڇو پيو ڪري؟
سندس
روحاني رهنما سنڌ جي پورهيت عوام کي ”پنجاب جو ايجنٽ“ سڏي غدار سنڌي وڏيرن تي ڍَڪ
پئي رکيو ته هي ان جو پوئلڳ وري سڄي سنڌي قوم جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهڻ جو ڏوهاري خود
سنڌي قوم کي ٺهرائي غدار سنڌي وڏيرن جو بچاءَ پيو ڪري.
ٻيو ته
اسين سنڌ ۽ سنڌين کي رڳو اڪيلي پنجاب جو غلام نه ٿا سمجهون، پر اسين سمجهون ٿا ته
پنجابي پناهگير ڦورو طبقو ۽ سندن ڇاڙتا سنڌي، بلوچ، پشتون، حاڪم طبقا پاڻ ۾ ٻٽ ۽
ٻانهه ٻيلي آهن ۽ انهن سمورين قوتن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي غلام بنائي رکيو آهي ۽ اهي
ئي قوتون آهن جن پاڪستان جي سڀني مظلوم قومن ۽ عوام جي ڀُٽي صاحب کان پوءِ نه، پر
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڦرلٽ پئي ڪئي آهي.
سنڌي قوم
جي غلاميءَ جو سبب (1) سنڌي عوام ۽ ڀٽو صاحب آهي (2) يا ظالم پنجابي قوم، ظالم
پناهگير ٽولو يا ظالم ۽ غدار سنڌي وڏيرا شاهي؟
جيڪڏهن
پهريون حصو ناهي ته پوءِ آريسر پنهنجي تاريخي ناداني انهن جي ڳچيءَ ۾ ڇو وڌي آهي ۽
جيڪڏهن ٻيو حصو آهي ته آريسر انهن کي ڍڪ ڇو ڏنو آهي؟
اهڙي ئي
لفظي لٻاڙ جي آڙ ۾ ساڳيو ئي الزام سنڌي قوم جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ چوي ٿو:
”پر عوام جي اها طاقت ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي غلط استعمال ٿيندي آهي ۽ پنهنجي ئي قوم،
ڌرتيءَ ۽ ان جي رهواسين جي تباهيءَ لاءِ استعمال ٿيندي آهي، جيئن هٽلر جي جرمنيءَ
۾.“ (ص-47)
سوال هي
آهي ته عوام جي طاقت جيڪڏهن غلط استعمال ٿيندي به آهي ته اهو غلط استعمال ڪير ڪندا
آهن، (1) عوام پاڻ يا (2) سندن حاڪم ٽولا؟
عوام جي
طاقت عوام جي ئي مرضيءَ سان استعمال ٿئي ته اها ڪڏهن به غلط نتيجا ظاهر نه ڪندي.
اسان جو خيال هي آهي ته ملڪ جا ڦورو، حاڪم ۽ ظالم طبقا، جاگيردار ۽ سرمائيدار عوامي
طاقت جي بهاني پنهنجي ۽ پنهنجن محافظن جي طاقت استعمال ڪندا آهن.
هٽلر ڪير
هو؟
جرمنيءَ
جي استحصالي سرمائيدارن جو نمائندو ۽ انهن جي ئي مفادن ۾ بيٺڪون ۽ مڏيون (مارڪيٽ)
هٿ ڪرڻ لاءِ فوجون وٺي دنيا تي چڙهي ويندڙ ڇاڙتو.
آريسرَ
هٽلر جي آڙ ۾ عوامي طاقت جي غلط استعمال جي ڳالهه خود عوام تي مڙهي ۽ عوام جي طاقت
۾ اچڻ جي نتيجن بابت شڪ شبها پيدا ڪري ٻه ڪم ڪري ٿو: (1) هو ماڻهن کي حڪم ٿو ڪري
ته عوام جي طاقت تي نه ڀاڙيو ]پر[ وڏيرن تي ڀاڙيو، ڇو ته عوام
وٽ طاقت ايندي آهي ته اها غلط استعمال ٿيندي آهي ۽ (2) ظالم ۽ ڦورو طبقن جو ذڪر ئي
نه ڪيو وڃي، اهي طاقت جو ناجائز استعمال نه ڪندا آهن.
آريسر کي
به پنهنجي اڳواڻ جيان جيئن ته اڄڪلهه ڪٽر گروهه پرست سنڌي دشمن مافيا ٽولي جي نمڪ
حرام رجعت پرست اڳواڻ ٽولي ۽ ڦورن سان پيارڙو ٿي پيو آهي ۽ انهن کي ”سنڌي قوم جو
اردو ڳالهائيندڙ حصو“ ڄاڻائي انهن جي ڪيل ڦرلٽ ۽ ٺڳين تي پردو وجهي حق حلال جي
روزي ڪمائي ٿو تيئن کيس سنڌي عوام کي غلام بنائي رکندڙ سنڌي ڦورو ۽ غدار زميندارن
سان به قرب آهي، نه ته سنڌي وڏيرا شاهيءَ جيڪو سنڌي عوام سان ظلم ڪيو آهي ان جو
ذڪر ڪڏهن نه ڪڏهن ته ڪري ها. سنڌ جي سموري تاريخ سنڌي وڏيرا شاهيءَ جي غدارين،
انڌيرن ۽ وطن دشمنن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن سنڌي وڏيرا شاهيءَ سنڌي عوام کي
جهالت، جهيڙن، بک ۽ بيروزگاريءَ جي پنجوڙن ۾ ڦاسائي ڪمزور ڪري نه رکيو هجي ها ته
ڪنهن به ڌارئي پرمار جي اها همت ئي نه ٿئي ها جو سنڌ تي ميري نظر وجهي سگهي ها.
سنڌ مٿان پنجابي-پناهگير ڦوروئن کي مڙهيندڙ به سنڌي وڏيرا شاهي آهي، جنهن اسلام ۽
پاڪستان جي ڪُوڙي حب جي آڙ ۾ سنڌي عوام کي واڳن جي وات ۾ ڏيئي ڇڏيو. ”اسلام ۽ پاڪستان
جي اڏاوت جي جذبي سان ٽمٽار“، سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس
ڪرائيندڙ هڪ بزرگ وڏيرو آريسر جو رهنما آهي، جيڪو چوي ٿو ته هُن کهڙي (جنهن بقول جِي
ايم سيد جي، ”سنڌ کي پنجاب جي پيرن تي رکيو“) کان به وڌيڪ ڪڌو ڪم ۽ ڏوهه ڪيو... ۽
هاڻي چوي پيو ته اها سندس غلطي هئي. غلطي کهڙي به مڃي هئي ته آريسر جي رهنما به. ۽
غلطي ته برابر هئي. پر ڇا ايترو چوڻ سان ان ظلم جو ازالو ٿي سگهندو جيڪو
پنجابي-پناهگير ڦورو سرمائيدارن، جاگيردارن، پنهنجن ڇاڙتن سميت بنگال، سنڌ،
بلوچستان ۽ سرحد ]خيبر پختونخواه[ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ
ڏينهن تائين پئي ڪيو آهي ۽ ڪن پيا؟
ٻين سيد
توڙي غير سيد وڏيرن سان گڏجي جِي ايم سيد جي ان ’غلطيءَ‘ سبب خاص طور بنگال ۽ سنڌ
تي لکين ماڻهن جو بار پيو، هزارين سنڌي هندو جهيڙا ڪري لڏايا ويا، سنڌ جون لکين
ايڪڙ آباد زمينون ڪُوڙن ڪليمن ۽ کڻتن ۾ هليون ويون، لکين دڪان ۽ گهر، وڏا وڏا شهر
۽ ڪارخانا، روزگار جا اهم وسيلا سنڌي ماڻهن کان کسجي ويا ۽ کسيا پيا وڃن، پاڪستان
ٺهڻ سبب ئي هاڻي پنجابين، پناهگيرن ۽ پٺاڻن سنڌ تي پنهنجا پنهنجا ”حق“ ڄمائڻ شروع
ڪيا آهن ۽ پاڪستان ٺهڻ جي ڪري ئي جيڪي هاڃا سنڌ سان ٿيا آهن اهي خود جِي ايم سيد
صاحب پنهنجن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڄاڻايا آهن. ڇا اهي سڀ هاڃا رڳو ”غلطي“ چوڻ سان ختم
ٿي ويا؟ ڇا کهڙي جي غلطي مڃڻ سبب ون-يونٽ ٽٽي ويو ۽ ڇا جِي ايم سيد صاحب جي غلطي
مڃڻ سبب سنڌ سان ٿيل بدمعاشين جو ازالو ٿي ويو؟
سنڌي
غدار وڏيرا شاهي جي رڳو هڪ ”غلطي“ سڄي سنڌي قوم جي وجود لاءِ خطرو بنجي وئي آهي ۽
ان ئي ”غلطي“ سنڌي قوم جي ڳچيءَ ۾ هاڻوڪي غلاميءَ جو ڳٽ وڌو آهي. ڏوهاري سنڌي عوام
نه پر سنڌي وڏيرا شاهي آهي. آريسر ڳالهه کي ابتو ڪري، تاريخداني جهاڙي، اهو سڄو ڦندو سنڌي عوام ۽ رڳو ڀٽي صاحب جي ڳچيءَ ۾ پيو
وجهي، ڇو؟
سنڌي
وڏيرا شاهي جو آريسر پاڻ به ڇاڙتو آهي تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته هو ان کي غدار نه
چوي. پر حقيقت اها آهي. هو جيئن ته عوام کي ڏوهاري سڏڻ وارن مان آهي، جيئن ته سندس
خيال موجب عوامي طاقت جو استعمال غلط ٿيندو آهي، تنهنڪري هو عوام تي ڀاڙڻ کي ڌوڪو
کائڻ برابر ڄاڻائي ٿو، جيئن ص-41 تي لکي ٿو:
”پيپلز پارٽيءَ جو ليڊر فوج کان ان ڪري شڪست کائي ويو جو هن فوج جي مقابلي ۾
ٻهراڙيءَ جي وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل بي شعور عوام کي اصلي طاقت سمجهي دوکو کاڌو.“ (ص-47)
آريسر جي
عوام دشمن رجعت پرست وڏيرا پرست ۽ سامراج پرست سوچ هنن سٽن ۾ صفا پڌري آهي. مٿين سٽن
جو صاف مطلب آهي ته ٻهراڙيءَ جي وسيع ايراضي ۾ پکڙيل ”بي شعور“ سنڌي ۽ ٻئي عوام کي
اصل طاقت نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته ان ڪري ڀٽو صاحب به ڌوڪو کائي ويو ۽ جيڪو ٻيو ائين
سمجهندو اهو به ڌوڪو کائيندو. پر ڪيئن به هجي، جيئن ته آريسر جي چوڻ مطابق ڀٽي
صاحب، عوام کي اصلي طاقت سمجهڻ (يا گهٽ ۾ گهٽ زبان سان ظاهر ڪرڻ) ڪري ڌوڪو کاڌو ۽
فوج کان هارائي ويو تنهنڪري ڪنهن جي طاقت تي ڀاڙڻ گهرجي؟ ان جو آريسر لڏي جي قول ۽
فعل مان جواب پڌرو پيو آهي يعني جنرل ضياءُ تي، پنجابي فوج ۽ ”خاص“ طبقي تي، سنڌي
دشمن مافيا تي ۽ غدار سنڌي وڏيرا شاهيءَ تي.
تخيل جي ٽين اُڏام ۽ لاکيڻو لينن
”منهنجي نظر ۾ لينن هڪ فلسفي، هڪ دانشور، هڪ سچو انقلابي ته
هو، پر ان سان گڏوگڏ هو هڪ سياسي ليڊر، پارٽيءَ جي هڪ طاقتور ڌڙي جو اڳواڻ پڻ هو.
ٻين لفظن ۾ آءٌ چوڻ چاهيان ٿو ته هو نهرو به هو، مجيب به هو ته ڀٽو پڻ.“
(”چانڊڪيون ۽ چيٽ“،
ص-45)
”هڪ سچو
انقلابي ته هو پر...“ ڇا مطلب آهي انهن لفظن جو؟
- هڪ سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ
پارٽيءَ جو اڳواڻ هجڻ ڏوهه آهي ڇا؟ (آريسر رڳو ”هڪ طاقتور ڌڙي“ جو اڳواڻ ڄاڻايو
آهي، حالانڪ هو پهريائين ته بيشڪ ڌڙي (بالشويڪ) جو اڳواڻ هو پر پوءِ اهو ”ڌڙو“ ئي
سچي پارٽي ثابت ٿيو.)
جيئن ته
لينن هڪ فلاسافر، هڪ دانشور ۽ هڪ سچي انقلابي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سياسي رهنما ۽ هڪ
پارٽي اڳواڻ هو تنهنڪري آريسر ”لينن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ لاءِ تيار“ ناهي.
(ص-45)
تخيل جي
هيءَ ”اُڏام“ لينن جي شخصيت، سوچ، ڏاهپ، علم ۽ تدبر ۽ ڪيل جدوجهدن کي ڪيرائڻ لاءِ
هڪ گندي سوچ آهي.
لينن
جنهن روس جي ڪروڙين عوام کي سجاڳ، متحد ۽ متحرڪ ڪري، ظالم زار شاهي ۽ ڦورو بدمعاشن
جا تختا اکيڙي، پير پٽي، پنهنجي پورهيت عوام کي سوڀارو ڪيو، جنهن قومي ظلم ۽ اڻ
برابريءَ جو خاتمو ڪيو، جنهن ڏيهه واسي عوام کي وڏو مانُ، آزادي ۽ عظمت ڏني، جنهن
سامراجي نظام ۾ رڦڻي وجهي ڇڏي ـــــــ اسان جي ڌرتيءَ تي اعلى انساني گڻن جو اوچو
نشان ـــــــ لينن، جنهن جي مٿير مانَ لاءِ تشبيهه ۾ آريسر جيڪو خسيس پَڻو ظاهر
ڪيو آهي، اهو تخيل جي اُڏام ته آهي پر گند جي ڍير ڏانهن اُڏام آهي ڏاڍي گندي تخيل
جي.
لينن جي
سوچن جي لکيل ذخيري بابت ]آريسر[ لکي ٿو ته ”اسين (آريسر وارا)
ان کي فڪر ۽ نظريي جي حيثيت نه ٿا ڏئي سگهون.” (ص-45)
آريسر
صاحب! لينن جي سوچن ۽ عمل کي تون فڪر ۽ نظريي جي حيثيت ڇو ڏيندين؟ (نظريي ۽ فڪر
لاءِ لينن جي سوچ تنهنجي محتاج ناهي.)
تون
وڏيرڪي نظام جو واتوڙي؛ ظالم ۽ مظلوم قوم ۾ فرق ڪري نه ڄاڻين، طبقو ڇا کي چئبو آهي
۽ طبقن جو ڪردار ڇا ٿيندو آهي، توکي اها به خبر ڪا نه، يا ان کان سوچي سمجهي انڪار
ڪندڙ. تون به ڪٽر گروهه پرست نمڪ حرام سنڌي-دشمن مافيا کي ”سنڌي قوم جو اردو
ڳالهائيندڙ حصو“ ڪري (ڊسڪو ڪامريڊ ارباب کهاوڙ جيان) ان جي ظلمن کي سنڌي قوم جي
کاتي ۾ وجهندڙ، تون سامراجي ڇاڙتي تنظيمن جي رجعت پرست قومي اتحاد جو غير مشروط
حمايتي، تون فوجي حڪومت جو ثناخوان، تون پنجابي فوجي جنرل کي نيڪ ۽ شريف سڏيندڙ جو
پوئلڳ، تو کي ڪهڙي خبر ته لينن ڇا هو؟
(تون ته اها ساڳي پنهنجي اڳواڻ واري سوچ ٻن لفظن ۾ ٿو ظاهر ڪرين ته عملي سياستدان
ابن الوقت هوندو آهي.)
-
لينن
مارڪس ۽ اينجلس جي انقلابي نظريي جو پوئلڳ، پرچارڪ، نگهبان ۽ واڌارڪ هو، هڪ عملي ۽
نظرياتي سياستدان،
-
لينن
سرمائيداري، وڏيرا شاهي، رجعت پرستيءَ جو وڏو دشمن هو،
-
لينن
مظلوم قومن جي حقيقي ڇوٽڪاري جو علمبردار هو،
-
لينن
قومي توڙي طبقاتي ظلم، بالادستيءَ ۽ غلاميءَ جو ويري هو،
-
لينن
سامراجي نظام خلاف وڏي ۾ وڏو مجاهد هو،
-
لينن روس
توڙي دنيا جي مظلوم قوت جو انقلابي اڳواڻ هو،
-
لينن
دنيا جي مظلوم پورهيت عوام ۽ قومن جو نجات ڏياريندڙ هو،
-
لافاني
لينن، اهو بي مثل املهه ماڻڪ جيڪو سڄي دنيا جي هر حق پرست، آزادي پسند، انصاف دوست
۽ انسان سڄڻ ماڻهوءَ، پارٽيءَ ۽ انقلابي جدوجهد جو نظرياتي اڳواڻ آهي، انسان هٿان
انسان جي ڦرلٽ کان پاڪ سماج جي پيڙهه رکندڙ، بي پناهه، اعلى انساني گڻن جو ڀنڊار
آهي.
لينن
بابت آريسر جي سوچ (ڪجهه لفظن کان سواءِ) غلط، ڏنل مثال بيهودا ۽ ڳالهيون ذهني
پستيءَ جو چٽو مثال آهن.
”تخيل جي چوٿين
اُڏام“ ۽ ڪُوڙ جا پير!
”فاضل راهوءَ جي چاليهي ۾ سنڌ جا هزارين پٽ ۽
ڌيئرون موجود هئا... انهيءَ ساري هجوم ۾ آءٌ اڪيلو مقرر هوس جنهن کي اڌ ۾
ڳالهائيندي روڪيو ويو.“
(عبدالواحد آريسر، ”چانڊڪيون ۽
چيٽ“، ص-81)
آريسر جي
هيءَ اُڏام واقعي ڏاڍي وڏي اُڏام آهي، ايڏي وڏي ۽ ايڏي اوچي جو ان جا پير ئي نظر
نه ٿا اچن. نَڪ جي پڪائي ۽ نسورو ڪوڙ ٻئي پاڻ ۾ ملائجن ته ٺهندو آريسر جو هيءُ زٽ،
جيڪو لڳ ڀڳ ٽي لک انساني اکين جي ڏٺل ڳالهه کي ابتو ڪرڻ آهي. آريسر جي سڄي تقرير
ريڪارڊ ٿيل آهي، ڪو به ٻڌِي آريسر جو ڪوڙ اڄ به پڪڙي سگهي ٿو.
حقيقت
هيءَ آهي ته جيئي سنڌ تحريڪ اڪيلي مهمان تنظيم هئي جنهن جي ٻن نمائندن، آريسر ۽
حميده کهڙو کي تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو هو. باقي اسان جا دوست آريسر کي ڳالهائڻ
لاءِ ڏهه ڪلاڪ ته نه پيا ڏئي سگهن ته جيئن هو نقلي ترقي پسندن جي پراڻي چال جيان
ماڻهن کي کٿ ۽ بيزار ڪري ڀڄائي ڇڏي. شهيد فاضل جي چاليهي ۾ ماڻهو رڳو آريسر جي
تقرير ته ٻڌڻ لاءِ ڪو نه آيا هئا.
”تخيل جي پنجين اُڏام“ ۽ ايم آر ڊي جو ڏوهه!
پر آريسر
مٿين ڪوڙ کان به وڌيڪ وڏو ڪوڙ ايم آر ڊي جي هلچل بابت هنيو آهي. ڪوڙ جو گهاڙيٽو
هيئن گهڙيو اٿس:
”ايم آر ڊِي جي هلچل شروع ٿيڻ کان اڳ صدر پاڪستان سنڌ ۾ آيو هو ۽ هن گهڻو
ڪري ميرپورخاص ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ”سنڌي ماڻهو اڃا به ست سال مارشل لا
رکڻ ۾ نه رڳو خوش آهي پر ان جو پُرزور مطالبو آهي ته اڃا ست سال مارشل لا رهڻ
گهرجي.“ فوجي جنتا سان سنڌين جي عشق واري ڳالهه سنڌين لاءِ سياسي گار هئي ۽
جڏهن تحريڪ شروع ٿي تڏهن سنڌين ان سياسي گار جو جواب گار سان ڏيڻ بدران
پنهنجي روايت پٽاندر ڪهاڙيءَ جي وار سان ڏنو. اهڙيءَ ريت اها تحريڪ تشدد
پسند تحريڪ ۾ بدلجي وئي.“ (عبدالواحد آريسر، ”چانڊڪيون
۽ چيٽ“، ص-72)
(1)
جنرل ضياءَ ڏني سياسي گار، گار ملي سنڌي عوام
کي، گار هئي ته سنڌي ماڻهو اڃا وڌيڪ عرصو مارشل لا رکڻ گهرن ٿا.
(2)
سنڌين ان سياسي گار جو جواب
ڪهاڙيءَ جي وار سان ڏنو يعني ايم آر ڊِي جي هلايل تحريڪ جنرل ضياءَ جي سياسي گار
جو جواب هئي.
(3)
آريسر جي لفظن موجب سنڌي ماڻهن کي
جنهن صدر (جنرل ضياءَ) ڏني سياسي گار، ان کي آريسر جي اڳواڻ سڏيو نيڪ ۽ شريف النفس
انسان، ۽ جن سنڌين جنرل ضياءَ جي سياسي گار جو جواب ڪهاڙيءَ جي وار سان ڏنو، انهن
کي آريسر جي اڳواڻ سڏيو اقتدار جا بکيا، قبرن جي مجاوريءَ لاءِ گڏ ٿيل ڪفن چور ۽
پنجاب جا ايجنٽ!
(4)
اسان سنڌي ماڻهو گار جو جواب ڏيڻ
غيرت جو ڪم سمجهندا آهيون.
ان بنياد تي سنڌي عوام جو غدار ڪير سڏجي؟
(1)
اهو سنڌي عوام، جنهن غيرت جو مظاهرو ڪيو، يا،
اهو ٽولو جنهن ان سنڌي غيرت جي مظاهري جي رذيل
مخالفت ڪئي؟
(2)
اهو سنڌي عوام جيڪو ڊڪٽيٽريءَ
خلاف وڙهيو، يا اهو وڏيرڪو ٽولو جنهن گهرن ۾ ويهي رهڻ جا درس ڏنا ۽ گاريون ڏيندڙ
کي اشراف سڏيو؟
(3)
اهي ڌريون جن سنڌي عوام جو پاسو
ورتو، يا، جن فوجي جنتا جو پاسو وٺي ان سان ياري نڀائي؟
(4)
”ڀُـٽي
۽ سندس پارٽيءَ جي مخالفت ڇو؟“ جِي ايم سيدَ قمر ڀٽيءَ کان لکرائي، جنرلن ۽
فوج جي اقتدار (مارشل لا) کي ڊگهو ۽ پڪو ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏيڻ وارو ڪم سنڌي عوام
لاءِ ساڳي ئي قسم جي گار ڇو نه ليکجي؟
ايم آر
ڊِي جي هلچل بابت آريسر جيڪا ڪوڙ بياني ڪري ٿو, ان کي ته جهٽ کان پوءِ ڇنڊيون ٿا, پر پهريائين هڪ سوال ته آريسر جي چوڻ موجب جن سنڌي ماڻهن ”سياسي
گار“ جو جواب ڏنو، انهن سان سنڌي سياسي ڌريون ڪهڙيون هيون؟
سڀني کي خبر آهي ته اسان جي اڳواڻ ساٿين رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو جي
اڳواڻيءَ هيٺ هلندڙ عوامي تحريڪ سنڌي عوام سان گڏ هئي ۽ ان به غيرت جو مظاهرو ڪيو.
قوم
پرستي، وطن دوستي، دانشوري، تاريخداني ۽ سنڌ وطن جي واحد پارٽي جي هام هڻندڙ ٽولي
کي ”سياسي گار“ ٻڌڻ کان پوءِ به غيرت نه آئي! گند مٿان لٺ وري اها ته اهو
ئي (آريسر جو چوڻ موجب)سنڌي غيرت جو مظاهري جو مخالف ٽولو انهيءَ سنڌي عوام
کي ”پنجاب جو ايجنٽ“ ۽ ”ڪفن چورن جو اجتماع“ ٿو سڏي ۽ نندي!
ڪيڏي نه
عجيب ڳالهه آهي! ”پنجاب جي ايجنٽن“ (يعني سنڌي عوام) پنجابي جنتا خلاف ويڙهه ڪئي!
۽ جيڪي پاڻ کي قوم پرست ۽ سنڌي عوام جا فنائي ۽ فدائي ٿا سڏين، انهن پنجابي جنتا
خلاف نه رڳو ڪا به ويڙهه نه ڪئي پر رهندو غيرت جو مظاهرو ڪندڙن کي ويهي گاريون
ڏنيون!
جيڪو
ٽولو سڄو ڏينهن وات هڻي ٿو، ”ديش“ ”ديش“ ڪندي گـڦ نه ٿي بيهيس، بظاهر پنجاب
کي پنهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن ڄاڻائي ٿو ۽ هر گهڙيءَ دڙڪو ڏيندو رهي ٿو ته سنڌي
ماڻهو گار جو جواب ڪهاڙيءَ جي وار سان ڏيندا آهن، اهو ٽولو گار جو جواب ڏيڻ وقت نه
رڳو پڙ ۾ نه ٿو لهي پر ڊوڙي وڃي پنجابي فوج سان ياري نڀائڻ لڳي ٿو!
پنجاب جو
ايجنٽ ڪير چئجي؟
-
اهو سنڌي
عوام جنهن پنجابي فوج سان مقابلو ڪري ٿو، يا، جيڪو پنجابي فوجي حڪومت جي ياري
نڀائي ٿو؟
-
هڪڙو
ماڻهو (فوجي جنرل) سنڌي ماڻهن کي گار ڏي ۽ ٻيو ماڻهو (سنڌ جي واحد پارٽي جو
دعويدار) ان فوجي جنرل کي نيڪ ۽ شريف النفس چوي ته ان جنرل جهڙي، جنرل کي نيڪ ۽
شريف النفس چوندڙ نيڪ ۽ شريف النفس ماڻهوءَ کي ڇا سڏجي؟
ٻي ڳالهه
ته آريسر ايم آر ڊِي پاران هلايل تحريڪ کي تشدد پسند تحريڪ سڏي ٿو ۽ فوجي حڪومت جي
تشدد جي ڳالهه ئي نه ٿو ڪري، ڇو؟
تشدد ايم
آر ڊِي جي تنظيمن يا سنڌي عوام ڪو نه ڪيو هو. تشدد ته جِي ايم سيد صاحب جي نيڪ ۽
شريف النفس انسان جي ڪمان هيٺ هلندڙ جنتا، ’پنجابي‘ فوج ۽ پوليس ڪيو هو، فوجي
ڪورٽن ڪيو هو. پُرامن نموني گرفتاريون ڏيندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن ۽ انهن جي
وارثن تي تشدد ته ڪيو ئي پئي ويو پر ڪيترن ئي هر طرح (سرڪاري قانون موجب به) بي
ڏوهن ۽ معصوم ماڻهن کي ڏاڍ، ظلم ۽ انڌير جو نشانو بنايو، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گولين
جو وسڪارو ۽ بمن جو ڌوڙيو لائي ڏنو ويو ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل ساڙيا ويا هئا، تشدد ”شريف
النفس“ جي بڇيل لوڌ ڪيو هو، بيڏوهي پرامن سنڌي ماڻهن نه. فوج ۽ پوليس بدران تشدد
ڪرڻ جو الزام آريسر سنڌي ماڻهن تي مڙهي ”پنجابي“ فوجي عملدارن، سپاهين ۽ پوليس کي
بي ڏوهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ٽين
ڳالهه ته 83ع واري جدوجهد پاڻمرادو ڪا نه هلي پئي هئي. اها هلچل باقاعدي ايم آر
ڊِي جي پروگرام هيٺ هلائي وئي هئي. ان جو اعلان ۽ تياري اڳواٽ ڪيل هئي، گرفتاريون
ڏيندڙن جو لسٽون تيار ڪيل هيون ۽ ايم آر ڊِي ۾ شريڪ مختلف سياسي ڌرين جي ڪيترن ئي
ڪارڪنن پرامن نموني گرفتاريون ڏنيون به، (ان ڪري جِي ايم سيد-آريسر ٽولو ان کي
پاڪستان بچايو تحريڪ به سڏيندو آهي). پر جڏهن فوجي جنتا اندرون سنڌ ۾ ”ڌاڙيلن کي
ناس ڪرڻ“ جي بهاني سنڌي عوام ۽ سياسي ڪارڪنن مٿان اگهاڙي تشدد تي لهي آئي تڏهن
فوجي جنتا خلاف وسيع تر احتجاج جي باهه ٻري پيئي.
آريسر جو
تخيل ڪُوڙن ٺاهڻ ۽ سنڌي عوام کي ڏوهي بنائڻ ۽ فوجي جنتا کي بي ڏوهو قرار ڏيڻ جي
فيڪٽري آهي.
”تخيل جي ڇهين اُڏام“ ـــــــ
بيهودي سوچ جو اعلى شاهڪار
”اي اورنگزيب! تون ڪيڏو نه ڪٺور آهين جو پنهنجي حسين ۽ باذوق ڌيءَ کي سموري
حياتي محبوب جي گرم ڀاڪرن ۽ انڊلٺي چمين (سبحان الله! ڇا اڦٽ-مار ”رنگين“ تشبيهه
آهي! بي مغز لٻاڙ براءِ لٻاڙ ۽ يخي براءِ يخي هڻي هڻي لکنوي دهلوي ٿي پوڻ جي انڌي
شوق ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا نه ”واڌارا“ ڪري ڇڏيا ويا آهن! انڊلٺي چميون! پوءِ ته
ٻين سمورن قصن کي به ”رنگين“ بنائڻ کپي، مثلاً واڱڻائي ڀاڪر، ساوا ٻَک، پيلا چَڪ،
سفيد وصال، ڪارا وڇوڙا، وغيره وغيره. -ليکڪ)
کان محروم رکي ڇڏيئه سو رعيت کي ڪهڙي محبت ڏئي سگهيو هوندين.“ (عبدالواحد آريسر، ”چانڊڪيون ۽ چيٽ“،
ص-29)
تخيل جي
هيءَ ”اُڏام“ آريسر جي ذهني پستي ۽ بيهودي سوچ جو زبرو شاهڪار آهي.
اسين اورنگزيب
کي يقيناً ڪٺور، بيرحم، سنگدل ۽ سفاڪ قاتل حڪمران سمجهون ٿا پر ان ڪري نه، جو هن
پنهنجي حسين ۽ باذوق ڌيءَ کي محبوب جي گرم ڀاڪرن ۽ انڊلٺي چمين کان محروم رکي ڇڏيو
(ڌيءُ جي شادي نه ڪرائڻ برابر خراب ڪم آهي)، پر ان ڪري جو هن ڌرتيءَ جي هزارين
ماڻهن کي غلام بنايو ۽ آزادي پسندن کي باغي ۽ فسادي سڏي انهن جو ڪوس ڪرايو.
جڏهن ته
مٿئين ٽُڪري ۾ آريسرَ محبت ڏئي سگهڻ جو معيار اهو مقرر ڪيو آهي ته هُن پنهنجي حسين
۽ باذوق ڌيءَ کي...
ڇا اهو
به ڪو محبت ماپڻ ۽ ڪٺورتا جاچڻ جو مکيه معيار آهي؟
ڪيڏي نه
جهالت ڀري ڳالهه ڪئي آهي هن ”عظيم دانشور“!
جن ماڻهن
پنهنجين ڌيئرن جي شاديءَ ۾ رنڊڪ وِڌي آهي، انهن برابر برو ڪم ڪيو آهي، پر ان کي
رعيت سان محبت جو معيار مقرر ڪري نه ٿو سگهجي.
آريسر جي
لفظن موجب ان جو مطلب ته اهو ٿيندو ته هر اهو رعيت يا راڄ رکندڙ ماڻهو ــــــ بادشاهه،
شهنشاهه، جاگيردار يا مرشد ــــــ جنهن پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائي هجي سو لازمي
طرح عوام جو عاشق هوندو. پوءِ ته جيڪي حڪمران طبقي جا ماڻهو، وزير، امير، سمگلر،
هيروئن فروش، سرمائيدار، جاگيردار ڪروڙين خرچ ڪريو پنهنجين ڌيئرن کي ڏاج ڏيئي،
شاديون ڪرايو، عوام جي دولت پيا اُڏائين تن جهڙو عوام دوست ته دنيا ۾ ٻيو ڪو نه
ٿيندو!
ڪيڏو نه
وڏو گندو ڍير آهي آريسر جي سوچ! اسين ادبي فضيلت سبب ئي هن گند ڪچري بابت وڌيڪ
ڪجهه به نه ٿا لکون، پر ايترو ضرور چونداسون ته آريسر جيڪڏهن پنهنجن جملن جي معنى
۽ مطلب سمجهي ٿو ۽ ذرو به اڳيان پٺيان سوچ ڪيائين ته پنهنجين تخيلقي اڏامن نه پر
گند ڪچري جي هن ڍير ”چانڊڪيون ۽ چيٽ“ جي ٻئي
ڇاپي مان گهٽ ۾ گهٽ اها هڪ بيان ڪيل غلاظت ضرور ڪڍي ڇڏيندو.
ماڻهو
چوندا آهن ته آريسر پنهنجي ذهني ۽ جنسي ناآسودگيءَ جي تسڪين لفظن وسيلي حاصل ڪندو
آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لڳ ڀڳ هر تقرير ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح مقدس ٿـڻن، گرم
ڀاڪرن، انڊلٺي چُمين، تمام گهڻي ويجهڙائيءَ وغيره جو ذڪر موجود رهندو آهي. اسين ان
تي تبصرو نٿا ڪريون.
هڪڙي
اخلاقي ۽ ادبي فضيلت اها به هوندي آهي ته جيڪڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي ڪنهن به ڪتاب يا
ڳالهه ٻول ۽ تقرير ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يا ليکڪ جا لفظ يا ٽڪرو بيان ڪري ۽ لکي ته
ان کي حوالي سان ظاهر ڪري، ان لکڻيءَ يا قول جو اعزاز مالڪ کي موٽائي ڏي، پر آريسر
پنهنجي دانشوري ۽ تاريخداني ڏيکارڻ جي جوش ۾ ايترو ته ڪِري پيو آهي جو هو اهڙن
حوالن جي نشاندهي نه ڪري، چوريون ڪرڻ لڳي ٿو. ”سنڌي
سماج جو جائزو“ نالي هڪ ڪتاب هن ”عظيم دانشور“ لکي ڇپرايو آهي. ان ۾ مختلف
جاين تي اسان جي اڳواڻ ساٿي رسول بخش پليجي جي ڪتاب ”صبح
ٿيندو“ مان جيڪي چوريون ڪيون آهن، اسين انهن مان هڪ ٻن جي نشاندهي ڪريون
ته:
(1)
”1903ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو صحيح معنى ۾
بنياد رکيو ويو، ان پارٽي ڪانگريس پنهنجي پروگرام جي قلم-9 ۾ گهُر ڪئي ته ”روس جي
غلام قومن کي پنهنجي سياسي مستقبل جي پاڻ فيصلي ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي.“ انهي فقري
جي خلاف مها روسي ذهنيت رکندڙ روسي سوشلسٽن
زبردست اعتراض ڪيا ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قومي مسئلي کي اهميت ڏيڻ انقلاب
دشمني آهي. انهي ڪري 1912ع جي پڇاڙيءَ ۾ لينن جي هدايت تي اسٽالن پنهنجو جڳ مشهور
مقالو ”مارڪسزم ۽ قومي سوال“ لکيو جنهن ۾ قومن
جي حقن ۽ قومي جدوجهد جي انقلابي نڪتهء نظر کان روشني وڌي وئي. 1913ع ۾ لينن قومي
جدوجهد جي مسئلي تي پنهنجي مشهور مقالن جو سلسلو شروع ڪيو.“ (رسول بخش پيلجو، ”صبح ٿيندو“، ڇاپو ٻيو، ص-116-117)
(عبدالواحد آريسر، ”سنڌي سماج جو جائزو“، ص-22-23)
(2)
”ٽي انٽرنيشنل جي ٻي ڪانگريس انهي نتيجي تي پهتي
هئي ته، ايشيا، آفريڪا ۾ قومي جدوجهد لازمي طرح وچين طبقي جي سرمائيدار جمهوري
جدوجهد هوندي. (”صبح ٿيندو“، ص-121) آفريڪا جي
انگولا، موزمبيق، گني ۽ ٻين تمام پوئتي پيل علائقن جي هٿياربند قومي جدوجهدن اڃا
به هڪ وک اڳتي هلي اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاري آهي ته قومي جدوجهد اهڙن به ملڪن ۾
هلائي سگهجي ٿي جتي ڪو خاص مزدور طبقو ناهي. اهڙين خاص حالتن ۾ هڪڙيءَ ننڍڙيءَ قوم
جا پورهيت هاري جيڪڏهن دنيا جي پورهيت انقلابي نظريي سان هٿياربند ڪيا وڃن ۽
انقلابي پورهيت حڪمت عملي ۽ چالن کان ڪم وٺن ۽ جنگ جي اصولن مطابق هٿياربند عوامي
جدوجهد هلائن ته اهي به عوامي قومي انقلاب آڻي (قومي آزادي جي واسطي سان
ــــــ آريسر) سوشلسٽ انقلاب جي منزل تي رسي سگهن ٿا.“ (”صبح
ٿيندو“، ص-122)
(”سنڌي
سماج جو جائزو“، ص-23-24)
هيءَ ”عظيم
دانشوري“ آهي يا چوري ۽ لليچائي؟
(بس،
آريسر جيڪا ”دانش“ ظاهر ڪئي آهي اها عوامي قومي انقلاب جي اکرن کي بدلائي
ان جي بدران قومي آزادي جي واسطي سان جا اکر عوامي انقلاب جي ڳالهه کي گولي
ڪرڻ آهي. ظاهر آهي ته وڏيرڪن ڇاڙتن کي عوامي انقلاب سان روايتي دشمني هوندي آهي.
ڇا ”ڌاريا“ نظريا اختيار ڪندڙ سنڌي ناهي؟
هي ٽولو
سوشلزم ڏانهن عوام جي وڌندڙ وک ۽ دلچسپي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ساڌن سان سنمُک ڪرڻ
لاءِ اهو به چوڻ لڳندو آهي ته اهي سوشلزم جا ڏاڍا حمايتي آهن. ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن
ميار لاهيندي چوندا آهن:
(1)
”سوشلزم اسان جي چئن نعرن ۾ شامل آهي.“ (عبدالواحد
آريسر جو انٽرويو، ”عبرت مئگزين“، 15- جولاءِ
87، ص-42)
(2)
”اسان جي قومي آزادي واري جماعت (جيئي سنڌ
تحريڪ) جو بنياد ئي هيٺين چئن اصولن تي ٻڌل آهي: (1) قوم پرستي، (2) سيڪيولرزم، (3)
سوشلزم، ۽ (4) جمهوريت“. (قمر ڀَٽي، ”جي ايم سيد جي
سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ص-30)
سڄيءَ
دنيا جي هر ٿوري گهڻي پڙهيل ماڻهوءَ کي خبر آهي ته سوشلزم سائنسي ڪميونزم جو
پهريون ڏاڪو، پورهيت انقلاب کان پوءِ قائم ڪيل پورهيت آمريت، ذاتي ملڪيت (جنهن
ملڪيت وسيلي ٻئي ماڻهوءَ جي پورهيي ۽ پورهيي جي سگهه جي ڦرلٽ ڪري سگهجي) کي ختم
ڪري گڏيل ملڪيت جو سرشتو قائم ڪرڻ وغيره جو هڪ مڪمل نظام حيات آهي، پر هي جيڪي چون
ٿا ته سوشلزم سندن پروگرام ۾ شامل آهي، ڪميونزم بابت لکن ٿا:
1-
”ڪميونزم
طبقاتي مخالفت جي بنياد تي ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو پرچارڪ رهيو آهي.
2-
ڪميونسٽ
نظرين کي پکيڙڻ لاءِ خوني انقلاب ضروري ڄاتو وڃي ٿو.
3-
ڪميونزم
مقصد جي حصول لاءِ هر قسم جي طريقن استعمال ڪرڻ جو حامي آهي جنهنڪري بري ڀلي جو
تفاوت نه ٿو رهي.
4-
ڪميونزم
قومن ۽ شخصن کان زياده پنهنجي نظرين کي اهميت ڏيندڙ آهي، تنهنڪري قومي ۽ ذاتي مفاد
کان طبقاتي مفاد جي نظريي کان وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪميونزم وٽ
قومي آزادي ثانوي درجو وڃي وٺي ٿي ۽ طبقاتي جنگ ۾ ويساهه رکڻ ڪري ڪميونزم اڻ سڌي
طرح طاقتن جي متحد محاذ ٺاهڻ جو مخالف بنجي ٿو.“
(قمر ڀٽي، حوالو ساڳيو، ص-68 ۽ جِي
ايم سيد، ”سنڌو جي ساڃاهه“، جلد ٻيو، ص-52)
اهڙيون
ئي رجعت پرست ۽ ٻاراڻيون سوچون اڳ ۾ به جِي ايم سيد جي انٽرويو جي حوالي سان
سوشلزم ۽ سوشلسٽ ملڪن بابت بيان ڪري آيا آهيون. انهن کان به وڌيڪ چٽ، جاهل سوچ قمر
ڀٽي هيئن ظاهر ڪري ٿو:
”تنهنڪري آءٌ به چوان ٿو ته جيڪو سنڌي ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح ڌارين ماڻهن يا
ڌارين نظرين جو حامي ۽ حمايتي آهي، اهو جيئي سنڌ وارن جي نظر ۾ سنڌي ناهي!“
مٿين
لفظن جو مطلب صاف ظاهر آهي ته هر اهو ماڻهو سنڌي ناهي جيڪو سڌي يا اڻ سڌي طرح
”ڌارين“ نظرين جو حامي آهي، يعني قمر ڀٽي جي لفظن ۾ پاڻ قمر ڀٽي، جِي ايم سيد ۽
سندن ٽولو سنڌي ناهن، ڇو ته اهي سوشلزم، سيڪيولرزم، قوم پرستيءَ وغيره جهڙن ”ڌارين“
نظرين جي حامي هجڻ جي هام هڻن ٿا ۽ ان جو مطلب هي به آهي ته:
جِي ايم
سيد، قمر ڀٽي، آريسر ٽولي جي نظر ۾ نه رڳو اهي پاڻ سنڌي ناهن پر سنڌ جو هر اهو
رهاڪو جيڪو (1) سوشلزم ۽ ڪميونزم جو حامي، (2) سيڪيولرازم جو حامي، (3) قوم پرستيءَ
جو حامي، (4) اسلام جو حامي ۽ (5) تصوف جو حامي آهي، اهو سنڌي ناهي. جيڪڏهن سنڌي
هجڻ جو معيار اهو رکيو ويو ته پوءِ نيٺ سنڌي بچندو ڪهڙو؟ قمر ڀٽي سنڌي ڳولي ڏيکاري.
جهالت جا ڳٽڪا
”جيڪڏهن ڪو مون کان پڇي ته تون ڌارئي مزدور جي پرولتاريه
ڊڪٽيٽرشپ ۾ جيئڻ پسند ڪندين يا پنهنجي بورزواري ڊڪٽيٽرشپ ۾، ته مان قوم پرست هئڻ
جي ناتي ڌارئي جي غلاميءَ کان سنڌي حاڪميت جي غلاميءَ ۾ زندهه رهڻ کي ترجيح ڏيندس.“
(قمر ڀٽي، ”جي ايم سيد جي
سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ص-79)
ڪيڏي نه
جاهل، ٻاراڻي، بي بنياد ۽ بيوقوف سوچ آهي هيءَ! هن ويچاري کي ته سوشلزم جي الف-ب
جي به خبر ناهي. قطعي ناجائز ۽ غلط ڊائلاگ. جڏهن به پورهيت ڊڪٽيٽرشپ هوندي آهي ته
اها هڪ ته ڌارئي جي نه هوندي آهي ۽ ٻيو ته اصولاً پورهيت ڊڪٽيٽرشپ هيٺ قومي غلامي
ٿيندي ئي ناهي يا گهٽ ۾ گهٽ ٿيڻ ئي نه گهرجي.
-
سوال
هيئن ٿيڻ گهرجي ته توهين سنڌي پورهيت عوام جي انقلابي ۽ سوشلسٽ ڊڪٽيٽريءَ هيٺ جيئڻ
پسند ڪندؤ يا سنڌي جاگيدار ۽ سرمائيدار جي وڏيرڪي
ڊڪٽيٽريءَ هيٺ؟
جِي ايم
سيد ٽولي جي راهه ته نه رڳو سنڌي جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ڊڪٽيٽريءَ پر ڌارين ڦورن
جي به ڊڪٽيٽريءَ هيٺ وڃڻ جي راهه آهي. جڏهن ته اسين ڪنهن به ڌارئي ڦوروءَ يا سنڌي
بدمعاش جي ڊڪٽيٽريءَ جي واهه ڪاٽي سنڌي پورهيت عوام جو راڄ قائم ڪرڻ چاهيون ٿا
جيڪا عوام لاءِ جمهوريت، ۽ ڦورو بدمعاش لاءِ آمريت آهي.
آريسر
پنهنجيءَ جهالت جو اظهار هيئن ٿو ڪري:
”مارڪس جو پرولتاري دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڪونهي. اسين
جيڪڏهن اصطلاحن جي چڪر ۾ نه پئون ته اوهان کي اهو پرولتاري هاري به
فقط سنڌ ۾ نظر ايندو، جنهن وٽ وڌ کان وڌ پنهنجي ٻڪري ٿي سگهي ٿي.“
(عبدالواحد آريسر جو انٽرويو، ”عبرت مئگزين“، 15- جولاءِ 87، ص-42)
چوندا آهن ته ”ڀلان ڀلي جو ڇيهه
ئي ڪونهي“، پر هتي ته قصو ان جي قطعي ابتڙ آهي. يعني رد کان آزادي جو ڪو ڇيهه ئي
ڪونهي.
”پرولتاري
هاري!“، ”اصطلاحن جو چڪر!“ زبردست جهالت جون ڳالهيون آهن، شايد نامور جاهلن کي به
ڪنن ۾ پادر وجهرائي ڇڏن.
-
پرولتاري
هاري به ٿيندو آهي ڇا؟
-
اصطلاحن
جي ”چڪر“ ۾ نه پئبو ته ٻوليءَ جو حشر ڇا ٿيندو؟
ڇا ان
بهاني جاگيردار، سرمائيدار، سامراجي، استحصالي، طبقي، قوم، ظالم، مظلوم وغيره جهڙا
هزارين لفظ ۽ اصطلاح گم ڪرڻ جي سازش ته نه پئي ڪئي وڃي؟
هن جاهل
کي ته اصطلاحن جي معنى ۽ مفهوم ۽ اهميت جي به خبر ناهي. ڪنهن تنظيم جو اڳواڻ ايڏو
ڄٽ به ٿي سگهي ٿو!
توهان کي
اسين سنڌ ساڻيهه جو قسم وجهي ٿا چئون ته، اسان تي ٿورو ڪري ئي سهي، ڪجهه ته پڙهو،
سنڌيءَ سان گڏ انگريزي ۽ اردو پڙهي نه ٿا سگهو ته رڳو سنڌي ئي پڙهو، سنڌي ۾ به سٺن
ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، ”ڪميونسٽ پڌرنامو“
پڙهو، ”ويٽنامي انقلاب“ پڙهو، ”قومي مسئلي جو تنقيدي جائزو“، ”قوم ۽ قوميت“ پڙهو، سنڌ جي واسطي پڙهو ۽ سمجهو به.
ڌڪي بازي، انڌ، جهالت، بيوقوفي ۽ ناسمجهي جي لٻاڙ ۽ يخيءَ کي ڌڪاري ڦٽو ڪيو.
ڇا اتحاد ٿي سگهي ٿو؟
ڪي ماڻهو
چون ٿا ته اڳوڻي عوامي تحريڪ وارا جيئي سنڌ وارن تي تنقيد ڪندا ته پوءِ انهن سان
اتحاد ڪيئن ڪندا، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟
بلڪل
ممڪن آهي.
اتحاد
ٿيندو ئي انهن تنظيمن جي وچ ۾ آهي جن جي وچ ۾ ڪي نُڪتا هڪجهڙا ۽ ڪي نُڪتا اختلافي
هوندا آهن. اختلافي نُڪتن تي پنهنجو پنهنجو موقف ڀلي رکڻ گهرجي (اسان جو مطلب موقف
آهي يعني دليلن سان ڳالهه ڪري حقيقت کي کولڻ، الزام تراشي نه) ۽ ٺاهه لائق نڪتن تي
اتحاد ڪرڻ گهرجي ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي. (اتحاد جو مطلب اهو ناهي ته اتحادي ڌرين جي وچ
۾ ڪو به اختلاف ڪونهي.)
اتحاد ۽
تنقيد سياسي فضيلت ۽ فراخدليءَ جا ڪم آهن. هن وقت جو اهو ڪهڙو الزام آهي جيڪو
مختلف ڌرين اڳوڻي عوامي تحريڪ (هاڻي عوامي نيشنل پارٽيءَ) ۽ سندس اڳواڻن تي نه
هنيو آهي. الزام تراشي اهي ڪندا آهن جن وٽ ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي، نه
ته جيڪر دليل سان ڳالهه ڪئي وڃي ها. اتحاد بابت اخلاق اهو هوندو آهي ته پنهنجي
مقرر ڪيل ماڳ تي رسڻ لاءِ هر ننڍي يا وڏي ٽولي جي سهڪار حاصل ڪئي وڃي. چيني ڪميونسٽ
پارٽيءَ انهن قوم پرستن سان به اتحاد ڪيو هو جن ساڻن ڌوڪيبازي ڪري سندن لکين ماڻهو
ڪهي ڇڏيا هئا، ويٽنامي ڪميونسٽ پارٽيءَ ٻڌ ڌرم جي ٻاون سان به اتحاد ڪيو هو، سوويت
يونين جي ڪميونسٽ پارٽي (بالشوڪ) حملي آور سامراجي جرمنن سان مجبوريءَ جو ٺاهه ڪري
صلح حاصل ڪيو هو. عوامي تحريڪ فوجي ڊڪٽيٽر هٽائڻ پئي چاهي ۽ ان خلاف جدوجهد هلائڻ
پئي چاهي، ان ڪري اهڙين ڌرين سان به اتحاد ڪيو جن سان هن جو تمام گهڻين ڳالهين تي
اختلاف هو. اسان جي دوستن اڳ ئي انهن تي تنقيد ڪئي هئي پر جن نڪتن تي اتحاد ٿيو
انهن تي جدوجهد ڪئي وئي. جيئي سنڌ وارن سان ۽ ٻين ڌرين سان جن به نڪتن تي اتحاد ٿي
سگهي ٿو (اتحاد هميشه رضا خوشيءَ سان ٿيندو آهي، زوري نه) انهن تي اتحاد ڪجي ۽
جدوجهد هلائجي. جيستائين اختلافن جو واسطو آهي ۽ عوامي تحريڪ جي نڪتهء نظر سان جن
به ڌرين کي اختلاف آهن اهي بيشڪ برقرار رکن، بلڪه تنقيد به ڪن ۽ ساڳئي وقت اتحادي
نڪتن تي سچائيءَ سان گڏجي عملي جدوجهد به ڪن. ساڳيءَ طرح اسان کي به حق هوندو ته
اسين به پنهنجا اختلاف برقرار رکندي، تنقيد ڪندي يا انهن کي جَهڪو يا ماٺو رکندي
سچائيءَ سان عملي جدوجهد ڪريون.
1-
سنڌ کي
وارياسي ۾ تبديل ڪرڻ، 2-سنڌين جا شهر ۽ پيداواري وسيلا ڦٻائڻ، 3- سنڌين کي اقليت ۾
تبديل ڪرڻ ۽ 4- سنڌي قوم جو وجود ئي گم ڪري ڇڏڻ جون چار وڏيون سازشون ۽ انهن جي
ڇانوَ ۾ سوين ٻيون ٺڳيون، بدمعاشيون، رهزنيون ۽ مڪاريون پيون ٿين. سنڌ ۽ سنڌي قوم
جي وجود، بقا، بچاءَ ۽ واڌاري جا مسئلا آهن. سنڌ ۽ سنڌي قوم جا ذرو به خير خواه
آهيو ته ٻيلي سنڌ جي صدقي اتحاد ڪريو، اتحاد وڌايو ۽ عملي جدوجهد لاءِ سانباهو ڪيو.
اچو، گڏجو، گڏجي مڙسيءَ سان زور لڳائيو، ته هر بلا ٽاري سگهبي.
دشمن جو واضع تعين
ڪي ماڻهو، سنڌ جا گهڻگهرا اهو به چون ٿا ته عبدالواحد آريسر پاران اهو هر هر
چيو ٿو وڃي ته جيستائين دشمن جو واضع تعين نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين هو (سندن تنظيم)
اتحاد ۾ شامل نه ٿيندو. اسين به اها ڳالهه لازمي سمجهون ٿا ته جِي ايم سيد، آريسر
وغيره سنڌي قوم جي دشمن جو واضع تعين ڪري. اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجي دشمن جو تعين
نه ڪري سگهيا آهن ۽ جيستائين انهن پنهنجو دشمن به چٽو نه ڪيو آهي تيستائين جدوجهد ڪنهن جي خلاف ڪندا؟
جِي ايم
سيد چوي ٿو ته:
1-
پنجاب جو
عوام اسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي ۽ سنڌي عوام پنجاب جو ايجنٽ آهي.
2-
پنجاب جو
خاص طبقو، شاهوڪار ۽ انهن جو محافظ ضياءُ، ملٽري ۽ مسلم ليگ (جوڻيجو يعني پاڳارو
گروپ) وارا اسان جي خاص ويجهو آهن ۽ انهن ”خاصن“ سان اتحاد ڪري سگهجي ٿو.
3-
سنڌين ۽
مهاجرن جا مفاد هڪ آهن ۽ مهاجر (دانشور ۽ شهري هئڻ سبب) اسان جي اڳواڻي ڪندا ۽
سنڌي قوم کي ڇوٽڪارو ڏياريندا.
4-
ڪنهن به
سنڌي تنظيم سان اتحاد نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته اهي پنجاب جون ”ايجنٽ“ آهن، ۽
آريسر
چوي ٿو ته:
5-
”مهاجر سنڌي
قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ آهن ۽ (ظاهر آهي ته ان ڪري انهن جي زورآورين، دست
درازين ۽ قبضاگيرين بابت قومي جدوجهد هلي نٿي سگهي ڇو ته پنهنجي ئي قوم جو ”حصو“
آهن) ۽
6-
ٻهراڙيءَ
جي وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل بي شعور عوام کي اصلي طاقت نه سمجهڻ گهرجي.
انهن نُڪتن
جو صاف مطلب آهي ته جيئي سنڌ وارا: 1- پنجاب جي عوام ۽ پنجاب جي ايجنٽ (سنڌي عوام)
خلاف (دشمن ۽ دشمن جو ايجنٽ هئڻ سبب) جدوجهد هلائيندا، 2- سنڌي عوام کي اصل طاقت
نه سمجهندا (۽ ان ڪري زميندارن ۽ انهن جي ڇاڙتن کي اصلي طاقت سمجهندا)، ۽ 3-
اڳواڻي ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌين“ کان ڪرائيندا!
اهڙين
ڳالهين کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته جِي ايم سيد ٽولي وٽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو
واضع دشمن ڪونهي ۽ اسان جي تاريخي حالتن جي ضرورت آهي ته اهي ان سلسلي ۾ جيترو
تڪڙو ممڪن هجي، اوترو ترت سنڌي قوم جي دشمن جو تعين ڪري وٺن.
هنن جي
واٽ اها پئي رهي آهي ته پاڪستان جي هر حڪمران ٽولي کي پهريائين پنهنجو دوست سڏي ”سنڌ
جي فائدي وارو“ پئي ڄاڻايو آهي. اڄوڪي ٽولي بابت به اهي ئي ڳالهيون پيا ڪن، ۽ وري
جڏهن حڪمران ٽولي جِي ايم سيد صاحب کي پاڻان پري ڪيو آهي ته پوءِ هڪدم ان کي دشمن
سڏڻ شروع ڪيو اٿائون. هن به پنجابي قوم ۽ پناهگير ٽولي کي سنڌ جو غاصب، ڦورو ۽
سنڌين لاءِ ظالم پئي ڄاڻايو، ان لاءِ ”سامراج“ ۽ ”مستقل مفاد“ جا اصطلاح پئي ڪتب
آندا (هاڻي آريسر جيئن ته اصطلاحن جي ”چڪر“ ۾ پوڻ نه ٿو چاهي تنهنڪري) وري ان مان
پناهگير سامراج ۽ مستقل مفاد کي ڦيرائي کڻي سنڌي قوم جو حصو بنايو اٿائون ۽ پنجابي
سامراج جي نمائندن کي پنهنجي خاص ويجهو پيا سڏين، ڪڏهن سنڌي شاگرد ۽ دانشورن کي ٿا
اهم انقلابي قوت سڏين، ته ڪڏهن وڏيرن کي، ڪڏهن پناهگير نوابن ۽ انهن جي نمائندن کي
ته ڪڏهن وري بين الا قوامي قوتن جي امداد تي پيا ڀاڙين. ٻي پاسي وري حقيقي انقلابي
قوت ـــــــ سنڌي عوام ـــــــ کي پنجاب جي ايجنٽي جو ٺپو هڻي قوم جي وارثيءَ کان
خارج ڪري ڇڏيو اٿائون.
سنڌي قوم سان اتحاد ۾ شامل ٿيو (جيڪڏهن سنڌ ۽
سنڌي قوم جا گهڻگهرا آهيو ته ضرور شامل ٿيو)، سنڌ جا سمورا مسئلا ــــــ ٻوليءَ،
ثقافت ۽ زمين، شهرن، ڪارخانن، واپار، پاڻي ۽ ٻين اهم وسيلن تي ڌارين جي قبضي جا
مسئلا ـــــ کڻو ۽ جدوجهد ڪريو، سچائيءَ سان ۽ پنهنجيءَ سگهه آهر، پاڻ ئي ڏاڍي
سولائيءَ سان خبر پئجي ويندوَ ته سنڌ ۽ سنڌين جا دشمن ڪير آهن، ته سنڌ ۽ سنڌين جا
حقيقي سڄڻ ۽ انقلابي قوت ڪير آهن. دشمن ۽ دوست جي حقيقي پرک جو بهترين طريقو سکڻي
نعري بازي، لٻاڙ ۽ ٺوٺيون هڻڻ ناهي، پر پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد، عملي جدوجهد ڪرڻ
آهي. جدوجهد ٿيندي ته دوست ۽ دشمن ظاهر ٿي پوندا. (1) ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي
ڪرڻ وقت، (2) ون-يونٽ ٺاهڻ وقت، (3) ون-يونٽ ڊاهڻ وقت، (4) 4-مارچ جي جدوجهد دوران، (5) ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ٺاهيو تحريڪ وقت، (6) نيلام بند
ڪريو تحريڪ هلندي، (7) سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ ڪرڻ وقت ۽ ٻين
اهڙين جدوجهدن هلندي اسان جو، سنڌ جو، سنڌين جو دشمن ۽ دوست پاڻ ئي پڌرو ٿي پيو
هو. جن اڃا تائين دشمن ۽ دوست کي نه سڃاتو آهي اهي هاڻي به جدوجهد ڪري ڏسن، ڪا
تحريڪ هلائي ته ڏسن، پوءِ سولائيءَ سان ڏسي سگهندا ته ڪيئن دشمن پنهنجو هر ٻهروپ
بگاڙي اوهان جي رنڊڪ ڪرڻ لڳي ٿو ۽ سچو دوست پنهنجو هر اهنج وساري اوهان سان ٻانهن
ٻيلي ٿي بيهي ٿو.
پنهنجي
ڪنهن ٻول ته بيهو ته سهي.
جِي ايم
سيد لکيو هو:
(1)
”سنڌ جي مکيه شهر ڪراچي کي سنڌ کان زوريءَ کسي
مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري لياقت علي خان، مهاجر وزير اعظم جي هٿ ۾ ڏئي، ان کي
مهاجرن سان ڪالونائيز ڪرڻ (بيٺڪ بنائڻ) جي شروعات ڪئي.“ (”سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟“، ص-17)
(2)
”هيءُ اهو صاحب هو جنهن ڀارت جي مسلم اقليت وارن
صوبن کان ڪثرت تعداد ماڻهن کي ترغيب ڏئي سنڌ ۾ آڻي سنڌ کي ڪالونائيز ڪرڻ جي
شروعات ڪئي.“ (حوالو ساڳيو، ص-23)
آريسر
لکيو هو:
(3)
”...هتي جي شاندار زبان ۽ قابل فخر تهذيب جو
استحصال پناهگيرن جي حقير اقليت اردو زبان ۽ اسلامي تهذيب جي پُر فريب نعرن
۽ نظرين ذريعي ڪري رهي آهي.“ (”صدين جو صدائون“،
ص-42)
انهن ۽
اهڙين ٻين بنيادن تي اسين آريسر کان پڇون ٿا ته ڇا سنڌي قوم (ڀارتي) پناهگيرن جي
ڪالوني (بيٺڪ) آهي يا نه؟ ڇو؟ ڪيئن؟ ۽ جنهن پنجاب جي خاص طبقي (شاهوڪارن، ملٽري
وارن ۽ ٻين) کي جِي ايم سيد پنهنجو ”خاص ويجهو“ ٿو سڏي، اهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جا
دشمن آهن يا نه؟
عوامي
تحريڪ پاران اسان جو اڳواڻ ساٿي محترم رسول بخش پليجو پنهنجي بنيادي نظرياتي ڪتاب ”صبح ٿيندو“ ۾ ص-69-70 تي 1973ع جي زماني کان اسان جي
دشمن جي اوضع نشاندهي پئي ڪئي آهي ۽ هن ئي ڪتاب ۾ به اسان انهن کي لکيو آهي. دوست
۽ دشمن بابت اسان جو تصور جِي ايم سيد ٽولي جي قطعي ابتڙ آهي. اسين سمجهون ٿا ته
سنڌي قوم کي غلام بنائيندڙ ۽ ان جي ڦرلٽ ڪندڙ هي آهن:
1.
قومي طرح
سنڌي قوم کي پنجابي قوم ۽ پناهگير ٽولي جي بالادست طبقي ۽ سندن حوارين غلام بنايو
آهي ۽ انهن جا عالمي سامراج ۽ ان جا ڇاڙتا سرپرست آهن. قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾
هر سنڌي ننڍو وڏو، مزدور هاري، هيٺيون وچون طبقو ۽ محب وطن وڏيرا ۽ اُسرندڙ
سرمائيدار (غدار ۽ ظالم جاگيردار ۽ سرمائيدار نه) حصو وٺي سگهن ٿا،
2.
طبقاتي
طرح سنڌي قوم کي، ڄٽ، نڌڻڪو، بي واهه ۽ ٽڙيل وڇڙيل بنائيندڙ ظالم سنڌي وڏيرا شاهي
(۽ اُسرندڙ سرمائيداري) نظام آهي ۽ هر سنڌي ماڻهوءَ کي ان مان جند ڇڏائڻ لاءِ ويڙهه
ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڦورو نظام خلاف وڙهندڙ قوتن سان اتحاد ٿيڻ گهرجي،
3.
جمهوري
طرح سنڌي عوام کي بي شعور، غير واسطيدار ۽ اوندهه ۾ رکندڙ جاگيرداري، سرمائيداري،
ڊڪٽيٽرشپ ۽ فوجي ۽ غير فوجي (ڪامورڪي) ڊڪٽيٽرشپ آهي ۽ ان جي خلاف ويڙهه لاءِ سنڌي
عوام به هر جمهوريت پسند سان اتحاد ڪري سگهي ٿو،
4.
سنڌي
مزدور ۽ هاري اسان جي جدوجهد ۾ انقلاب جي مکيه (اهم، بنيادي) قوت آهن،
5.
قومي
ظلمن مان ڇوٽڪاري لاءِ سنڌ، پاڪستان توڙي دنيا جي (ممڪن حد تائين وسيع) سڀني مظلوم
قومن سان اتحاد ٿيڻ گهرجي ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندو رهڻ گهرجي، ۽
6.
طبقاتي
ظلم مان ڇوٽڪاري لاءِ سڀني قومن جي حق پرست، روشن خيال، انسان دوست، ظلم دشمن ۽
بااصول پورهيتن جو وسيع تر اتحاد ٿيڻ گهرجي ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندو رهڻ گهرجي.
هن سڄي
ڳالهه کي هيٺين نُڪتن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو:
(1)
سنڌي
مزدور اسان جي اڳواڻ قوت ۽ سنڌي هاري اسان جي مکيه قوت آهي، (2) ان سان مظلوم قومن
۽ مظلوم پورهيتن جي ڇوٽڪاري لاءِ اتحاد ڪندڙ اسان جا دوست آهن، ۽ (3)
پنجابي-پناهگير جاگيردار-سرمائيدار طبقا ۽ انهن جا حمايتي (فوج، رجعت پرست، نقلي
ترقي پسندي، نقلي قوم پرستي، غدار سنڌي وڏيرا شاهي، غدار بلوچ سردار شاهي ۽ غدار
پختون خانشاهي ۽ سندن ڇاڙتا) اسان جا دشمن آهن.
جيڪڏهن
ڪنهن کي به اختلاف آهي ته اسين سندس خيال ٻڌڻ ۽ وڌيڪ اصولي بحث ڪرڻ لاءِ تيار
آهيون.
اسين وري به عرض ڪنداسون ته مهرباني ڪري، جنهن به ڌر، سنڌي
قوم ۽ عوام دشمنن کي اڃا نه سڃاتو آهي ۽ انهن جو تعين نه ڪيو آهي، اهي دشمن جو
تعين ڪري وٺن ۽ سنڌي عوام ۽ سنڌ جي نجات لاءِ اتحاد جي سلسلي کي اڳتي وڌائن.
No comments:
Post a Comment