سنڌ
حڪمران، ايم
ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام
(سياسي مضمونَ)
(حصو ٽيون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن
سنجيده رويي جي
گھرج
سنڌ دشمن
دهشتگرد جڏهن چون ٿا، ته سنڌ کي ورهايو ۽ کين ان جي ايراضيءَ ۾ بلوچستان جي
سامونڊي علائقي سميت هڪ ڌار صوبو يا وطن ٺاهي ڏيو، تڏهن سوچڻو ئي پوي ٿو، ته هُو
اها ايڏي وڏي ڳالهه ڇو ٿا چئي سگھن؟ وٽن ڪهڙي قوت آهي؟ هُو ڪهڙي ڪِلي تي ڪُڏن ٿا؟
وري جڏهن
پاڻ کي ’سنڌ دوست‘ سڏائيندڙ ڌرين جا اڳواڻ چون ٿا، ته سنڌ دشمن دهشتگردن جي سازش
کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سنڌ کي ورهائڻ يا سنڌ جي ڪنهن به ٽڪري تي ڪنهن به بدمعاش جي
راڄڌاني قائم ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، دهشتگردن کي فنا ڪري ڇڏبو، وغيره، تڏهن ڇا
اهي ڪنهن حقيقي بنياد تي ايئن چون ٿا يا هروڀرو خيالي ڌُڪا ٿا هڻن؟ وٽن ڪهڙي سگھ
آهي؟
مٿي ڏنل
ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان تضاد ۾ آهن، هڪ ٻئي جي خلاف آهن ۽ انهن جي ڪٿ تور تڏهن ڪري
سگھجي ٿي، جڏهن هر هڪ پاسي کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسجي.
دهشتگرد پاسو
ڪراچي،
حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ شهدادپور ۾ رهندڙ ”مهاجر بزرگن“ کي دعوت ڏئي
ڄاڻايل شهرن جي مقرر هنڌن تي گڏ ڪيو ويو. هڪ خاص قسم جي وردي پهريل ماڻهن انهن
جلسي گاهن ٻاهران بيهي پهرو پئي ڏنو. دهشتگردن جي پاڻهُرتو سردار لنڊن ۾ ويٺي،
ٽيليفون تي هڪ ئي وقت سنڌ جي ڄاڻايل شهرن ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ”مهاجر“ بزرگن کي
جيڪي ”نوجوان“ وٺي آيا هئا، انهن کي هڪ مخصوص قسم جي ڊيوٽي پوري ڪرڻي هئي. تقرير
ڪندي دهشتگردن جي سردار پنهنجي تقرير کي
هڪ خاص ماتمي موڙ ڏئي اوچتو پڇيو: ”اب سنڌ ۾ ڪيسي هوگا گذارا؟“ موٽ ۾ اڳواٽ پڙهايل
نوجوانن چيو: ”آڌا تمهارا، آڌا همارا!“ انهن ”نوجوانن“ کي اڳواٽ پڙهائي تيار ڪيو
ويو هو، تڏهن ئي ته اهي ”مهاجر“ بزرگن کي طَي ٿيل جاءِ ۽ شهر ۾ وٺي آيا هئا ۽
مخصوص جملي جو مخصوص جواب ڏنائون.
پاڻ کي
”مهاجر“ سڏائيندڙ دهشتگردن جي مخصوص ٽولي پاران مختلف قسم جون سازشون ڳجھ ڳوهه ۾
اڳواٽ رٿجي تيار ٿينديون آهن ۽ انهن تي عمل گھربل وقت ۽ طريقي موجب ڪيو ويندو آهي.
5-ڊسمبر
1994ع تي محمد صلاح الدين (ايڊيٽر ”تڪبير“) کي آفيس مان ٻاهر اچڻ مهل گولين جو
شڪار ڪرڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن اڪيلي فرد کي گوليون هڻڻ يا
ڪنهن قوم ۽ ان جي ڌرتيءَ کي بارودي باهه ۾ ساڙڻ جهڙا انفرادي توڙي اجتمائي نوعيت
جا ڪم هڪ مقرر رٿابنديءَ سان عمل ۾ اچن ٿا. هڪ اهڙي سنڌ دشمن رٿابنديءَ جو ڪاٿو
هيٺ ڏنل خط جي متن مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪو چون ٿا ته حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ
جي آفيشل ليٽر پيڊ تي ان جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل لکيو هو:
سنڌ جي ورهاڱي بابت اوڪلي جي حيدرآباد واري دوري ۾ منهنجي
ساڻس ڏاڍي سنجيده ڳاله ٻول ٿي. اهو به ٻڌائڻ گھران ٿو ته هيستائين مون ”خدا ڪِي
بستي“ نالي رهائشي ڪالونيءَ ۾ هڪ هزار بهاري خاندانن کي ”بي گھر خاندان“ ڏيکاري آباد
ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي چوڌاري گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته
”گلشن شهباز“ واري علائقي ۾ ڇهه لک مهاجرن کي آباد ڪيو وڃي. انهن مان ٻن لکن جي
آباديءَ کي ”خدا ڪي بستيءَ“ ۾ وَسائڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان ۽ باقي چار لک مهاجرن
کي آباد ڪرڻ لاءِ هتان جي مقامي زميندارن کان زمينون خريد ڪري اتي رهائشي اسڪيمون
شروع ڪرڻيون پونديون.
انشاء اللھ هن سلسلي ۾، تفصيلي ڳالهه ٻول توهان سان تمام
جلد ڪراچيءَ ۾ اچي روبرو ڪندس. يقين ڪريو ته ايم ڪيو ايم جي لاءِ منهنجي وس ۾ جيڪو
ڪجھ هوندو، ضرور ڪندو رهندس.
ايم ڪيو ايم زنده باد!
اوهان سان سچو
تسنيم
1.
1967ع
کان 1972ع تائين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج
جي شاگردن پاران هلايل وطن دوست، قومي ۽ جمهوري تحريڪ جو وير وٺڻ ۽ سنڌي شاگردن جي
هن مرڪز کي گهيري ۾ آڻي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن محاذن جي رٿابندي ڪئي وئي: هڪ، جيڪا مٿي
ڄاڻايل خط ۾ موجود آهي، ۽ ٻي اها، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ نام نهاد قوم پرست اڳواڻ
شاگردن کان گنڊه گردي ڪرائي، نه رڳو قومي جدوجهد مان ويساهه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،
پر سنڌ جي اعليٰ تعليمي مرڪز جي تعليمي معيار کي به هاڃو رَسايو ويو.
2.
آمريڪي
سامراج سنڌ دشمن دهشتگرد سرگرمين ۾ ٻٽ نظر اچي ٿو.
3.
اڃا سوڌو
سنڌ جي زمين تي سمگل ٿي ايندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نه رڳو آباد ڪيو وڃي ٿو، پر
آئينده به گھٽ ۾ گھٽ ڇهه لک ماڻهن کي آباد ڪرڻ جي نيت رکن ٿا.
هڪ اردو
اخبار پاران 4-ڊسمبر 1994ع تي ”امن مارچ“ ڪيو ويو، جنهن کي دهشتگرد پنهنجو من پسند
روپ ڏئي گھربل رستي تي وٺي ويا. هن وقت امن جو ڍونگ ڪندڙ اها ئي اخبار آهي، جنهن
1972ع ۾ ٻوليءَ واري بل تي اها فضا پيدا ڪئي جنهن ۾ دهشتگرديءَ جو ٻج پيو ۽ سنڌي
ماڻهن جي سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ خون ڪيو ويو، سنڌالاجيءَ کي باهه ڏئي ڏيڍ هزار ناياب
ڪتابن کي ساڙي ڇڏيائون ۽ مخصوص لساني ٽولي ۾ سنڌين خلاف نفرتن جي اوڙاهه کي ڀڙڪائي
عرش تائين اوچو ڪيو ويو. ڪلفتن جا پالڻهار ڪيڏي نه بي حيائيءَ سان نقاب اوڍي
’محبتن جا مارچ‘ ڪن ٿا!
”سنڌين کي ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ پهريون
’آپريشن ڪلين اپ‘ 1948ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو آپريشن لاڳيتو 6 مهينا هليو. ڪراچيءَ جي
اصل مسلمان-سنڌي رهاڪن کي طاقت جي زور تي مجبور ڪيو ويو ته اهي لڏي وڃي اندرونِ
سنڌ رهن. ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر هاشم رضا ۽ لياقت علي خان جي سرپرستيءَ ۾ آءِ جِي
پوليس سان ملي ڀڳت ڪري، ڀارت جي هزارين پناهگيرن کي ورسائڻ لاءِ مقامي باشندن خلاف
انتهائي بي رحميءَ جو مظاهرو ڪيو. اي ٽي نقويءَ پناهگيرن کي ورسائڻ لاءِ ان منصوبي
کي وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ لاڳو ڪيو. هن اهو سڀ ڪجھ ڪراچيءَ جي چيف ڪمشنر جي حيثيت ۾
ڪيو هو... لياقت علي خان کي ملڪ اندر ڪو به سياسي بنياد نه هو. هن ڪراچيءَ کي پنهنجي
حلقي ۾ تبديل ڪرڻ ٿي گھريو، پر ان کان وڌيڪ بي رحماڻو منصوبو ڪراچيءَ کي وڌيڪ
”قومي“ رنگ ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي آباديءَ جي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻڻ هو.“
- الطاف گوهر (”جاڳو“ 12-اپريل
1994ع)
1.
1984ع ۾
(۽ ان کان پوءِ) سنڌين کان اهو حق کسيو ويو ته اهي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪا شخصي
ملڪيت خريد ڪري يا ٺاهي سگھن.
2.
ڀارتي
پناهگير اُردڪ ٽولي جي اڳواڻ نوابن، نوابزادن ۽ رئيسن وغيره سنڌ ۾ پهچندي ئي مختلف
قسم جون سنڌ ۽ سنڌي دشمن رٿائون عمل ۾ آڻڻ شروع ڪيون.
3.
سنڌ اندر
اهڙيون رٿائون پاڪستان ٺهندي ئي شروع ڪيون ويون، جيڪي ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي
نمائندن لاءِ سياسي تڪ ٿي ڪم اچن.
مٿي اسان
رڳو ٽي مثال آندا آهن، ته جيئن 1948ع کان 1988ع تائين ڀارتي مغلائي لشڪر (ارد) سان
واسطيدار، اردڪ ٽولي جي انهن فردن جي ذهنيت کي ظاهر ڪري سگھجي، ته ڪيئن نه اهي
لاڳيتو هڪ مڪمل منصوبابنديءَ سان سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ سنڌين خلاف سازشون ڪندا ۽ عمل ۾
آڻيندا رهيا آهن.
ڇا پاڻ
کي سنڌ دوست سڏائيندڙ ڪا هڪ به اهڙي سياسي ڌر آهي جيڪا 1948ع کان وٺي ايڏي باشعور
۽ منظم رهندي آئي هجي ۽ ايتري اثرائتي هجي جو سنڌ دشمن سازشن کي منهن ڏئي مات ڪري
سگھي ها (يا اڄ مات ڪري سگھي)؟
ڊگھي، لاڳيتي ۽ منظم سنڌ
دشمن سازش تي عمل
1.
پاڪستان
ٺهندي ئي اُردڪ ماڻهن کي هڪ مخصوص سازشي رٿابنديءَ وسيلي سنڌ جي وڏن شهرن، خاص ڪري
ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو ويو. ڪروڙن جون ملڪيتون کين مفت ۾ ڏنيون ويون ۽ کين پنهنجن
پيرن تي بيهڻ لاءِ مالي فائدو ڏيندڙ اسڪيمون شروع ڪيون ويون.
2.
جيڪي ماڻهو
جَنڊ ۽ ٿوٻيون به ”ڪافرن جي ظلم باوجود“ ڀارت کان سنڌ تائين کڻي آيا، سي پنهنجون
سَنَدون اُتي ”وساري“ آيا ۽ پوءِ هڪ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي، ته ڪنهن به قسم جي
سَند لاءِ ٻه شاهد آڻيو. شاهد کوڙ! هڪ ٻئي لاءِ شاهديون ڏئي ملڪيتون ڦٻايائون ۽
سڻڀيون نوڪريون ورتائون.
3.
’مرڪزي
گاديءَ‘ جا نالي ۾ ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان الڳ ڪري اتي سنڌين جي داخلا تي بندش
وڌي وئي ۽ جيڪي قديمي رهاڪو موجود هئا، تن کي تڙي ڪڍيو ويو.
4.
ون يونٽ
وسيلي سنڌ کي سڌو پنجاب جي ماتحتيءَ ۾ ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڌرتيءَ تي
پنجابين لاءِ به اهي سهولتون پيدا ڪيون ويون جيڪي سنڌين کي ميسر نه هيون. سنڌ جهڙي
تاريخي ڏيهه جو نقشو ئي گم ڪيو ويو.
5.
ڀارتي
پناهگير اردڪ ٽولي جي ڀارت ۾ جنم ورتل ٻوليءَ کي سڄي پاڪستان (جنهن ۾ اڄوڪو
بنگلاديش به شامل هو) مٿان مڙهيو ويو ۽ چڱيءَ حد تائين ترقي ڪيل ٻولين ---
بنگاليءَ ۽ سنڌيءَ کي، جن ۾ سمورو سرڪاري ڪار وهنوار ٿيندو هو، ’مقامي ٻوليون‘ سڏي
نيچ قرار ڏنو ويو.
6.
خاص ڪري
بنگالين ۽ سنڌين خلاف پروپئگنڊا مهم هلائي وئي، ته اهي اسلام ۽ پاڪستان جا دشمن
هئا (جڏهن ته 1943ع ۾، سنڌ جيڪڏهن پاڪستان لاءِ قرارداد منظور نه ڪري ها، ته
پاڪستان ٺهي نه سگھي ها)، ڀارت جا ايجنٽ ۽ جاسوس هئا، ڊڄڻا ۽ ڪمزور هئا، وغيره،
وغيره.
7.
قاعدي
موجب سنڌ ۾ آيل هر پرڏيهي توڻي پناهگير کي لازمي طرح سنڌي ٻولي سکڻي هئي، پر ڀارتي
پناهگير اردڪ ٽولي جي اڳواڻن سنڌي ٻوليءَ خلاف شديد نفرت پيدا ڪري، ڪراچيءَ جي
سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ عملاً ڏوهه
قرار ڏنو ويو. (سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان لڏائي حيدرآباد آندو ويو ۽ ڪراچي
يونيورسٽي ٺاهي سنڌي ميڊيم بند ڪيو ويو).
8.
سنڌين کي
دل ۾ خير؛ هي همراهه پنهنجيءَ ڪرت کي لڳا رهيا. هوڏانهن اردڪ لوڪن اڳواٽ رٿابندي
ڪرڻ ڄاتي پئي. مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد جوڙيو ويو، جنهن جي بڻ ۾ سنڌين کان نفرت
لڪل هئي. سنڌي اڃا سياسي طرح سجاڳ ئي نه ٿيا هئا، ون-يونٽ جي مخالفت ڪندڙ به ڪي
ٿورا هئا، جو هنن سنڌين کي سيکت ڏيڻ جو بلو ڪري ڇڏيو.
9.
سنڌي
ماڻهو آمريت جا دشمن ۽ جمهوريت جا سڄڻ هئا، جڏهن ته هُو جمهوريت جا ويري ۽ آمريت
جي ڇانو جا حمايتي هئا.
10.
سنڌي
ٻوليءَ کي پنهنجي صوبي ۾ هڪ معمولي حد تائين جائز جڳهه ڏيڻ جا اڃا ڪوشش ئي مس ٿي،
ته نواب مظفر ۽ رئيس امروهوي ”مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد“ ۽ ”جنگ“ اخبار وسيلي جنگ
جوٽي بيهي رهيا ۽ نفرتن جي اها فضا خلقيائون جنهن ۾ سنڌين خلاف پهريون ڀيرو عملاً
دهشتگردي ٿي. هنن سنڌين تي پاڪستان ۽ اسلام دشمنيءَ جا الزام آڻي، پنهنجين پاڪستان
دشمن ۽ ڀارت نواز سازشن لاءِ راهه کليل رکي.
11.
بهارين
کي گھرايو ويو، جيڪي هوري هوري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ کين روزگار مهيا ڪري ڏنو
ويو.
12.
پهرين
چونڊيل (اڀري سڀري) جمهوري حڪومت خلاف آمريڪي ڊالرن جي زور تي وڳوڙ ڪري جنرل ضياءَ
جي ڊڪٽيٽريءَ لاءِ فضا هموار ڪيائون.
13.
جنرل
ضياءَ ڊڪٽيٽريءَ جو ”بول بالا ڪرڻ“ ۽ جمهوريت جي ”نانگ“ کي هميشه لاءِ ”ڪچلي“ ڇڏڻ
جي نيت رکي، پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ جمهوريت پسندن يعنيٰ سنڌي ماڻهن کي دٻائڻ،
هيسائڻ ۽ مارڻ شروع ڪيو. ٻئي پاسي ايجنسين جي مدد سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ
آمريت دوست ٽولي يعني اردڪ ماڻهن منجھان ڏوهارين (Criminals) جي چونڊ ڪري
کين دهشتگرديءَ جي سکيا وٺڻ جا موقعا ميسر ڪري ڏنا ويا. سنڌين جي جمهوري جدوجھد
خلاف گوليون هلايون وينديون هيون ۽ دهشتگردن پاران کلئي عام ڪوس جي باوجود کين
قانون کان مٿڀرو سمجھيو ويندو هو.
14.
ڀارت جي
مختلف حصن مان اردڪ ماڻهن ۽ بنگالي عوام خلاف انسانيت سوز ظلم ڪندڙ بهارين جي
سمگلنگ جاري ڪرائي وئي ۽ کين گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ م آباد ڪيو ويندو رهيو.
15.
1986ع کان وٺي
سنڌين جو ڪوس ٿيندو پيو اچي ۽ انهن خلاف دهشتگردي جاري آهي.
16.
ڪراچيءَ
کي ويهه لک کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهين جو يتيم خانو بڻايو ويو.
17.
هاڻي نيٺ
سنڌي کي ورهائڻ ۽ يا سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو مخفي رکيل منصوبو دهشتگردن جي سردار جي
زباني لنڊن مان پڌرو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ سياسي سهڪار
عملي سياست جي پليٽفارم تي سنڌين خلاف کلي عام نفرت جو اظهار
مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد وسيلي پڌرو ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين سندن اتحاد
جو اهو مرڪزي نڪتو قائم آهي. نواب مظفر سان ڪالهه جيڪو غلام سرور اعواڻ جو اتحاد
هو ان مان رڳو ”مهاجر“ لفظ الڳ ٿيو آهي، پر دهشتگردن وري اجمل خٽڪ ۽ ولي خان کي
ڳولي هٿ ڪيو آهي.
دهشتگردن خلاف جڏهن به ٿورڙي وٺ پڪڙ شروع ٿيندي آهي، ڀلي رسمي ٿي هجي، تڏهن نه
رڳو پنجاب ۽ سرحد پر سنڌ مان به مختلف تنظيمون ”مظلوم مهاجر“ جو راڳ آلاپيندي مٿن
ٿيندڙ ”ظلم“ خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳنديون آهن. نواز شريف، جنهن جي وزارت
عظميٰ دوران سنڌ ۾ فوج پنهنجو آپريشن شروع ڪيو، چوڻ لڳو ته فوج ايم ڪيو ايم تي
تشدد پئي ڪري، تنهنڪري ترت ان کي بئرڪن ۾ موٽايو وڃي. ڪالهه جنرل اسلم بيگ پڪي
قلعي آپريشن مهل فوج بيهاري دهشتگردن کي تحفظ ڏنو ۽ اڄ کلئي عام فوج خلاف ڳالهائي
رهيو آهي. 1988ع تائين سنڌ مان غوث علي شاهه، پير صاحب پاڳارو، غلام مصطفيٰ جتوئي،
عبدالواحد آريسر، جي.ايم سيد صاحب ايم ڪيو ايم جا کليل حمايتي ۽ ڳجھا اتحادي رهيا
آهن. ڄام صادق ته وڏ وزارت ئي سندن حوالي ڪري ڇڏي. سرحد مان ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه
آهي ته ولي خان الطاف حسين سان هٿ هٿ ۾ ملائي، اڀو ڪري ’پنجين قوميت‘ جو نعرو
هنيو.
خود پسند ”سياسي“ اتحاد
دهشتگرد هر ڌر سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر پنهنجن شرطن تي. اهي پنهنجن
شرطن مان ڪو هڪ به ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
1989ع ۾ پ پ حڪومت خلاف سودي بازي ڪندي ۽ پاڻ سان ملائيندي، نواز شريف جيڪو
ڪجھ انتهائي طرح ۽ ممڪن حد تائين ڪري سگھي پيو، اهو سنڌ دشمن دهشتگردن کي مهيا ڪري
ڏنو، پر پاڻ ئي سندن اڻکٽ بيجا مطالبن کان ايڏو ته بيزار ٿي پيو، جو اهو اتحاد
برقرار رکي نه سگھيو ۽ سنڌ تي فوج چاڙهي موڪليائين. دهشتگردن جا مطالبا ايڏا ته
وڏا هئا، جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور سمجھيو ويندڙ پنجابي صنعتڪار ۽ ايجنسين جو حمايت
يافته وزيراعظم به اهي پورا ڪري نه پئي سگھيو!
انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي، سوچي سگھجي ٿو ته 1989ع واري نٻل ۽ هٿ ٻڌل پ پ
حڪومت دهشتگردن سان ٺاهه جي نتيجي ۾ انهن لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هوندو! ڏهاڙي
دهشتگردي، ڏهاڙي ڪوس، ڏهاڙي بدمعاشي ۽ مٿان وري اها گھر ته دهشتگردن کي ڪجھ به نه
چيو وڃي؛ کين ڇوٽ ڇڏيو وڃي ۽ مٿن داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن يعني کين قانون کان بالاتر
قرار ڏنو وڃي، انهن ڏينهن ۾ فوج جو جنرل مرزا اسلم بيگ لاهي پاهي دهشتگردن جو
محافظ ٿي بيهي رهيو ۽ پڪي قلعي آپريشن مهل گھيري ۾ آيل دهشتگردن کي ڇڏائڻ لاءِ
پوليس کي دڙڪو ڏئي ڀڄايائين، ته جيڪڏهن پوليس پوئتي نه هٽي، ته فوج مٿس گوليون
هلائيندي.
جنرل مرزا اسلم بيگ
جنرل ضياءَ جو جهاز ڦاٽڻ مهل اڪيلي بچي ويل هن سينئر فوجي آفيسر کي جنهن جهاز
۾ سواري ڪرڻي هئي، ان ۾ عين وقت تي سوار نه ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ اصولي ٻه ورهيه به نه ترسيو ۽ سياست شروع ڪري ڏنائين،
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي کلئي عام بيعزتي ڪيائين ۽ باعزت ڇٽي ويو. هاڻي مسلم ليگ
۾ شامل ٿيو آهي، پر حمايت، وڪالت ۽ پوئواري لاڳيتو دهشتگردن جي پيو ڪري. ڳالهائي
سدائين داٻي ۽ دڙڪي سان ٿو. ڳالهه ڇا آهي؟ ڏوريون ڪير ٿو لوڏي؟
جنرل ضياءَالحق
جنرل ضياءَ سازش تيار ڪري رکي هئي ته 1990 ۾ سنڌ کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي،
ان کي عملي ويس اوڍائڻ لاءِ هن سڄيءَ دنيا مان ۽ خاص ڪري ڀارت، بنگال، برما،
سريلنڪا، نيپال، افغانستان ۽ ايران مان ۽ دنيا ۾ جتي جتي اردڪ ماڻهو رهن ٿا، انهن
کي اتان سنڌ ڏانهن اچڻ ۾ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. پاڪستاني قانون موجب غيرقانوني
۽ ناجائز پرڏيهي، جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، تن جو انگ ٽيهن لکن تائين ٿئي ٿو.
”جنرل ضياءَ واري دَور ۾ (مارچ
1980ع ۾) ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، خيرپور ۽ سکر جي شناختي ڪارڊن جي
آفيسن ۾ سنڌ ۾ ڏهاڙي غيرقانوني طور ايندڙ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ خاص
عملو مقرر ڪيو ويو هو... سرحدي رينجرس کي ان ڏس ۾ خاص هدايتون ڏنيون ويون هيون، ته
اهي هندستاني سرحد ٽپي ايندڙ پرڏيهين کي روڪڻ جي ڪوشش ئي نه ڪن.“
(برسات،
15-اپريل 1994ع)
مارڪ ٽلي (بي بي سي جو رپورٽر) پنهنجي ڪتاب ”امرت سَر“ ۾ جتي اندرا گانڌيءَ جي قتل جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، اتي اهو به ٻڌايو اٿس
ته ڪيئن بنا ڪنهن چڪاس جي، چند ڏوڪڙن جي عيوض، پاڪستاني سرحدن جا محافظ ڏهاڙيءَ
مختلف ڳڻپ ۾، ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾، آزاديءَ سان هليو وڃڻ جي موڪل ڏيو ڇڏين ٿا.
جنرل ضياءَ سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ئي دهشتگردن کي بڻائڻ جي سازش تي عمل پيرا
هو. هن نه رڳو انهن جي تخليق ۽ پالنا ڪئي، پر کين تربيتون ڏياري، منظم ڪري، ڇيڪ
ڇڏي، قانون کان مٿاهون ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ جمهوري جدوجھد کي چيڀاٽڻ لاءِ هر قسم جا
حربا ڪم آندائين ۽ ظلم جي انتهائي حدن کي ڇهيائين. هن نه رڳو ڌاڙيلن کي وڌڻ ويجھڻ
ڏنو، پر ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن کي به عام واهپي ۾ اچڻ ڏنو. سمورا ذهني توڻي اخلاقي قدر
بي معنيٰ بنائڻ ۾ هن جو ڪردار بنيادي هو، پر سنڌ مٿان سندس سڀ کان وڌيڪ ڪاپاري وار
سنڌ جي وطن دوست جدوجھد کي تباهه ڪرڻ هو.
سنڌ جي وڏيرڪي قوم پرست سياست سندس تريءَ تي رکي هئي. جي ايم سيد صاحب جن کي
ته شخصي طرح ايڏو متاثر ڪيائين، جو شايد هو اڪيلو قوم پرست اڳواڻ هو جيڪو وڏي واڪي
کيس ”شريف النفس“ سڏيندو رهيو ۽ تيستائين ضياءُ مخالف هر تحريڪ جي مخالفت ڪيائون،
جيستائين جنرل ضياءُ پاڻ ”ڦٽاڪو“ نه ٿي ويو.
هن پ پ جي ”قوم پرست“ اڳواڻن ۾ مختلف بيماريون ”پيدا ٿيڻ“ ڏنيون ۽ پوءِ کين
انهن جي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلي ڇڏيو.
(اڳوڻي) عوامي تحريڪ جي انقلابي روح تي راتاهو ڏنو ويو. شهيد عوام محمد فاضل
راهو سودي بازيءَ ۾ نه آيو ته کيس زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نيٺ شهيد ڪرايو
ويو ۽ ’ٻئي پاسي‘ کي ڪروڙن جا يقيني نفعي بخش ٺيڪا ڏيئي حرص ۽ هوس جص ڌٻڻ ۾ غرق
ڪيو ويو. سنڌ ۾ هيٺين وچين طبقي جي اڪيلي عوامي، جمهوري ۽ انقلابي تنظيم جا ترا هڪ
ڊگھيءَ رٿابنديءَ سان ”انقلابي نموني“ ڪڍيا ويا.
ڀارت سان ناتا
ڪن اردو اخبارن جي ’خصوصي مهربانين‘ سان توڻي جو سنڌين خلاف ڀارتي ايجنٽ هجڻ ۽
پاڪستان دشمن هجڻ جا الزام مشهور ڪيا ويا، پر عملي طرح ڪير ڀارت جو ايجنٽ هو،
رهندو آيو، ۽ آهي، ۽ ڪنهن بنگالين جو انسانيت سوز ڪوس ڪري کين الڳ ٿي وڃڻ تي مجبور
ڪيو ۽ پاڪستان کي ٽوڙيو، ۽ ڪير آهي جيڪو اڄ به پاڪستان کي ٽوڙڻ جو عملي ارادو رکي
ٿو، اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي. خالق ڏني هال ڪراچي ۾ ڪيل نام نهاد مهاجر
رابطا ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ کلئي عام پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج خلاف نعرا هنيا ويا
۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جو پهريون کليل اعلان ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ”مهاجرن“ تي ٿيندڙ ”ظلمن“
جا دستاويزي وڊيو فلم ”زي ٽي وي“ تان ڏيکاريا وڃن ٿا. بينظير صاحبه هڪ ڏاڍي عمدي
ڳالهه ڪئي، ته دهشتگرد ڪشمير جي مسئلي تي کلئي عام پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪن،
پر انهن اٽلو شازيه جي نالي ۾ وڳوڙ مچائي ڏنو. ”مهاجرن“ تي ”ظلم“ خلاف ڀارت ۾ جلوس
نڪرن ٿا ۽ سرڪاري تحفظ ۽ ڇانو هيٺ!
آمريڪا پاران پٺڀرائي
جمهوريت جي ويس ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد، سپر بدمعاش، آمريڪي سامراج،
ابتدا کان ئي ايم ڪيو ايم جو پاليندڙ ۽ تاتيندڙ ٿي رهيو آهي. الطاف حسين کي اتان
موٽڻ کان پوءِ اردو اخبارن وسيلي ”سياسي سردار“ جي حيثيت ۾ اڀاريو ويو.
رابرٽ اوڪلي (آمريڪي سفير) جا دهشتگردن سان ناتا ڪيترا گھاٽا رهندا آيا. ان جو
معمولي عڪس حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل جي خط ۾ ملي ٿو،
جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي.
ٽي ورهيه اڳ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ”ڪن“ معاملن
جي وضاحت لاءِ سڏايو. هُو جڏهن اتي پهتو، ته اتان دهشتگردن جا ٻه نمائندا نڪري آيا
هئا.
آمريڪي ڪائونسل جنرل رچرڊ سي فاڪ اڄوڪي پ پ حڪومت تي شروع کان زور ڏيندو آيو
آهي، ته ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪري. دهشتگردن جو سردار پ پ حڪومت سان ٺاهه لاءِ
آمريڪي ضمانت جو شرط رکي ويٺو آهي.
مسز رابن رافيل جون پاڪستان ۾ سرگرميون اخبارن ۾ اينديون رهيون، جنهن ۾ هن جو
سڀ کان وڌيڪ زور ايم ڪيو ايم سان ٺاهه تي رهيو.
آمريڪي سامراج توڻي ٻين سامراجي قوتن جي ارهه زورائي رڳو ان خلاف نه هوندي
آهي، جيڪو ساڻس اچائي. انهن جو بنيادي مقصد رڳو پنهنجي ڦورو مفادن جو تحفظ رهيو
آهي. دنيا ۾ جتي به ڪا حقيقي عوامي، جمهوري ۽ انقلابي تحريڪ هلي آهي، اتي به
سامراجي قوتن ان کي چيڀاٽڻ پنهنجو اولين فرض پئي سمجھيو آهي. ”بدقسمتيءَ“ سان سنڌ
سدائين جمهوريت پسند ۽ انسان دوست رهي آهي ۽ ان هر ڊڪٽيٽر ۽ ظلم خلاف پنهنجي وت
آهر جدوجھد پئي ڪئي آهي، ۽ ٻيو ته سنڌ وٽ هڪ وسيع سامونڊي ڪنارو آهي. ٻئي پاسي
هانگ ڪانگ جو ’سهڻو طوطو‘ 1997ع ۾ سامراج جي هٿن مان ڇڏائجي وڃڻو آهي. ان ڪري ئي
(شايد) برطانيا ۽ آمريڪا پاڪستان يعني سنڌ يعني ڪراچي ۾ اربين پائونڊن ۽ ڊالرن جي
سيڙپ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ دهشتگردن جي ڪلهي تي بندوق رکي ۽ انهن جي هٿ ۾ بندوق
ڏئي نويڪلو اڏو ٺاهڻ گھرن ٿا. دهشتگرد ظاهر آهي ته سامراجي چنبي کان ٻاهر نڪري نه
سگھندا.
هيبت ۽ دهشت
پاڪستان جي حقيقي تاريخي قومن جي فردن ڏانهن نفرت جي باهه کي وڌائڻ لاءِ
دهشتگردن انهن تي گوليون هلائي، اردڪ ماڻهن ۾ ڀَو پيدا ڪيو ته ”انهن جي ويجھو رهڻ
سان توهان جي زندگين کي خطرو آهي، ان ڪري رڳو اسان جو ساٿ ڏيو،“ ٻئي پاسي خود اردڪ
عوام تي اها هيبت ويهاري وئي ته ”جيڪڏهن اسان جو ساٿ نه ٿا ڏيو ته اسان جي ئي
گولين جو بک بڻجي ويندَو!“
ڀلي پنهنجو ڪارڪن هجي، زونل انچارج هجي يا مرڪزي اڳواڻ، جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي
ڪري دهشتگردي يا ان جي پوئواريءَ کان پاسي تي ٿيو يا وري مٿس اهو شڪ به ويو ته هو
پلٽڻ يا ڇڄڻ وارو آهي، ته گوليءَ جو شڪار ٿي ويندو يا سندس ڪا ڀيڻ يا ڪو ڀاءُ اغوا
ڪيا ويندا... ۽ ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ خبر پوندي ته ”’مهاجر دشمن قوتن‘ اسان جي فلاڻي
ڪارڪن يا ان جي ڀاءُ يا ڀيڻ کي اغوا ڪري، ايذائي بي حرمتي ڪري ماري ڇڏيو.“
دڪاندار ”چندو“ نه ڏيندو، ته ڪو نه ڪو ”نوجوان“ ٻه چار پٿر هڻي هزارين رپين جو
شوڪيس ڀڄي ڇڏيندو- ”توهان جي مرضي، اسان چندو زوريءَ نه وٺندا آهيون!“ لطيف آباد ۾
ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ راجن داس کي چيو ويو ته ”35-هزار رپيا ڏي يا هڪ ڪلاشنڪوف نه
ته...“
ٽارچر سيلن ۾ رڳو سنڌي، پنجابي يا پٺاڻ نه هوندا هئا، ۽ زوريءَ زنا مرڪزن ۾ ته
خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ ڀينرون هونديون هيون!
سازشي جھيڙا ۽ ڀَوَ
شازيا کي بهانو بڻائي، هڙتال جو سڏ ڏئي، خون خرابو ۽ دهشتگردي ڪئي وئي، ته
جيئن ڪشمير مسئلي تي حڪومتي ڌيان کي ٽوڙي سگھجي ۽ ڀارتي مقصدن کي هٿي ڏجي.
پاڻ شڪار ڪري پنهنجا ماڻهو ماري پروپئگنڊا ڪئي وئي، ته سڀ بلوچ، پنجابي، پٺاڻ
۽ جن گنگا جمنا جو پاڻي پيتو هو- ”مهاجرن پاور“، ”سپر پاور!“
اهو ”مهاجر پاور“ هو يا نه، پر ”دهشتگردن پاور“ ضرور هو، جنهن جي پٺيان
ايجنسين جي تربيت، هٿيارن جي ڀرمار ۽ قانوني تحفظ موجود هئا- ”جنرل ضياء زنده
باد!“
فلمي پروپئگنڊا
زي ٽي وي تان ڏيکاريل دستاويزي فلم، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪٽر حامي عورت
شهناز سهگل جي نگهباني هيٺ ٺهي، جنهن هڪ پرائيويٽ فلم پراڊڪشن ادارو قائم ڪري ورتو
آهي ۽ پي ٽي وي ڪراچي تي ڪم ڪندڙ ڪي ٽيڪنيڪل ماڻهو ان سان سهڪار ڪن ٿا. ايم ڪيو
ايم لاءِ ڪم ڪندڙ هن فلم پراڊڪشن جا ڪيترائي ڪئرامين ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال مان روڊ
حادثن ۽ جھيڙن ۾ زخمي ٿيل يا دهشتگرديءَ جو کاڄ بڻجي ويل ماڻهن جا باقائدگيءَ سان
فلم ڀري، عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ انساني حقن وارين تنظيمن کي ڏيندا رهن ٿا ۽ کين اهو
ٻڌايو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي هن نموني ظلم جاري رکيو ويو آهي.
اخبارون
ڪراچي ڊويزن ۾ ويهه کن اخبارون مقامي سطح جون ڇپجن ٿيون (جن مان ڪي اڄڪلهه سڄي
سنڌ ۾ پهچي وڃن ٿيون) جيڪي گھڻو ڪري سڀ جون سڀ سنڌي ماڻهن خلاف سدائين زهر سان
ڀريل هونديون آهن. ڪراچيءَ مان جيڪي نام نهاد قومي سطح جون اخبارون نڪرن ٿيون، رڳو
انهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف جيڪو زهر ڀريل هوندو آهي سو ڪنهن به هڪ ڏينهن جي اخبار
کڻي ڌيان سان پڙهي پڪڙي سگھجي ٿو، پر دهشتگرد اڃا به ان کان خوش نه هئا. ڪجھ عرصو
اڳ تائين سڄي خبر پاڻ لکي ديده دليريءَ سان اخبار وارن کي حڪم ڪيو ويندو هو ته
اسان جي اها خبر پهرئين صفحي جي فلاڻي هنڌ تي شايع ڪئي وڃي. هڪ ٻه ڀيرو ”جنگ“ ۽
”ڊان“ رڳو اهڙيون خبرون ڇاپيون جيڪي هڪ معمولي حد تائين دهشتگردن جي خلاف هيون، ته
کين ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ نه رڳو سڄي ڪراچي ۾ اخبارون هلڻ نه ڏنيون ويون ۽ انهن کي
ساڙيو ويو، پر ايڊيٽرن ۽ نيوز ايڊيٽرن کي سڌيون ڌمڪيون ڏنيون ويون، ته سندن ڪنهن
نه ڪنهن گھر ڀاتيءَ کي قتل يا اغوا به ڪيو ويندو. ”پرچم“ جي مئنيجر کي سندس آفيس ۾
گوليون هنيون ويون (6- ڊسمبر 1994ع)، ”تڪبير“ جي ايڊيٽر کي آفيس مان نڪرندي ۽ بي
بي سي جي رپورٽر کي راهه ويندي سنهي بُهه مان ڪڍيو ويو، وغيره.
انساني حقن جي آڙ ۾
انساني حقن لاءِ جدوجهد جي آڙ ۾ انسان دوستيءَ جو نقاب پهري ويٺل ماڻهو
دهشتگردن جي کلئي عام حمايت ۾ انهيءَ حد تائين وڌي ويا آهن، جو ’پنهنجي پالڻهار‘
آمريڪا ۾ رهي، سنڌ ۾ ”مهاجرن“ تي ٿيندڙ ”ظلم“ خلاف بک هڙتالون ويٺا ڪن!
وائرليس سسٽم
ڪليم خواجه، 30-ورهين جو هڪ نوجوان، پنهنجو ميڊيڪل اسٽور بند ڪري اڳتي هليو،
ته هڪ پنج ماڙ تي ويٺل ”آفاق“ ٻئي ”شاهد“ کي اهڙو اطلاع ٽرانسميٽر تي پهچايو.
”شاهد“ وري ”انجم“ کي اهڙو اطلاع ڪيو، جيڪو ڪنهن بلڊنگ جي ڏاڪڻ هيٺان لڪل هو. جيئن
ئي ڪليم خواجه چونڪ وٽان لڙيو، ته مٿس گولين جو وسڪارو ٿي ويو ۽ دهشتگرد ڀڄي ويا.
1988ع ۾ سنڌي وسندين تي اوچين جاين تان نه رڳو گوليون وسيون، پر ٺٺوليون به ٿيون.
پوليس اڃا 5 ميل پري هوندي هئي، ته ٽرانسميٽر تي کين اهڙو اطلاع پهچي ويندو هو ۽ دهشتگرد
اشراف جي روپ ۾ اچي ويندا هئا.
ڏيهي جاسوس سرشتو
سوين ’زنانين‘ جا انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ منجھانئن 200 کن حسين، نوجوان ۽ پڙهيل
ڪڙهيل ”زنانيون“ چونڊيون ويون ۽ کانئن پڇيو ويو، ته ڇا اهي ”مهاجر قوم“ لاءِ
پنهنجي سڀ کان وڌيڪ عزيز شيءِ --- مائٽي، عزت، قوت، ذاتي خواب توڙي مستقبل ---
قربان ڪري سگھن ٿيون؟ جن دل من هنيو، تن کي بظاهر اجازت ڏني وئي، باقي سڀني کان
”ڀيٽا“ وٺي، کين سنڌ جي گھربل بيوروڪريٽن، وڏيرن، اسيمبلي ميمبرن وغيره ڏانهن
”ڪاز“ لاءِ موڪليو ويو.
رٽايرڊ فوجي ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ ڪيترائي ”آن ڊيوٽي“ مختلف قسمن جا
بيوروڪريٽ سوين نمونن جون رپورٽون ”مرڪز“ تي باقاعدي پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن،
جيڪي مختلف ادارن ۾ فنڊن، ملازمتن، پلاٽن، ڪارخانيدارن، دڪاندارن، ملازمن، باغين ۽
ڏِنگن ماڻهن جا اطلاع پهچائيندا رهن ٿا. جيڪو ماڻهو، پوءِ ڀلي پنهنجو ڪارڪن هجي،
”فسادي“، ”وڳوڙي“، ”باغي“، ”ڏِنگو“، ”ڦڏئي“ بيان ٿيو، سو پنهنجي سڄي گھر سميت ڏاڍي
ڀيانڪ سزا لوڙيندو.
سنڌي وڏيرن ۽ ڌاڙيلن وٽ پناهه
ڪيترائي دهشتگرد جڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري لڪڻ جي گھرج محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجن
”مٽن مائٽن“ وٽ ضرورت آهر لڪي نه ٿا سگھن، تڏهن اهي پنهنجن ڄاتل سڃاتل وڏيرن ۽
ڌاڙيلن وٽ اچي پناهه وٺن وٺندا آهن ۽ موٽ ۾ کين چند ٽَڪا عيوضي ۾ ڏيندا آهن. وقت
سر کانئن هٿيار ۽ منشيات خريد ڪري موٽي وڃي گھربل هنڌ تي پهچائي دولت ڪمائيندا ۽
حياتيون تباهه ڪندا آهن.
غنڊن ۽ قاتلن جو هٿياربند جَٿو
سنڌ ورهائڻ جي سازش، رٿابندي ۽ گُھر ڪندڙ سنڌ دشمن دهشتگردن وٽ اشتهاري غنڊن،
لوفرن، بدمعاشن، چورن ۽ قاتلن جو هڪ اهڙو نظم ۽ تربيت يافته جَٿو موجود آهي، جنهن
گذريل اٺن ورهين دوران هر قسم جو تشدد ڪري زبردست تجربو حاصل ڪري ورتو آهي. اهي جت
ڪٿ کلئي عام پنهنجي ڪاروائي ڪن ٿا ۽ گم ٿي وڃن ٿا. انهن جو من ايترو ته وڌيل ۽
بُود ۾ ڀريل آهي جو هزارين ماڻهن جي وچ ۾ بيهي، کليل بازار ۾ ٽرئفڪ وهندڙ روڊن تي
پوليس، رينجرس ۽ فوج جي موجودگيءَ ۾ خود انهن تي گوليون وَسائي بنا ڪنهن خطري جي
سلامت هليا وڃن ٿا. مٿن جيڪڏهن ڪي ڪيس داخل به ٿين ٿا، ته هي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن
نموني ڇُٽي وڃن ٿا. هن مهل تائين شايد ئي ڪنهن دهشتگرد کي دهشتگرديءَ جي الزام ۾
قانوني ۽ واجبي سزا ملي هجي. سندن من ايترو وڌيل آهي جو سندن نمائندا کلئي عام
ويٺا چون ته اسان جي دهشتگردن کي بنا ڪنهن ڪيس جي آزاد ڇڏيو وڃي ۽ حڪومتون آهن، جو
ساڻن ويٺيون ”سياسي“ ڳالهيون ڪن.
هڪ منظم تنظيم
اهي غنڊا ۽ قاتل هڪ تنظيمي ضابطي هيٺ رهن ٿا ۽ رهڻ تي مجبور آهن. ٿوري به
ڀڃڪڙي ڪندا ته ٻين غنڊن ۽ قاتلن هٿان قتل ٿي ويندا يا مٿن ڪيس پئجي ويندا ۽ جيل
ڀيڙا ٿيندا --- دهشتگرد پاڻ به پنهنجي ئي ٻين دهشتگردن جي ڊپ ۾ ورتل هئڻ جي ڪري
منظم ۽ ضابطي ۾ رهي ٿو.
ڪن مخصوص مفادن هيٺ ڪي ”دانشور“ ۽ ”صحافي“ سندن ڪرتوتن کي لفاظيءَ جي پوش ۾
لڪائي کين هيرو ڪري پيش ڪن ٿا.
دهشتگرد مختلف قسم جي دڪاندارن، واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، صنعتڪارن، ڪامورن ۽
ٻين سرنديءَ وارن کان نه رڳو ناڻو هٿ ڪن ٿا، پر کانئن واسطيدار مخصوص قسم جي مدد ۽
سهڪار به وٺن ٿا. واسطيدار بيورو ڪريٽ ته حڪومت کان وڌيڪ دهشتگردن جا وفادار آهن.
وڪيل کين قانوني تحفظ ڏين ٿا، ڊاڪٽر علاج معالجو ڪن ٿا، صنعتڪار کين روزگار مهيا
ڪن ٿا وغيره.
ڪي ٻيون ڳالهيون
1-
سنڌ جي ورهاست
يا سنڌ تي قبضو؟
ڪالهه هنن کي ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻو هو ۽ هنن سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي. اڄ
هو سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، پاڪستان کي ٽوڙڻ جا نعرا هڻن ٿا، پاڪستاني فوج
تي گارين جي گجگوڙ هلي پئي.
2-
ڪوڙ جو طوفان
اسلم بيگ، نوازشريف، اشتياق اظهر، ولي خان ۽ ٻيا گارين جو وسڪارو لايو بيٺا
آهن، ته وارو ڪريو، ”مهاجرن تي ظلم“ بند ڪريو، ڪراچي مان فوج ڪڍو نه ته... (31
نومبر 1994ع تي اوچتو ئي فوج کي موٽايو ويو. 6-ڊسمبر 1994ع تي اشتياق اظهار چيو ته
ايم ڪيو ايم ٺاهه لاءِ تيار آهي.) زي ٽي وي ۽ دُوردرشن انڊيا تان ”مهاجرن تي ٿيندڙ
ظلمن جا دستاويز پروگرام“ پيا ڏيکاريا وڃن. بي سي سي، وائيس آف آمريڪا، آل انڊيا
ريڊيو وغيره ڪنهن نه ڪنهن نموني اهڙيون خبرون هلائيندا اچن جيڪي ڄڻڪ دهشتگرد پاڻ
ويٺا نشر ڪن.
3-
ٻٽو رويو
ڪالهه سنڌين پنهنجي ڏيهي، انساني قانوني حقن جي جمهوري انداز ۾ گھر پئي ڪئي،
ته اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، انڊيا جو ايجنٽ، وغيره، سڏي کين خوار ڪرڻ ۽ فوج
سڏائي کين سيکت ڏيڻ جو ڳالهه ڪئي ويندي هئي. اڄ دهشتگرد کلئي عام پاڪستان کي ٽوڙڻ
جون ڳالهيون ڪن ٿا، فوج کي گاريون ڏين ٿا ۽ ڪٿي ته گولين جو شڪار بڻائن ٿا، ڀارت
جي پاڪستان دشمن پاليسين جي سڌي حمايت ۽ پاڪستان جي ڪشمير نواز پاليسين جي سڌي
مخالفت ڪن ٿا، وغيره. ان هوندي به دهشتگردن کي ’مظلوم‘ ۽ فوج کي ’ڏوهاري‘ سڏيو وڃي
ٿو.
دنيا ڄاڻي ٿي ته 5- ورهيه اڳ 86 سالن جي پوڙهي جي. ايم. سيد صاحب سکر هوائي
اڏي تي پاڪستاني جھنڊو ڪو نه ساڙيو هو، پر هو ان الزام ۾ اڻ-دريافتو بند آهي، ۽
دنيا ڏٺو ته دهشتگردن جناح جي مزار آڏو پاڪستاني جھنڊي کي باهه ڏني، پر مٿن ڪيس به
داخل نه ٿيو.
دودو مهيري اجائي الزام ۾ جيل اندر آهي ۽ مٿس بغاوت جو ڪيس مڙهيو پيو وڃي، پر
جيڪي سچ پچ بغاوت ڪيو ويٺا آهن، مٿن ڪورٽن پاران ڊيٿ وارنٽ نڪتل آهن، پر اهي
سرڪاري پروٽوڪول سان آزاد گھمي ڦري رهيا آهن.
4-
نقشا
پاڪستان ۽ سنڌ کي ورهائڻ جا ست اٺ نقشا ۽ ٽي چار دستاويزي ثبوت ته اخبارن ۾
پڌرا ٿي چڪا آهن.
هڪ نقشي ۾ هنن بلوچستان جي اٿل ۽ ٻيلا وارين ايراضين تي به ميري نظر وڌي آهي.
هڪ نقشي ۾ سنڌين لاءِ (يعني سنڌ صوبي لاءِ) جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ اڌ دادو ضلعو
ڇڏيا آهن ۽ هڪ نقشي ۾ ته سنڌين لاءِ سنڌ جو هڪ انچ به ڇڏيل ناهي --- سنڌ جا ٽي
صوبا ”مهاجرستان“، ”ڪراچي“ ۽ ”اردو ديس“ قرار ڏنا ويا آهن ۽ سنڌ کي عملي طرح
دهشتگردن جو الڳ ملڪ ڏيکاريل آهي!
سنڌ دوست ۽ قوم پرست پاسو
سنڌي ماڻهن ۾ سياسي پهچ رکندڙ سڀ کان وڏي پارٽي پ پ آهي؛ اها ووٽ اڪثريت ۾
حاصل ڪري ٿي ۽ ”وفاق پرستي“ جي ڌٻڻ ۾ ايترو ته گتل آهي جو صوبن کي جيڪا نالي ماتر
خود مختياري مليل آهي، اها به کسڻ گھري ٿي.
”وفاقي حڪومت هاءِ ويز، ٽرانسپورٽ ۽ آبپاشي جي شعبن ۾
اختيارن جي مرڪزيت ختم ڪري صوبن کي ڏنل ڪنهن حد تائين خود مختياري کسي ورتي آهي.“
(جاڳو،
8-ڊسمبر 1994ع)
پ پ اسان جو هڪ الڳ موضوع آهي. دهشتگردن پاران ايڏي وڏي سنڌ دشمن مطالبي تي ان
جي اعليٰ سطح پاران ٻڙڪ به نه ٻاڦي وئي آهي؛ دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري کين سياسي
حيثيت ۾ برقرار رکيو اچي ۽ اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي سنڌين جو دهشتگردن خلاف ڪيس
ڪمزور يا مورڳو بي اثر ٿيو وڃي. هن لاءِ پنهنجي ئي وطن جو هڪ صوبو سنڌ ۽ ان ۾
محفوظ عظيم ترين ووٽ بينڪ ايڏا اهم ناهن، جيترو ڪشمير. پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها
هم عهدن تي طوطي جيان اکيون ڦيرائيندڙ ماڻهو ويٺا آهن. ايم اين اي، ايم پي اي ۽
سندس ٻيا حضرات مهيني ماسي هڪ اڌ بيان کان اڳتي چوڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪي ”دانشور“
دعويٰ ڪن ٿا ته پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان ماکيءَ جون نديون وهي هلنديون، انهن جي
ڳالهه تي اعتبار اچي ها، جڏهن سنڌ مان غير قانوني ڌاريا ڪڍيا وڃن ها، سنڌ جي
ڪارخانن ۽ مختلف ادارن ۾ روزگار جو پهريون حق سنڌين لاءِ مقرر هجي ها، ٿر ۽ ڪاڇي ۾
پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيم ٺهن ها، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو نه لڳي ها، اهو سنڌ جي، حقيقي
مالڪن سنڌين جي، حوالي هجي ها، وغيره. پ پ سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ اهو ڪري سگھي ٿي، ته ٻه
ٽي نوڪريون ڏئي سگھي، ٻه ٽي اسڪول کولي سگھي، ٻه ٽي روڊ ٺهرائي سگھي ۽ اهي ڪم اهڙا
ناهن جن تي فخر ڪجي. اهي ڪم ته جنرل ايوب خان کان جنرل ضياء ۽ نواز شريف تائين،
سڀني پئي ڪرايا آهن ۽ جت ڪٿ هر ملڪ ۾ معمول جو ڪم آهي ۽ ڪو به ڪارنامو ناهي. اڄ
به، جڏهن مرڪز توڙي سنڌ ۽ سرحد ۾ پ پ جي حڪومت قائم آهي، ڏهاڙي 250-400 ماڻهو ڀارت
کان غير قانوني طرح ڀارت-پاڪ سرحد ٽپي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا. افغان ڀاڄوڪڙ ڏهاڙي
75-150 ۽ پنجابي ڏهاڙي 150-300 تائين اچن ٿا، جڏهن ته ايران، ڪشمير ۽ ٻين هنڌن تان
ايندڙن جو اندازو ئي ناهي. سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌڪاريا وڃن ٿا. سنڌ جي قسمت جو
سودو جَهِڙوڪر دهشتگردن جي هٿن ۾ آهي، وغيره وغيره. اهڙين حالتن ۾ ڪهڙن ڪهڙن
”ڪارنامن“ جي ڪري سنڌي ماڻهو پ پ کان اهي اميدون رکي سگھندا، ته اها سنڌ ۽ سنڌين
جي تاريخي، ثقافتي، تهذيبي، ذهني ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري سگھندي؟ پر هتي انهن جو
ذڪر مقصود آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌ جو سڄڻ ۽/يا قوم پرست سڏائن ٿا.
عوامي تحريڪ
سنڌ جي اڪيلي هيٺين وچين طبقي واري انقلابي، عوامي ۽ جمهوري تحريڪ، جنهن جون
پاڙون سنڌ جي حقيقي وارث عوام جي دلين ۾ کُتل هيون. هن تحريڪ وٽ نه ته پيسي جو زور
هو ۽ نه ئي وري جاگيرداراڻي سرندي، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيع ۽ منظم تنظيمي ڍانچو
رکندڙ هئي ۽ جڏهن به ڪنهن وطن دوست، عوام دوست، جمهوريت پسند يا انساني اِشو (issue/ مامري) تي جدوجهد جو سڏ ڏيندي هئي، تڏهن سنڌ اٿلائي رکندي هئي.
ضياء شاهي ۽ ڊڪٽيٽريءَ خلاف هن تحريڪ ٻين سڀني وڏين وڏين ۽ نالي چڙهيل پارٽين کان
وڌيڪ جٽادار، منظم ۽ مرتب جدوجهد هلائي. ”ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهيو“ کان وٺي
”ڪالا باغ ڊيم منصوبو رد ڪريو“ تائين، هن تحريڪ سنڌ جي ٻين مسئلن سان گڏ ڪالا باغ
ڊيم خلاف جيڪو عظيم الشان اجتماع ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو، بيشڪ اهو سنڌ جي انقلابي جدوجهد
جو بي مثال ڪارنامو آهي --- لکين سنڌين جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، ڪراچيءَ جي مکيه
رستن تي اُٿلي پيو، پر ٽي مهينا اڳ هن ئي تحريڪ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين، ڪالا
باغ ڊيم خلاف، جيڪو ”لانگ مارچ“ ڪيو ان ۾ رڳو 32 ماڻهو شامل هئا! (انهيءَ ”لانگ
مارچ“ وسيلي ڄڻڪ ڪن مخصوص قوتن کي علي الاعلان ٻڌايو ويو، ته ”ڏسو، اسان ان ساڳيءَ
انقلابي عوامي تحريڪ کي ناس ڪري ڪهڙي نه ڪريل سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي.“)
1988ع ۽ 1989ع ۾ سنڌ اندر سنڌين خلاف دهشتگرديءَ جي اوج مهل (اڳوڻي) عوامي
تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب وقت جي حڪومت کي ڌوم ڌڙاڪي سان آڇ ڪئي، ته
هو 10 هزار والنٽيئر (رضاڪار) مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي دهشتگردن جي ستياناس
ڪري سگھن ٿا. (هن پنهنجي ڌام ڌوم ۽ لکين رپين جي خرچ سان پهريون ڀيرو ملهايل
سالگرهه جي موقعي تي ڪجھ نياڻين کان ڪلاشنڪوف وسيلي هوائي فائرنگ ڪرائي، سلامي
وٺي، اها ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته وٽس ’زبرو لشڪر‘ تيار آهي، جنهن کي اردو اخبارن
رپورٽ ڪندي ”بدمعاشي ڪري“ دهشتگردن جي فائدي ۾ ڪتب آندو.) اڄ اهي والنٽيئر وڌي ٻيڻ
تي ضرور ٿيا هوندا! ڪٿي آهن؟
ڇا سنڌ دشمن دهشتگردن جي قوت انهيءَ ”انقلابي“ ڳڻپ کان وڌيڪ هوندي؟ (سنڌ جي
ڪنهن ”منظم، وطن دوست، جمهوري، عوامي ۽ انقلابي“ سياسي پارٽيءَ وٽ جيڪڏهن وطن دوست
رضاڪارن جو ايڏو وڏو لشڪر هجي ۽ پوءِ به سنڌي ان ڪري ڪُسي، جو سنڌي آهي، تُف هجي!
چند ڏوڪڙن خاطر عوامي تحريڪ جي انقلابي روح کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي!
سنڌي ڪامورا شاهي ۽ جاگيردار شاهي
سنڌي بيوروڪريٽ، ٿلهي ليکي، نمڪ حرام ۽ پهرين نمبر جو خود غرض ۽ بدمعاش آهي.
سنڌ دشمن قوتن جو بيوروڪريٽ ڪيڏو به ڪمينو هجي، مجموعي طرح پنهنجي مخصوص لساني
ٽولي جي مفادن کي اوليت ڏيندو ۽ انهن کان ٻاهر نه ويندو، پر سنڌي بيوروڪريٽ سدائين
پنهنجي قومي مفادن کان ٻاهر رهندو، اڃا به ان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڦورو
حاڪمن ۽ جاگيردارن جي اڇلايل ٽڪر تي پلجندڙ ڪاموراشاهي اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي،
ته سندس ڪرسي سنڌي عوام پاران هلايل قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي ٺهي سگھي آهي. اسان
جو ڪامورو حقدار کي به ناحقي رلائيندو رهندو، پر جي ڪنهن پنج رپيا آڇيا يا پيالو
پيش ڪيو ته گھور پيو ويندو، سڀ قانون ۽ قاعدا قربان ڪري ڇڏيندو.
سنڌي جاگيردارشاهي عملي طرح انگريزن جي پيدا ڪيل آهي ۽ تاريخي طرح سنڌ ۽ سنڌين
خلاف غدارين ۽ پرمار ڪاهيندڙن سان ڳٺ جوڙ جو عالمي رڪارڊ رکي ٿي. شل نه ڪو راڄ باڳ
جو ماڻهو ٻه سچا اکر ڪُڇي، سندس ڄڻ-ٻچو رلائي ڇڏيندي؛ پر موچڙي آڏو هڪدم معصوم
بڻجي پُڇ-لوڏ شروع ڪري ڏيندي. انگريزن ئي ان کي طاقتور بڻايو ۽ ان انگريزن لاءِ
سنڌ مسيت ڪري ڇڏي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان جيڪي ويل وهيا ۽ ڪِيس ٿيا آهن، ان
۾ پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن سان ٻِٽ رهندي هن به وَسان نه گھٽايو آهي. سنڌ جو نقشو
ميساريو، سنڌي ٻوليءَ جي تيز رفتار اوسر کي روڪي ڪري نيچو نوايو. سنڌوءَ تي ڊيمن
ٺهرائڻ ۾ ان جي رضا شامل هئي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي سر زمين کي سوڪهڙي ۾ وٺايو ۽
سنڌوءَ جي پيٽ تي واريءَ جا طوفان اڏرڻ ڏنا. سنڌ کي گھربل حصو ۽ حق ڏيارڻ ۾ غفلت
ڪئي ۽ سنڌ جا سمورا پيداواري ۽ روزگاري وسيلا ۽ مال ملڪيت ڌارين جي قبضي ۾ وڃڻ
ڏني. اردڪ سياسي قوتن کي پهريائين ان ئي سنڌ ۾ مضبوط ڪيو ۽ پوءِ ان لائق بڻايو جو
اڄوڪي دهشتگرد قوت کي سنڌ ۾ سگھارو ڪري سگھي. سنڌ سان غدارين جو هڪ وڏو رڪارڊ
جاگيردارشاهيءَ جي سر تي آهي ۽ ان ڪم ۾ اها ايترو ته مصروف رهي آهي، جو کيس مٿو
کنهڻ جي به واندڪائي نه ملندي آهي.
”سچيون“، ”قوم پرست“ پارٽيون
ڪيتريون ”سچيون“ ۽ ڪيتريون ”قوم پرست“ پارٽيون آهن، انهيءَ کان ڌار رهي، سندن
عوامي طاقت، نظرياتي وسعت، تنظيمي پختگي ۽ ڪم جي طريقي کي جاچڻ گھرجي. انهن حوالن
سان ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ تمام گھڻو پوئتي نظر اچي ٿو. جنرل ضياء ۽ دهشتگردن جي کليل
حمايت کان پوءِ هڪ موقعو اهو به آيو جو هڪ ڀيري جي ايم سيد صاحب جن چِٽو ڪري چيو
ته ”ڪارڪن منهنجو چوڻ ئي ڪو نه ٿا وٺن.“ هونئن به ”جيئي سنڌ“ جا لفظ پنهنجي نالي ۾
ڪم آڻيندڙ ڪيترائي ٽولا پنهنجي منهن وڌيڪ هلندا آهن ۽ سيد صاحب جو رڳو نالو ڪم
آڻيندا آهن. جيڪا ليڊرشپ پنهنجن ڪارڪنن تي تنظيمي ضابطو نه ٿي رکي سگھي، ان بابت
ڪيئن اميد ڪري سگھجي ٿي، ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بهترين مفادن ۾ ڪم ڪري ۽ خاص ڪري
دهشتگرد قوت کي منهن ڏئي سگھي ٿي. ”ترقي پسند پارٽيءَ“ جي قيدت جو وڏيرڪو انداز،
پجيرو، ٺيڪا، وغيره، گھڻي عرصي کان تنقيد جو شڪار رهندا آيا آهن. ٽيون ڏينهن پارٽي
ٺهي آهي ۽ ڪالهه ٻه ڀيرا ٽُٽي چڪي آهي. سياسي عمل ۾ عام روش سياسي گھٽ ۽ داداگير
وڌيڪ رهندي اچي ٿي. دودو مهيري توڙي جو هن پارٽيءَ جي اڳواڻن مان هڪ هو، پر اڄ
تائين ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻڪ کيس اڪيلو ڪري حڪومت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. جلسن
جلوسن ۾ توڙي جو هن پارٽيءَ کي هڪ حد تائين عوام پاران موٽ ملي ٿي، پر اها ايتري
ناهي جو اميد ڪري سگھجي ته دهشتگرد قوتن کي منهن ڏئي سگھندي.
ٻيا به ڪيترائي محدود حلقي وارا ننڍا ٽولا پنهنجي سياست ۾ قوم پرستيءَ جو
اصطلاح ڪم آڻين ٿا، پر سندن اثر جي ڪٿ تور هتي ممڪن ناهي.
وطن دوستيءَ ۽ قوم پرستيءَ جي حوالي سان مٿي آندل ذڪر جو مقصد اهو قطعي ناهي،
ته انهن ڌرين ڪو هڪ به اهڙو عمل نه ڪيو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ هجي.
سچ اهو آهي ته سنڌي عوام ۾ قومي حوالي سان جيڪا به جاڳرتا نظر اچي ٿي، ۽ وطن
دوستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي ۽ ترقي پسنديءَ جي حوالي سان سوچي، حق جي ڳالهه
ڪجي، ته پاڪستان جي باقي قومن کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ۽ مٿاهين سطح تي نظر اچي ٿي.
ان ۾ مجموعي سطح سڀني ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ محاذ (جي ايم سيد)، پاڪستان پيپلز پارٽي
(ذوالفقار علي ڀٽو) ۽ عوامي تحريڪ (1988ع تائين) جو نظرياتي، سياسي ۽ عملي ڪردار
شامل آهن.
مٿي ڏنل ڳالهين تي چڙڻ بدران پنهنجي منهن پنهنجي سياسي قوت جو سنجيدگيءَ سان
جائزو وٺي، خود تنقيد جي عمل سان پاڻ کي ڌوئي صاف ڪري، گنڀير ٿي، سنڌ جي وجود جي
سالميت ۽ نجات لاءِ بهترين، علمي، عملي ۽ سياسي انداز ۾ سوچيو وڃي ۽ سنڌ دشمن قوتن
جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عمليون جوڙي عمل ۾ آنديون وڃن.
(روزاني ”هلال پاڪستان“، 30- ۽ 31-ڊسمبر
1994ع)
سنڌ دوستيءَ
جي نالي ۾
دڙڪي واري
سياست
جڏهن کان وٺي هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولي جي سردار سنڌ کي ورهائي پنهنجي پسند جي
ڪڌا مقصد رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ڌار صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان ڪن سنڌي
جاگيردارن کي، جيڪي بدقسمتيءَ اسان جي سنڌ جي سياست به ڪندا آهن، سنڌي اخبارن ۾ مختلف
قسمن جا وڏيراڻا بيان ڇپرائڻ جو جھڙوڪر نئون وجھ ملي ويو آهي. ڀانئجي ايئن ٿو ته
پنهنجي روايتي ڄٽاڻي سوچ ۽ رويي ۾ ڪا به علمي، اصولي ۽ سياسي تبديلي آڻڻ بدران، ڪا
به اڳ-ڳڻ ڪرڻ ۽ ڊگھي نظر رکڻ بنا، لاهي پاهي لٻاڙي بيان بازيءَ تي زور ڏنو ويو آهي
--- ”دَٻِ درخاشَ دِينوءَ تي!“ اهڙا اهڙا بيان نظرن آڏو اچن ٿا، جو هوند ڪو ’راڪاس
برڙ باڪاس‘ ئي انهن کي عملي ويس پهرائي سگھي، ماڻهوءَ جي وس کان ته ٻاهر آهي ---
’مهاجر پاڻ کي سنڌي سڏائين/سمجھن، نه ته کين سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو، ڌرتيءَ تان تڙي
ڪڍبو، جيئرو رهڻ نه ڏبو، ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو، وغيره وغيره.‘
انگريز پرمار جي چُوسي اڇلايل هڏيءَ، ٽڪر-ڀور ۽ چاپلوسيءَ تي پليل
جاگيردارشاهي (جنهن کي سنڌيءَ جي هڪ سياسي اصطلاح ۾ ”وڏيراشاهي“ به سڏيو ويندو
آهي) جيڪڏهن ايڏي ئي لائق فائق، اڪابر ۽ مڙس ماڻهو هجي ها، ته سنڌ هڪ خود مختيار
جي حيثيت ۾ پنهنجي مڪمل آزادي ۽ اقتدار اعليٰ (sovereignty) بچائي ۽
برقرار رکي سگھي ها. سندس نالو ۽ نقشو ايئن مٽايو نه وڃي ها، ان جي سموري پيداواري
۽ روزگاري وسيلن کي پرڏيهي پناهگيرن ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻن جي حوالي نه ڪيو وڃي ها، جن
اڳتي هلي انهيءَ ئي هٿ کي ڏنگڻ شروع ڪيو جنهن کين کير پياريو ۽ انهيءَ ڌرتيءَ کي
وڍڻ جو ورد ڪيو جنهن کين پناهه ڏني! اها جاگيردارشاهي چند ٽَڪن عيوض يا عياشيءَ جي
خسيس لالچ تي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻولي وڪڻي ڏيڻ يا ڇڏي ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي!
سياست ۾ دڙڪو به ٿيندو آهي پر ايڏو سکڻو ۽ هوائي به نه!
ٻي ڳالهه:
دڙڪو ڪنهن کي ڏيو ٿا؟
”مهاجرن“ کي!
(”مهاجرن“ کي ڇو، دهشتگردن کي ڇو نه؟)
دهشتگرد اهو ئي ته چاهين ٿا، هنن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته هڪ مخصوص
آباديءَ (جنهن کي اهي ”مهاجر“ سڏن ٿا ۽ ان لفظ ۾ لکين اهڙن ماڻهن کي به شامل ڪن
ٿا، جيڪي تاريخي، تهذيبي، تمدني، ثقافتي، لساني، اخلاقي ۽ ذهني طرح سنڌي آهن جيئن
ميمڻ، ڪاٺياواڙي، گجراتي، ڪڇي وغيره) سان ويڙهه ۽ وير واري فضا پيدا ڪئي وڃي. اهي
ان مخصوص آبادي ۾ هزارين چالبازين، بدمعاشين ۽ غنڊاگردين وسيلي ڊپ ۽ هراس ويهاري
انهن کي هتان جي حقيقي ۽ تاريخي قومن سان هٿرادو ٽڪر ۾ آڻي، انهن کان نفرت ڏياري،
منجھن اجايو احساس محرومي ۽ عدم تحفظ پيدا ڪري پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۽ پنهنجي عوامي ۽
سياسي سگھ بڻائڻ گھرن ٿا. هڪ بي بنيادي دڙڪو، ڇا ان آباديءَ کي اسان کان ڌڪي ڌار
نه ڪندو؟ اسان ڏانهن نفرتون نه ويهاريندو؟ ۽ ڇا ان آباديءَ وٽ دهشتگردن جي اڳواڻي
قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه بچندي؟
سمورا ”مهاجر“ ته ڇا، سمورا اردڪ ماڻهو به دهشتگردن جا حمايتي ۽ پوئلڳ ناهن
--- اها ڳالهه هميشه لاءِ ياد رکڻ گھرجي!
اها اسان جي سياستدانن جي ڪوتاهه بيني ۽ جهالت آهي، جو اهي دهشتگردن جي پسند
جو لفظ ”مهاجر“ ورجائينديون رهن ٿيون ۽ گھربل معيار جو سياسي، نظرياتي، علمي ۽
اخلاقي ڪم نه ڪري سگھڻ سبب پنهنجو سياسي اثر ۽ پرچار اردڪ آباديءَ ۾ نه پکيڙي
سگھيون آهن. ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ پ پ پ (پاڪستان پيپلز پارٽيءَ) ۾ شامل آهن ۽
دهشتگردن جي انتهائي ڪوشش آهي ته پ پ کي سنڌي پارٽي سڏي/سڏائي، انهن کي پ پ کان
ڇني وٺجي. خود اها پ پ جي سياستڪارن جي به نااهلي آهي جو پنهنجو جمهوري پروگرام ۽
منشور اردڪ آباديءَ ۾ ڀرپور نموني نه پکيڙي سگھيا آهن ۽ ان آباديءَ ۾ پنهنجي سياسي
سرگرميءَ کي محدود رکي دهشتگردن جي سياسي واڌ جا دروازا کولي ڇڏيا اٿن.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هجن گھرجي، ته دهشتگردن کي سياسي حمايت رڳو اردڪ آباديءَ جي
هڪ حصي، خاص ڪري ڏوهارين (Criminals) مان ملي ٿي، جڏهن ته اردڪ آبادي پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو ست
سيڪڙو مس آهي ۽ سنڌ جي ڪل آباديءَ جو ويهه سيڪڙو به ناهي. (دهشتگرد پنهنجن ڪڌن
مقصدن کي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجي آباديءَ کي وڏو انگ رکندڙ ڏيکارڻ لاءِ ”مهاجر“ لفظ ڪم
آڻي، انهيءَ ۾ ڪَڇين، گجراتين، ميمڻن، ڪاٺياواڙين، عيسائين، پارسين، بوهرين وغيره
سان گڏ هر ان بنگالي، برمي، بهاري وغيره فرد کي ڳڻين ٿا، جيڪو ڪهڙي به غير قانوني
۽ ناجائز طريقي سان سنڌ ۾ سمگل ٿي پهتو آهي.) پر پنهنجي دهشتگرد عمل جي زور تي هنن
خاص ڪري اردو اخبارن (جيڪي هونئن به کين پنهنجي حمايت ڏينديون ۽ سنڌين خلاف نفرت
پيدا ڪنديون آهن) ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪيترن ئي قسمن جي ادارن کان به حمايت حاصل ڪري
ورتي آهي. نتيجو اهو ٿيو آهي جو ڪوڙن انگن اکرن ۽ دستاويزن جي بنياد تي عالمي
ادارن وٽ پاڻ کي مظلوم ۽ سنڌين کي ظالم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ذري گھٽ ڪامياب ٿيا
آهن. انهن جي چالو پر منظم ”سياست“ سان جيڪڏهن سنڌي جاگيردارشاهيءَ جي ”سياست“ جي
ڀيٽ ڪجي ٿي ته اها ڪوهين ڏور ۽ جيتامڙي نظر اچي ٿي.
اها جاگيردار شاهي جڏهن دهشتگردن جي قوت کي پُڄي نه ٿي سگھي ته دڙڪي داٻ کان
ڪم وٺي پنهنجو طرو اوچو رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ ڪم ظرفي اها، جو دڙڪو دهشتگردن کي به
نه، عام اردڪ آباديءَ کي به نه، انهن کي ڏين ٿا، جن کي دڙڪي ڏيڻ جي ڪري دهشتگردن
جي قوت وڌي ٿي، ۽ اهو دڙڪو به اهڙو سکڻو، لٻاڙي ۽ وات پيٽو، جو سندن ئي بي عقلي ۽
کوکلائپ کي ظاهر ڪري ٻين کي مٿن کلڻ جو موقعو مهيا ڪري.
دڙڪو دهشتگردن کي ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟
جاگيردارشاهي ٻاهران جيڏي رعبدار ڏِک ڏيندي آهي اندران اوتري ئي ڊڄڻي، ڪانئر ۽
گيدي هوندي آهي. جاگيردارشاهي پنهنجي ئي راڄ ڀاڳ ۾ ڪمزور لاءِ ڪٺور، قاتل ۽ وحشي
هوندي آهي ۽ ان جو ڄڻ ٻچو رلائي ڇڏيندي آهي، پر جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو هوندو ان آڏو
لور لور ڪندي ۽ پڇ لوڏيندي نظر ايندي آهي. جاگيردارشاهي سمجھي ٿي ته دهشتگردن جي
هٿ ۾ پاور آهي.
دڙڪو عوام کي ڇو؟
اهو به جاگيردارڪي ذهنيت جو اولڙو آهي جيڪا عوام خلاف ’واڙ جي سوئر‘ برابر
آهي، جاگيردارشاهي سمجھي ٿي ته ائين ڪرڻ سبب متان عوام ۾ سندس ڪرندڙ ساک کي هٿي
ملي پوي، نه ته اها هيءَ حقيقت بخوبي ڄاڻي ٿي ته سندس دڙڪي جو اردڪ عوام ۽
دهشتگردن تي ڪو به اثر نه ٿيندو (۽ شايد، اهو ڄاڻي ٿي يا نه ٿي ڄاڻي ته سندس ان
حرڪت جي ڪري دهشتگردن کي ئي فائدو ٿيندو).
جڏهن جمهوري رويا پنهنجي حقيقي روح موجب سگھارا هوندا آهن تڏهن دڙڪو پنهنجو
مفهوم وڃائي ويهندو آهي، تڏهن ڳالهيون ٿينديون آهن، پنهجي عمل وسيلي پاڻ کي بهتر
ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪبيون آهن، پنهنجين سوچن کي منطق، فلسفي ۽ نظريي جي آڌار تي
سائنسي اصولن موجب پيش ڪيو ويندو آهي ۽ عقل ۽ علم جي برتري سوڀ ماڻيندي آهي.
(سياست ۾) دڙڪو ڪير ڏيندا آهن؟
ڊڪٽيٽر، غاصب، بدمعاش، دهشتگرد، داداگير، بليڪ ميلر، غنڊا ۽ ڌاڙيل يا وري اهي
لوٺيا، جن جو گذر سفر ٻئي ڪنهن نموني نه ٿي سگھندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي به دڙڪو
ڏيندا آهن جڪي ڀاڙيا يا ڏٻرا هوندا آهن، پر اهي پرپٺ دڙڪو ڏيندا آهن ۽ ان کي ”ڌنوڻ“
يا ”ڀڻڪڻ“ چئبو آهي.
سياست ۾ دڙڪي مهل سڀ کان بدترين روپ غاصب ۽ آمر جو هوندو آهي. تاريخ ۾ ٻين
ڏيهن کي ڇڏي سنڌ جي حوالي سان رڳو هڪ مثال مختصر احوال لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿو.
جنرل ايوب ۽ جنرل ضياءالحق پاڪستان جي 48 وَرهِي تاريخ جا ويهه ورهيه پنهنجي
ڊڪٽيٽريءَ وسيلي کائي ويا. هڪ جي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي ۽ ٻئي جي دور ۾ سنڌين کي. ٻنهي جي وس ۾ جيترو به ۽ جهڙو به ظلم ڪري سگھڻ ممڪن
هو سنڌ، سنڌيءَ ۽ سنڌين سان ٿيو. هزارين ماڻهن کي جسماني طرح ايذايو ۽ ماريو ويو
--- لالچ تنهن کان ڌار --- توهان ڏسندا ته رڳو جاگيردارشاهي ۽ ڪاموراشاهي ئي هئي
جنهن سندن آڻ مڃي، خدمت ڪئي ۽ هڏيون چوسيون. مجموعي طرح سنڌي عوام نه ته سندن دڙڪي
دهمان ۾ آيو ۽ نه وري لالچ يا هٻڇ ۾. اهي ته حڪمران هئا، سندن وس ۾ پاڪستان جون سڀ
کان وڌيڪ سگھاريون قوتون هيون، قانوني پڇاڻي کان آجا هئا ۽ جيڪو وڻين ٿي، سو ڪري
سگھيا پئي. ڇا سنڌين پنهنجي ٻولي ڇڏي، ڌرتيءَ تان هٿ کنيو، سياست کي تياڳيو، ماٺ
ڪري ويهي رهيا؟
سنڌين جو مثال پاڪستان جي ٽڪري ۾ سڀ کان وڌيڪ مظلوم ماڻهن جو مثال آهي، جيڪي
هر پاسي کان قادري گھوڙن جي گھيري ۾ آيل ۽ واڳن جي ور چڙهيل آهن، جن سڄيءَ ڄاتل
تاريخ ۾ ڏک وڌيڪ ۽ سک نه جھڙا ڏنا آهن...
سياست ۾ دڙڪي جو نتيجو؟
نفرت، ۽ اڃا وڌيڪ نفرت.
دڙڪن وسيلي ماڻهن کان پنهنجون ٻوليون، ثقافتون ۽ تهذيبون نه ٿيون ڇڏرائي
سگھجن.
دڙڪو ممڪن آهي ته ڪجھ عرصي لاءِ ڪجھ ماڻهن جي ذهنن تي دٻاءُ وجھي کين ماٺو ڪري
سگھي (پر انهن جي من مان به مير نه ٿو ڪڍي سگھي) ۽ ان لاءِ به هڪ شرط آهي ته دڙڪو
ڏيندڙ سنڌي جاگيردارشاهيءَ جَهِڙي پير-چاٽو کودڙي نه هجي.
ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ، دڙڪي ۽ داٻ وسيلي ماڻهن جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب برابر
تبديل ڪري سگھجي ٿي، پر ان لاءِ لازم آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پنجن نسلن تائين اهو سلسلو
برقرار رکيو وڃي. اهڙو هڪ مثال آمريڪي ڪارن (نيگروز) جو آهي جن کي لاڳيتو هڪ سَو
ورهين تائين نظر ۾ رکندي هڪ ٻئي کان ڇني، ماريندي، قتل ڪندي ۽ دٻائيندي پنهنجي
ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.
سنڌ ۾ دهشتگردن سدائين گھربل فرد يا ڌر کي اڪيلي سر ڌمڪي ڏئي پنهنجي داٻ هيٺ
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي --- اخبارن جي مالڪن کي، اخبارن ۾ لکندڙ ليکڪن کي، مخصوص
نوڪرين تي ڪم ڪندڙ ڪامورن کي، دڪاندارن کي، وغيره. مثال طور هنن ڪڏهن به ايئن نه
چيو ته جيڪي واپاري کين ”چندو“ نه ڏيندا، انهن کي قتل ڪيو ويندو. ان جي بدران
”چندو“ نه ڏيندڙ اڪيلي دڪاندار کي نقصان رَسائيندا، ۽ ان جي ڪري ڊڄي ٻيا پاڻ ئي
”چندو“ ڏيڻ شروع ڪري ڏيندا. ”تڪبير“ جي ايڊيٽر صلاح الدين کي ڪيترائي مالي نقصان
رسائڻ ۽ ذهني تڪليفون ڏيڻ کان پوءِ به جڏهن هن پنهنجي قلم کي دهشتگرديءَ خلاف لکڻ
کان نه جھليو، ته نيٺ کيس گوليون هنيون ويون. (توڙي جو مون کي سندس سياسي نڪتي نظر
سان اختلاف هو، پر هن جيڪا دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ خلاف علمي جنگ ڪئي، ان ڪري مون
وٽ هن لاءِ ان حوالي سان عزت آهي.) دهشتگردن جو اهو عمل ٻين ڪيترن ئي ليکڪن کي
سندن خلاف لکڻ کان رنڊائي رکندو. اڪيلو ڪري مارڻ ممڪن آهي، پر واسطيدار سڄي سماج
کي ڌمڪي ڏيڻ بي عقليءَ جو مظهر.
دهشتگردن خلاف ڪا به ڌمڪي تڏهن ڪارگر ٿي سگھي ٿي، جڏهن کين اجتمائي طرح نه، پر
اڪيلي اڪيلي فرد تائين پهچي ڌمڪايو وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ڌمڪيءَ کي عملي ويس به پهرايو
وڃي.
(روزاني ”هلال پاڪستان“، 10-جنوري 1995ع)
’مهاجر‘، ’اُردڪ‘ ۽
دهشتگرد ۾ فرق
ڪرڻ کپي!
”مهاجر“ لفظ جي هڪ اصلي معنيٰ ۽ هڪ مفهوم آهي: اهو جيڪو ڪن به سببن جي ڪري، پر
سَتائجِي، پنهنجو اباڻو علائقو ڇڏڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ ڪنهن ٻئي
علائقي ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو، ته جيئن حالتون سڌرندي ئي پنهنجي علائقي ڏانهن موٽي
سگھي. ان کي انگريزيءَ ۾ Refugee (رفيوجي) ۽ عربيءَ ۾ ”مهاجر“ سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ چئون ”پناهگير“ (جيڪو اصل
فارسي لفظ آهي).
پر سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾، 1947ع کان پوءِ، ”مهاجر“ لفظ جو واهپو ڪِيني ۽
ڪدورت سان ٽمٽار هڪ ٻئي مخصوص مفهوم ۾ به ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ڪيو وڃي ٿو.
پاڪستان ٺهندي ئي ٿيل لڏ پلاڻ مهل اهو لفظ سنڌ جي وَسندين ۽ وسيلن تي ناجائز قبضي
جي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ ڪُوڙن ڪِليمن ۽ ڪُوڙين ڊگرين ۽ شاهدين وسيلي ڦورو
حڪمران ٽولي جي ڇانوَ ۽ ڏاڍ هيٺ اهو مقصد پورو ڪيو ويو. متروڪ ملڪيت جي نالي ۾،
ڪارن قانونن جي ٽيڪ تي هڪ خصوصي رٿابنديءَ هيٺ هڙپ ڪيو ويو ۽ ڀارت کان مختلف سببن
جي ڪري لڏ پلاڻ ڪري يا ڀڄي آيل ماڻهن کي سنڌ ۾ وَسايو ويو. ون-يونٽ وسيلي انهيءَ
ڦرلٽ ۽ قبضيگيريءَ ۾ تيز ترين واڌ آندي وئي ۽ سنڌ جون ڪيتريون ئي ڀَليون زمينون
پنجابين ۽ پٺاڻن کي به ملي ويون. انهيءَ عرصي ۾ حڪمران ٽولن خود پنهنجن قانونن جي
جيڪا بيحرمتي ڪئي، سا تاريخ جو هڪ عجيب رڪارڊ آهي. اڄڪلهه انهيءَ لفظ ”مهاجر“ کي
تِهائين وڌيڪ غليظ مقصدن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. ان لفظ جي آڙ ۾ هڪ جڙتو قوم جو تصور
ميدان تي آڻي، نام نهاد دانشورن کان پرچار ڪرائي، هٿيارن جي زور تي دهشتگردي ڪري،
اهو مقصد ماڻڻ جي ڪوشش جاري آهي.
اڄ دهشتگرد جڏهن اهو لفظ ڪم آڻين ٿا، تڏهن سندن مفهوم ڏاڍو وسيع آهي. هاڻوڪي
پاڪستان جي تاريخي ۽ حقيقي قومن جي فردن کان سواءِ، هر اهو پرڏيهي، خاص ڪري جيڪو
اڄوڪي ڀارت جي ايراضيءَ مان 1947ع کان پوءِ ناجائز لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيو
آهي، اهو ۽ ان جو 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ڪو به ناتو رکندڙ فرد، هن لفظ ۾ شامل
سمجھيو وڃي ٿو. دهشتگردن جي هام موجب، اهي سڀ ان جڙتو قوم جا فرد آهن ۽ سندن سنڌ
جي سرزمين تي قبضيگير سپر پاوري حق پيدا ٿي پيو آهي، جنهنڪري هڪ نئين نالي وارو
ڏيهه خلقيو وڃڻو آهي، جنهن جون سرحدون اڃا طَي ٿيل ناهن، پر اهي هاڻوڪي سنڌ جي
اندر يا ان سان گڏ ان کان ٻاهر به ٿي سگھن ٿيون.
انهيءَ جڙتو قوم جي تصور کي مضبوط ۽ محڪم ڪرڻ لاءِ انهن دهشتگردن لفاظيءَ ۽
دهشتگرديءَ جو هڪ وسيع ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڄار جو هڪ اکو اهو به آهي ته سندن
پسند جي آباديءَ وارا فرد هتي جي حقيقي ۽ تاريخي قومن سان ٽَڪر (تضاد، ويڙهه) واري
حالت ۾ رهن ۽ انهن جي وچ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھندي ساڻن سندن جيڪي به سنها ٿلها
ناتا آهن، اهي ٽوڙي دهشتگردن جي جھنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ کان سواءِ وٽن ٻي ڪا به راهه نه
هجي، خاص ڪري ڪراچيءَ ڏانهن سندن لڏ پلاڻ تيز ٿئي ۽ اتي ڀارت توڙي بنگال کان سمگل
ٿي ايندڙ اردڪ ڀارتي (اڄوڪي ڀارت ۾ مغلائي اُرد-لشڪر سان واسطو رکندڙ فردن) ۽
بهارين (خصوصاً اهي جن بنگلاديش ۾ انساني تاريخ جا بدترين ڏوهه ڪيا) جا ٽولا به
آباد ٿي وڃن. اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن نه رڳو اردو اخبارن ۾ پالتو دانشورن
وسيلي پروپيگنڊه مهم تيز ڪئي، پر سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن تي سڌيون گوليون هلائي،
انهن کي پاڻ سان ويڙهه واري حالت ۾ آڻي، ساڻن هر قسم جي ناتن ۾ شڪ ۽ وير ويهاري
ڇڏيو.
دهشتگردن جو سندن غليظ مفادن کي ٽيڪ ڏيندڙ هڪ حربو اهو به آهي، ته اهي جنهن
مخصوص آباديءَ کي ”مهاجر“ جي نالي سان متعارف ڪرائڻ گھرن ٿا، انهيءَ کي ”مهاجر“ جي
نالي سان ئي سڏيو وڃي. هُو اهو ڪم بندوق، اخباري پرچار ۽ پنهنجن دانشورن ۽ ايجنٽن
کان وٺن ٿا ۽ ڪي مخصوص ايجنسيون ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارا سندن اهو ڪم ڪجھ پنهنجو
اَڏو ٺاهڻ جي نيت رکي پورو ڪندا رهن ٿا.
اسان جا ڪجھ مت-مُوڙهل وڏيرا سياستدان جھڙوڪر خدا ڪارڻي يا شاهد پنهنجي ڊيوٽي
پوري ڪندي دهشتگردن جي ان ڪُڌي مقصد کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ احمقپائيءَ وسيلي
پورو ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري، جڏهن کان دهشتگردن سنڌ کي ورهائي سندن
نام نهاد قوم لاءِ هڪ ڌار زميني ٽڪرو قبضي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان اسان
جي ڪن ”اڪابر“ سياستدانن، دهشتگردن کي نه، پر ”مهاجرن“ کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا آهن،
ته کين سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو، ڀارت موٽائي موڪليو ويندو، وغيره، وغيره. اهي
دهشتگردن کي دڙڪو ڏيڻ جي شايد همت ئي نه ٿا رکن ۽ اهو به تاڙي نه ٿا سگھن، ته سندن
بيانن ۾ ڪيڏي نه مورکپائي ۽ هلڪڙائي لڪل آهي. دڙڪن سان ماڻهن کان سندن ٻوليون،
تهذيبون، ثقافتون ۽ سياستون ڇڏرائي سگھبيون آهن ڇا؟ جي ايئن هجي ها، ته اڄ سنڌ ۽
سنڌي ڪٿي لڀن ها! ڇا انهن ۽ اهڙي قسم جي سکڻن، سطحي ۽ اڍنگن دڙڪن جو سڌو نتيجو اهو
نه ٿو نڪري، ته توهان (جن کي ڪي دهشتگرد ”مهاجر“ سڏن ٿا) وڃو، وڃو ۽ وڃي دهشتگردن
جي پناهه هيٺ اَجھو ڳوليو، دهشتگردن جي عوامي سگھ ٿيو!
بيان بازي ۽ پرچار هڪ وڏو فن آهي، هنر آهي، علم آهي. هُنن (دهشتگردن) جو فن،
هنر ۽ علم ڏسو، ته ڪيئن پنهنجي مقصد جي پرچار نه رڳو پاڻ ڪن ٿا، پر انهن کان به
ڪرائن ٿا، جيڪي پاڻ کي سندن دشمن ظاهر ڪن ٿا ۽ هِنن (وڏيرن سياستدانن) جو فن، هنر
۽ علم ڏسو، ته دهشتگردن جي سگھ ۾ ڪيئن نه عوامي عنصر ويٺا وڌائن ۽ پنهنجي جهالت ٿا
اُڇالن!
1947ع کان پوءِ ڀارت جي هاڻوڪي ايراضيءَ مان ڪيترائي ميمڻ، ڪڇي، گجراتي،
ڪاٺياواڙي وغيره به لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سندن هڪ وڏي
ڳڻپ سنڌ ۾ رهندڙ هئي. اهي سڀ نه رڳو قديم سنڌ جو هڪ ڳڀو آهن پر سندن ٻوليون به
سنڌي ٻوليءَ جا ئي مختلف محاورا آهن. اهي سنڌ جو تهذيبي، تمدني، ثقافتي ۽ لساني
اڻٽٽ جز آهن. ساڳيءَ طرح هزارن جي ڳڻپ ۾ عيسائي، پارسي، بوهري ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي
قومي ٽولا سنڌ جي آباديءَ جو حصو هئا ۽ آهن. مون پاڻ خاص ڪري انهن ٽولن جي ڪيترن
ئي بزرگن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي، لکندي ۽ پڙهندي ڏٺو، ٻڌو آهي. لڏ پلاڻ ۾ انهن قومي
ٽولن جا به ڪي ئي ماڻهو شامل هئا. شخصي طرح ڄاڻان ٿو ته مٿي ڄاڻايل سڀني ماڻهن جي
آباديءَ جي وڏي اڪثريت پاڻ تي مهاجرن جو لعنتاڻو مڙهڻ پسند نه ٿي ڪري، اهي سنڌي
آهن ۽ سنڌي ٿي رهن ٿا، پر اسان پنهنجي سياسي نالائقيءَ ۽ ڪوتاهه بينيءَ سبب جھڙوڪ
سڀني کي دهشتگردن جي کاتي ۾ اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي، ۽ دهشتگرد نه رڳو کانئن معاشي پر
سياسي، ثقافتي، اخلاقي ۽ لساني سگھ به حاصل ڪري رهيا آهن.
اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال انهن سنڌي ماڻهن جو آهي جن اردو ڳالهائيندڙ گھراڻن مان
شاديون ڪيون آهن، اهو هڪ اهڙو ناتو آهي جيڪو سماجي تبديلي برپا ڪري سگھي ٿو پر
عملي نتيجو اهو آهي ته انهن گھرن ۾ ”سنڌيپڻو“ گھٽ ۽ ”اردائپ“ وڌيڪ ٿي پلجي.
هن وقت عملي صورت اها آهي ته ”مهاجر“ لفظ لکڻ ۽ چوڻ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح
دهشتگردن جي مقصدن کي ٽيڪ ڏئي ٿو. ان ڪري اهو لفظ احتياط سان ۽ سوچي سمجھي ڪم آڻڻ
گھرجي.
حقيقت اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو به سنڌي
قوم جو هڪ حصو هئا، پر لڏ پلاڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ڪرڻ،
سنڌي ڏانهن ساڙيلو رويو رکڻ ۽ اردو کي ”قومي“ ۽ سرڪاري حيثيت ڏئي وسيع آباديءَ تي
مڙهڻ جي ڪري اردو ڳالهائيندڙ آبادي پنهنجون پاڙون هوا ۾ ئي ٽنگيل رکيون. انهن سنڌ
کي ڄڻڪ مفتوح علائقو سمجھيو ۽ سنڌي انهن لاءِ اوپري رهجي وئي.
سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي ۽ روايتي سڀاءُ جي ڪري هر ٻولي ۽ انساني اولاد ڏانهن
سٻاجھو رويو ئي رکن ٿا. اردو ٻولي توڻي اردو ڳالهائيندڙن ڏانهن به سندن اهو ئي
پنهنجائپ ڀريو رويو برقرار رهيو. پر پاڪستان، مذهب ۽ مهاجر جي نالي ۾ جڏهن کانئن
ٻولي کسي هڪ ڀارتي اردڪ ٻولي مڙهي وئي ۽ سنڌ جا پيداواري توڻي ٻيا روزگاري وسيلا ۽
مال ملڪيتون ئي نه، سنڌ کي به نقشي تان گم ڪيو ويو ۽ سنڌين ڏانهن، پاڪستان جي
حقيقي خالقن ڏانهن، اهڙو رويو رکيو ويو ڄڻڪ اهي ٽئين درجي جا غلام شهري هجن تڏهن
پنهنجو وقار وري هٿ ڪرڻ لاءِ ضروري هو، ته سنڌي پنهنجي ساڻيهه کي وسائڻ لاءِ ساهه
سر گھورڻ جي جذبي سان جاڳي پون، تڏهن ”اردڪ“ ۽ ”اردو“ کي به سمجھڻ جي گھرج پئي.
”ارد“ ترڪ لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي ”لشڪر“. لشڪر جي حوالي سان ان جي ڊاٻي
واري هنڌ (ڇانوڻيءَ) کي به ”ارد“ جي ئي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مغل حاڪمن جي
ڦورو مفادن لاءِ مستقل ويهاريل ”ارد“ جيڪا ٻولي اختيار ڪئي، اها سڏي وئي ”اردو“ ۽
”ارد“ سان واسطيدار فرد سڏبا ”اردڪ“. انگريزن جي غلاميءَ هيٺ اچڻ کان پوءِ به اردڪ
ماڻهن جي ذهنيت ۾ ”اردائپ“ زنده رهي --- ”ارد“ سدائين پرائي مال ۽ ٻئي جي پورهئي
تي پليو آهي ۽ ڦورو حاڪمن جا مفاد پورا ڪندي مظلوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندو،
ماريندو ۽ ڦٽيندو ۽ گھرن، وسندين ۽ آبادين کي ساڙي بربار ڪندو آهي. دنيا ۾ سمورا
خاندان مختلف قسمن جي اردن (مختلف دورن ۾) برپا ڪيا. مغلائي ارد به حسب روايت
مذهبي آڙ ۾ انڊيا (قديم هند سنڌ) جي ڌرتيءَ تي جاوا ڪيا.
پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن قسم جي آباديءَ جي لڏ پلاڻ جو ذڪر نه ڪيو ويو هو،
ڪابه لڏ پلاڻ نه ٿيڻي هئي، تنهنڪري 1947ع ۽ ان کان پوءِ واري سموري لڏ پلاڻ غير
قانوني ۽ ناجائز آهي. ڀارتي اردڪ ماڻهن ان ڌرتيءَ جي ٽڪري تي ڇا ڇا ڪيو هو جو کين
اتان لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي، ان جو ذڪر هت ڪرڻ مناسب ناهي، پر ان کي ڳڻ هيٺ آڻڻ بدران
سنڌي ماڻهن ڀارتي پناهگير اردڪ ماڻهن جي مجبور ۽ ماريل حالت زار کي ڏٺو ۽ پنهنجي
فطري رحمدلي ۽ انسان دوستي (۽ انهن ڏينهن ۾ مذهب دوستيءَ) سبب پنهنجو گِرهه به کين
آڇي ڏنو. ڀارتي اردڪ پناهگر جو جڏهن پيٽ ڀريو، ته سندن نواب اڳواڻن جڏهن سازشون
ڪري حڪومت جا ڪي اهم عهدا والاري ورتا، ته سندن ”اردائپ“ جاڳي پئي ۽ هو عملاً
مغلائي اردڪ ٿي بيهي رهيو. هن هڪ ڀيرو وري تاڙي ورتو ته مذهب ۽ مظلوميت جي آڙ ۾
سنڌ جي ڌرتيءَ تي به ڌاڙا هڻي ۽ بيداد ڪري سگھجن ٿا. (سنڌ جي ڌرتي انگريز جي پالتو
جاگيردارن جي نيچ ۽ جاهل ذهنيت سبب عوامي سطح تي هيڻي ۽ مفلوج بڻايل هئي). پنجابي
ڦورو حاڪم ٽولا جيڪي گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جي سرزمين تي ميري نظر رکيو ويٺا هئا،
هڪدم سندن رکوالا ۽ ٻانهن بيٺي ٿي بيٺا ۽ پاڻ به سنڌ کي ڪرٽڻ لڳا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو
سڻڀو گرهه پنهنجي عوام کي به ڏيڻ لڳا، جنهن ڪري ان جي اکين تي انڌ اچي ويو.
”پاڪستان“ ۽ ”مهاجر“ لفظن کي نئين سر هڪ نئون وڳو پهرايو ويو جنهن تي ڪي اهڙا نالا
۽ نعرا به لکيل هئا جن جو 1948ع کان اڳ مسلم ليگ جي ڪنهن به منشور ۾ ذڪر ئي ڪو نه
هو. سنڌ ۽ سنڌين خلاف غليظ ترين ۽ ڪوڙي، هٿ ٺوڪي پرچار جي بازار گرم ڪئي وئي.
اردائپ جو خمير رکندڙ اردڪ ماڻهن جي پونير اڄ جديد هٿيار سنڀالي، دهشتگردي ڪري،
مهاجر قوم ۽ سپر پاوريءَ جو جڙتو نعرو هڻي، سنڌ کي هڙپ يا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو
آهي.
نوابزادي لياقت علي خان نفرتن ۽ ڦرلٽ جي جنهن کوري کي تيار ڪيو، تيلي ڏيکاري ۽
مچايو، نواب مظفر ۽ رئيس امروهوي ڀڙڪائي ڀنڀٽ بڻايو ۽ اڄوڪن دهشتگردن منجھس بارود
وجھي اڃا به اوچو ڪيو. ان جي ڄڀين نه رڳو سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن کي ساڙيو پر اڄ
ته انهن سندن ئي ساٿين ۽ اولاد کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ورتو آهي.
جيئن سمورا سنڌي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جا حمايتي ناهن، تيئن سمورا اردڪ ماڻهو
به دهشتگردن جا پوئلڳ ناهن. دهشتگردن ۽ عام اردڪ ماڻهن جي وچ ۾ به فرق ڪرڻ گھرجي.
اردڪ ماڻهو مسلم ليگ ۾ به آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ به، جماعت اسلاميءَ ۾ به آهي ته
جميعت علماء ۾ به، تحريڪ جعفريه ۾ به آهي ته سپاهه صحابه ۾ به، وغيره. ڪيترائي
اهڙا به آهن جيڪي هر قسم جي سياست کان لا تعلقيءَ جو اعلان ڪن ٿا ۽ ڪي اهڙا به آهن
جو ايم ڪيو ايم (مهاجر قومي موومينٽ) جي ٻنهي ٽولن پاران دهشتگردي، ڊپ ۽ هيبت
باوجود ان جي ڪڌن ڪرتوتن خلاف لکن ۽ ڳالهائن ٿا.
ڏوهاري (Criminals) ڌرتيءَ جي هر قوم ۽ نسلي لساني يا ثقافتي ٽولي ۾ موجود آهن. اردو
ڳالهائيندڙن ۾ به جيڪي خوني، ڌاڙيل، غنڊا، زاني، بدمعاش، نشئي وغيره آهن. انهن
ڏوهارين جو به هڪ حصو دهشتگردي ڪري ٿو. پاڻ کي سياست جي آڙ ۾ لڪائي ٿو، ڪٽر
اردپرست آهي ۽ مظلوميت جو ڍونگ رچائي، مهاجرائپ جو نعرو هڻي، سنڌ تي قبضو ڪرڻ گھري
ٿو. اسان جي علمي ۽ سياسي نالائقي چئبي، جو انهيءَ ڳالهه کي سمجھي ۽ ان ۾ فرق نه
ڪري سگھون.
سنڌ جي هڪ آباديءَ کي دهشتگردن ۽ سنڌ دشمنن جي چنبي ۾ وڃڻ ۽ انهن جا مقصد پورا
ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ لازمي آهي ته پاڻ ۾ سياسي سرت پيدا ڪري عمل جي ميدان ۾ اچون.
ان لاءِ اسان کي جيڪي ڪم اڻٽر نموني ڪرڻا آهن انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
1-
سنڌ ۾
سنڌيءَ جي اڻٽٽ انگن، خاص ڪري ميمڻن، کوجن، گجراتين ۽ ڪاٺياواڙين کي مهاجرائپ جي
نالي ۽ نعري هيٺ دهشتگردن جو کاڄ ٿي وڃڻ کان بچايون. انهن سان پنهنجا سڌا علمي،
عملي، سياسي، ثقافتي ۽ تمدني ناتا قائم ڪريون ۽ سندن سمورن معاشي، سياسي، اخلاقي،
ذهني ۽ علمي سگھ کي سنڌ جي دائمي مفادن جي حمايت ۾ ڪتب آڻيون.
2-
سمورن
اردو ڳالهائيندڙ عوام سان سڌي لاڳاپي ۾ اچي، کين پنهنجي وطن دوست، جمهوري، عوامي،
انقلابي ۽ انسان دوست پيغام کان واقف ڪريون، دهشتگردن جي اصلي روپ کي اگھاڙو
ڪريون، جيڪي کين هڪ ڀيرو وري هوا ۾ ٽنگي، خوابن جي دنيا ۾ ويهاري ”مهاجر“ (رفيوجي،
پناهگير) بڻائڻ گھرن ٿا ۽ کانئن چٽيءَ طرح پڇون، ته ڇا اهي ذهني طرح هڪ ڀيرو وري
”مهاجر“ ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟
3-
مهاجرائپ
۽ ان جي آڙ ۾ مظلوميت جي سموري ڍونگ کي کولي بيان ڪريون. مهاجر (رفيوجي، پناهگير)
کي ڪو به حق ناهي جو پناهه ڏيندڙ ڌرتيءَ تي دائمي رهائش اختيار ڪري سگھي ۽ نه ئي
وري هن کي ان ڌرتيءَ تي معاشي وسيلا خريد ڪرڻ، نوڪريون ڪرڻ، روزگار جي وسيلن تي
قبضا ڪرڻ، ان ڌرتيءَ جي اندروني معاملن سان لاڳاپيل سياست ڪرڻ، تعليمي ادارا
هلائڻ، وغيره جا ئي ڪي حق حاصل آهن، اقوام متحده جي چارٽر ۾ مهاجر لاءِ جيڪي به
رعايتون رکيون ويون آهن انهن پٽاندر کين مهاجر ڪئمپن ۾ رکرائڻ ۽ ترت کين پنهنجي
اصلي ماڳ ڏانهن موٽي وڃڻ جو بلو ڪريون. انهيءَ مقصد لاءِ اقوام متحده ۾ درخواستون
وجھون، ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيڪو به پاڻ کي مهاجر سڏي ٿو، سمجھي ٿو ۽ ٿيڻ لاءِ
تيار آهي، ان کي مهاجر جي حيثيت ۾ رکڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جي اصولي تاريخي ۽ قانوني
حق جي حفاظت ڪئي وڃي.
4-
دهشتگردن
هٿان قتل ٿيندڙ، ڦرلٽ، اغوا، زنا، ڊپ، وغيره جي شڪار ٿيل ماڻهن (ڪهڙي به ٻولي
ڳالهائيندا هجن) بابت دستاويزي ثبوتن کي پڌرو ڪيون، دنيا جي امن پسند، انسان دوست،
ماحول-سڌار وغيره ادارن وٽ پيش ڪيون ۽ دهشتگردن خلاف عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت توڻي
عالمي ادارن کي جوڳو قدم کڻڻ تي آماده ڪريون.
5-
جيڪي به
ادارا، سياسي پارٽيون، اخبارون وغيره دهشتگردن کي ڪنهن به ٻئي روپ ۾ پيش ڪن ٿا،
انهن خلاف جدوجھد ڪريون ۽ سندن غليظ مقصدن کي کولي پڌرو ڪيون.
6-
پنهنجو،
پنهنجيءَ سياست جو، پنهنجي اصولي موقف جو تنقيدي جائزو وٺي ان ۾ جيڪي خاميون کوٽون
هجن، انهن کي درست ڪيون، ڪمزورين ۽ غلطين کي ختم ڪريون، پاڻ کي علمي توڻي عملي
ميدان ۾ باعمل بڻايون، دهشتگردن جي حقيقي قوت جي ڪٿ ڪريون ۽ انهن جي سڀ طرفين
سازشن کي سڀ طرفو ناڪام بڻايون.
7-
سنڌ جي
ڌرتي عملي تاريخي طرح امن ۽ انسانيت جي ڌرتي آهي، جيڪو به ان جي امن ۽ انسانيت ۾
خلل وجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ انهيءَ لاءِ ڪهڙا به حربا ڪم آڻي ٿو، ان لاءِ گھربل
منهن ٽوڙ ڪاروائيءَ جي مڪمل تياري ڪري، امن ۽ انسانيت جي دشمنن کي ختم ڪري، هن
ڌرتيءَ کي هڪ ڀيرو وري امن ۽ انسانيت جو مثالي ڏيهه بڻايون.
(روزاني ”هلال پاڪستان“،
4-جنوري 1995ع)
سنڌ
جي نئين چونڊيل
حڪومت
۽ ايم
ڪيو ايم جو
ڪردار
چونڊن کان چند ڏينهن اڳ، مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکيو
ويو. ٻنهي جو انگريزيءَ ۾ شارٽ فارم ايم ڪيو ايم ٿئي ٿو. اها ڳالهه چِٽيءَ طرح ٻڌائي
ٿي ته هن مخصوص ٽولي جا سردار ۽ روح روان وقت سر پنهنجو ويس، نقاب، چهرو، ٻاهر ته
تبديل ڪري سگھن ٿا، پر اهي پنهنجي روح، اندر، گھرائي، جوهر ۾ بدلجن، اهو ممڪن
ناهي. ڪٽرپڻي جو ڪاٿو ان مان ئي ڪري سگھجي ٿو.
ايم ڪيو ايم جا ٻه ٽولا آهن: هڪ، جنهن جي اڳواڻي الطاف حسين ڪري پيو، ۽ ٻيو
اهو، جيڪو عامر خان جي وس هيٺ آهي. ٻنهي ٽولن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ ٻئي لاءِ
چوڻ آهي ته اهي دهشتگرد، قاتل، ڏوهاري ۽ بليڪ ميلر آهن. جيئن ته ٻنهي پاسن ڏي
نقصان ٿيو آهي، ٻنهي وٽ هٿيار آهن، ٻنهي جا ڪارڪن اغوا ٿيا، ايذايا ۽ ماريا ويا آهن،
ان ڪري هڪ ٻئي بابت ٻنهي جي راءِ درست آهي. جڏهن اهي ٻئي ٽولا گڏ هئا، تڏهن سندن
ئي ”منحرف“ ڪارڪنن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي قتل ۽ اردو ڳالهائيندڙ عوام جو ڊپ ۾
وٺجي وڃڻ جون خبرون ته عام هيون، پر گھڻي قدر جيڪو ڪوس ٿيندو هو ان ۾ پٺاڻ، پنجابي
۽ وڏي پئماني تي سنڌي هوندا هئا، ۽ انهن سڀني جي گڏيل راءِ هئي ته ايم ڪيو ايم
دهشتگرد، قاتل ۽ وحشي ٽولي جو نالو آهي.
چونڊن کان ڪي ڏينهن اڳ جڏهن ايم ڪيو ايم الطاف ٽولي چونڊن جي بائڪاٽ جو اعلان
ڪيو، ته حڪومت جي ”اعليٰ“ ادارن کان ويندي ڪراچيءَ جي ”ادنيٰ“ رهاڪو تائين هر هڪ
ڦڙڦوٽ ۽ ڦڦڙي ۾ پئجي ويو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن
وسيلي امن امان جي صورتحال کي ڪنهن به نموني بگڙڻ، بگاڙڻ جي اجازت نه ملڻ جا اعلان
ٿيڻ لڳا ۽ عوام کي پرامن رهندي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي تلقين ڪئي ويندي رهي. چيڪ
پوسٽون، رستن تي چوڪيدار ۽ گشت وڌايا ويا، پر اعليٰ کان ادنيٰ تائين هر هڪ واقف
هو، ته دهشتگردن آڏو انهن جي حيثيت ڇا آهي. عوام مونجھو، ٻوساٽيل ۽ هيسيل رهيو.
صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊن ٿيڻ کان اڳ ئي ايم ڪيو ايم الطاف گروپ پاران
بائڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح ٻڌايو ويو ته مهاجر
عوام ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي ۽ هاڻي سنڌ ۾ امن امان جو ڪو به مسئلو پيدا نه
ٿيندو.
6-آڪٽوبر 1993ع تي جنرل ضياءَ پاران اپايل سياستدانن مان هڪ جي جاءِ ٻئي
وٺندي، مسلم ليگ نواز گروپ جي اڳواڻ اخبارن ۾ اشتهار ڏياريو، جنهن ۾ ”حق پرست“
مائرن جي ڀينرن کي اپيل ڪئي وئي، ته اهي اچي ووٽ ڪن، جيئن وردي پائي مٿانئن حملو
ڪندڙ سنڌي ڌاڙيل چونڊن ۾ کٽي نه سگھن. ڪٽر پنجابي ذهنيت، ڪٽر پناهگير ذهنيت جي
جاءِ تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حالتن ثابت ڪيو ته ڪٽر پناهگير ذهنيت، ڪٽر پنجابي
ذهنيت سان ٺاهه ته ڪري سگھي ٿي باقي ان جي حڪم هيٺ نه هلندي.
8-آڪٽوبر 1993ع تي ان ڪٽر پنجابي ذهنيت، ڪٽر پناهگير ذهنيت سان اتحاد جو کلي
عام مظاهرو ڪندي، ڪراچي جي چئني ضلعن ۽ حيدرآباد ۾ مسلم ليگ (نواز ٽولي) جي صوبائي
اميدوارن کي ايم ڪيو ايم جي حق ۾ ويهي رهڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان گڏ اهو به اوڳاڇيو،
ته هن ڀيري سنڌ جو وزيراعليٰ مهاجر ۽ ايم ڪيو ايم منجھان هوندو ۽ حڪومت مسلم ليگ
(نواز ٽولي) جي سهڪار سان ايم ڪيو ايم (الطاف ٽولو) ٺاهيندا.
انهن خوابن جي ابتڙ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊن ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
جي اڪثريت ظاهر ٿيڻ لڳي، تڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ويهاريل تبصري نگارن، اخبارن ۾
لکندڙ تجزيي نگارن، مختلف سياسي اڳواڻن ۽ هڪ مخصوص ۽ ڪٽر ذهنيت جي دانشورن هڪ ڀيرو
وري اهو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن ايم ڪيو ايم (الطاف ٽولي) جي سهڪار سان
نه ٺهي، ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو. هاڻي ان سان گڏ اهو به وڌايو ويو،
ته سنڌ ۾ شهرن جي نمائندگيءَ جو مسئلو پڻ پيدا ٿيندو ۽ ڇا سنڌ حڪومت ۾ شهري
آباديءَ کي نظرانداز ڪيو ويندو؟
ڇا هتي اهو سوال چٽو ڪري پڇڻ مناسب نه ٿيندو، ته سنڌ ۾ نيٺ امن امان ۽
دهشتگردي جو مسئلو ايم ڪيو ايم جي راضپي/ناراضپي سان ڇو ڳنڍيل آهي؟ ايم ڪيو ايم
خوش آهي، ته دهشتگردي نه ٿيندي ۽ امن امان برقرار رهندو ۽ جي ايم ڪيو ايم ناراض
آهي، ته امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو ۽ دهشتگردي به ٿيندي! نيٺ ڇو؟
حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ هر سطح جو هر هڪ ماڻهو، صدر، وزيراعظم، فوجي
سربراهه، پوليس پڳدار کان ويندي عام ماڻهوءَ تائين، سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۾ امان
امان ۽ دهشتگرديءَ جو مامرو ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل آهي. دهشتگردي ۽ بليڪ ميلنگ
ان جي روح جي خوراڪ آهي، سندس جياپي جو ڪارڻ ۽ وجود جو شرط آهي، ۽ خود ايم ڪيو ايم
جي ڪردار ۽ عمل اها ڳالهه ايترا ڀيرا ثابت پئي ڪئي آهي، جو هاڻي ڪو به ماڻهو، چوي
يا نه چوي، سمجھي ضرور ٿو، ته هڪ پاسي ايم ڪيو ايم ۽ ٻئي پاسي دهشتگردي ۽ بليڪ
ميلنگ لازم ۽ ملزوم آهن.
اهي ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي ماڻهو ايم ڪيو ايم جي روح ۽ مقصد کي ترت سڃاڻي ويا ۽
ان جي نشاندهي ڪرڻ لڳا؟
گذريل ڇائيتاليهن سالن دوران اردو ڳالهائيندڙ ٽولي پنهنجن اڳواڻن جي رهنمائيءَ
هيٺ جنهن قسم جو مخصوص ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، اهو گھڙيءَ گھڙيءَ جو گھاءُ بڻجي
سنڌين جي دل ڏکوئيندو رهيو آهي.
پاڪستان ٺهندي ئي سنڌ کان سندس گادي کسي سنڌين لاءِ اوپري ڪئي وڃڻ لڳي. سنڌ جي
تاريخي ۽ قديمي ٻوليءَ (۽ ساڳيءَ طرح بنگالي ٻوليءَ) خلاف سازشون شروع ٿي ويون ۽
50 لک کن ماڻهن (جيڪي هندستان کان آيل هئا) جي ڀارتي ٻولي سڄي پاڪستان جي پنج ڪروڙ
عوام تي مڙهي وئي. سنڌ جي وجود کي ميسارڻ ۽ بنگال جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ون-يونٽ ٺاهيو
ويو، سنڌوءَ جو پاڻي زوريءَ کڻڻ لاءِ مٿان ئي مٿان ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا عمل ۾ اچي
ويا. سنڌ جون زمينون، ڪارخانا، گھر، دڪان، واپار، ڏيتي ليتي، سمنڊ، روڊ رستا،
مجموعي طرح سڀ ڪجھ ڪليمن جي ور چڙهي ويا...
سنڌ ۽ بنگال خلاف شروع ڪيل ان ڦرلٽ ۾ پنجابي ۽ پناهگير ڦورو حاڪم طبقا نه رڳو
ٻٽ رهيا، پر پنهنجي ڦورو مفادن جي تحفظ لاءِ وردي پوش قوتن کي به ڪم آندائون، تان
جو بنگلاديش ڌرتيءَ جي گولي تي اڀري آيو.
لياقت علي خان، نواب مظفر، عثمان ڪينيڊي ۽ ڀوپالي اهي سرواڻ نالا آهن، جن جو
روحاني تُور الطاف حسين ڏانهن جديد دور جي هٿيارن سان گڏ منتقل ٿيو آهي، جنهن
پنهنجيءَ خصوصي ذهنيت سان ان ۾ شاندار لاڙا پيدا ڪيا.
مهاجر قومي موومينٽ جو منشور سنڌ ۽ سنڌي عوام خلاف کليل سازش ۽ داداگيريءَ جو
چٽو ثبوت آهي.
الطاف حسين جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن پنهنجن ڳجھن هٿن وسيلي پٺاڻ،
پنجابي ۽ سنڌيءَ جو ڪوس ڪرائي، ان کي هوا ڏني ۽ اهڙيءَ طرح اردو ڳالهائيندڙ عوام
جون اهي ننڍيون ننڍيون واهون به بند ڪري ڇڏيون، جن وسيلي اهي سنڌي، پنجابي توڙي
پٺاڻ سان ڪجھ نه ڪجھ ڳنڍيل هئا.
انگريز پرمار جِي ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسيءَ کان ڪير واقف ناهي.
هندوءَ کي مسلمان سان، سنيءَ کي شيعي سان، بنياد پرست (هندو توڙي مسلمان) کي
سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند سان، رجعت پرست کي ترقي پسند سان ويڙهائي، پنهنجو ڪم ڪڍڻ
سندس پاڻي چال هئي --- الطاف حسين پنهنجي برتريءَ لاءِ اهو ڪم ڪجھ تخليقي نموني
ڪيو ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي سڀني حقيقي ۽ تاريخي قومن سان ويڙهائي، انهن جي لاءِ
رڳو اها اڪيلي راهه بچائي ڇڏي، ته اهي سندس دهشتگرد جھنڊي هيٺ گڏ ٿين. ڪنهن کي به
اڄ ڏينهن تائين اها ڳالهه چٽيءَ طرح سمجھ ۾ نه آئي آهي، ته اردو ڳالهائيندڙ عوام
به پاڻ کي ڌرتيءَ جي ٻي عوام سان ڳنڍڻ بدران سدائين انهن جو ساٿ ڇو پئي ڏنو آهي،
جيڪي ڦورو، بدمعاش، قاتل ۽ جابر آهن ۽ حڪومت ۾ رهيا آهن؟
سنڌ ۽ بلوچستان جي قبائلي سردارن جي پڻ اها پراڻي چال رهي آهي، ته جڏهن ڪڏهن
قبيلي ۽ ذات جي بنياد تي پنهنجي پنهنجي قبيلي يا ذات جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ
تي مجبور ڪري پنهنجي قبضي هيٺ رکندا اچن. سنڌ تي قبضي لاءِ انگريزن اهو حربو به ڪم
آندو، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خاص طرح ڏٺو وڃي ته سنڌي بلوچ عوام بهرحال انهيءَ
جاگيردارڪي غليظ روش کي ٽوڙي ۽ ناڪام پئي ڪيو آهي.
اسان جي هن ننڍي کنڊ ۾ نسلي سياست جو ٻج مهاجر نالي سان شروع ٿيو. ميڊيا تي
بالادستيءَ جي ڪري اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪندي مهاجريت کي ته پاڪ پاڻين سان
ڌوئي الهامي شيءِ ڪري پيش ڪيو ويو، جڏهن ته جيڪي به تاريخي، اصولي ۽ حقيقي تحريڪون
هيون، انهن تي نسل پرستيءَ جو ٺپو هڻي انهن قومن جي انساني حقن کي به پائمال ڪيو
ويو --- اها ڪهڙي شرافت، انسانيت، وطن دوستي ۽ اسلاميت هئي، جو الشمس ۽ البدر ۽
وردي پوش ”محافظ“ قوتون پنهنجي ئي هم وطن ۽ مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪهڻ، مارڻ،
ساڙڻ سان گڏوگڏ اتي جي نياڻين سان زوريءَ زنائون ڪري رهيون هيون؟
۽ اڄ ڏينهن تائين ان تي شرم ڪرڻ ۽ پڇتائڻ بدران سندرو ٻڌي پاڻ کي حق، سچ، وطن
دوستيءَ، انسانيت ۽ جمهوريت جو علمبردار سڏائي رهيون آهن. خبر ناهي کين ڪهڙي ۽
ڪٿان جي ستي پياري وئي آهي، جو ڪو شرم، ڪو حياءُ، ڪا غيرت ۽ ڪو پڇتاءُ محسوس ڪري
معافي وٺڻ ۽ ان جو ازالو ڪرڻ بدران ساڳي روش هتي به ورجائي وڃي ٿي.
حالت اتي وڃي بيٺي جو خود پاڻ کي جنهن نام نهاد قوم جو علمبردار سڏيو ويو، ان
جي عام ماڻهن ئي نه، پنهنجن ڪارڪن مردن توڙي عورتن ۽ انهن جي مائرن، ڀينرن ۽ ڀائرن
سان به اها ئي دهشتگرد، قاتل، بي رحم ۽ جلاد روش برقرار رکي وئي ۽ ميڊيا ۾ پاڻ کي
حق پرست ۽ جمهوريت پسند ڪليم ڪيو ويو.
زبانون، قلم ۽ ذهن ڪلاشنڪوف جي گولين ۽ دهشتگردن جي خوني اکين آڏو منڊيل آهن.
ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ باوجود ڪڇڻ جي جرئت ناهي، پر هيءُ جيڪو اندر جو قاضي آهي، جنهن کي
ضمير، وويڪ يا ماڻهوئڙو سڏجي ٿو، ماٺ ويهڻ نه ٿو ڏي، ڦٽيل آهي پر ڦٿڪي ٿو، زخمي
زبان سان ڪڇي نه ٿو سگھي پر اکين سان ڳالهائي ٿو، قيدي آهي پر خيال قابو نه ٿا ٿين،
ڀڳل نِب سان به رنڊا روڙي ٿو، نه چوڻ باوجود گھڻو ڪجھ چئي ٿو وڃي. چوڻ جي جرئت
گھايل اٿس، پر چوي ٿو ته هي غنڊا، قاتل، وحشي، دهشتگرد، ڦورو ۽ جلاد آهن ۽ سڌو نه
ٿو چئي سگھي ته اهو پيو چوي، ”سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو آهي“.
هر هڪ جا پنهنجا مفاد آهن ۽ هر هڪ پنهنجي انداز ۾ پيو ڳالهائي. 6-آڪٽوبر 1993ع
جي اخباري اشتهارن ۾ حق پرست مائرن ۽ ڀينرن کي ووٽ تي آماده ڪرڻ لاءِ نواز شريف
پنهنجي انداز ۾ ڳالهائيندي حقيقت ۾ ان آقاڻي اڍ کي ظاهر ڪري رهيو هو جيڪا سنڌي
عوام ۽ سنڌ خلاف سندس روحاني رهبر جنرل ضياءَالحق منجھس ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڦوڪي کين
”سياستدان“ بڻايو هو.
رستن تي نمائشي فوجي چوڪيداريون بيهاري، ڏٺن وائٺن دهشتگردن ۽ مجرمن کي بند
ڪرڻ بدران عوام کي ايلاز ڪندي ڏوريون لوڏيندڙ حقيقي قوتون اڃا به ٻي انداز ۾
ڳالهائي رهيون هيون.
ٽي وي ۽ ريڊيو تي تبصري نگار قوتون ڪجھ نه ڪجھ ڪڇي سگھڻ جي قوت سارڻ باوجود
ماٺ ماٺ ٿي پئي ويون. اهي به ڪجھ چئي رهيون هيون.
بائيڪاٽ جي خاتمي جي اعلان باوجود عوام جو هيسيل انداز ۽ ووٽرن جي کوٽ به
پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳالهائي رهي هئي.
بائيڪاٽ جي اعلان مهل گھرن ۾ چپ ڪري ويٺل ۽ ووٽ ڪرڻ جي همت نه ساريندڙ زندگيون
پنهنجي نموني هڪ نرالو اظهار ڪري رهيون هيون.
۽ اڄ، ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ نقاب پوشن جون دهستگرد ڪارروايون پڻ پنهنجي
اصلوڪي زبان ڳالهائي رهيون آهن.
پاڪستان ۾ جنهن قسم جي سياسي روش جاري رکي وئي آهي، ان موجب جمهوريت ۽ جمهوري
عمل ڪاٽا، مرده باد، جڏهن ته دهشت، بليڪ ميلنگ، چور اقتداي، مارشل لا زنده آباد.
جيڪو ٻج پوکبو سوئي لڻبو. پاڪستان جي حقيقي حاڪمن جو جيئاپو جمهوريت ۾ ناهي، ان
ڪري انهن سدائين جمهوريت کي پئي لتاڙيو آهي. هنن جو وجود انڌا ڌنڌ ڦرلٽ، فريبڪاري
۽ فساد ۾ ئي پلجي جوان ٿئي ٿو، تنهنڪري اهي ان راهه کي ٻنجو ڏئي، جمهوريت کي
جٽادار نه ٿا بڻائي سگھن.
سنڌ اسيمبليءَ لاءِ به سڌو جمهوري ۽ اصولي طريقو ڦٽائڻ لاءِ وٽن اڪيلو رستو دهستگردي آهي، جنهن جا اهڃاڻ هاڻي کان ئي
پيدا ڪيا پيا وڃن.
ان ڪري ڇٽو سوال هي آهي، ته ڇا ايم ڪيو ايم ۾ ذري جيتري به جمهوريت پسندي
موجود آهي؟
جيڪڏهن اها جمهوريت پسند آهي، ته فضيلت سان اڪثريت جي راءِ کي مانُ ڏيندي،
اچو، ويهو ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪيو.
سڀ سمجھن ٿا، ۽ چٽيءَ طرح سمجھن ٿا، ته ايم ڪيو ايم جمهوريت پسند ناهي، اها
جمهوري فضا ۾ جيئري رهي نه ٿي سگھي. جمهوريت ۾ قانون جي بالادستي ٿيندي ۽ قانون هٿ
۾ کڻندڙن کي قانوني بالادستي ڪڏهن به ڀانءِ نه پوندي. ان ڪري خود غرض، نيچ ۽
دهشتگردن جي ٻولڙين دانشورن مختلف قسمن جا افواهه پکيڙڻ شروع ڪيا آهن. امن امان جي
مسئلي اڀارڻ سان گڏ ٻيو وڏو هٿيار شهري آباديءَ جي نظراندازيءَ جو آهي --- انتهائي
مظلوميت جو نقاب چاڙهي ڏاڍيءَ ميسڻپائيءَ سان ٻڌايو ٿو وڃي، ته پ پ جي حڪومت ٺهڻ
سبب شهري آبادي نظر انداز ٿي ويندي؟
هتي اهو سوال ڪرڻ بلڪل واجب آهي، ته شهري آباديءَ مان مراد ڇا آهي؟
ڇا ڪو به ماڻهو، جنهن جو دماغ سالم هجي، ائين چوندو ته شهري آباديءَ جو مطلب
اهو آهي، جنهن کي ايم ڪيو ايم مهاجر سڏي ٿي؟
شهري آبادي معنيٰ، ته هر اهو فرد جيڪو شهر ۾ رهي ٿو، اهو ان ۾ ڳڻيل هجي. سنڌ ۾
شهر رڳو ڪراچيءَ جي چئني ضلعن جا مرڪزي علائقا آهن ڇا؟ ڇا لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور،
جيڪب آباد، نواب شاهه، ٺٽو، بدين، سانگھڙ وغيره شهر ناهن؟ ڇا اتان جي رهاڪن کي
شهري آبادي نه ٿو سڏي سگھجي؟ ڇا ڪراچي جي چئني ضلعن ۽ حيدرآباد ۾ هڪ به سنڌي نه ٿو
رهي؟ جيڪڏهن اهي سڀ سنڌي آهن ۽ شهرن ۾ رهن ٿا ۽ شهري آبادي ٺاهن ٿا، ته پوءِ ڪيئن
ٿو چئي سگھجي، ته پ پ جي حڪومت ٺهڻ ڪري شهرن جي نمائندگي نه ٿيندي؟
ڇا سڄيءَ سنڌ ۾ شهري رڳو اهي آهن جن کي ايم ڪيو ايم مهاجر سڏي ٿي؟ جيڪڏهن شهري
جو مطلب مهاجر آهي، ته ڇو ۽ ڪيئن؟ ڇا پنجاب ۾ به اهڙو ڪو خصوصي مطلب وارو شهري
آهي؟ جي نه، ته سنڌ ۾ ڇو؟ لاهور ۾ مسلم ليگ نواز ٽولي کٽيو آهي. پنجاب ۾ جيڪڏهن پ
پ جي حڪومت ٺهي ٿي، ته ڇا شهري آبادي نظرانداز ٿيندي ۽ امن امان جو مسئلو پيدا
ٿيندو؟
هڪ لفظ کي غلط معنيٰ ڏيڻ جي پٺيان رڳو اها مخصوص ڪٽر ڊڪٽيٽر ۽ لشڪري ذهنيت
آهي، جنهن هندستان ته ڇا، سڄي اپکنڊ جي هر رهاڪوءَ کي شودر ۽ غلام پئي سمجھيو.
سنڌ ۾ اهو ان لفظ جو گھٽيا ذهنيت جي مطلب ۽ مقصد وارو، غلط واهپو درست ڪرڻ
گھرجي، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه رڳو سنڌ جي ڳوٺاڻي پر شهري آباديءَ جي به
نمائندگي ڪندڙ هوندي.
ايم ڪيو ايم ايئن ڇو ٿي ڪري؟
هن جو بنياد نفرت ۽ دهشت تي بيٺل آهي ۽ نفرت ۽ دهشت کي برقرار رکڻ کان سواءِ
جيئري نه ٿي رهي سگھي. مهاجر ۽ شهري آباديءَ جي نالي ۾ هن جي اها نفرت برقرار رهي ٿي.
ٻئي پاسي هن جي سموري دهشتگرديءَ پٺيان نه رڳو هڪ مخصوص ذهنيت هئي ۽ ضياءَ پارن
آمرن جو هٿ هو، پر آءِ ايس آءِ جي بي لغام قوت به هئي، جنهن نه رڳو کين دهشتگردي
ڪرڻ جي موڪل ڏئي رکي هئي، پر قانوني تحفظ به فراهم پئي ڪيو. جنرل اسلم بيگ
حيدرآباد ۾ جنهن نموني دهشتگردن کي تحفظ ڏنو، اهو ته رڳو هڪ مثال آهي.
پنهنجين غيرقانوني حرڪتن کي جاري رکڻ لاءِ اقتدار ايم ڪيو ايم جي انتهائي گھرج
آهي.
پاڪستان جي اها به وڏي ٽريجڊي آهي، ته هتي اقتدار ڌڻين سڀ کان وڌيڪ ڏوهه ڪيا
آهن. آئين کي معطل ڪرڻ ”عظيم غداري“ آهي، پر اها عظيم غداري ڪندڙ جي ٻٽيهي ۽ ٽوپي
وڏي اعزاز سان شاهه فيصل مسجد اسلام آباد ۾ دفن ڪئي وئي. ٻي وڏي غداري ملڪ خلاف
سازش آهي، پر جن ملڪ کي ٽوڙيو ۽ بنگالي عوام جو ڪوس ڪيو، انهن غدارن ۽ قاتلن کي اڄ
ڏينهن تائين ڪا به سزا نه ملي آهي، مٿن ڪيس ئي نه هليو آهي...
ايم ڪيو ايم به اهو اقتدار گھري ٿي جنهن ۾ ان جي دهشتگردي اگھاڙي نه ٿئي ۽
دهستگرد محفوظ رهن.
سنڌ ۾ پ پ جي هڪومت کي ڪا به لهر لوڏو ناهي. هوءَ بنا ڪنهن جي سهڪار جي پنهنجي
حڪومت ٺاهي چڪي آهي ۽ جيڪو به کيس بليڪ ميل ڪرڻ يا امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ جي
نيت رکي ٿو، ان تي قانون جو احترام ڪندي گھربل قانوني ڪاروائي ڪري سگي ٿي. ان ڪري
لازم آَهي ته پ پ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندي سنڌ ۾ مضبوط حڪومت جوڙي.
باقي اميدوار جمهوريت جي واڌاري لاءِ، جيڪڏهن اهي جمهورت قائم ڪرڻ ۽ وڌائڻ
گھرن ٿا، بهترين مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، جيئن خود پ پ حڪومت جيڪڏهن ڪي
غير جمهوري يا غير اصولي قدم کڻي، ته ان تي موثر چيڪ-اپ هجي. ٻي پاسي، اهي قدم
جيڪي مجموعي طرح سنڌ جي مفاد ۾ هجن، انهن لاءِ گڏيل سهڪار وسيلي ڀائپي جو ماحول
پيدا ڪيو وڃي.
سنڌ کي سڪائڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو ٺهڻ ۽ سنڌ جي سمنڊ، ڍنڍن ۽ معدني ذخيرن جي
ڪمائي بنا ڪنهن رائلٽي جي سنڌ کان کسجڻ جھڙا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي جيڪڏهن سٺي
نموني حل ڪجن، ته سنڌ هڪ سائو ستابو ڏيهه ٿي سگھي ٿي. پ پ حڪومت ان لاءِ ڪهڙا قدم
کڻي ٿي ۽ مخالف ڌر ان سان اهڙن معاملن ۾ ڪهڙو سهڪار ڪري ٿي، اهي ئي ٻه اهي ڪسوٽيون
آهن جن جي بنياد تي جمهوريت پسندي ۽ وطن دوستيءَ کي پرکي سگھبو.
اهو سوال ايجنڊا تي اوس رهڻ گھرجي، ته ڇا ايم ڪيو ايم پنهنجي روحاني فطرت جي
خلاف جمهوريت پسند، وطن دوستي ۽ ماڻهپي واري سياست ڪري سگھندي؟ (۽ پوءِ، ڇا ايم
ڪيو ايم، ايم ڪيو ايم رهندي؟)
ايم ڪيو ايم جيڪڏهن مجموعي طرح سنڌ جي ڀلائيءَ واري دائري ۾ رهندي پاڻ کي
جمهوريت پسند ۽ وطن دوست ثابت ڪري ۽ نفرتن جا مچ مچائيندڙ دهشت گرد سياست بدران
انسانيت، ماڻهپي واري سياست ڪري، ته ان ڏانهن دوستيءَ، اتحاد ۽ سهڪار جو هٿ وڌائڻ
۾ ڪو به حرج ناهي.
ٻئي پاسي اردو ڳالهائيندڙ عوام کي پڻ دهشتگرد، نسل پرست ۽ نفرتن تي پيڙهه
رکندڙ بليڪ ميلر، سياست جي غلاميءَ مان آجو ڪرڻ جي مهم هلائڻ گھرجي.
(روزاني ”جاڳو“،
23-آڪٽوبر 1993ع)
سنڌ جي
سالميت ۽ ايم
ڪيو ايم
گذريل ٻن اڍائي مهينن دوران سنڌ جي سياسي ماحول ۾ هڪ ڀيرو وري اهو سوال ڪَر
کڻي اٿيو ۽ بحث هيٺ آيو آهي، ته مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) سنڌ جي سالميت
جي حوالي سان ڪهڙو موقف رکي ٿي؟ ڇا اها سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي بقا چاهي ٿي يا
ان جي ابتڙ هڪ بَدِ نيت رکي ٿي، يعني ڇا اها سنڌ جي هاڻوڪي طبعي وجود سان مخلص،
سچي، وفادار ۽ پيار ڪندڙ آهي يا ان کي ٽوڙڻ، ورهائڻ ۽ ورڇڻ گھري ٿي؟
انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي گھڻين اخبارن ۽ ڪن رسالن ۾ سنڌ سان پيار ڪرڻ جي
دعويدار سياسي ڌرين جي ڪجھ اڳواڻن، ڪارڪنن، دانشورن پاران اهڙا بيان ۽ مضمون ڇپبا
رهيا آهن، جن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي سالميت سان بدخواهه ناهي،
اها سنڌ جي وجود جي بقا جي حامي، اڃا به گھڻ گھري آهي ۽ اهي ڪي ٻيا گروهه آهن جيڪي
سنڌ جي ونڊ ورڇ واري سوچ جا حامي، پوئلڳ آهن. جڏهن ته ڪي اڳواڻ، ڪارڪن، دانشور وري
انهيءَ خيال جا آهن، ته توڙي جو ڪي ئي ٻيا ٽولا به سنڌ جي جاگرافيائي وجود خلاف
بدخواهي رکن ٿا، پر ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) به انهي بدنيت کان ٻاهر ناهي ۽ سنڌ
جي سالميت خلاف نه رڳو هاڃيڪار سوچون رکي ٿو پر اهڙو عمل به ڪندو رهيو آهي.
ايم ڪيو
ايم جي لفاظ ۽ تقرير باز قائد الطاف حسين پاران مختلف وقتن تي ظاهر ٿيندڙ بيانن ۾
توڙي جو سنڌ ۽ پاڪستان ۽ سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين سڀني رهاڪن بابت حُب، اڪير، محبت
۽ چاهه جا سرچشما ڦٽندا ئي پيا رهندا آهن، پر انهن ۾ جيڪو ڪينو، ڪدورت، نفرت،
مڪاري ۽ منافقي، دڙڪو، دهشت، دهمان ۽ دٻاءُ، فتنو، فساد ۽ ساڙ لڪل هوندو آهي، ان
جو زهر هر وقت سر اٻڙڪا ڏئي پيو ظاهر ٿيندو رهندو آهي، جنهن کي سندس سڌِي ۽ ڊڪٽيٽراڻي
رهنمائيءَ هيٺ هلندڙ مهاجر قومي موومينٽ جا دانشور ۽ دهشتگرد عملي صورت ڏيندا پئي
رهيا آهن.
هيٺ ڏنل مواد جو مرڪزي نڪتو سنڌ جي ورڇ وارو موضوع آهي ۽ رڳو هڪ سال (1994ع)
دوران گھڻي ڀاڱي الطاف حسين جي بيانن تي ٻڌل آهي، جيڪو مختلف اخبارن ۾ مسلسل ڇپبو
رهيو ۽ خاص ڪري ”امن“، ”پبلڪ“ ۽ ”قومي اخبار“ ڪن حالتن ۾ پنهنجي پاران ڇهه، ست ۽
اٺ ڪالمي سرخيون ڏئي، انهي کي اڇالينديون، اڀارينديون ۽ طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش
ڪنديون رهيون آهن. وڏين سرخين کي ٿلهي ٽٻڪي ( • ) ۽ ننڍين سرخين کي ليڪ (-) وسيلي
ظاهر ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڌل درخواست ۾ انهيءَ موضوع بابت ڪي ئي
دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ نظر مان ڪڍڻ گھرجن. هتي ڪوشش ڪئي وئي آهي
ته اڳ ڇپيل مواد جو ورجاءُ نه ڪيو وڃي.
ٻه منهين
-
”سنڌ ۾
هوگا ڪيسي گذاره؟ آڌا همارا: آڌا تمهارا“- جلسي گاهه جو نعرو
·
ڪراچي ۽
حيدرآباد مقبوضه علائقا ٿي چڪا آهن- الطاف حسين
ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين هڪ ڀيرو وري چٽن لفظن ۾ اعلان ڪيو آهي ته اسان
سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون پر اسين ملڪ ۽ صوبي جي سلامتي ۽ ترقي گھرون ٿا. پر
جيڪڏهن مهاجر عوام تي رياستي ظلم وهايا ويندا رهيا ۽ انهن کي سياسي، سماجي، معاشي،
تعليمي ۽ اقتصادي لحاظ کان تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ مهاجر دشمن عمل ڪيا ويندا رهيا،
ته مهاجر عوام پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ ظلمن ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ ڪو ٻيو رستو
اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا. هن چيو ته هي چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جو نه، پر سجاڳ
ماڻهن جو زمانو آهي. اسين موت قبول ڪنداسين پر غلامي ڪنهن به صورت ۾ نه، تنهنڪري
مهاجر دشمن قوتون مهاجرن کي غلام رکڻ جو خناس پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏين ۽ مهاجرن
تي ظلمن جو سلسلو بند ڪن. الطاف حسين ان ڳالهه جو اعلان اڄ شام عزيز آباد ۾ پنهنجي
رهائشگاهه ويجھو خورشيد بيگم ميموريل ڪامپليڪس جي احاطي ۾ ايم ڪيو ايم جي همدردن،
بزرگن ۽ عورتن جي هڪ وڏي ميڙ کي ٽيليفون تي لنڊن کان سڌو خطاب ڪندي ڪيو. ان ميڙ ۾
ايم ڪيو ايم جي بزرگ ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪراچي جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن سان واسطو رکندڙ
هزارين بزرگن ۽ ايم ڪيو ايم خواتين شعبي جي ڪارڪنن سميت وڏي ڳڻپ ۾ مهاجر همدرد
خواتين شريڪ ٿيون. ميڙ کي ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ حيدرآباد جي
اڳوڻي ميئر آفتاب احمد شيخ، رابطه ڪميٽي جي ميمبر ايم اي جليل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾
مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به خطاب ڪيو... هن (الطاف) چيو ته اڄ ڪراچي ۽
حيدرآباد ”مقبوضه ڪراچي ۽ مقبوضه حيدرآباد“ ٿي چڪا آهن، ڇو ته انهن شهرن ۾ به
مهاجرن تي اهي ئي ويل وهايا پيا وڃن جھڙا مقبوضه ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميري مسلمانن تي
جاري آهن. هن چيو ته هڪ پاسي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن جون سيٽون ضلعي بنيادن تي
ورهايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلديات کي ورهائي انهن جي بين
الاقوامي حيثيت ختم ڪري ۽ انهن کي يونين ڪائونسل جي سطح تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي
وڃي ۽ ضلعن جون نيون حدبنديون ڪري مهاجرن جي ووٽ جي طاقت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي
وڃي. ان سان گڏ حق پرست قيادت جي ڏينهن ۾ ٺهيل ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج کي صوبائي
حڪومت جي تحويل ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ملير ۽ لياري جون ڊولپمينٽ اٿارٽيون
ٺاهيون پيون وڃن ۽ گھٽ آبادي رکندڙ رني ڪوٽ ضلعو به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته
انهن سڀني عملن جو مقصد هي آهي ته مهاجر عوام چوڌاري گھيرو سوڙهو ڪيو وڃي ۽ کين
ٽئين درجي جو شهري بڻائجي ته جيئن اهي آئينده لاءِ ڪَر نه کڻي سگھن. هن چيو ته
اسين سمورن ظلمن باوجود صبر جو مظاهرو ڪندا رهيا آهيون ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون، پر
ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي... هن چيو ته مهاجر عوام پاڪستان جو دشمن نه
هو ۽ نه آهي. اسان سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون... (پبلڪ، 12-فيبروري 1994ع)
1.
مهاجر
دشمن قوتون ڪنهن کي سڏيو ويو آهي؟
2.
ايم ڪيو
ايم جي اڳواڻ الطاف جي نظر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد تي ڪنهن قبضو ڪيو آهي؟
ليکڪ جي نظر ۾ انهن ٻنهي سوالن جو جواب آهي ”سنڌي ماڻهو.“
ڪيڏي ته ميسڻپائيءَ سان مالڪ مان ڦيرائي دشمن، قبضيگير، ظالم ۽ چور سڏيو ويو
آهي سنڌي ماڻهن کي، توڙي جو پهريائين وڏي وات اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي ٽولو
سنڌ جي ورهاست جو حامي ناهي ۽ ان جي سلامتي ۽ ترقي چاهي ٿو.
هن وقت سنڌ ۾ سنڌ جي رهاڪن پاران ووٽن وسيلي چونڊيل جمهوري حڪومت موجود آهي،
جيڪا بنا ڪنهن چالاڪيءَ، ساز باز ۽ هيرا ڦيريءَ جي چونڊيل نمائندن جي اڪثريت تي
ٻڌل آهي پر ان پاران سنڌ ۾ نوان انتظامي ضلعا ٺاهڻ، ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ
اٿارٽيون جوڙڻ ۽ خود سنڌ حڪومت جي هڪ بلدياتي اداري پاران ٺاهيل ڪاليج کي صوبائي
تحويل ۾ وٺڻ کي مهاجر دشمني سڏيندي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي!
3.
ڪنهن کي
ٻڌايو ويو آهي ته (اڳ ۾) اڌ اسان جو ۽ (پوءِ) اڌ توهان جو آهي؟
4.
ڪير ٿو
اهو فيصلو ڪري ۽ ڪنهن بابت؟
سنڌين کي ئي ٻڌايو ويو آهي ته اڳ ۾ اڌ، سنڌ جو اڌ، اسان جو آهي ۽ سنڌ بابت اهو
فيصلو اهي ٿا ڪن جيڪي پاڻ کي سنڌيءَ طور سَکڻو متعارف ڪرائڻ به پسند نه ٿا ڪن ۽
فتويٰ وري انهن تي جاري ڪئي وئي آهي جيڪي صدين کان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قائم دائم
رکڻ جا ذميوار رهندا آيا آهن، جيڪي سنڌ جا اصولي، تاريخي ۽ حقيقي وارث ۽ مالڪ آهن.
5.
ڇا سنڌي
ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ رهندڙ غير سنڌين جي ڀيٽ ۾ ڪي به سماجي، معاشي، تعليمي،
صحتي ۽ ٻيون سهوليتون وڌيڪ بهتر نموني مليل آهن ۽ ڇا ملڻ نه گھرجن؟
6.
ڇا غير
سنڌين کي سنڌ بابت ڪو به فيصلو ڪري سگھڻ جو ڪو به اصولي، اخلاقي، تاريخي ۽ ثقافتي
حق مليل آهي؟
مهاجر صوبو، علائقو
-
سنڌ ۾
آباد ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ مهاجر ۽ غير سنڌي آباديءَ جي سياسي، معاشي ۽ تعليمي حقن کي
نظر انداز ڪرڻ سبب منجھن احساس محرومي وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مهاجر صوبو
قائم ڪرڻ جو مطالبو وڌندو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اسٽاڪ هوم (سئيڊن) ۾
رهندڙ مهاجرن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿيو. اهو ميڙ ڪراچيءَ جي موجوده حالتن تي غور ڪرڻ ۽
ڪو لائحه عمل جوڙڻ لاءِ سڏيو ويو هو. شريڪ ٿيندڙن سنڌ جي شهري علائقن ۾ قتل ۽
غارت، ڦرن، رهزنيءَ جي وارداتن، اغوا، غير قانوني ۽ ناجائز گرفتارين ۽ مهاجر عوام
کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ انهن کان رشوتون وٺڻ تي ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ ۽ اڻتڻ جو اظهار ڪيو.
ان قسم جون حالتون اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ به پيدا ڪيون ويون هيون ۽ دشمن کي ڪاري
وار ڪرڻ ۾ مدد ڏني وئي هئي ۽ هاڻي اهي ئي عنصر وري سرگرم ٿي ويا آهن. ملڪ جي
داناءُ سياستدانن ۽ معاملا سلجھائيندڙن جيڪڏهن هوش نه ڌاريو ته دشمن ڪنهن به وقت
اسان جي صورتحال مان فائدو وٺي ويندو. ميڙ ۾ شريڪ ٿيلن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته
هاڻي مهل اچي پهتي آهي ته اسين مهاجر قوم لاءِ هڪ ڌار صوبي جو مطالبو ڪريون، جيڪو
ڪراچيءَ کان هڪ پاسي سکر ۽ ٻئي پاسي (لس) ٻيلي تائين جي علائقي تي پکڙيل هجي. ان
لاءِ مهاجرن کي ڪي به قربانيون ڏيڻيون پون ته ان کان لنوائڻ نه گھرجي. جنرل اي ڪي
نيازيءَ چيو ته سنڌ جي مسئلي جو اڪيلو حل رڳو اهو آهي ته ان کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهايو
وڃي. هن چيو ته مرڪزي حڪومت جڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي ٺهي آهي، تڏهن ملڪ کي نقصان
پهتو آهي. سنڌ ۾ هن وقت امن امان جي صورتحال بلڪل اهڙي ئي آهي، جهڙي اڳوڻي مشرقي
پاڪستان ۾ پيدا ڪئي وئي هئي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پرڏيهي اشاري تي سنڌ ۾ اهڙيون
حالتون پيدا ڪري رهي آهي جن سان سنڌ ۾ عليحدگيءَ جي تحريڪ فعال ٿي ويندي. (قومي
اخبار، 10-مئي 1994ع)
1.
سنڌ ۾
غير سنڌي آباديءَ جو انگ ڪيترو ٻڌايو ويو آهي؟
2.
پرڏيهه ۾
رهندڙ غير سنڌين کي سنڌ ۾ ڪنهن جي حقن جو اونو آهي؟
3.
جيڪو غير
سنڌي آهي، ان جا سنڌ ۾ سياسي، معاشي، تعليمي وغيره حق وري ڪهڙي اصول هيٺ پيدا ٿي
پيا آهن؟
4.
غير
سنڌين کي سنڌ ۾ ڇا گھرجي؟
5.
ڇا ڪنهن
به ڌاريي کي سنڌ جي سر زمين بابت، خاص ڪري ان کي ورهائڻ، ان مان نئون صوبو ڪورڻ ۽
نئين صوبي ۾ غير سنڌين جو راڄ قائم ڪري سگھڻ جو ڪو به اخلاقي، قانوني، تاريخي ۽
سياسي حق مليل آهي؟ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪير ٿو ڪري؟
6.
جنرل اي
ڪي نيازي ڪير آهي؟
ساڳي اخبار ٻڌائي ٿي ته جنرل اي ڪي نيازي بنگلاديش ٺهڻ مهل اڳوڻي مشرقي
پاڪستان ۾ پاڪستاني فوج جي ڪمان سنڀالي رهيو هو، يعني بنگلاديش جي تاريخي وارث
عوام جي قاتل جو نالو اي ڪي نيازي آهي ۽ ان وري سنڌ جي ڌارين ماڻهن کي بنگلاديش جي
تاريخي عوام سان ڀيٽ ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ سنڌين
جي نه، پر غير سنڌين جي سياسي، معاشي، تعليمي وغيره حالت بنگالين جهڙي آهي ۽ انهن
جي ان حالت جو ڪارڻ سنڌ جا حقيقي، تاريخي رهاڪو يعني سنڌي آهن. سياسي گند کي ٻيا
وري ڪهڙا سڱ هوندا؟
ملڪ ٽوڙڻ جي تهمت وري پ پ تي آندي وئي آهي. جڏهن ته انهن ئي قاتلن ملڪ ٽوڙي ٻه
اڌ ڪري هڪ اڌ پ پ پ جي حوالي ڪيو هو.
نَڪ جي ڪيڏي ته پڪائيءَ سان تاريخي حقيقت کي ميساريو، ڦيرايو ۽ ابتو ڪيو پيو
وڃي! مٿان وري اهو به چيو پيو وڃي ته سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي، ملڪيتن کي باهين
ڏيڻ، ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي ذميوار ايم ڪيو ايم نه، سنڌي عوام آهن.
بين الاقوامي سرحدون
·
مهاجر
پنهنجي لاءِ جاگرافيائي حدن جو تعين گھرن ٿا- الطاف حسين
-
اسان جي
جماعت تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم دهشتگرديءَ
وسيلي انقلاب جي گھرجائو ناهي.
-
ايم ڪيو
ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته اسان جي جماعت تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ
سياست تي يقين رکي ٿي. هو ڪالهه رات لنڊن ۾ ڪارڪنن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو
هو. ملڪ هن وقت وڏي گھوٽالي ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جو سرحدن جي صورتحال سان سڌو واسطو
آهي. هر محب وطن پاڪستانيءَ جو فرض آهي، ته ان موقعي تي هُو پنهنجون ذميواريون
پوريون ڪري. ڪو به ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ کي ان وقت تائين زير نه ٿو ڪري سگھي جيستائين
ان ملڪ جا رهاڪو دشمن کي اندرين معاملن جو پَرو نه ڏين. مشرقي پاڪستان سانحي
(1971) جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان ۾ اسان جا ڪي ئي بد عنوان جنرل، بيوروڪريٽ ۽
آفيسر شامل هئا، تنهنڪري ڪنهن کي به ان واقعي جو ذميوار نه سڏيو ويو. ايم ڪيو ايم
تي دهشتگرديءَ جي الزام کي رد ڪندي هن چيو ته هاڻي به ملڪ ۾ اهي ئي عنصر سرگرم ٿي
چڪا آهن جن مشرقي پاڪستان جي سانحي ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. ايم ڪيو ايم دهشتگرديءَ
وسيلي ملڪ ۾ ڪو به سياسي انقلاب آڻڻ نه ٿي گھري، پر اها جمهوريت ۽ پر امن طريقي
سان تبديلي آڻڻ گھري ٿي. مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو
ته اهڙي ڪنهن به ڳالهه جو ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن
به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي. مجاهر جاگرافيائي
حدن جو تعين ئي گھرن ٿا.
(قومي اخبار، 11-سيپٽمبر 1994ع)
1.
بين
الاقوامي جاگرافيائي حدن جو مطلب ڇا آهي؟ ڪنهن لاءِ ۽ ڪٿي گھرجن؟
2.
ڇا
انهيءَ ۾ ڪو به سچ آهي ته ايم ڪيو ايم تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين
رکي ٿي؟
بين الاقوامي جاگرافيائي حدن کي ليڪڻ جي ڳالهه ڪندي به ڪيڏي نه چالاڪيءَ ۽
مڪاريءَ سان چيو ويو آهي، ته انهيءَ ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي! ڇا سنڌ سان
سڄڻائپ جون دعويدار ڌريون ۽ عوام پنهنجيءَ ئي ڌرتيءَ تي ڌاڙي جي ڳالهه کي نه ٿو
سمجھي؟
پاڪستان ٺهڻ کان 1985ع تائين سنڌ ڪڏهن به ايتري دهشتگردي نه ڏٺي آهي، جيتري
ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ (1986ع) کان اڄ تائين وارن ڏهن سالن ۾ ٿي آهي، ان جو ڪارڻ
ڪهڙو؟
وڌندڙ مطالبو
-
مهاجرن
لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو وڌندو پيو وڃي- الطاف حسين
-
حڪومت
عملاً سنڌ جي ورهاست ڪري ڇڏي- آفاق احمد
·
ڪراچي،
حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن تي ٻڌل نئون صوبو ٺاهڻ جي تحريڪ زور وٺي وئي.
-
صوبي ۾
ڳوٺاڻن وڏيرن جي حڪومت آهي ۽ شهري علائقن جي عوام، خاص ڪري مهاجرن جو استحصال ڪيو
پيو وڃي، جنهنڪري ڌار صوبي جي مطالبي جو ڪارڻ وجود وٺي رهيو آهي. قائد تحريڪ جو
بيان.
-
حڪومت
مهاجر قوم کي قومي وهڪري کان ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مهاجرن کان روزگار کسيو
پيو وڃي جنهنڪري اهي پنهنجي بقا بابت سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. چيئرمئن ايم ڪيو
ايم حقيقي.
(قومي اخبار، 22-سيپٽمبر 1994ع)
1.
الڳ صوبي
جي چرچ ڪنهن جي؟ چوچڙي ڪنهن ڌڳائي؟
2.
ڳوٺاڻا
وڏيرا ڇا عوام جا چونڊيل نمائندا ناهن؟
3.
مهاجرن
جو استحصال(!؟) ڪير پيو ڪري؟
ايم ڪيو ايم (ٻنهي ڌڙن) جي نظر ۾ سنڌي استحصالي آهن، ڳوٺاڻا وڏيرا آهن، شهري
ناهن، تنهنڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن تي ٻڌل نئون صوبو ٺهڻ گھرجي.
لفظن تي ڌيان ڏبو ته انهيءَ جملي جو عملي مطلب سنڌ جو نالو بدلائي مهاجر صوبو سڏڻ
ٿيندو. شيطاني دماغ سنڌ خلاف سڀني بغضن سميت ظاهر آهن، سنڌ جا سڄڻ ڇا ٿا چون؟
عوام زور ڏيندا ته...
-
مهاجرن
جي اڪثريت وارا علائقا استحصال جو شڪار آهن. ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست نه ٿي چاهي
پر عوام زور ڏيندا ته اسين ڪجھ به نه ڪري سگھنداسون. مسئلن جي ترت حل جي واٽ ڳولڻ
ضروري آهي- الطاف حسين
·
سنڌ ۾
ڌار انتظامي صوبي لاءِ ريفرنڊم جو اعلان
-
الطاف
حسين جي آئينده موقف لاءِ مهاجر دانشورن، مفڪرن، ماهرن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن،
همدردن ۽ عوام کان راءِ گھري. روزانو سوين خط، تارون ۽ فيڪس نياپا اچن ٿا، ته ايم
ڪيو ايم کي ڌار صوبي جو مطالبو ڪري ڇڏڻ گھرجي. (الطاف حسين)
-
سنڌ جي
هاڻوڪي ڍانچي ۾ مهاجرن جو جسماني ۽ معاشي قتلام وڌي ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جون
بلديائون به انهن ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون آهن جن جي شهري علائقن ۾ ڪا به
نمائندگي ناهي. (الطاف حسين)
(ڊان، جنگ، دي نيوز، امن ۽ پبلڪ ايوننگ، 22-سيپٽمبر 1994ع)
1.
ڇا ان
ڳالهه ۾ ذرو به سچ آهي ته ايم ڪيو ايمي مهاجر سنڌ ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ تاريخي وارث
سنڌين جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي سياسي، سماجي، تهذيبي، تعليمي، صحتي وغيره سهولتن
جي حوالي سان پوئتي پيل آهن؟
2.
ڇا ايم
ڪيو ايم پنهنجي دهشتگرديءَ ڦرلٽ، آتش زنيءَ ۽ سنڌين، بلوچن، پنجابين ۽ پختونن جي
قتلام لاءِ مهاجرن کان راءِ ورتي هئي؟
3.
ڪراچي ۽
حيدرآباد جي بلديائن تي پنجن ورهن جي مڪمل قبضي دوران ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن
انهن شهرن کي ڇا ڏنو؟
4.
سنڌ جي
ڌرتيءَ تي ميسر سهوليتن ۾ اوليت ڪنهن کي ملڻ گھرجي؟
ڄاتل سڃاتل ۽ طَي ٿيل بين الاقوامي، جمهوري ۽ انساني اصول آهي ته هر ڌرتي،
ٽڪري جا تاريخي رهواسي ئي اتان جا حقيقي وارث آهن، پر هي ٽولو سنڌ ڌرتيءَ جي
تاريخي وارثن کي ئي پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي ڏوهاري ۽ چور، استحصالي ۽ ظالم، ڳوٺاڻو ۽
ڄٽ بڻايو، ارڏايون ويٺو ڪري، سنڌين کي بي دخل ڪري، تڙي ڪڍي، پاڻ کي اصولي وارث طور
ويٺو پيش ڪري ۽ ظاهر آهي ته هن مظلوم جي جنگ استحصال ڪندڙ سنڌين خلاف ئي آهي.
عوام جو زور
·
گھڻن
ماڻهن ڌار صوبي جي حق ۾ راءِ ڏني آهي- ايم ڪيو ايم
-
ڌار صوبي
بابت الطاف حسين جي بيان کان پوءِ عزيز آباد ۾ ٽيليفون ڪالز جو ٽڙڪو.
-
ڪجھ
ماڻهن چيو ته ڌار صوبي جي قيام کان سواءِ مهاجر عوام کي انهن جا جائز حق نه ٿا ملي
سگھن. پريس رليز
(نوائي
وقت، 23- ۽ جنگ، 24-سيپٽمبر 1994ع)
·
ڌار صوبو
مهاجرن جي بقا جو بهترين ۽ عمل لائق فيصلو هوندو- حيدرآباد، سانگھڙ، ميرپور خاص ۽
ٻين زونل ايم ڪيو ايمي اڳواڻن جو رد عمل.
(امن، 23-سيپٽمبر 1994ع)
1.
الطاف
حسين جي بيان ڪهڙي فتني کي جنم ڏنو؟ ان کي زور ڪير پيو وٺائي؟ ۽ سنڌ دشمن ان فتني
کي مُنهن ڏيڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڪير ڪندو/ ڪري ٿو؟
2.
ڌرتي ڌڻي
ڪهڙي پاسي اڇلايا ويا آهن؟ انهن جي راءِ ڇا آهي؟ راءِ جي اهميت ڇا آهي؟
سنڌ دشمن هن بدمعاش ۽ قاتل ٽولي جي نظر ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي خود سنڌين جي حيثيت ڇا
آهي، اها هيٺ ڏنل ٽُڪري ۾ پڌري ٿي اچي ٿي.
غير علائقي جا ماڻهو
·
عوام
مهاجر صوبو ٺاهڻ کان پوءِ ئي ساهي ڪندا- مهاجر صوبه ڪميٽي جو اعلان
-
سرحدون
ٺاهيون ويون آهن، تبديليءَ جو ڪنهن کي به ڪو حق ناهي.
-
مهاجر
صوبه ڪميٽيءَ جو هڪ ميڙ ڪوپن هيگن (ڊنمارڪ) ۾ 31- جولاءِ 1994ع تي سڏايو ويو، جنهن
۾ انتهائي پَرانهن علائقن سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ، فن لئنڊ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي
مندوبين شرڪت ڪئي. مهاجر صوبه ڪميٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر راحت عليگ پنهنجي
تقرير ۾ چيو ته مهاجر آبادي واري علائقي ۾ غير علائقي جا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ٿا،
جن کي مقامي آباديءَ سان ڪا به دلچسپي ناهي. اسان کي پنهنجن علائقن تي پاڻ حڪومت
ڪرڻ جو حق حاصل ڪرڻ گھرجي. اسان صوبي جون سرحدون ٻڌائي ڇڏيون آهن، جنهن ۾ ڪنهن به
قسم جي ڦيرڦار جو حق ڪنهن کي به ناهي. سرحدن ۾ ڪراچي، بدين، حيدرآباد، دادو جو لڳ
ڀڳ هڪ سَو ميل علائقو ۽ پسني جو علائقو شامل آهي.
(امن ۽ پرچم، 2-آگسٽ 1994ع)
1.
درحقيقت
غير علائقي جا سچ پچ غير علائقي ۾ رهندڙ ڌاريا ماڻهو سنڌ ڌرتيءَ جي اصلوڪن ۽
تاريخي رهواسين کي ڪهڙي نالي سان ياد ڪن ٿا؟
2.
اکيون
پُوري، مڪمل بي حيائيءَ سان ڪوڙ ٺوڪڻ ڇا کي چئبو آهي؟
ڏاڍ مڙسي ته ڏسو، سنڌين کي ڌاريو سڏيندي، مٿن بندش پئي وڌي وڃي، ته اسان جي
قبضيگير سوچ خلاف ڪنهن کي به ڪجھ ڪڇڻ جي موڪل ناهي!
وقت اچي ويو
-
هاڻي وقت
اچي ويو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن تي پکڙيل ڌار صوبي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي-
ڌار صوبو ٺاهڻ لاءِ مجلس مذاڪره.
·
نا
انصافين، زيادتين ۽ حق تلفين جي خاتمي جو منصوبو: ڌار صوبو
- ...انهن خيالن جو اظهار ڪالهه
مختلف سياسي ۽ مذهبي اڪابرين، سنڌ ۾ ڌار صوبو ٺاهڻ جي گھرج جي موضوع تي ٿيندڙ هڪ
مذاڪري ۾ ڪيو. اهو مذاڪرو ڪلفٽن جي علائقي ۾ ٿيو ۽ مهاجر رابطا ڪائونسل جي صدر
اعجاز محمود، مسلم ليگ نواز گروپ جي اڳواڻ نواب محمد يامين، جميعت علماء اسلام
سميع الحق گروپ جي اڳواڻ خواجه اشرف الاسلام، جناح مسلم ليگ جي صدر آزاد بن حيدر،
جميعت علماء پاڪستان (نيازي گروپ) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر قومي اسيمبلي حافظ
محمد تقي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ لياقت حسين، مسلم ليگي اڳواڻ مشير احمد پيش
امام، روزنامه امن جي ايڊيٽر ۽ نامور صحافي اجمل دهلوي ۽ نامور دانشورن ۽ مفڪرن
پروفيسر حسنين ڪاظمي، احمد الطاف، رشيد احمد قدوائي، ڊاڪٽر آغا ظافر ۽ عسڪري تقوي
خطاب ڪيو. هڪ ٻن کان سواءِ باقي سڀني تقرير ڪندڙن سنڌ ۾ ڌار صوبو قائم ڪرڻ جي
مطالبي جي مڪمل حمايت ڪئي (۽ ڪو به سوال يا اعتراض نه اٿاريو). مذاڪري ۾ ايم ڪيو
ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ايم اي جليل، حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي قاضي خالد
ايڊووڪيٽ، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير نعمت اللھ خان ايڊووڪيٽ ۽ نامور دانشورن ايس
ايس جعفري، آفتاب زيدي، سيد اخلاق حسين، صفوان اللھ ۽ انور خان سميت پنجاهه کان
وڌيڪ دانشورن، رٽائرڊ اعليٰ سرڪاري ڪامورن ۽ صاحب راءِ ماڻهن شرڪت ڪئي.
(پرچم ۽ امن، 23- سيپٽمبر 1994ع)
سڃاڻي ڇڏيو ته ڪير ڪهڙن محاذن تان ڪهڙو ڪم ڪرڻ گھري ٿو.
مڪر ۽ مڪريل
·
نئين
صوبي جو مطالبو ايم ڪيو ايم جي پاليسي ناهي- الطاف حسين
- ... (بِي بِي سِي رپورٽ) جڏهن
جناب الطاف حسين کان پڇيو ويو ته هن سنڌ ۾ مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي رٿ سوچ
ويچار لاءِ ڇو پيش ڪئي، ته هن جواب ڏنو ته مٿس گھڻن ساٿين جو ئي نه، پر عام مهاجر
عوام جو ۽ عام شهرين جو به شديد دٻاءُ آهي، ته توهان جڏهن ڏسو پيا ته مهاجر عوام
جا جائز مطالبا ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي، ته ايئن هٿ ڊگھيري بيک گھرڻ تي ڪو به
خيرات نه ڏيندو، ان ڪري مهاجرن جي بقا ۽ عزت انهيءَ ۾ آهي ته مهاجر عوام پنهنجي ڌار
صوبي جي تياريءَ لاءِ جدوجهد ڪن. هن چيو ته اها مهاجر صوبي ۽ شهري صوبي جي راءِ
آهي. سنڌ ۾ انتظامي بهتريءَ جي لاءِ حقن جي ورهاست ۽ پائدار امن جي لاءِ ٻه صوبا
جوڙيا وڃن ۽ نئون صوبو جوڙيو وڃي ته ان صوبي ۾ ڪڏهن به ايئن نه ٿيندو ته پنجابي،
بلوچ، پختون جيڪي اتي رهن ٿا، انهن کي ڪو ٻاهر ڪڍيو ويندو. انهن کي به ٺيڪ ساڳيءَ
طرح ان صوبي ۾ عزت سان گڏ سڀئي حق حاصل هوندا. الطاف حسين چيو ته نئين صوبي بابت
وٽس ڪيتريون ئي تجويزون آيل آهن. هن انهن تي غور ڪيو آهي ۽ ساٿين سان صلاح ڪرڻ کان
پوءِ طَي ڪيو ته مهاجر عوام، دانشورن، سنڌ ۾ رهندڙ پنجابين، پختونن، جيڪي به اتي
رهن ٿا، انهن جي راءِ ڄاتي وڃي. هن يا ايم ڪيو ايم اهو مطالبو نه ڪيو آهي، نه ئي
اهو ايم ڪيو ايم جي پاليسيءَ جو حصو آهي، پر اسان تي دٻاءُ آهي، ته ان جي ڪري
ساٿين سان صلاح ڪري عوام کي، دانشورن کي، صحافين کي، سڀني کي اها اپيل ڪئي آهي ته
اهي کيس پنهنجي راءِ کان واقف ڪن ته سنڌ جي جيڪا هاڻوڪي جاگرافيائي صورتحال آهي،
ان ۾ مسئلن جو حل آهي يا نئون صوبو ئي سنڌ ۾ پائدار امن ۽ سڀني طبقن جي حقن جو
بهترين ضامن ٿي سگھندو. الطاف حسين کان جڏهن پڇيو ويو ته دانشورن، مدبرن، پڙهيل
لکيل ماڻهن ۽ اهي ماڻهو جن جي راءِ ۾ وزن آهي، جيڪڏهن اهو فيصلو ڏنو ته سنڌين کي
ملڪ جي الڳ صوبي ۾ محدود نه ڪرڻ گھرجي (يا) انهن جيڪڏهن انڪار ۾ جواب ڏنو ته توهان
جو رد عمل ڇا هوندو، تڏهن الطاف حسين ٻڌايو ته اسان جڏهن به ڪو فيصلو ڪيو آهي،
عوام جي راين ۽ صلاحن کي آڏو رکي ڪيو آهي. عوام جي اڪثريت جيڪڏهن اهو چوي ٿي ته هي
مناسب حل ناهي، ته پوءِ اسان انهن کي گذارش ڪنداسون ته نئون صوبو جيڪڏهن حل ناهي،
ته اسان کي مهاجرن جي حقن، سنڌ جي شهري علائقن ۾ رهڻ وارن جي حقن، کي حاصل ڪرڻ جي
طريقيڪار ۽ تجويزن تي ٻڌل رايا موڪلن.
(امن، 23- سيپٽمبر 1994ع)
1.
بي بي سي
جو نمائندو سنڌ دشمن دهشتگردن پاران نئين صوبي جي مطالبي کي سنڌين کي الڳ صوبي ۾
محدود ڪرڻ جو عمل ڇو ٿو سمجھي؟
2.
ايم ڪيو
ايمي اڳواڻ 1947ع ۽ ان کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ تي پناهه مليلن کي جيڪا صلاح ٿو ڏئي،
ان کي سنڌ دوستي سڏبو يا سنڌ دشمني؟
3.
مهاجرن
جا جائز حق بين الاقوامي چارٽر موجب ڪهڙا آهن؟ (۽ سنڌ جي سڄڻن کي اهو ضرور سوچڻ
گھرجي ته اهي عملي طرح ڪيئن پورا ڪري سگھن ٿا.)
بين الاقوامي عهدنامي موجب ڪنهن به مهاجر/پناهگير/ رفيوجي/اميگرنٽ کي ڇا پناهه
ڏيندڙ ڌرتيءَ تي ڪا به زمين، ڪارخانو، گھر، مجموعي طرح ڪنهن به قسم جي ملڪيت خريد
ڪرڻ جو حق مليل آهي؟ ڌرتي ڌڻين جي مرضيءَ کان سواءِ، ڇا اهي ڪا به نوڪري يا ڪو به
ٻيو روزگار ڪري سگھن ٿا؟ ڇا پناهگير ٽولي کي پنهنجن محسنن خلاف گارين، ناجائز
فتوائن، الزامن، دڙڪن ۽ دهشتگرديءَ جو حق مليل آهي؟ کين اهو حق آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين
خلاف سازشون، مڪاريون ۽ سوديبازيون ڪن؟ ڌرتيءَ ڌڻين کي دٻائن، هيسائن، ڦرين ۽
لٽين؟ سندن ڌرتيءَ تي قبضو به ڪن، ته ڪڇڻ ۽ لڇڻ تي بندشون به مڙهين؟ دهشتگرديون
ڪن، گوليون وسائن، باهيون ڏين، گھرن مان لڏائن ۽ بي وطن ڪن؟ ڌرتيءَ ڌڻين کي تاريخي
اوسر دوران جيڪي انڌيون منڊيون سهوليتون نصيب ٿيون هجن، اهي به کسي وٺن؟ ڪليمن ۾
هر قسم جي ملڪيت ڦٻائن؟ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سندن ٻوليءَ کي تَڙي ڪڍن
۽ ان ڏتڙيل ٻوليءَ کي پنهنجي ئي علائقي ۾ جائز مَقام ڏيڻ لاءِ ڪو بل پاس ڪيو وڃي،
ته ماڻهن، لائبريرين، ميوزمن وغيره کي باهيون ڏين، مظاهرا ڪن ۽ قتلام ڪندا رهن؟ ڇا
پناهگيرن کي ڪو به اهڙو حق مليل آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين جي تهذيبي تذليل ڪن، ٺٺوليون
ڪن ۽ کين مايوسين ۽ محرومين جي سمنڊ ۾ ٻوڙي رکن؟ ڇا انهن کي پناهه ڏيندڙ ڌرتي جي
سرحدن سان کيشٽ ۽ هٿ چراند ۽ ان جي آئيندي بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪو به حق مليل آهي؟
جن به لاڏائو ٽولن جنهن به ڌرتيءَ تي پناهه ورتي آهي، ڇا اهي ان ڌرتيءَ تي
مهاجر قومي موومينٽ، مهاجر صوبه تحريڪ ۽ اهڙي قسم جون ڪي به تنظيمون ٺاهي سگھن ٿا؟
برطانيا، جرمني، سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ، ڪئناڊا، آمريڪا وغيره ڏيهن جي ڌرتيءَ تي
قبضي لاءِ ڇا هي ٽولو مهاجر حق جي دعويٰ ڪري سگھي ٿو؟ ۽ جي ايئن ڪري ته نتيجو ڇا
هوندو؟
4.
ايم ڪيو
ايمي اڳواڻ چوي ٿو ته مٿس ساٿين جو، مهاجر عوام جو ۽ عام شهرين جو دٻاءُ آهي. سندس
ساٿين ۽ مهاجر عوام کي ته سڃاڻون ٿا، پر ٻين عام شهرين مان سندس مطلب ڇا آهي- ڇا
پنجابين، پٺاڻن، بلوچن ۽ سنڌين به کيس چيو آهي ته سنڌ ڌرتيءَ تي قبضو ڪري هُو سندن
لاءِ ڌار صوبو ٺاهي؟ يا اهو واتوڙي ڪوڙ ٿو ڳالهائي؟
5.
جڏهن هر
پنجابي ۽ پٺاڻ کي به عزت سان گڏ سمورا حق حاصل هوندا، ته پوءِ ڌار صوبي جي مهم ڇو
۽ ڪنهن جي خلاف؟
6.
ڇا دشمني
رڳو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان آهي؟
وري مذاڪرو
امن اخبار (24- سيپٽمبر 1994ع) سڄي پاڪستان جي مختلف ۽ ڪيترن ئي ننڍن وڏن
شهرن، ڳوٺن ۽ پوڙهن، پوڙهين، نوجوان ۽ ٻارن جي حوالي سان خبر ٺاهي ڏني ته:
·
مهاجر
صوبي جو ٺهڻ ضروري ٿي پيو آهي.
- ان کان
سواءِ مهاجرن کي سندن غضب ٿيل حق نه ٿا ملي سگھن. اختياري وارا خلق جي زبان کي خدا
جو نقارو سمجھن.
·
مهاجر
صوبي جي حق ۾ هزارين ماڻهن جو مظاهرو، پوليس پاران لاٺي چارج
- آءِ
آءِ چندريگر روڊ تي هڪ اخبار جي دفتر ۾ نئين صوبي بابت مذاڪري جي موقعي تي هزارين
ماڻهو گڏ ٿي ويا. علائقي جون گھٽيون نوجوانن، بزرگن ۽ عورتن سان ڏٽجي ويون، مختلف
علائقن مان ايندڙ ماڻهن مهاجر صوبي جي حق ۾ زوردار نعرا هڻي پنهنجن جذبن جو اظهار
ڪيو. هڪ ڊزن کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار.
ڇنڇر ڏينهن (ڪالهه) هڪ انگريزي اخبار جي دفتر آڏو هزارين مشتعل ماڻهن مهاجرن
لاءِ ڌار صوبي جي لاءِ ٿيندڙ مذاڪري جي موقعي تي ”مهاجرون ڪي دل ڪا چين: الطاف
حسين، الطاف حسين“، ”هم سب ڪا ايڪ هِي نعرا، آڌا تمهارا، آڌا همارا“، ”هو گيا هو
گيا ـــــ فيصلا هو گيا“ جهڙا نعرا هنيا...
(امن، 15- سيپٽمبر 1994ع)
·
ايم ڪيو
ايم ڌار صوبي لاءِ عملي جدوجهد جي شروعات ڪري ــــــ عوام جو رد عمل
-
مهاجرن
جا جائز جمهووري حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ايندڙ نسلن جي روشن آئيندي لاءِ هر قسم جي جاني
۽ مالي قرباني ڏينداسون. الطاف حسين جي رهائشگاهه تي فونن ۽ خطن وسيلي اظهار.
(امن، 27- سيپٽمبر 1994ع)
1.
”مهاجر
حق“ يا قبضي گيري؟
2.
وارثن جي
غير موجودگيءَ ۾ ملڪيت تي مالڪيءَ جو دعويٰ ڪير ڪندو آهي؟
3.
ڌار صوبي
لاءِ عملي جدوجهد ڪيئن ۽ ڪنهن جي خلاف ٿيندي آهي؟
4.
”ماني آ ڍَوَ تي
۽ موچڙو آ گھٽ“، سنڌيءَ ۾ اهو پهاڪو ڪيئن ٺهيو؟
نئون صوبو -- ملڪي مفاد
·
نئين
صوبي جو ٺهڻ ملڪ جي مفاد ۾ هوندو- الطاف حسين
-
جيڪڏهن
عوام جي خواهشن تي جمهوري طريقي سان سنڌ ۾ نئون صوبو ٺهي ٿو، ته اتي رهندڙ سڀني
ماڻهن کي ڪنهن به فرق بنا سڀني وسيلن تي ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ جو حق هوندو.
معاشي، جسماني ۽ تعليمي قتلام سبب مهاجر اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته ڌار صوبي جو
قيام ئي انهن جي مسئلن جو حل آهي.
-
سنڌين
سميت اسين ڪنهن جو به حق غضب ڪري پنهنجا حق نه ٿا گھرون ۽ سڀني مظلومن کي انهن جا
حق ڏيارڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ جي پليٽ فارم تان به جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
اسان ڪنهن به قوميت جي ماڻهن جي خلاف ناهيون ۽ چاهيون ٿا ته سڀني کي وسيلن ۽
اقتدار ۾ حصو ملي- الطاف حسين سان وائس آف آمريڪا جو انٽرويو.
(امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
1.
جن
”سڀني“ ماڻهن کي سنڌ جي وسيلن تي ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ڪرڻ جو حق ايم ڪيو ايمي
اڳواڻ بخشيش پيو ڪري، انهن ”سڀني“ ۾ ڪير ڪير شامل آهي؟ ۽ انهن ”سڀني“ جو ”حق“ سنڌ
۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟
2.
”سنڌين
سميت اسين ڪنهن جو به حق غضب ڪري پنهنجا حق نه ٿا گھرون“ جو عملي مطلب ڇا آهي؟ ڇا
سنڌ ڌرتيءَ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ سان سنڌين جا حق غضب نه ٿيندا؟ اهو ڪهڙو فلسفو؟
3.
الطاف
حسين کي ڇا گھرجي؟
4.
”اسين ڪنهن به
قوميت جي ماڻهن جي خلاف ناهيون“، ڇا الطاف حسين جي انهيءَ قول ۾ ڪا به صداقت آهي؟
5.
ايم ڪيو
ايمي دهشتگردن پاران گذريل ڏهن ورهين کان جاري رکيل دهشتگرديون ڇا ڪنهن به قوميت
جي خلاف ناهن؟
6.
پهرين
آڪٽوبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ 200 سنڌي ماڻهن جي ڪوس جو رڳو هڪ واقعو ئي ذهن ۾ رکي،
ڇا دهشتگردن جي سردار جي ان ڳالهه تي پت ڪري سگھجي ٿي؟
مثبت رد عمل
- ايم ڪيو ايم ۽
حڪومت جي وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ايم ڪيو ايم تي اڻ
اعلانيل پابندي ختم ڪئي وڃي، ڇاپا ۽ گرفتاريون بند ڪيون وڃن ۽ مختلف ڪيسن (مقدمن)
جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي.
·
ڪراچيءَ
۾ نوان تڪ ٺاهيا وڃن ۽ قومي ۽ صوبائي سيٽن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي- الطاف حسين
- سياسي عمل
۾ ڪا به قوم حصو وٺي سگھي ٿي. مهاجر سنڌ جي آباديءَ جو 50 سيڪڙو آهن. شهري ۽
ڳوٺاڻن علائقن لاءِ مقرر ٿيل ڪوٽا هاڻي عمل جوڳي نه رهڻ گھرجي. عوام ۽ واپاري ايم
ڪيو ايم جي مالي مدد لاءِ اڳتي اچن.
-
ورهين جي
محرومين ۽ نا انصافين مهاجرن ۾ متحد ٿي حقن لاءِ وڙهڻ جو شعور پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
ايم ڪيو ايم ڌار صوبي جو مطالبو نه ڪيو آهي، پر ان سلسلي ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻي عوام جو
رد عمل ڏاڍو مثبت آهي.
(پبلڪ ايوِننگ، 6- آڪٽوبر 1994ع)
1.
نوان تڪ
ڪراچيءَ ۾ ڇو؟ سڄيءَ سنڌ ۾ ڇو نه ٺاهيا وڃن؟
2.
ايم ڪيو
ايمي دهشتگردن پاران نام نهاد محرومين ۽ نا انصافين جو ڍنڍورو ڪهڙا غليظ مقصد
لڪايو ويٺو آهي؟
3.
اهو ڪهڙو
رد عمل آهي، جيڪو ”مثبت“ سڏيو وڃي؟ ڪهڙن ”شهرين ۽ ڳوٺاڻن“ پاران اهو نام نهاد رد
عمل ٿيو آهي؟
ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي آباديءَ ۾ ايم ڪيو ايمي مهاجرن جي ڳڻپ 50 سيڪڙو ٿي
وئي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪجھ پنجابي اڳواڻن به دعويٰ ڪئي هئي ته پنجابين جي آبادي 40
سيڪڙو آهي. 18 سيڪڙو پٺاڻن جي آبادي به چئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ئي 4 سيڪڙو انهن پرڏيهين
جي آبادي چئي وڃي ٿي، جيڪي پاڪستاني قانون موجب غير قانوني پرڏيهي آهن. جيڪڏهن فرض
به ڪجي ته سنڌ ۾ ڪو هڪ به سنڌي ۽ بلوچ نه ٿو رهي، ته به انهن انگن اکرن جي بنياد
تي تسليم ڪرڻو پوندو ته ليکي ۾ غلطي آهي، ڪوڙ آهي، بي ايماني آهي. ڀانئجي ٿو ته
سنڌ ۾ آباد سنڌي ۽ بلوچ ڌرتيءَ تي نه، ڪٿي فضائن ۾ آباد آهن!
سنڌ جا سڄڻ جيڪڏهن سنڌي آهن، ڇا ٻڌائي سگھندا ته اهي پاڻ ڪٿي رهندا آهن؟ ۽
جنهن عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جي دعويٰ ڪن ٿا، اهو ڪٿي وجود ٿو رکي؟
الڳ صوبو ئي نه، ملڪ به
·
مهاجرن
سان لاڳيتو زيادتين جو سلسلو جاري رهيو ته الڳ صوبو ئي نه، ملڪ به ٺهي سگھي ٿو-
اجمل دهلوي
-
پاڪستان
جي سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام کي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ظالم وڏيرن پنهنجي قبضي
۾ ڪري ورتو آهي.
-
ايم ڪيو
ايم جي مذاڪراتي ڪميٽيءَ جي ميمبر ۽ روزنامه ”امن“ جي ايڊيٽر جناب اجمل دهلويءَ
چيو آهي ته مهاجرن ۾ احساسِ محرومي وڌندو پيو وڃي ۽ لاڳيتين زيادتين جي ان سلسلي
کي بند نه ڪيو ويو ته الڳ صوبي بدران الڳ ملڪ جي سوچ به وڌي سگھي ٿي...
(پرچم، 6- آڪٽوبر 1994ع)
1.
رڳو
دهليءَ جا ٺڳ ئي خبر ناهي ته ڇو مشهور ٿيا، اتي ته اهڙا ڪي ئي وکر موجود آهن. اجمل
دهلويءَ جي سوچ ڪهڙي پهلوءَ کي واضح ڪري ٿي؟
2.
دهلويءَ
جي ادارت ۾ هلندڙ ”امن“ جيڪو فتنو جاڳايو آهي، انهيءَ جو اندازو هن مواد ۾ موجود
”امن“ جي خبرن مان ڪري سگھجي ٿو. دهلويءَ کي فتني جاڳائڻ سان دلچسپي ڇو؟
3.
اجمل
دهلويءَ ڇا ايم ڪيو ايم ۾ پلجندڙ حقيقي سوچ کي پڌرو نه ڪيو آهي؟
قانوني مجبوري
·
ڌار صوبي
جي گھر غير آئيني ناهي- الطاف (ڊيلي نيوز، 2- آڪٽوبر 1994ع)
·
سنڌ جي
ورهاست غير آئيني ناهي- الطاف (فرنٽيئر پوسٽ، 3- آڪٽوبر 1994ع)
·
حق
تلفين، زيادتين ۽ موجوده حالتن مهاجر قوم کي الڳ صوبي جي مطالبي تي مجبور ڪري ڇڏيو
آهي- الطاف حسين
-
صوبي جو
مطالبو نه ته غير آئيني آهي ۽ نه ئي غير قانوني. ايم ڪيو ايم راءِ پڇي آهي، مطالبو
نه ڪيو آهي- برطانيا يونٽ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهيون
(پرچم، 12- آڪٽوبر 1994ع)
1.
ڪنهن ٿو
پڙهايو/ٻڌايو وڃي ته ڌار صوبي جي گھر غير قانوني ۽ غير آئيني ناهي؟
2.
نام نهاد
حق تلفين ۽ زيادتين جي راڳ پٺيان اصلي ڪم ڪهڙو پيو ٿئي؟
غداري
·
احتجاج
احتجاج ئي هوندو آهي- حقن جي گھر کي غداري سڏي نه ٿو سگھجي- الطاف حسين
-
الڳ صوبي
واري سوچ لاڳيتي تعصبي سلوڪ، ظلمن ۽ زيادتين جي پيداوار آهي. اهڙو مطالبو غير
آئيني ۽ غير قانوني ناهي.
(پبلڪ ۽ امن،
12- آڪٽوبر 1994ع)
1.
لاڳيتو
تعصبي سلوڪ سنڌ ۾ ڪنهن روا رکيو آهي؟
2.
ڇا افغان
مهاجرن جا سنڌ ۾ ڪي به حق آهن؟
3.
افغان
مهاجر سنڌ ۾ جيڪڏهن پنهنجا حق ڄمائڻ/جھاڙائڻ شروع ڪن، ته انهيءَ عمل کي ڇا سڏبو؟
4.
ڪنهن به
مهاجر جو ڪنهن به ڌرتي/ٽڪري تي ڪو به داداگير ۽ خود ساخته حق هوندو آهي ڇا؟
هاڻي ان غداريءَ، بد معاشيءَ ۽ داداگيريءَ کي ٻنجو اچڻ گھرجي.
سنڌ
جي اڌ آبادي
-
مهاجر
سنڌ جي آباديءَ جو اڌ آهن پوءِ مهاجر وزير اعليٰ ڇو نه ٿو ٿي سگھي؟
·
18
مطالبا مڃو، ڌار صوبي جو مطالبو نه ڪيو ويندو- الطاف حسين
(قومي اخبار، 30- آڪٽوبر 1994ع)
1.
اهي 18
مطالبا چئبو ته ايڏا ڳرا آهن!؟
2.
18 نُڪتا
مڃائڻ لاءِ ڌار صوبي جو دڙڪو ڇو؟
سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي
·
نئون
صوبو اڻٽر ٿي پيو آهي- الطاف حسين
-
سنڌ جي
آبادي ۾ مهاجر اڌ کان وڌيڪ آهن پر وزير اعليٰ ۽ گورنر سميت ڪو به ڪليدي عهدو مهاجر
کي نه ٿو ملي. جيستائين با اختيار عهدا مهاجرن وٽ نه هوندا، اهي مصيبتن ۾ ڦاٿل
رهندا.
(امن، 6- نومبر 1994ع)
1.
ايم ڪيو
ايمي مهاجر ڪهڙي شرح سان ٿا ڄمن، جو ڇهن ڏينهنِ ۾ اڌ کان وڌيڪ ٿي ويا؟
2.
ايم ڪيو
ايم کي سنڌ ۾ ڇا ٿو گھرجي؟
نانگ تي ڀروسو
·
نئين
صوبي ۾ سڀني جا حق محفوظ هوندا- الطاف حسين
-
جيڪي
ماڻهو اڄ نه ٿا سمجھن، سڀاڻي تاريخ انهن کي سمجھائيندي ته مان پاڪستان دشمن
ناهيان.
-
ايم ڪيو
ايم جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ جي شهري علائقن ۾ آباد سڀني پنجابي، پٺاڻ، سنڌي ۽
بلوچ ڀائرن کي يقين ڏياريو آهي ته جيڪڏهن رٿيل صوبو ٺهي ويو ته ان ۾ آباد سڀني
قوميتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو ويندو. ملازمت، تعليم ۽
صحت جي شعبن ۾ سندن حق محفوظ هوندا ۽ چونڊ جا تڪ اهڙي طرح ٺاهيا ويندا جو کين
آباديءَ جي نسبت سان نمائندگي ملندي. هن خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو مٿس بي بنياد
الزام مڙهي رهيا آهن، چڱي طرح ڄاڻي وٺن ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ اچي انهن ماڻهن تي
بغاوت جو ڪيس هلائيندي، ڇو ته فتنو پکيڙڻ قتل کان وڌيڪ وڏو ڏوهه آهي.
(امن، 30- آڪٽوبر 1994ع)
1.
نئين
صوبي ۾ مجوزه/ممڪن/امڪاني اقتدار ڪنهن جو هوندو؟
2.
الطاف
حسين جي نظر ۾ بي بنياد الزام ڪهڙا آهن؟
3.
اڄ انهن
تي بغاوت جو ڪيس ڇو نه هلي، جن سنڌ ۾ فتنو پکيڙيو آهي؟
4.
تاريخ
سنڌ دشمنيءَ بابت به ڪو سبق ڏيندي يا نه؟
5.
ڇا سنڌين
جا پنهنجي صوبي ۾ سماجي، سياسي، تاريخي، ثقافتي، لساني وغيره حق محفوظ آهن، جو اهي
ڀروسو ڪن ته سڀاڻي ايم ڪيو ايمي الطاف حسين جهڙي فرد (جهڙن فردن) جي فرمانروائي
هيٺ ئي سندن تاريخي ۽ مالڪاڻا حق محفوظ رهي سگھندا؟
ٻي ڪا راهه ناهي
·
مهاجرن
کي ٻئي درجي جو شهري ڪري ڇڏيو ويو آهي، صوبي کان سواءِ ٻي ڪا راهه ناهي
-
ايم ڪيو
ايم ڪنهن به مرحلي تي فوج سان ڪنهن به قسم جي ٽڪر جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ اڄ به ان
پاليسيءَ تي هلي رهي آهي.
-
هن
(الطاف حسين) چيو ته 1988ع ۾ ضياءُالحق جي جهاز جي حادثي کان پوءِ اسلم بيگ پاران
جمهوري عمل جاري رکڻ سبب سي پي او جي سڀني جماعتن اسلم بيگ جي ملازمت ۾ واڌ جي
سفارش ڪئي هئي ۽ انهن سڀني ميمبر جماعتن جي چوڻ سبب ئي مون به غلام اسحاق خان کي
هن جي سفارش ڪئي!
(عوام، 2- نومبر 1994ع)
1.
پَڪي
قلعي حيدرآباد ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ وارو جمهوري عمل سنڌ جي تاريخ ڪنهن جي نالي
سان محفوظ ڪندي؟
2.
ڪنهن جي
سفارش، ڪير، ڪنهن کي پيو ڪري؟
3.
سنڌي
ماڻهو پنهنبجي تاريخي ڌرتيءَ تي ڪائين درجي جا شهري آهن؟
مطالبو
·
موجوده
سرحد برقرار رهي نه سگھندي. هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي- الطاف حسين
-
(ذوالفقار
علي) ڀُٽي سنڌ کي ٻه لساني صوبن ۾ ورهايو. سنڌي قوم پرستن اسان پاران رابطن کي
ڪمزوري سمجھيو. نئين صوبي ۾ سمورا فيصلا ميرٽ تي ٿيندا. ڪوٽا سسٽم نه هلندو.
ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين
ڌار صوبو جوڙڻ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون
مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي، پر هاڻي مفاهمت ٻن صوبن جي جوڙجڪ تي ئي ٿي سگھي
ٿي. ڪراچيءَ جي هڪ روزاني اخبار جي نمائندي کي ٽيليفون تي انٽرويو ڏيندي هن زور
ڏئي چيو ته مهاجر صوبو هاڻي اڻٽر آهي، ڇو ته اسان هر طرح انهن شريف ماڻهن سان
لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان سڀني سنڌي تنظيمن سان رابطو قائم ڪيو ته جيئن
معاملا پُرامن نموني حل ٿي وڃن ۽ اسين سڀ گڏجي هڪ ئي صوبي ۾ رهي سگھون، پر انهن ان
کي اسان جي ڪمزوري سمجھيو. معاملا هاڻي گھڻو اڳتي وڌي ويا آهن. سنڌي قوم پرستن
جيڪي بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ان کان پوءِ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته سنڌ صوبي
جي هاڻوڪي سرحد برقرار رهي ۽ امن به قائم ٿئي...
(عوام، 19- نومبر 1994ع)
1.
سنڌ جي هاڻوڪي
سرحد ۾ ڪير امن قائم ٿيڻ نه ڏيندو؟
2.
سنڌي قوم
پرستن ڪهڙا بيان ڏنا؟
3.
الطاف
حسين ڪهڙي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪيو؟
4.
مفاهمت
ڪهڙي نُڪتي تي ئي ٿي سگھندي؟
5.
ڇا ٻيو
ڪو حل آهي؟
ٻيو ڪو به حل ناهي
·
هاڻي
(ڌار) صوبي کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي.
الطاف
حسين جو طويل ترين انٽرويو (پاڪيشيا، 15- ڊسمبر 1994)
سوچڻ گھرجي ته...
§
ايم ڪيو
ايم خطرناڪ ۽ جديد هٿيار وڏي پئماني تي ڇو ٿي خريد ڪري، ڪنهن خلاف استعمال ڪيا اٿس
۽ ڪنهن جي خلاف ڪم آڻيندي؟
§
ايم ڪيو
ايم پاران هن وقت تائين ڪيل دهشتگرديءَ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قوم ۽ ڌرتيءَ کي نقصان ڏنو
آهي ۽ امڪانن ڪنهن ڪنهن کي آئيندي به هاڃو رَسائيندي رهندي؟ سندس تربيت يافته
دهشتگرد پس و پيش ڪنهن جي خلاف وڙهندا؟
§
ايم ڪيو ايم پاران مهاجر قوميت جو نعرو ۽ مهاجر
قوم لاءِ ڌرتي هٿ ڪرڻ جي جدوجهد ڪنهن جي خلاف آهي ۽ ڪنهن جي خلاف رهندي؟
§
جيڪا
حڪومت اڄ ڏينهن تائين هتي جي تاريخي ۽ اصولي قومن کي قوم طور تسليم ڪرڻ جي منڪر
آهي، ڇا ايم ڪيو ايم انهي حڪومت کان مهاجر قوم تسليم ڪرائڻ گھري ٿي يا انهن کان
جيڪي ڌرتيءَ جي حقيقي قومن جو وجود تسليم ڪرائڻ گھرن ٿا ۽ انهن جا تاريخي، سياسي،
معاشي، انساني وغيره حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي دعويٰ ڪن ٿا؟
§
ايم ڪيو
ايم پنهنجن جن جائز حقن ۽ محرومين ۽ ناانصافين ۽ جنهن استحصال جي شديد پرچار ڪندي
۽ ڍنڍورو پٽيندي رهي ٿي انهن جي پس و پيش حقيقت ڇا آهي؟
§
ڇا سنڌ
جا حقيقي ۽ تاريخي وارث سنڌ جي مختلف صوبن ۾ ورهاست پسند ڪندا؟
§
سنڌ تي
مڪمل اصولي ۽ انتظامي مالڪي ڪنهن جي هئڻ گھرجي؟
(روزاني ”سنڌ“، حيدرآباد، 15 ۽
16- جولاءِ 1996ع)
ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽
دهشتگرد فطرت مَٽائي سگھندي؟
”عوامي آواز“ جي 13- جنوري
1997ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيل ٻه خبرون اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿيون. هڪ خبر
جي هيڊنگ آهي: الطاف مهاجر لفظ تان هٿ کڻي ويو، سگھارن ادارن سان سرچاءُ. ان جي
سب-هيڊنگ چوي ٿي: هاڻ هُو ايم ڪيو ايم لاءِ متحده قومي موومينٽ جا لفظ استعمال
ڪندو، رليف جي خاطري. عوامي آواز جي رپورٽر ٻڌايو آهي، ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه
الطاف حسين مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ الطاف حسين
پنهنجي تنظيم کي متحده قومي موومينٽ جو نالو استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري
ڇڏيون. ايم ڪيو ايم ۽ نگران حڪومت سان لاڳاپيل ذريعن کان سڌ پئي آهي، ته ملڪ جي
سگھارين قوتن الطاف حسين کي مشروط طور ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو آهي، ته هو
پنهنجي تنظيم جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪري ته... مهاجر لفظ تان هٿ
کڻڻ جي صورت ۾ سندس تنظيم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ٿيڻ لاءِ مدد ڪئي ويندي... ۽ ماضيءَ
جي روش کي تبديل ڪيو وڃي ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ويچاريو ويندو...
الطاف حسين پڻ کين يقين ڏياريو ته هُو پنهنجي تنظيمي سرگرمين جي پرچار متحده قومي
موومينٽ جي نالي سان ڪندو ۽ کيس پڻ ”مهاجر قومي موومينٽ“ جو نه، پر متحده قومي
موومينٽ جو قائد چيو ويندو. ذريعن موجب الطاف حسين کين چيو ته تنظيم جي ساک لاءِ
ضروري آهي، ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن.
چونڊن جي سلسلي ۾ سندس روپوش ساٿين کي منظر عام تي اچڻ ڏنو وڃي، ته هو ٿوري ئي
عرصي ۾ پنهنجي تنظيم کي نئين سر منظم ڪري وٺندو. هن سگھارين قوتن کي يقين ڏياريو،
ته سندس ساٿي ٻيهر ماضيءَ کي ڪو نه ورجائيندا.
هن خبر مان ڄاڻ ملي ٿي ته:
1.
ملڪ جون
سگھاريون قوتون ڪجھ مشروط نموني ايم ڪيو ايم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ڪرڻ جي سلسلي ۾
مددگار ٿيڻ چاهن ٿيون، جنهن جو هڪ ثبوت ان نموني فراهم ڪيو ويندو ته دهشتگردي،
قتل، اغوا، آتشزني، غنڊه گردي، داداگيري ۽ ڦرلٽ وغيره ۾ گرفتار ڪيل ۽ گھربل ايم ڪيو
ايمي بدمعاشن کي هڪ پاسي آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻئي پاسي روپوش ٿيلن کي ظاهر ٿي ”ڪم“ ڪرڻ
جو موقعو ڏنو وڃي.
2.
جيئن
گذريل حڪومتن کان گھر ڪندو رهيو آهي، تيئن الطاف حسين چاهي ٿو ته سگھاريون قوتون
سندس انهن ساٿين کي ڇوٽ ڇڏي ڏين، جيڪي قتل، اغوا ۽ دهشتگرديءَ جهڙن ڪيسن سبب
گرفتار يا روپوش آهن، ته جيئن ايم ڪيو ايم منظم ٿي سگھي ۽ ان جي ”ساک“ بحال ٿئي.
3.
ڏوهن ۽
متاثر ٿيل ماڻهن جي حيثيت ۽ عدالتن پاران انصاف ڪرڻ ۽ انصاف پلئه وجھڻ جي حيثيت
ثانوي آهي. قانون محض سودي بازيءَ لاءِ ڪم ايندڙ قوت بڻايل آهي. ذهن ۾ رکڻ گھرجي،
ته مهاجر قومي موومينٽ هجي يا متحده قومي موومينٽ، تنظيمي نالي جي اختصاري صورت ۾
ايم ڪيو ايم ئي رهندي، البت مهاجر سان دائرو محدود رهندو ۽ متحده سبب وسيع ٿي
ويندو. مهاجر سبب ان جو تعصبي تشخص قائم ۽ ظاهر رهندو، جڏهن ته متحده سبب ان جو
غير تعصبي تشخص ٺهندو. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم حقيقي کي مهاجر جو ٺيڪيدار ۽ چيمپئن
ٿيڻ جو وجھ ملندو، جيڪا اڳ ئي کلي عام سنڌ کي ورهائڻ ۽ ڏاکڻو صوبو ٺاهڻ جي مهم
هلائي رهي آهي. اهو ٻڌائڻ جي شايد ئي ضرورت محسوس ٿيندي، ته ٻئي ايم ڪيو ايمون
سگھارين قوتن جي واهر سان هلي رهيون آهن ۽ سگھارين قوتن جي ناڪيلي پنجاب جي مستقل
مفاد جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي پنهنجي پسند موجب ملڪ ۾ حڪومتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ جوڙجڪ ڪري
ٿو.
ٻي خبر جي هيڊنگ آهي: ايم ڪيو ايم جي واويلا اجائي آهي، سندن آڏو ڪا به رڪاوٽ
نه وڌي آهي- ممتاز ڀٽو. ان خبر جي سب-هيڊنگ چوي ٿي: مون (ممتاز ڀُٽي) وڏ وزارت
سنڀالڻ کان پوءِ ساڻن (ايم ڪيو ايم وارن سان) اڳوڻيءَ حڪومت جي زيادتين جي ازالي
لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. سندن ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن
کي به سندن خلاف ڪاروائيءَ کان روڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي کان عوامي آواز جو بيورو
مهدي شاهه وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير ممتاز علي ڀُٽي ايم ڪيو ايم جي
ان الزام کي بي بنياد قرار ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم وارن کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي
ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا مخالف ناهيون. ان ڪري مان حڪومت
۾ اچڻ شرط هنن سان ماضيءَ ۾ ٿيل زيادتين جي ازالي جي ڪوشش ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم
خلاف ڪيترائي ڪيس واپس ورتا ويا آهن ۽ سندن بيشمار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽
کين سياست ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي
وئي آهي ته هُو ايم ڪيو ايم خلاف ڪاروائي نه ڪن. اسان ايم ڪيو ايم کي تحفظ فراهم
ڪيو آهي. ان باوجود هنن پاران شڪايتون قابل افسوس آهن.
هن خبر مان ڄاڻ ملي ٿي ته:
1.
ايم ڪيو
ايم جا اهي قاتل ۽ دهشتگرد ۽ ڌاڙا، ڦرون، لٽ مار، اغوا ۽ آتشزني ڪندڙ ڪارڪن، جن تي
عوام ۽ حڪومت پاران ڪيس داخل ڪيل آهن ۽ جيڪي گرفتار ڪيل آهن، انهن تان ڪيس واپس
ورتا ويا آهن. اهڙا ”بيشمار“ ايم ڪيو ايمي ڪارڪن آزاد ٿي چڪا آهن ۽ انهن سان گڏ
روپوش ڏوهارين کي به اجازت ڏني وئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمي آزاديءَ
سان ڪري سگھن ٿا.
2.
اڳوڻيءَ
حڪومت اهڙن ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري ۽ کين گرفتار ڪري زيادتي ڪئي هئي
جنهن جو ”ازالو“ ان نموني ڪيو ويو آهي! اهو ڪارنامو سنڌ جي موجوده نگران وزير
اعليٰ ممتاز علي ڀُٽي سرانجام ڏنو آهي، ڇو ته هُو ايم ڪيو ايم جو مخالف ناهي ۽
سونَ تي سهاڳي طور هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به هدايت ڪئي آهي، ته ايم ڪيو ايم
خلاف ڪاروائي نه ڪن.
3.
ان هوندي
به ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي شڪايت آهي ته ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾
حصو وٺڻ نه پيو ڏنو وڃي!
اها ڄاڻ پرائڻ کان پوءِ فطري طور ڪي سوال اُڀري اچن ٿا:
1.
ڇا عوام
۽ حڪومت پاران جن قاتلن ۽ دهشتگردن ۽ لٽيرن خلاف ڪيس داخل آهن، اهي سڀ اجايا ۽ غير
ضروري آهن؟ جي ها، ته پوءِ ڇو نه سڄي ملڪ جي سڀني جيلن ۾ قيد سڀني ڏوهارين ۽ ملزمن
کي ڇڏي ڏنو وڃي ۽ ڇو نه سڀني ملزم ڀاڄوڪڙن خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن!؟ ايم
ڪيو ايم جي پاڇي ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف اها رعايت ڇو؟ ڇا هن ملڪ
۾ ٻن قسمن جو قانون آهي؟
2.
ايم ڪيو
ايم ڇو هزارين قاتلن، دهشتگردن ۽ ٻين ڏوهارين کي پنهنجي پناهه ۾ پالڻ ضروري سمجھيو
آهي؟ غوث علي شاهه کان ويندي ممتاز علي ڀُٽي تائين گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ جو
اهو ڪهڙو وڏو وزير آهي، جنهن کان ايم ڪيو ايم اهو مطالبو نه ڪيو هجي ته سندن ڇانوَ
۾ پلجندڙ دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪيو وڃي؟
3.
پاڪستان
۾ قانون ۽ عدليه جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ ڇا اهي رڳو حڪمرانن جي مرضيءَ تي ڪنهن به مهل
بيشمار ڏوهاري ڇڏي ڏيڻ لاءِ آتا رهن ٿا؟ جن ماڻهن جي جان، مال، عزت ۽ حق کي انهن
قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کان نقصان پهتو، ان جو انصاف ڪير پلئه وجھندو؟ ڇا ان
عمل وسيلي سڄي ملڪ جي بدمعاشن کي اهو سبق نه ٿو ملي، ته اهي به ڪنهن نه ڪنهن نام
نهاد سياسي ۽ در حقيقت دهشتگرد پارٽيءَ ۾ وڃي پناهه وٺن؟ ڇا دهشتگرديءَ کان متاثر
ٿيل ماڻهو قانون ۽ عدالت جو در کڙڪائڻ ڇڏي ڏين؟ پوءِ اهي ڪاڏي وڃن ۽ ڇا ڪن؟
4.
ڇا ايم
ڪيو ايم ايڏي اشراف تنظيم آهي، جو هزارين قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي پالڻ، انهن
جو ڀرجھلو ٿيڻ ۽ پاڻ وٽ رکڻ باوجود زباني طرح جيڪڏهن اهو چوي ٿي، ته اها ماضيءَ کي
نه ورجائيندي، ته مٿس اعتبار ڪجي؟ ڇا ان ڪڏهن اهو مڃيو آهي، ته اها برابر ڏوهاري
سرگرمين ۾ ملوث رهي آهي ۽ سندس ڪارڪن ڏوهاري آهن؟
5.
1989ع واري پ پ
حڪومت ۽ اڄوڪي نگران وزير اعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي بيانن ۾ ايم ڪيو ايم جي حوالي
سان ڪهڙو فرق آهي؟ ڪالهه ان دهشتگردن سان ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڏوهارين کي ڇڏيو. اڄ
هي رڳو ان کي راضي رکڻ لاءِ پيو ڏوهاري ڇڏي، پر پوءِ به ڇا ايم ڪيو ايم راضي ٿي؟
ايم ڪيوايم ته آهي ناجائز ۽ غير قانوني مطالبا ڪندڙ تنظيم. اها ته تڏهن به مطالبن
جي سياست ڪندي هئي جڏهن ڄام صادق سان گڏائي سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻائي وئي
هئي! پوءِ اڄ کانئس ڪيئن ٿي اميد رکي وڃي، ته اها سنڌ جي علائقي تي قبضو ڪرڻ ۽
پاڪستان ٽوڙي مهاجرن لاءِ بين الاقوامي سرحدون مقرر ڪرڻ کان گھٽ مطالبي تي راضي ٿي
ويندي!؟
سنڌ/پاڪستان سان حبداريءَ خلوص ۽ وفاداريءَ جا اهي ٺيڪيدار ۽ چيمپئن جيڪي ايم
ڪيو ايم سان ياريءَ ۽ ڀائپيءَ جون ڳالهيون ڪندي ٿڪجن ئي ڪو نه ٿا، جيڪي دهشتگردن
جي مارجڻ ۽ قيد ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي ٽارزنن سان گڏجي ”رنج و الم“، ”غم و اندوهه“
جا ڪوڪارا ڪندي پاڻ پَٽي رهيا آهن، جن جي واڇن مان گِڦ نه ٿي سُڪي، مٿو ڌوڙِ ۽
مُنهن ڇائِي ڪري ڇڏيو اٿن، اهي جيڪا وڻين نڪ جي پَڪائي ڪندي، رڳو ڪجھ گھڙين لاءِ
پنهنجن بنا بريڪ سڏڪن کي روڪي ۽ ٻه منٽ فضيلت سان انسانن جيان ڳالهائڻ جي همت
ڪندي، گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ٻڌائڻ جي تڪليف گوارا ڪن، ته ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود جي
پهرئين ڏينهن کان اڄ تائين اهو ڪهڙو عمل ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به طرح سنڌ/پاڪستان سان
وفاداريءَ ۽ سڄڻائپ جي دائري ۾ آڻي سگھجي، جنهن کي سنڌين/پاڪستانين سان خلوص جي
مثال يا شاهديءَ طور پيش ڪري سگھجي يا گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ٻڌايو، ته آخر اوهان کي
ايم ڪيو ايم جي پيٽ ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين سان ئي همدردي ڇو آهي؟
اسان کي حيرت آهي ته فاروق دادا، ريحان ڪاڻي، ارشد ڪي ٽو ۽ جاويد تِيلي جھڙن بي
رحم قاتلن ۽ ڄاتل سڃاتل دهشتگردن جي موت تي ته اوهان جي اکين مان ڳوڙها وهي هلن ٿا
(سُڪن ئي نه ٿا) ۽ سڏڪن ۾ پئجي ٿا وڃو، پر انهن ۽ اهڙن جي هٿان ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ٻورين ۾ بند ڪيل، بغلن ۾ پيچڪش چڀائي ساڙيل ۽ هڏين ۾ ڊرل مشينن سان سوراخ ڪري چچري
ماريل بيگناهه ماڻهن جي موت تي هڪ لفظ نه ٿو اُڪلي! اهڙن ماڻهن کي قاتلن جو يار ۽
انسانيت جو غدار ڇو نه سڏجي؟
ايم ڪيو ايم جي حقيقت ۽ فطرت
1.
10- جُون
1978ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي پٺيان ”گلبرگ“ ريسٽورنٽ ۾، جيڪو هاڻي ”فوڊ هِي
فوڊ“ ريسٽورنٽ سڏجي ٿو، هڪ پريس ڪانفرنس وسيلي ”آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس
آرگنائيزيشن“ (اي پِي ايم ايس او) جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. اي پِي ايم ايس او جي
اغراض يعني منشور جو هڪ نمايان نُڪتو چوي ٿو: ”سنڌ ۾ مهاجرن کي آباديءَ جي نسبت
سان اقتدار ۽ ملازمتن ۾ حصو ڏيارڻ، ٻيءَ حالت ۾- پاڪستان جي وفاق ۾ مهاجرن لاءِ هڪ
الڳ پنجون صوبو وجود ۾ آڻڻ لاءِ آئيني جدوجهد ڪرڻ.“
2.
14- آگسٽ
1979ع تي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار سامهون هڪ مظاهري ۾، جيڪو آفاق شاهد ۽
حسيب هاشميءَ پاران بهارين کي سنڌ ۾ گھرائڻ لاءِ منظم ڪيو ويو هو، الطاف حسين پهچي
ويو ۽ نعرا هڻندي پاڪستان جي قومي جھنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائين. ڪجھ عرصو پوءِ
آمريڪا ويو ۽ جڏهن موٽيو ته جادوئي نموني وڏو ليڊر بڻايو ويو.
3.
18-مارچ
1984ع تي مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. اي پِي ايم
ايس او جي اغراض و مقاصد جو پهريون نُڪتو هو: پاڪستان جي رهاڪن جي وچ ۾ احترام ۽
برابريءَ جي بنياد تي اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪري پاڪستان کي وڌ ۾ وڌ مستحڪم ۽ طاقتور
ٺاهڻ، جيڪو ايم ڪيو ايم جي اغراض و مقاصد مان خارج ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي هڪ
بانيڪار ميمبر، طارق مهاجر، چواڻي: ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ ٺاهي وئي
هئي. (ڏسو: تڪبير، 9- جولاءِ 1992ع)
4.
1980ع ۾ عظيم
احمد طارق اي پِي ايم ايس او جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان تنظيم جي پروگرام ۽
مقصدن جي باري ۾ هڪ پمفليٽ لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو: ”مهاجرن کي سندن حقن جي تحفظ
لاءِ انهن جي اعليٰ تهذيبي ۽ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ هڪ صوبو فراهم
ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته برصغير جي اردو ثقافت بي زمين هوندي به پنهنجي ڪردار
نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي به زمين فراهم ڪري
ڏني وڃي. (ڏسو: الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي، ص 163 ۽ 166)
5.
31- آڪٽوبر
1986ع تي حيدرآباد جي پَڪي قلعي ۾ تقرير ڪندي، الطاف حسين چيو: ”اڳ ۾ اسين آزاديءَ
لاءِ وڙهي رهيا هئاسون، آزادي حاصل ڪري ورتي، ته هاڻي وطن ڳولي رهيا آهيون...
ضرورت پئي ته بندوق وسيلي به حق حاصل ڪرڻ کان نه لنوائينداسون. اسان جي آڏو رڳو هڪ
رستو آهي ۽ اهو آهي فتح يا موت.“ (ڏسو: امن، 1- نومبر 1986ع)
6.
8- آگسٽ 1986ع
تي ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ڪندي، الطاف حسين چيو: اسان پنهنجي سِر سان ڪفن ٻڌي
ڇڏيو آهي. پنهنجن مقصدن جي تڪميل لاءِ اسان کي جتان به مدد ملندي، اها وٺنداسون،
پوءِ اها اوڀر کان ملي يا اولهه کان، اتر کان ملي يا ڏکڻ کان. سنڌين جيڪڏهن مهاجرن
جي حقن لاءِ ساٿ نه ڏنو ۽ انهن کي قوميت تسليم نه ڪيو، ته اهي به پنهنجا حق حاصل
نه ڪري سگھندا... مهاجر هڪ الڳ قوميت آهن، اسان کي جيڪڏهن آئيني تحفظ نه مليو
ته... پاڪستان... بچي نه سگھندو.“ (ڏسو: جسارت، 9- آگسٽ 1986ع)
7.
19- نومبر 1994ع
تي روزنامه عوام خبر ڏني ته: ”موجوده سرحد برقرار نهين رهه سڪتي، اب صرف سنڌ ڪِي
تقسيم پر بات هوگي- الطاف حسين“ خبر ۾ ٻڌايو ويو ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف
حسين مهاجر صوبو جوڙڻ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن چيو آهي
ته ”مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي، پر هاڻي مفاهمت رڳو ٻن الڳ صوبن جي جوڙجڪ
تي ئي ٿي سگھي ٿي.“ سنڌ ۽ پاڪستان سان حبداريءَ جا دعويدار ايم ڪيو ايم جي سپرمين
۽ سپريم ليڊر جي انهن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪندا. اهي بيان اهڙن هزارين بيانن مان
ڪجھ آهن، خرارن مان رڳو هڪڙي مٺ سنڌ/پاڪستان جي حبداري جا ٺيڪيدار ايم ڪيو ايم جي
رڳو ڪنهن هڪ اهڙي عمل جي نشاندهي ڪن، جيڪو سندن عقل موجب سنڌ/پاڪستان سان
وفاداريءَ ۽ خلوص جو مظهر هجي. اسان جي دعويٰ آهي ته هر هڪ مثال جي موٽ ۾ ايم ڪيو
ايم پاران هڪ سوَ کان وڌيڪ انسان دشمن، سنڌ دشمن ۽ پاڪستان دشمن مثال پيش ڪنداسون.
ايم ڪيو ايم پاران دهستگردن، قاتلن ۽ بدمعاشن سان سڪ پريت جا هيٺ رڳو ڪجھ مثال پيش
ڪجن ٿا: مهاجرن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا وڃن. الطاف حسين (امن 13 جون 1987ع)
(نوٽ: الطاف حسين پاران مهاجر لفظ جو استعمال مختلف مقصدن لاءِ مختلف مفهومن ۾
استعمال ٿيندو رهندو آهي. هتي ۽ اهڙن ٻين بيانن ۾ مهاجر جو مطلب آهي ايم ڪيو ايم
جا تربيت يافته دهشتگرد. اردو ڳالهائيندڙ رڳو ايم ڪيو ايم جا حمايتي ناهن، اهي ٻين
ڪيترين ئي تنظيمن ۾ پڻ آهن، جن سان ايم ڪيو ايمي دهشتگرد وڙهندا ئي رهيا آهن،
تنهنڪري هٿيار ڏيڻ جو مطالبو انهن لاءِ ناهي.) 31 آڪٽوبر 1986ع تي حيدرآباد جي پڪي
قلعي ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ جيڪي ڪيمپون قائم ڪيون ويون، انهن ۾ پٺاڻن خلاف
گاريون ڪڍيون ويون ۽ کانئن زوريءَ چندو ورتو ويو. ان تاريخ تي حيدرآباد ويندي
سهراب ڳوٺ وٽ پٺاڻن تي فائرنگ ڪئي وئي. انهي سلسلي ۾ جڏهن الطاف حسين سميت ڪي ئي
ٻيا به گرفتار ڪيا ويا، تڏهن 27- ڊسمبر 1986ع تي ايم ڪيو ايم جو هڪ اعليٰ سطحي وفد
سنڌ جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان ۽ وزيراعليٰ سيد غوث علي شاهه سان ملاقات
ڪئي ۽ پنهنجن ٽن نڪتن وارن مطالبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ٽي نڪتا هئا: الطاف
حسين جي آزادي، (ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن تي داخل) ڪيسن جي واپسي ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي
مدد. (نوائي وقت، 28- ڊسمبر 1986ع). 3- ڊسمبر 1988ع تي پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ
۾ 59 نڪاتي هڪ ٺاهه ٿيو، جنهن کي ڪراچي-معاهدي جو نالو ڏنو ويو. ”معاهدو ڇو ڀڳو؟“
جي عنوان هيٺ اقبال يوسف لکي ٿو: مختصر جواب هي آهي ته جن قوتن ايم ڪيو ايم کي پ پ
پ سان ٺاهه جي موڪل ڏني هئي، انهن ئي قوتن ايم ڪيو ايم کي معاهدي کان ڌار ٿيڻ جو
حڪم ڏنو. اها به تلخ حقيقت آهي، ته الطاف حسين ڪنهن ٻئي جي اشارن تي راند پيو
کيڏي... ايم ڪيو ايم جون مجرماڻيون سرگرميون وڌنديون پئي ويون، هن جا ڪارڪن ڏوهن ۾
ملوث هئا، ان جي وزيرن جون سرڪاري گاڏيون هٿيار ڍوئڻ لاءِ استعمال پئي ٿيون.
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد بلديائن جا سمورا وسيلا ايم ڪيو ايم پنهنجي سياسي ۽ غير سياسي
۽ ڏوهاري سرگرمين لاءِ ڪم آڻي رهي هئي.“ (ڏسو: ڪراچي پيپرز، ص 47-48). 22- سيپٽمبر
1989ع تي ڪراچيءَ جي ڊِي آءِ جِي افضل شگريءَ جي رپورٽ ۾، جيڪا ’دي مسلم‘ ۽ ’ڊيلي
نيوز‘ ۾ شايع ٿي، چيو ويو ته ”ايم ڪيو ايم سياسي نه، پر دهشتگرد جماعت آهي. هن
تنظيم جا جيڪي مقصد ظاهري طرح بيان ڪيا پيا وڃن، اهي درحقيقت ان جا اصلي مقصد
ناهن. هيءَ تنظيم اڃا وڌيڪ هٿياربند ٿي، پاڪستان خلاف خطرناڪ قوت بڻجي اڀرندي.“
23- آڪٽوبر 1989ع تي ايم ڪيو ايم پاران معاهدو ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو به چيو
ويو ته اسان هڪ مهينو اڳ ئي (ڳجھ ڳوهه ۾) آءِ جي آءِ سان اتحاد ڪري ڇڏيو هو.
اهڙيءَ طرح ايم ڪيو ايم پنهنجي سازشي ڪارڪردگيءَ تان پاڻ ئي لَٽو لاهي ڇڏيو، پر
عادت موجب ٺاهه ٽوڙڻ جو الزام پ پ پ تي ئي آندو. 1989ع دوران دهشتگردي، قتل، اغوا
وغيره جھڙن ڏوهن ۾ ملوث ۽ گرفتار ڪارڪنن کي بيگناهه قرار ڏيندي، انهن جي آزاديءَ
جو مطالبو ڪيو. حڪومت مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت خلاف مهم
هلائيندي پنهنجن دهشتگردن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو ۽ 1990ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 400 کان
وڌيڪ ماڻهو قتل ڪرائي ڇڏيا.
ڄام صادق علي ۽ الطاف حسين جي اتحاد سان هاڻي سنڌ ۾ اها حڪومت ٺهي، جيڪا
پاڪستان جي سڄي تاريخ دوران ڪيل ظلمن جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ بدترين، وحشي،
ظالم ۽ داداگير حڪومت هئي ۽ مرڪز ۾ ان جو اتحادي نواز شريف هو. اسٽيل مل جي خزاني
سان لوهي در ٺهيا ۽ مختلف پاڙن جي اهم لنگھن تي ٺوس ڪنڪريٽ ۾ کوڙي ڪراچي جي ڪيترن
ئي علائقن کي ايم ڪيو ايم جي حاڪميت هيٺ مفتوح بڻايو ويو، جتي ڪي ئي اذيت گھر قائم
ٿيا ۽ ماڻهن تي بدترين تشدد ڪيو ويندو هو. ايم ڪيو ايم پنهنجن غدارن لاءِ موت جو
پيغام ڏيندڙ بينر نمايان جڳهن تي هنيا ۽ گولين جو مينهن وسائڻ لاءِ ڪلاشنڪوفن جا
وات کولي ڇڏيا. الطاف حسين ”ڪرامتون“ ڏيکاريندڙ پير صاحب بڻجي ويو، ايتريقدر جو
جمال گھوٽي جي پنن تي به مُڇون رکندڙ الطاف حسين جون تصويرون اڀري آيون! هن دور ۾
37 ته رڳو اهي پوليس آفيسر قتل ڪيا ويا، جن الطاف حسين جو هٿيار ٿيڻ کان انڪار
ڪيو، دهشتگردن تي قانون موجب ڪيس داخل ڪيا ۽ انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ئي دور
۾ پريس خلاف بدترين دهشتگرديءَ جو مظاهرو ٿيو، بندوق جي زور تي اخبارون ۽ رسالا
ڦريا ويا ۽ ڪيترن ئي صحافين تي حملا ٿيا. ٻئي پاسي ڄام صادق جون انتقامي ڪاروايون
۽ ارهه زورايون جاري هيون، تان جو قبر ڀيڙو ٿيو. سنڌ ۾ ڏوهه ان حد تائين وڌي ويو ۽
اهو به خود حڪومت پاران، جو ڏوهارين خلاف فوجي ڪاروائي جي گھرج اڻٽر بڻجي وئي. ان
وقت خود ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان کي چوڻو پيو ته، ”سنڌ آپريشن حڪومت ۾ موجود
دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ ڪيو پيو وڃي.“ (ڏسو: 21- جون 1992ع جون سڀ اخبارون.) ملڪ
جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مهذب ماڻهو مرحوم محمد خان جوڻيجي چيو، ته ايم ڪيو ايم هڪ
دهشتگرد تنظيم آهي. (ڏسو: دي مسلم، 20- جون 1992ع) ۽ ان وقت ملڪ جي فعال وزيراعظم
مسٽر نوازشريف کي ته ڏاڍي وڏي ڳالهه ڪرڻي پئي. هن چيو، ”پاڪستان کي بچائڻ لاءِ سنڌ
۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي.“ (ڏسو: 22- مئي 1992ع جون سڀ اخبارون) ۽ هن اعلان ڪيو ته:
اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي. (ڏسو: 27- جون 1992ع جون سڀ اخبارون)
اڄ ملڪ جي صدر فاروق لغاريءَ انهن ڏينهن ۾ چيو هو: ايم ڪيو ايم جي عمران فاروق جو تعلق
ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي ”را“ ۽ ڀارتي ملٽري انٽيليجنس سان آهي. ان ڳالهه جي
وزيراعظم نوازشريف کي خبر آهي، پر هُو عمران فاروق کي گرفتار ٿيڻ نه ٿو ڏئي.“ هن
وڌيڪ چيو ته فوج جي ترجمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جناح پور ٺاهڻ گھري ٿي، پر ايم
ڪيو ايم کي موجوده حڪومت تحفظ ڏئي رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته نوازشريف کي خوف
آهي ته الطاف حسين سندس سازشن کي بي نقاب نه ڪري رکي. (ڏسو: نوائي وقت، راولپنڊي،
1- سيپٽمبر 1992ع)
ڪالهوڪو وزيراعظم نوازشريف، جنهن چيو هو ته اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه
ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ آپريشن پاڪستان کي بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ۽ اڄوڪو صدر فاروق
لغاري، جنهن ڪالهه چيو هو ته نواز شريف حڪومت ايم ڪيو ايم ۽ ڀارتي انٽيليجنس
ايجنسين جي ايجنٽن کي پناهه ۽ تحفظ پئي ڏئي. اڄ اهي ٻئي ايم ڪيو ايم جا عاشق ٿي
پيا آهن. نوازشريف کي ايم ڪيو ايم خلاف پنهنجي ئي جاري ڪيل فوجي آپريشن هڪ بدمعاشي
پئي نظر اچي ۽ فاروق لغاري پاڻ ويٺو ”ايم ڪيو ايم خلاف ظلمن“ جو گيت ڳائي ۽ پنهنجي
مقرر ڪيل نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي وسيلي ”بيشمار“ دهشتگرد پيو آزاد ڪرائي.
سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته اقتدار جي بکين پاڪستاني حڪمرانن وٽ ميڻ جو نڪ آهي يا لوسڻ
جو! انهي آپريشن دوران 22 کان وڌيڪ اذيت گھر ڳولي لڌا ويا، جتي سوين ماڻهن کي
مختلف انسانيت سوز اذيتون ڏئي ماريو ويو هو ۽ هزارن جي ڳڻپ ۾ ڪلاشنڪوفون،
رائيفلون، پستول، ريوالور ۽ ٻيا هٿيار ۽ لک کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون. اشفاق
چيف جهڙا ڪي ئي دهشتگرد گرفتار ٿيا، جن ڀارتي تربيتي ڪئمپن ۾ سکيا وٺڻ کان سوين
انسانن جي قتل تائين جو اعتراف ڪيو. جنرل آصف نواز چيو: ”ماڻهو ايم ڪيو ايم جي
ظلمن ۽ قائم ڪيل گھيري کان تنگ ٿي پيا هئا.“ (ڏسو 23- جون 1992ع جون سڀ اخبارون)
پر الطاف حسين جو اهو ئي رينگٽ جاري رهيو، ته ايم ڪيو ايم جي معصوم ۽ بيگناهه
ڪارڪنن تي ظلم پيو ٿئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اطلاعات سيڪريٽري امين الحق
”دهشتگرد“ جي جاءِ تي ”مهاجر“ جو لفظ ڪم آڻيندي پنهنجي مرشد جا لفظ ورجايا ته
مهاجرن سان غداري ڪئي وئي آهي. (ڏسو: پاڪستان ٽائمز، 25- جون 1992ع)
6.
ايم ڪيو
ايم ڪي ئي ٽارچر سيل (اذيت گھر) قائم ڪري رکيا هئا، جن مان هڪ لائنز ايريا ۾ هو
جنهن جو انچارج جاويد لنگڙا هو، جيڪو آپريشن هلندي ڀارت ڀڄي ويو، جتي سندس ڀاءُ بي
جي پِي جو اهم اڳواڻ آهي. جاويد لنگڙا تي چاليهن کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. سڄي
علائقي کي لوهي دروازن سان قلعي بند ڪيو ويو هو. ڊپٽي ڪمشنر جي چوڻ موجب، اسان کي
لوهي دروازي کان اڳتي وڃڻ نه ڏنو ويندو هو. (نوائي وقت، 26 جولاءِ 1992ع) ۽ رينجرس
جي ڪرنل صفدر جي چوڻ موجب، اسان ڪي ئي ڀيرا لائنز ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي پر علائقي جي عوام جي سلامتيءَ ۽ تحفظ کي خطري سبب ائين نه ڪري سگھياسون.
(ڏسو: نوائي وقت، 22- جون 1992ع) اهو اذيت گھر هڪ ڪواٽر ۾ قائم هو جنهن جي
چوديواري ۾ اسٽيل جون پليٽون چڙهيل دريون ٺهيل هيون، جتان فائرنگ ڪري ماڻهن کي
دهشتزده ڪيو ويندو هو. سڄي ڪراچي مان گھربل گھڻن ايم ڪيو ايم جي ڏوهارين کي هتي
آندو ويندو هو ۽ الطاف حسين جي حڪم تي گھٽ ۾ گٽ 45 ماڻهن کي ڦاسي ڏني وئي هئي.
خالد نعيم عرف خالد ڪمشنر جي چوڻ موجب، هتي ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سان اختلاف
رکندڙن کي وحشتناڪ سزائون ڏنيون وينديون هيون، ڊرل مشينن، لوهه جي سيخن، زنجيرن،
ڦاهي جي ڦندن ۽ بجلي جو جھٽڪو ڏيندڙ اوزارن سان اذيتون ڏنيون وينديون هيون. سهيل
جاويد کي زمين هيٺ پاڻيءَ جي ٽئنڪي ۾ ٻوڙي ماريو ويو. لاشن کي مختلف هنڌن تي ڦٽو
ڪرڻ جو ڪم آءٌ (خالد) ڪندو هئم... جاويد لنگڙو ايم ڪيو ايم پاران ڪيل دهشتگردي جي
80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروائين جو مُک ڪردار هو.
7.
ايم ڪيو
ايم جي ”دهشت جي علامت“ سمجھيو ويندڙ دهشتگرد اشفاق چيف ٻڌايو ته 8 ماڻهن کي سليم
شهزاد جي حڪم تي اغوا ڪيو، پيلي ڪوٺي (هڪ ٽارچر سيل) ۾ ڪرفيو سبب نه پهچائي سگھيم،
ته انهن کي گولي هڻي ڇڏي. لاشن کي منگھو پير جي علائقي ۾ ساڙي ڇڏيو، قصبه ڪالوني ۾
سنڌين جي گھرن کي باهيون ڏنيون. بدر اقبال ۽ عامر خان کي قتل ڪرڻ جو حڪم مليو، هڪ
پجيرو جيپ ۾ انهن جي موجودگيءَ جي شڪ سبب فائرنگ ڪئي، ته ان ۾ ويٺل پير پاڳاري جو
نياڻو مارجي ويو. ڪائونسلر انور کي الطاف حسين جي باڊي گارڊ شوبي قتل ڪيو هو. شوبي
عرف شعيب، الطاف حسين کي ڏاڍو ويجھو هو. هن هڪ ڏينهن مشهور ڳائڻي سان الطاف حسين
کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسڻ جو ڏوهه ڪيو، تنهنڪري الطاف حسين جي هدايت تي سليم
شهزاد هٿان ماريو ويو. ”تڪبير“ جي ايڊيٽر جو گھر اسامه قادري جي نگراني ۾ ساڙيو
ويو هو. (ڏسو: نوائي وقت، 21- آڪٽوبر 1992ع ۽ 23- آڪٽوبر 1992ع) ڪجھ عرصو پوءِ
صحافين سان ڳالهائيندي، اشفاق چيف وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي قتل ڪرڻو آهي. اهي هدايتون
صفدر باقري ۽ سليم شهزاد ڏيندا هئا. ايم ڪيو ايم پاران جيڪا ”شرفا ڪميٽي“ ٺاهي وئي
هئي ان جا ميمبر اهي هئا، جيڪي پاڻ کلي عام دهشتگردي ڪندا هئا. ڪو زمانو هو، جو
مان به ايم ڪيو ايم کي مظلومن جي پارٽي سمجھندو هئم پر جڏهن به ڪنهن بيگناهه جي
قتل جي خبر ٻڌندو هئم. ته دلي رنج ٿيندو هو.“
8.
جسارت
18- آگسٽ 1994ع، خبر ڏني ته دهشتگرد اشرف لنگڙا اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب مارجي
ويو. سندس قريبي ساٿي ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سيڪٽر انچارج خرم زخمي حالت ۾ اسپتال
مان ڀڄي ويو. اشرف لنگڙو ڪجھ مهينا اڳ جيل مان آزاد ٿيو هو، سندس گھر ڀاتين چيو ته
اشرف کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. خبر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ”گذريل ڪيتري
ئي عرصي کان اشرف لنگڙي جون پوليس ۽ فوج تي هٿياربند ڪاهون جاري هيون ۽ پوليس هن جي
علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان ڊڄندي هئي.
9.
اشفاق
چيف، جاويد تيلي، فاروق دادا، فهيم ڪمانڊو، جاويد لنگڙا، نديم ڪمانڊو، ارشد ڪي ٽو،
مجيد ڌوٻي، علي موٽا ۽ اهڙن ٻين سوين دهشتگردن جيان ايم ڪيو ايم جو هڪ دهشتگرد
ريحان ڪاڻو به هو. 28- آگسٽ 1972ع تي لياقت آباد-1 ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍڙي ڄمار واري
دهشتگرد کي پڻ اشفاق چيف ۽ ڪيترن ئي ٻين جيان دهشت جي علامت طور سڃاتو ويندو هو.
پوليس رڪارڊ موجب 1992ع ۾ مخالف ٽولي جي هڪ نوجوان سميع کي قتل ڪرڻ کان پوءِ
ڏوهاري بڻجندڙ هن دهشتگرد نَڄاڻ ڪيترا قتل ڪيا ۽ نڄاڻ هن ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي
حڪم تي پنهنجي ڪوبرا گروپ وسيلي قتل ڪرايو. سوين ماڻهن رڳو هن جي ڊپ کان علائقي
مان لڏي ويا ۽ هزارين ماڻهو سندس علائقي ۾ ويندي ڊڄندا هئا. ٻورين ۾ بند لاش ملڻ
کان پوءِ هن شخص کي ٻوري جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. پهرين آڪٽوبر 1994ع تي لياقت
آباد جي خالد بن وليد مارڪيٽ ۾ ڇهن ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. لياقت آباد جي ئي سپر
مارڪيٽ ۾ ٻي منزل تي قائم سب رجسٽرار جي آفيس ۾ 10 ماڻهن کي گولين سان پروڻ ڪيائين
۽ پاڪ ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي آفيس تي چڙهائي ڪري 12 ڪارڪنن جا هٿ پير ٻڌي
گولين جو مينهن وسايائين، ڪراچي ضلعو مرڪزي (لياقت آباد) جي پنجن ٿاڻن تي 1993ع
کان 1996ع تائين ريحان ڪاڻي خلاف 66 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 26 قتل جي سلسلي ۾ هئا
جن موجب هن ڪل 50 ماڻهو قتل ڪيا. 24 ورهين جو ريحان ڪاڻو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي
دهشتگردن جي سڀ کان خطرناڪ ٽولي ”ڪوبرا گروپ“ جو سربراهه ڪيو ويو، جنهن کي فاروق
دادا جي موت کان پوءِ اها ذميواري ڏني وئي. هو ڪيترن ئي ڌاڙن ۽ سرڪاري ۽ نجي
ملڪيتن کي ساڙڻ جي ڏوهن ۾ پڻ ملوث هو. هن جي منطقي موت تي ڏک جا واڳون وارا ڳوڙها
ڳاڙيندي، هڪ معصوم حق پرست جو بيهماڻو قتل سڏيندي هڙتال جو اعلان ڪيو (ڏسو: ڪراچي
۾ دهشتگردي ڪي داستان ص 224-230).
اسان هتي بلڪل ٿورا ۽ مختصر مثال ڏنا آهن، ته جيئن ايم ڪيو ايم جي فطرت جي
مختلف پاسن جي جھلڪ نظر اچي سگھي. هاڻ جيڪڏهن اهو ياد رکون، ته آڪٽوبر 1993ع جي
عام چونڊن ۾ الطاف گروپ پاڻ ئي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي، پر
صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصو وٺندي سگھارين قوتن تي اهو الزام آندو ته کيس
قومي اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو هو، ته سولائيءَ سان ان نتيجي تي
پهچي سگھجي ٿو ته ايم ڪيو ايم سدائين بليڪ ميلنگ جي سياست ڪندي رهي آهي. پنهنجي
پاران ڪيل بدمعاشين جو الزام ٻئي تي آڻيندي، ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ چوندي،
دهشتگردي ۽ انسانيت سوز ڏوهه ڪندي، پنهنجي وطن جي غدار، لالچي ۽ بدمعاش تنظيم آهي
جيڪا ڪنهن به طرح ۽ ڪيڏين به وڏين رعايتن تي راضي نه ٿيڻ وارو رويو رکي ٿي.
ايتريقدر جو نگران حڪمران جڏهن پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ئي قانون جي لتاڙ ڪندي،
عدالتن کان مٿان ئي مٿان ايم ڪيو ايم جا ”بيشمار“ بدمعاش ۽ دهشتگرد آزاد ڪري چڪا
آهن، تڏهن به ايم ڪيو ايم جي رڙ مٿان رڙ پئي پوي، ته اسان کي آزاديءَ سان چونڊن ۾
حصو وٺڻ نه ڏنو پيو وڃي. مضمون جي اڳ ۾ ڄاڻايل خبرن جي چوٿين ڏينهن تي اسلام آباد
جي بيورو رپورٽر جي خبر ڇپي آهي ته ”صدر لغاري پاران ايم ڪيو ايم کي رعايتون، مک
اڳواڻ آزاد ڪرڻ جو حڪم. انهي خبر جي سب هيڊنگ چوي ٿي: ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو
ازالو ڪري هڪ هفتي اندر کين رليف پئڪيج ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت کي هدايتون جاري. ايم
ڪيو ايم کي تازي رليف پئڪيج هيٺ هڪ سَو کان وڌيڪ اهم ايم ڪيو ايمي اڳواڻ ۽ ڪيترائي
ڪارڪن آزاد ٿي ويندا- ذريعا (ڏسو: عوامي آواز، 17- جنوري 1997). ايم ڪيو ايم بابت
گذريل ڏهاڪو سالن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم ان رعايت تي به راضي نه ٿيندي،
پر حڪمرانن جو اهو ”ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو ازالو“ ايم ڪيو ايم لاءِ رليف پيڪيج
وارو رويو ثابت ٿو ڪري ۽ سبق ٿو ڏئي ته:
1.
پاڪستان
۾ قانون ۽ عدالتن جي حيثيت حڪمرانن جي نظر ۾ رڳو هڪ اهڙي هٿيار جهڙي آهي، جنهن کي
پنهنجي مرضيءَ سان، جيئن وڻين تيئن ۽ جنهن جي خلاف يا حمايت ۾ چاهن، ان جي خلاف يا
حمايت ۾ استعمال ڪري سگھن ٿا. اهڙي طرح قانون ۽ عدالت جي حيثيت ثانوي ٿي پوي ٿي ۽
ماڻهن کي گھرجي ته انهن تي اعتماد نه ڪن.
2.
جيڪي به
سماج دشمن ۽ عوام دشمن ڏوهاري آهن، انهن کي گھرجي ته اهي ايم ڪيو ايم جھڙين بدمعاش
۽ دهشتگرد تنظيمن جي جھنڊي هيٺ جمع ٿين يا وري حڪمرانن جي پناهه ۾ اچن، ته هر قسم
جي قانوني پابنديءَ کان آجا ٿي ويندا.
3.
ايم ڪيو
ايم جھڙيون تنظيمون وڌڻ ويجھڻ گھرجن، انهن جي لاءِ ئي جائز ناجائز رعايتون به آهن،
ته رليف به.
4.
اقتدار
جا بکيا حڪمران ۽ ايم ڪيو ايم جھڙيون دهشتگرد تنظيمون ڏوهن جي ٻنيءَ ۾ ڏوهارين جو
فصل پوکي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ آئيندي رڳو ان ئي فصل جي قدر و قيمت ۽ عزت هوندي.
انهيءَ ئي عوامي آواز (17- جنوري 1997ع) ۾ خبر شايع ٿي آهي ته سنڌ سرڪار پاران
ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ جي منظوري. عادت موجب حڪمرانن اها ساڳي ئي لفاظي ڪم
آندي آهي ته ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ جي صورت ۾ روزگار جا موقعا سڀ کان وڌيڪ
سنڌين کي ڏنا ويندا. حڪومتي ڌر جي اهم اڳواڻ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾
ٻڌايو، ته نگران وفاقي حڪومت کان پڪيون خاطريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي فري
پورٽ بڻائڻ تي راضي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن ته قانون ۽ عدالتن آئين ۽ علائقائي
حقن جي ڪا اهم حيثيت ئي ناهي. اتي اهي نام نهاد پڪيون خاطريون ڇا ڪري سگھنديون؟ ڇا
سنڌ ۽ پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ ڪا هڪ به اهڙي پڪي خاطري موجود آهي، جنهن تي عمل ڪيو
ويو هجي؟ 1940ع واري قرارداد ۾ پڪي خاطري ڏني وئي هئي، ته مسلمان اڪثريت وارن
علائقن کي خودمختار ۽ سوورين (پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ) بڻايو ويندو، ڇا ان تي
عمل ٿيو؟ خود سنڌ جي موجوده نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي سنڌ نيشنل فرنٽ جو
منشور ان حوالي سان ڇا ٿو چوي؟ ڇا سنڌ کان ڪراچي کسي جڏهن وفاق بڻائي وئي هئي تڏهن
ڪي به ”پڪيون خاطريون“ نه ڏنيون ويون هيون؟ ون-يونٽ ٺاهڻ مهل ”پڪين خاطرين“ جو حشر
ڪهڙو ٿيو؟ سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ مهل ڏنل پڪيون خاطريون ڪاڏي ويون؟ سرڪار وڏي اوهان جي
پڪين خاطرين بابت اسان وٽ چڱي نموني پروڙ ۽ پرک موجود آهي. اوهان جيڪي سنڌ جي
ننڍڙن ڪارخانن ۾ سنڌين کي معمولي نوڪريون، ملازمتون نه ٿا ڏياري سگھو، اوهان جيڪي
سنڌين کي مليل چند ملازمتن جو تحفظ نه ٿا ڪري سگھو، اهي اسان کي ڪراچي فري پورٽ
بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙيون پڪيون خاطريون ڏئي ٿا سگھو؟ اسان کي توهان جي ڏنل ڪنهن هڪ
معمولي پڪي خاطري تي به ڪا پڪ ناهي، ڪراچي فري پورٽ ته تمام وڏي ڳالهه آهي. توهان
به ڪوڙا آهيو، ته اوهان جون پڪيون خاطريون به ڪوڙيون آهن. اسان جيئن ڪالا باغ ڊيم
وسيلي سنڌ کي سرسبز ڪرڻ جو منصوبو نه قبوليو آهي، تيئن ڪراچي فري پورٽ وسيلي سنڌين
کي باروزگار بڻائڻ جي پڪي خاطري به نه قبولينداسين. ڪراچي کي فري پورٽ بڻائڻ جي
نئين سر اٿاريل ڳالهه تڏهن هڪ ڀيرو وري شدت سان اڀري آهي، جڏهن برطانيا جي
وزيراعظم جان ميجر پاران ڪجھ ڏينهن اڳ پاڪستان جي سرڪاري دوري مهل رياض شاهد رپورٽ
ڪندي چيو، برطانيا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي فري پورٽ بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي
۽ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر جو پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي
هڪ ڪڙي آهي. (ڏسو: عوامي آواز، 14 جنوري 1997ع)
اسان سنڌين جي ذهنن ۾ اهي سڀ اوهان جون رٿيل رٿائون اڄ به تازيون آهن، جن
وسيلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦيرڦار يا سندس وجود ئي مورڳو
گم ڪري ڇڏڻ جون سازشون سٽيون ويون هيون. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي اها سازش
پاڪستان ٺهندي ئي پهرئين مهيني کان موجود آهي. اسان کي ياد آهي مولانا دين محمد
وفائي جو اهو ايڊيٽوريل، جيڪو هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي علائقو بڻائڻ
جي موضوع تي لکيو هو، ته اڄ پناهگيرن جي گھرن ۾ گيهه جا ڏيئا پيا ٻَرن ۽ سنڌين جي
گھرن ۾ غم جي اوندهه ڇانيل آهي. سنڌ ان وقت به زبردست احتجاج ڪيو هو. ايتري قدر
جو، سنڌ مسلم ليگ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ جوشيلي تقرير ڪندي اهو
چتاءُ ڏنو هو ته ڪراچيءَ کي جيڪڏهن سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ته اسين قرارداد پاڪستان
ڦاڙي ڦٽي ڪنداسون. (ڏسو: الوحيد، 11- فيبروري 1947ع) ۽ الوحيد جي ايڊيٽر ايترو به
لکيو، ته قائداعظم انهيءَ فيصلي تان هٽڻ وارو ناهي، سواءِ ان جي، ته سنڌ بلڪل
عليحدگي جو اعلان ڪري، هڪ مستقل رياست جي صورت ۾ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪري. ”سنڌ
ڪي نسلي مسائل“ جي ليکڪ شهزاد منظر اهو حوالو ڏيندي لکيو آهي، ته جنهن اخبار تحريڪ
پاڪستان ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، جنهن جي خدمتن کي پاڻ قائداعظم ساراهيو هجي، ان
پاران پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال جي عرصي اندر ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ خلاف ان قسم جي
شديد رد عمل مان سنڌي عوام جي جذبن کي پهچندڙ صدمي جو اندازو ٿئي ٿو. (ڏسو: ص- 88)
اسان کي خبر آهي ته ون-يونٽ ٽوڙڻ مهل هڪ مهم هلائي وئي هئي، جنهن ۾ ڀاڙيتو ۽ نام
نهاد دانشورن وسيلي اهي مفروضا پکيڙيا ويا ته ڪراچي سنڌ کان ڌار هوندي، ته سنڌ
وڌيڪ خوشحال ٿيندي. اسان کي اها به ڄاڻ آهي ته ڪراچي صوبا محاذ جي الطاف احمد کان
ويندي پاڪستان مهاجر رابطا ڪائونسل جي صدر نصرت مرزا تائين، نواب مظفر کان محسن
ڀوپالي تائين، صوبا اردو ديس جي اڳواڻ فاروق الحسين جيلاني (جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ايم
ڪيو ايم جي پٽيشن لاءِ وڪيل به هو) کان ”اب سنڌ تقسيم هونا چاهيي“ جي ليکڪ ڊاڪٽر
سليم حيدر تائين، ايم ڪيو ايم حقيقي جي آفاق احمد کان ويندي ”مهاجرستان لبريشن
آرگنائيزيشن“ ۽ ايم ڪيو ايم الطاف گروپ تائين، سڀ جو سڀ ساڳي جڳهه جا ڪوئا آهن
جيڪي ان جي ڀتين کي کوکلو ڪندي، ڪيرائڻ چاهن ٿا. اڄ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ ڦريل دولت
۽ تربيت يافته دهشتگردن جي قوت ايم ڪيو ايم الطاف گروپ وٽ وڌيڪ آهي، جنهن جي ڇانو
۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي بنا قانوني چاره جوئي جي ڇوٽ ڇڏيندي، ايم
ڪيو ايم کي رعايت ۽ رليف جي نالي ۾ هڪ ڀيرو وري سنڌ دشمن ڪارروائي ۽ کليل دهشتگردي
جو موقعو ڏنو پيو وڃي.
ايم ڪيو ايم حقيقي گروپ جي جھنڊي هيٺ ڏاکڻي صوبي لاءِ سنڌ دشمن تحريڪ هلائيندڙ
آفاق احمد، جيڪو ڇهه سال اڳ تائين الطاف حسين جي ٻانهن ٻيلي هو، 1992ع ۾ ٻڌايو ته
الطاف حسين غيرملڪي آقائن کي ڪراچي ڀَتي تي ڏيڻ ٿو چاهي. (ڏسو: جسارت، 12- جولاءِ
1992ع). انهي کان اڳ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل تسنيم صديقي جو
ايم ڪيو ايم جي چيرمئن عظيم احمد طارق جي نالي اهو خط، جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته مسٽر
اوڪلي (آمريڪي سفير) جي حيدآباد واري دوري دوران سنڌ جي عليحدگي جي موضوع تي
سنجيده گفتگو ٿي ۽ سنڌ يونيورسٽي جو گھيرو ڪرڻ ۽ حيدرآباد تي قبضو ڪرڻ لاءِ گلشن
شهباز ۽ خدا ڪي بستي سان گڏ ٻيون به رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون ۽ ڪرڻيون آهن.
(ڏسو: هلال پاڪستان، 14- ڊسمبر 1989ع) کي ذهن ۾ رکندي، اي پي ايم ايس او ۽ ايم ڪيو
ايم جي اغراض و مقاصد يعني منشور جي مکيه (۽ ڄاڻايل) نُڪتن کي ذهن ۾ تازو ڪندي ايم ڪيو ايم پاران گذريل لڳ ڀڳ ڏهن
ورهن جي عرصي تي پکڙيل عملي دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن عمل کي نظر ۾ رکي اسان اڄوڪن ۽
آئينده ٿيندڙ پاڪستاني حڪمرانن، باشعور سياستدانن، وطن دوست ماڻهن ۽ سجاڳ ذهنن جي
آڏو هڪ سوال رکون ٿا، ته نگرانن پاران رعايتن ۽ رليفن ۽ ازالن کان پوءِ، ڇا ايم
ڪيو ايم پنهنجي سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مٽائي سگھندي؟
(روزاني ”عوامي آواز“، 22 ۽ 23-جنوري
1997ع)
دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو
رات جو ٻي وڳي 6 فيبروري 1997ع شروع ٿئي، اڃا ٻه ڪلاڪ مس گذريا هئا. اخبارن جي
آفيسن ۾ اطلاع پهتو، ته اورنگي جي هڪ ويران علائقي ۾ اڇلايل، سوڙ جي ڇَوَ ۾ ويڙهيل
۽ گولين سان پروڻ ٿيل هڪ لاش مليو آهي. اهو ڪالهه شام تائين جيئري طارق ارتضيٰ جو
لاش هو. جيڪو سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر (ايس آءِ) جي عهدي تي اورنگي ٽائون جي حد ۾
مکيه طرح امن امان جي فضا قائم رکڻ ۽ نظرداري ڪرڻ جي ڊيوٽي ڏيندڙ هو. طارق ارتضيٰ
اورنگي ٿاڻي جي حد ۾ اڍائي ورهين تائين پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪرڻ کان پوءِ رڳو هڪ
مهينو اڳ بدلي ڪري مومن آباد ٿاڻي تي رکيو ويو هو. هو اربع ڏينهن (5- فيبروري) شام
جو چئين وڳي تائين ڊيوٽي ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل نمبر ڪي سي وي 1811 تي سوار ٿي،
پنهنجي گھر (نارٿ ناظم آباد، بلاڪ 1، گھر 117) روانو ٿيو. گھر پهچڻ جو اطلاع نه
مليو ۽ جاچ باوجود نه لڌو، ته سمجھيو ويو، ممڪن آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو هجي، تان
جو رات دير سان سندس لاش مليو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب سندس بدن جي مختلف حصن تي سخت
اذيتن جا نشان موجود هئا ۽ هن جي سِسيءَ ۾ چار گوليون لڳل هيون، جيڪي مٿس سوڙ جي
ڇَوَ ۾ جيئرو بند ڪرڻ کان پوءِ وسايون ويون هيون. طارق ارتضيٰ اڻ پرڻيل، جوان ۽
سگھارو مرد هو. هو هڪ انتهائي ذهين ۽ دلير ۽ پنهنجيءَ حد ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن
خلاف انتهائي ڦڙتيءَ ۽ سرگرميءَ سان ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس آفيسر هو. رڳو 14 ڏينهن اڳ
پنهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڇاپو هڻائي اورنگي ٽائون، بلاڪ ڊي، جي هڪ خالي پلاٽ ۾ لڪايل
هٿيارن جو ججھو ذخيرو کوجي ڪڍيو هئائين، جيڪو اتي دهشتگرد ڪاروائين لاءِ پُوريو
ويو هو. هُو هٿياربند دهشتگردن ۽ ڏوهارين آڏو جھڪڻ يا انهن جو ڳيجھو ٿيڻ بدران
انهن جي خلاف مڙسيءَ، دليريءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڪاروايون ڪندڙ پوليس عملدار هو،
جنهنڪري دوست يار کيس طارق ڪمانڊو پڻ سڏيندا هئا.
طارق ارتضيٰ جهڙو ڦڙتيلو، دلير ۽ قانون پسند ۽ دهشتگردن ۽ ڏوهارين جو دشمن
ماڻهو دهشتگرديءَ ۽ ڏوهن جي سرپرستن لاءِ اک جو ڪنڊو ۽ روح جو روڳ هو. ان قسم جي
ماڻهن جو وجود دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ جو موت آهي. دهشتگرد ۽ ڏوهاري اهڙن ماڻهن جي
وجود کان هِيسيل ۽ ڊنل رهن ٿا ۽ کين پنهنجن غليظ مقصدن جي تڪميل واري راهه ۾ رنڊڪ
سمجھن ٿا. طارق ارتضيٰ انهن عزت لائق پوليس آفيسرن مان هڪ هو، جن جي بي مثال جدوجھد
سبب ڪراچيءَ ۾ ڊگھن وڳوڙن معيشت، سياست ۽ فصيلت تباهه ڪندڙ قتلامن، اغوائن ۽
هڙتالن ۽ ٻين دهشتگرد ڪاروائين کي ٻنجو اچي ويو ۽ نيٺ گذريل ٻن ورهين دوران هڪ حد
تائين امن امان جي فضا قائم ٿي سگھي هئي.
امن دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ لاءِ موت ثابت ٿئي ٿو، تنهنڪري مقعو ملندي ئي
دهشتگرد انهيءَ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. گذريل ٻن سالن دوران دهشتگردن جي
ڀاڄوڪڙ سردار پاران جيڪو پٽڻو پئي پٽيو ويو، انهيءَ جو هڪ وڏو سبب اها امن ڀري فضا
هئي، ڇو ته ان جي ڪري کين پنهنجي دهشت قائم رکڻ جو موقعو نه ٿو ملي ۽ دهشت جو
خاتمو عملي طرح دهشتگردن جي روحاني ۽ مادي ۽ سياسي غلاميءَ مان نجات جو ڪارڻ ٿي
پوي ٿو. هشام الظفر، ايم ڪيو ايم جي هڪ دهشتگرد، 27- جون 1995ع تي اسلام آباد ۾
پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته:
”لنڊن کان دهشتگرديءَ جي هدايت ڪوڊز (ڳجھن اشاراتي لفظن) ۾ ڏني ويندي آهي.
ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن امن هوندو، ته چيو ويندو آهي ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي، ان
کي جيئرو ڪيو. انهن لفظن جو مطلب آهي ته دهشتگردي ڪيو، بدامني وڌايو. بدامني
وڌايو، انهيءَ لاءِ ته جيئن ايم ڪيو ايم جي زندهه هجڻ جو احساس موجود رهي، ڪنهن کي
قتل ڪرڻو هجي، ته چيو ويندو: ”ان کي ڏسو.“ دهشتگردي وڌائڻ لاءِ ايئن به چيو ويندو
آهي، ته ”ڪجھ ڪيو.“ ان قسم جا ڪي ئي ڪوڊ مختلف قسمن جي ڪاروائين لاءِ مخصوص آهن.
انهيءَ ڪانفرنس کان 2 ڏينهن اڳ، 25- جون 1995ع تي اسلام آباد ۾ ئي پريس
ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي دهشتگرد محمد تقي عرف خالد تقي عرف ملڪ سڪندر
عرف ”مامون“ جيڪو عبدالمجيد عرف ”ڇَتُو“ جو پٽ آهي، ٻڌايو ته:
پهريون ڀيرو اسان (جي ٽولي) جيڪو ڪيس ڪيو، جنهن لاءِ واضح حڪم مليا هئا، اهو
هِي هو ته جيڪو به سنڌي يا پي ايس ايف (پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن) جو ماڻهو نظر اچي،
ان جو ڪيس ڪرڻو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ان کي قتل ڪرڻو آهي. سهيل اڪبر اچي اسان
کي چيو، ته جيڪي به سنڌي يا پي ايس ايف جا ڇوڪرا نظر اچن، انهن جو هن طرح (آڱر سان
گوليون هلائڻ جو اشارو ڪندي) ڪيس ڪرڻو آهي... ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ خدا داد
ڪالوني ۾ جيڪا اسان جي علائقي لائنز ايريا جي ويجھو ئي اسان جي سيڪٽر ۾ آهي، اسان
چار سنڌي قتل ڪيا. مون سان گڏ نعيم چَم، جيڪو اڄ ڪلهه سيڪٽر انچارج آهي، تسليم،
مجيد ڌوٻي ۽ نويد، چار پنج ڇوڪرا (يعني دهشتگرد) گڏ هئا.
ياد رهي ته هي اهو ئي خالد آهي، جيڪو ناهيد بٽ جي ايم ڪيو ايمي ڊرامي ۾ خالد
بٽ جو ڪردار ادا ڪندي، ناهيد بٽ جو ڀاءُ ٿيو هو، جڏهن ته حقيقي زندگيءَ ۾ هن جو
ڀاءُ نه ڪجھ ٻيو رشتو رکندڙ هو.
هشام الظفر پنهنجيءَ پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو هو ته:
”فيبروري
1994ع کان ايم ڪيو ايم جڏهن احتجاج جي نالي ۾ دهشتگردي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن
ڪراچيءَ جي مختلف سيڪٽر انچارجن پنهنجيءَ نظرداري هيٺ دهشتگردي ڪرڻ لاءِ ڪي ئي
گروپ ٺاهيا. انهن ۾ ”خالد تقي بٽ گروپ“، جنهن ۾ خالد تقي سان گڏ جاويد اڪرم، ثاقب
۽ مجيد ڌوٻي سميت 15 کن ڇوڪرا شامل آهن، اولڊ سٽي ايريا، لياقت آباد، لائنز ايريا،
سوسائٽي، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي علائقي ۾ پنهنجون ڪاروائيون ڪندو
آهي. اهو ٽولو پوليس عملدارن جي قتل ۽ (ايم ڪيو ايم) حقيقي جي ماڻهن جي قتل ۽ انهن
تي فائرنگ ۾ ملوث آهي. اهو ٽولو حقيقي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل منصور احمد چاچا جي
قتل ۾ به ملوث آهي. ان کان سواءِ ”فاروق دادا گروپ“ آهي، ان گروپ ۾ انيس ترڪ ۽ امين
ستار سميت لڳ ڀڳ ڏهه ڇوڪرا شامل آهن، انهن جي ڪاروائين جو علائقو پاڪ ڪالوني،
بلديه ٽائون، ناظم آباد ۽ گلبهار ايريا آهن. هي ٽولو 1994ع جي عيدالفطر مهل بلديه
۾ رينجرس جي ڪيپٽن ۽ چئن سپاهين سميت بلديا ٽائون جي ايس ايڇ او جي قتل ۾ ملوث
آهي. (ياد رهي ته پيرپاڳاري جي نياڻي کي به انهيءَ ٽولي ئي قتل ڪيو هو)... ”فهيم
ڪمانڊو گروپ“ ۾ آصف صالح ۽ محمود سميت ڇهه ست ڇوڪرا شامل آهن. اهو گروپ فيڊرل بي
ايريا، نارٿ ڪراچي ۽ ناظم آباد جي علائقن ۾ سرگرم آهي ۽ نئين ڪراچي جي اڳوڻي ايس
ايڇ او بهادر علي جي قتل ۾ ملوث آهي...
”مبين ٽونٽا گروپ“، ”جاويد خان گروپ“، ”جاويد مائيڪل گروپ“، ”اصغر گروپ“ ۽
”محمد شاهه گروپ“ ۽ انهن جي ڪاروائين بابت ڄاڻ ڏيندي هشام الظفر وڌيڪ ٻڌايو ته
”خالد انجم گروپ“ جنهن ۾ احترام الحق، ڪمال انصاري تارا، آصف حسين، ظفر ظفرو سميت
ڏهه ڇوڪرا شامل آهن ۽ اهو گروپ اورنگي ٽائون ۽ قصبه ڪالوني جي علائقي ۾ وارداتون
ڪندو آهي. (ياد رهي ته طارق ارتضيٰ انهيءَ ئي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو آهي)... سڀني
گروپن کي ڪاروائين جي هدايت سيڪٽر انچارجن ۽ مرڪز (نائن زيرو يعني الطاف حسين جي
گھر) وٽان ملندي آهي. مرڪز کي دهشتگرديءَ جون سموريون هداتيون الطاف حسين جي حڪم
تي، عام طرح سندس سيڪريٽري نديم نصرت پهچائيندو آهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي هڪ هِٽ
لِسٽ (Hit list) رکندي آهي. ان هٽ لسٽ ۾ گھڻي ڀاڱي پوليس عملدار، ايم ڪيو ايم جا
سياسي مخالف، ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ويندڙ ۽ اهي ماڻهو شامل هوندا آهن،
جيڪي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪم ڪندا آهن، ان لسٽ جي منظوري به باقاعدي لنڊن کان
الطاف حسين ڏيندو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته خالد ارتضيٰ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيو آهي ۽ انهيءَ ۾
به ڪو شڪ ناهي، ته نگران حڪومت نه رڳو دهشتگرديءَ، قتل ۽ اغوا جھڙن ڏوهن ۾ ملوث
ڪيترن ئي دهشتگردن کي اليڪشن کان اڳ آزاد ڪيو هو، پر اهي ۽ ٻيا سوين روپوش رهندڙ
دهشتگرد پڻ اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ڪراچي جي روڊن تي ڇيڪ گھمندي ڏٺا ويا. سندن مَن
وڌيل هو، ايتريقدر جو بي بي سي جي رپورٽ موجب: اليڪشن واري ڏينهن ايم ڪيو ايم جي
ڌڙن حق پرست ۽ حقيقي جا دهشتگردَ پوليس، رينجرس، ۽ ملٽري جي پهري باوجود کلي عام
هڪ ٻئي جي ووٽرن کي اغوا ڪندا ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا. نَڄاڻ، حڪمرانن جون
اهي ڪهڙيون مصلحتون آهن، جو قانون کان مٿاهان ٿي ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي، انتهائي
انسان دشمن ڏوهن ۾ ملوث دهستگردن کي به ايڏو ته ڇڙواڳ ڇڏين ٿا، جو خود قانون جا
محافظ عملدار به انهن جي گولين ۽ عذابن جو نشانو بڻجيو وڃن!
اهي نگران ان صدارتي حڪم جي نتيجي ۾ پاڪستان جا واڳ ڌڻي بڻيا جنهن ۾ پاڪستان
جي ماڊل ڊڪٽيٽر حڪمران جنرل ضياءَ پاران پنهنجي صدارتي عهدي کي طاقت ۽ ڊيگھ ڏيڻ
لاءِ اختيار ڪيل بدناموس اٺين ترميم جو سهارو وٺي، ان حڪومت کي ڊاٿو ويو، جنهن ٻيو
ڪجھ بيشڪ نه ڪيو هجي، پر دهشتگرديءَ کي چٿي سنڌ جي رهاڪن کي نسبتاً امن ڀري فضا
ٺاهي ڏني هئي. بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ مهل هڪ الزام اهو به آندو ويو، ته
ان جي اقتدار مهل فاروق دادا ۽ فهيم ڪمانڊو جهڙا ڪي ئي ڄاتل سڃاتل ۽ سوين ماڻهن جا
قاتل دهشتگرد ”ماورائي عدالت“ قتل ٿي ويا هئا. پنهنجي ان الزام جي پوئواري ۾ اهي
ڪورٽ ۾ ڪو جوڳو ثبوت پيش نه ڪري سگھيا، پر سندن انهيءَ الزام دهشتگردن کي اخلاقي
قوت پهچائي ۽ انهن پاران اهڙي ڪُوڙي پروپئگنڊا کي سهارو ملي ويو. توڙي جو چيو ٿو
وڃي، ته قانون جي نظر ۾ سڀ شهر برابر آهن ۽ انهيءَ ڪري سندن چوڻ موجب ڪو هڪ به
دهشتگرد انهيءَ حالت ۾ به مرڻ نه گھرجي، توڙي جو اهو پوليس تي گوليون هلائي رهيو
هجي، پر اهي بيگناهه شهر واسي جيڪي رڳو ان ڪري مارجي ويا، جو اهي دهشتگردن جا
پوئلڳ نه هئا ۽ اهي گھراڻا جيڪي دهشتگرديءَ جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويا، انهن کي
انصاف ڪير پلئه وجھندو؟ ڇا انهن سان اها ناانصافي ناهي، جو سندن زندگيون، سهارا ۽
گھر اجاڙيندڙ دهشتگردن کي ”ماورائي عدالت“ آزاد ڪيو وڃي؟
دهشتگردن کي ڏنل ڇوٽ جو نتيجو گذريل پندرهن ڏينهن جي اخبارن ۾ آيل انهن ڏهاڪو
کن خبرن مان ٿي وڃي ٿي، جيڪي وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن کي بيان ڪن ٿيون.
3- فيبروري 1997ع تي نيون چونڊون ٿيون ۽ چند ڏينهن کان پوءِ نئين حڪومت اقتدار
جي ڪرسيءَ تي ويهندي، جنهن جو چونڊيل سربراهه نواز شريف هوندو. هن الاهي بخش سومري
جي سربراهي هيٺ لياقت جتوئي، حليم احمد صديقي ۽ ميان اعجاز شفيق تي مشتمل هڪ ڪميٽي
تيار ڪري ڇڏي آهي. جيڪا ايم ڪيو ايم سان سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهيون ڪندي.
(انهيءَ مقصد سان هڪ ڪميٽي پ پ پ پاران به تيار ڪئي وئي آهي.)
چونڊن ۾ کٽندي ئي 4- فيبروري تي بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي، ايم ڪيو ايم الطاف
حسين پاران مقرر ڪيل رابطا ڪميٽي جو اڳواڻ اجمل دهلوي چئي چڪو آهي، ته مسلم ليگ
(ن) ۽ پ پ ٻنهي سان اتحاد ۾ ”دوکو“ کائي چڪا آهيون. نواز شريف اسان جي خلاف فوجي
آپريشن شروع ڪيو ۽ پ پ پ اسان جي ”بيگناهه“ ڪارڪنن کي ”ماورائي عدالت“ قتل ڪرايو.
هاڻي ٺَڪي ٺوڪي اتحاد ڪنداسين. جيڪا ڌر اسان جا مطالبا مڃيندي، پنهنجن اڳوڻن ”ڏوهن
جي معافي“ وٺندي ۽ آئينده ايمانداريءَ سان ”طي ڪيل فيصلن“ تي عمل ڪندي، انهيءَ سان
اتحاد ڪرڻ ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ بابت ويچاريو ويندو.
5- فيبروري تي شام جو طارق ارتضيٰ، هڪ دهشتگردي مخالف پوليس عملدار، اغوا ٿيو
۽ 6- فيبروري جو سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو. هڪ حياتي قانون جي نگهباني ڪندي
دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿي ۽ وڌيڪ هڪ گھر اجڙي ويو. سَوڙ جي ڇَوَ ۾ گولين سان پروڻ ٿيل
لاش نئين حڪومت لاءِ دهشتگردن پاران هڪ ”تحفو“ آهي، خبر ناهي اهڙا ڪيترا تحفا ڏنا
ويندا، پر طارق ارتضيٰ جو لاش وقت جي حڪمرانن آڏو هڪ وڏو سوال به آهي، ته اهي
پنهنجن مخصوص مصلحتن جو شڪار ٿي، پنهنجي ئي جوڙيل قانون جي لتاڙ ڪندي، اڃا ڪيترا
دهشتگرد آزاد ڪندا، انهن کي ڪيترو ڇڙواڳ ڇڏيندا ۽ انهن جي سردار آڏو ڪيترو جھڪندا؟
۽ خاص ڪري سنڌ جا امن پسند ۽ قانون پسند رهواسي ۽ قانون جا بااصول محافظ
ڪيستائين سندن انهن مصلحتن جي اڏي تي قانون دشمن دهشتگردن جي گولين جي ڀيٽا ٿيندا
رهندا؟
(روزاني ”برسات“، 19-فيبروري 1997ع)
(پورو ٿيو.)
No comments:
Post a Comment