6/25/2016

سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (ڪتاب، حصو ٻيو) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سنڌ
حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام
(سياسي مضمونَ)

(حصو ٻيو)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد

صوبائي حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر گھرج:
هيءُ موضوع کڻڻ جي گھرج ڇو محسوس ڪئي وئي، انهيءَ تي ڳالهه ٻول کان اڳ ضروري ٿو محسوس ٿئي، ته هيٺ ڏنل ڪجھ بيانن کي ڌيان سان پڙهي ذهن ۾ رکيو وڃي:
1-         ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کان (هڪ طرف) سکر ۽ (ٻئي طرف) لس ٻيلي تائين جي علائقي تي ٻڌل ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهاجرن کي ڪيڏي به وڏي قرباني ڏيڻي پوي، ان کان گريز نه ڪيو وڃي. جدا صوبي لاءِ تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو.“ (قومي اخبار، 10مئي 1994ع)
2-         ”مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي قيام بابت سوال جو جواب ڏيندي هن (الطاف حسين) چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي- مهاجر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي چاهن ٿا.“       (قومي اخبار، 11 سيپٽمبر 1994ع)
3-         ”نئين صوبي جو قيام ملڪ جي مفاد ۾ هوندو.“ الطاف حسين (امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
4-         ”الڳ صوبي جو مطالبو غير آئيني ناهي.“ الطاف حسين (امن، 12 آڪٽوبر 1994)
5-         ”جدا صوبي جو مطالبو اسان جي مجبوري هوندو.“ الطاف حسين (امن، 15 آڪٽوبر 1994ع)
6-         ”18 نڪتا مڃيو ته ڌار صوبي جو مطالبو نه ٿيندو.“ الطاف حسين
(قومي اخبار- 30 آڪٽوبر 1994ع)
7-         ”نئين صوبي ۾ سڀني جا حق محفوظ هوندا“. الطاف حسين (امن، 30 آڪٽوبر 1994ع)
8-         ”نئون صوبو ضروري ٿي پيو آهي“ الطاف حسين (امن، 6 نومبر 1994ع)
9-         ”موجوده سرحد برقرار نه رهي سگھندي، هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي.“ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ڌار صوبي جي تشڪيل جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي پر هاڻي مفاهمت ٻن الڳ صوبن جي تشڪيل جي موضوع تي ئي ٿي سگھي ٿي. (عوام، 19 نومبر 1994ع)
اهي بيان پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان پوءِ صوبائي حلف نامي ۾ ڇو ۽ ڪهڙي ترميم ۽ وڌاءُ ٿيڻ گھرجي، اچو ته سوچيون.

پاڪستان ۾ جڏهن به ڪي عام چونڊون ٿين ٿيون، تڏهن بدعنوان جت ڪٿ عام هجن ٿا: 1- قومي اسيمبلي، ۽ 2- صوبائي اسيمبلي.
قومي اسيمبلي مرڪز ۾ آئين سازي ۽ حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ٿي ۽ صوبائي اسيمبلي صوبي ۾ آئين سازي ۽ حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ٿي.
صوبو هڪ يونٽ آهي ۽ اهڙا ڪي يونٽ ملي مرڪز جي تشڪيل ڪن ٿا. صوبو بنيادي آهي ۽ مرڪز نسبتي. مرڪز کي صوبن جي تشڪيل جو حق مليل ناهي. ”مرڪز“ کان سواءِ صوبن جو جاگرافيائي وجود ته ٿي سگھي ٿو، پر صوبن کان سواءِ مرڪز موجود رهي سگھي، سو ممڪن ناهي. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل-1 پاڪستان جوڙيندڙ علائقن جي جاگرافيائي سالميت جي ضمانت ڏئي ٿو.
مرڪز ۾، قومي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ايندڙ هر ميمبر کي پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداريءَ جو حلف ڏيڻو پوي ٿو ۽ هر هڪ صوبي ۾ صوبائي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ايندڙ هر ميمبر کي پڻ ساڳيو حلف ورجائڻو پوي ٿو ۽ ائين ڪرڻ جي ڪري هر هڪ ميمبر خود بخود آئين جي هر هڪ آرٽيڪل سان پڻ وفاداريءَ جو حلف کڻي ٿو. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اهو حلف ڏيڻ جي باوجود ڪن صوبن جا ڪي چونڊيل ميمبر اهڙا به موجود آهن، جيڪي جن ”سياسي“ يا ”غير سياسي“ ڌرين سان نظرياتي طرح وابسته ۽ هم آهنگ بلڪه انهن جا نمائندا آهن، انهن مان ڪي پنهنجي منشور ۾ صوبن جي سالميت جي خلاف هڪ پروگرام رکن ٿيون ۽ پنهنجن بيانن ۽ عملن وسيلي پاڪستان جوڙيندڙ صوبن جي سالميت کان منڪر ثابت ٿين ٿيون، تنهنڪري انهن صوبن جي قدرتي، تاريخي ۽ قانوني رهواسين ۾ بي چيني پيدا ٿيندي پئي وڃي.
اهي محسوس ڪن ٿا ته اهي ڌريون ۽ انهن جا چونڊيل نمائندا پاڪستان جوڙيندڙ يونٽن جي سالميت خلاف هڪ خطرو آهن، بدنيت آهن ۽ سازشن ۽ غدارين ۾ مصروف آهن.
انهيءَ جوکم کي درپيش رکندي چئي سگھجي ٿو ته صوبائي اسيمبلين ۾ کڄندڙ حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر ضرورت آهي ۽ اها گھرج هيءَ آهي ته هر هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي حلف نامي ۾ واسطيدار صوبي جو نالو وڌايو وڃي ۽ بلڪل ايئن چٽو ڄاڻايو وڃي، جيئن پاڪستان جو نالو ڄاڻايل آهي.
مثال طور: سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيل ميمبر جڏهن پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداري جو قسم کڻي رهيو هجي، تڏهن هن کي اهو به چٽيءَ طرح ڄاڻائڻ گھرجي، ته اهو سنڌ جي سالميت لاءِ به پاڻ پتوڙيندو ۽ ان سان وفادار رهندو.
ڌيان جوڳا مکيه موضوع
3- فيبروري 1997ع تي نگران حڪومت جي نگهبانيءَ هيٺ ٿيل مرڪزي توڙي صوبائي اسيمبلين لاءِ عام چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر جيڪا صوبائي اسيمبلي ٺهي آهي، ان ۾ ٻيءَ ڪنهن به پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نمائندن جي ڳڻپ وڌيڪ آهي، پر اهي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي سگھڻ جي پوزيشن ۾ نه اچي سگھيا، ڇو ته سنڌ حڪومت ٺهڻ کان اڳ ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪي شرط شروط طَي ٿيا، ڪن نڪتن تي ٺاهه ٿيو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت لياقت جتوئيءَ کي ملي وئي. هن وقت لياقت جتوئيءَ جو سياسي نينهن مسلم ليگ (نواز گروپ) سان آهي، تنهنڪري سمجھيو ۽ سمجھايو، ٻڌايو ۽ ڄاڻايو (۽ چتايو) پيو وڃي، ته سنڌ ۾ حڪومت جون واڳون مسلم ليگ (ن) جي هٿ ۾ آهن.
ڇا اهو سچ آهي ته سنڌ حڪومت جون واڳون درحقيقت مسلم ليگ (ن) سنڌ جي هٿ ۾ آهن؟ ڇا اها سنڌ جي چونڊيل اڪثريتي پارٽي آهي؟ ۽ ڇا اها سچ پچ سنڌ جي ئي مڪمل نمائندگي ڪري ٿي؟ انهن سوالن جي جوابن کي ڪجھ دير لاءِ پاسيرو رکي، ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ جڙتو ڳالهه کي موضوع بنائي، ان کي هڪ تمام وڏو، بلڪه نيارو ڪارنامو ڄاڻائي، هڪ زبرو هُل هنگامو اٿاري، اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته سنڌ جا قدرتي، تاريخي ۽ اصولي مفاد ڄڻڪه محفوظ ۽ سمورا ڌيان جوڳا ۽ مکيه مسئله ڄڻڪ حل ڪيا ويا آهن!
کوڙيءَ کي گھمرو ڏئي، سڀ ڪجھ ساڙي ناس ڪري، جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهي، گوشت کي ڪتن آڏو اڇلائي ۽ سنڌ جي ٿور-مدائتي ۽ ٻئي جي وس هيٺ رهندڙ بنا اختيار وڏ وزارت جي ڪرسي ماڻڻ لاءِ سنڌ جو الهه تلهه سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد قوتن جي حوالي ڪري، ٽاڏون ڏيڻ ۽ ٿونا هڻڻ ڪنهن به طرح ڪو ڪارنامو ناهي، الٽو گھٽياپن ۽ جھالت آهي. انهيءَ گوڙ شور جي ٽاڄي ۾ هڪ اصولي ۽ بنيادي موضوعَ ۽ مکيه سوال کي بنهه نظر انداز ڪري ۽ ارادي سان سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهواسين جي اکين کان اوجھل رکيو ويو آهي. ان اصولي ۽ بنيادي موضوع ۽ مکيه سوال جو تعلق سنڌ جي وڏ وزارت سان نه، يا وڏ وزارت ۽ ڪجھ ٻين وزارتن سان نه آهي ۽ نه ئي وري انهيءَ سان آهي ته انهن مان ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون وزارتون ڪنهن ڪنهن وٽ هئڻ يا نه هئڻ گھرجن. پر ان موضوع جو واسطو مجموعي طرح ۽ سڌو سنئون سنڌ سان، سنڌ جي وجود ۽ مفاد سان آهي.
اهو اصولي ۽ بنيادي سوال هي آهي، ته سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني ڪنهن وٽ هجڻ گھرجي ۽ اهو به، ته ڇا سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي ڪو خطرو ته درپيش ناهي؟
جيستائين سوال جي پوئين جُز ”سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي ڪنهن خطري“ جي انديشي جو تعلق آهي، ته سنڌ جو هر باشعور ۽ وطن دوست ماڻهو بنا هٻڪ پنهنجي اها سوچيل سمجھيل راءِ پيش ڪري سگھندو ته سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي سخت هاڃو رسڻ جو بيشڪ انديشو آهي، ڇو ته سنڌ جي اقتدار ۽ حڪومت جو اثرائتو حصو هڪ اهڙيءَ انتهائي خطرناڪ ۽ دهشتگرد ڌُر جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي هر هڪ عمل وسيلي پنهنجو پاڻ کي سنڌ دشمن ثابت ڪندي پئي آئي آهي.
۽ جيستائين سوال جي پهرئين جز ”سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني“ ڪنهن ڌر وٽ هجڻ جو تعلق آهي، ته ان جا جواب مختلف ٿي سگھن ٿا.
الطاف حسين وٽ!
يقين ڪريو، سنڌ مان ته ڇا، پاڪستان مان ئي ڀَڄي ويل ۽ انگلينڊ ۾ وڃي پناهه وٺندڙ هڪ فرد اهڙو به موجود آهي، جيڪو جيڪڏهن مٿي ڄاڻيل سوال جو جواب پنهنجيءَ پوريءَ ايمانداريءَ سان ڏئي ته اهو هي هوندو: ”سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني اڪيلي ۽ اڪيلي الطاف حسين وٽ هئڻ گھرجي.“ ۽ انهيءَ جواب ڏيندڙ ماڻهوءَ جو نالو آهي، الطاف حسين، جيڪو پاڻ کي ”مهاجرن جو قائد“ ۽ ”ايم ڪيو ايم جو قائد“ سڏائي ۽ لکرائي ٿو، جيڪو سنڌ ۾ دهشتگردن جي سربراهي ۽ انهن کي پنهنجي حڪم ۽ مرضيءَ موجب چوري پوري ۽ هلائي ٿو. سوال جو اهو جواب الطاف حسين پنهنجين ڳالهين ۽ دهشتگرديءَ ۽ دهشتگردن جي عمل وسيلي سوين ڀيرا ثابت ڪري چڪو آهي، پر جيئن ته هو هڪ صاف نيت فرد نه آهي ۽ پنهنجي مُنهن تي پنهنجيءَ فطرت جي قطعي ابتڙ نقاب اوڍيو وتي ٿو، تنهنڪري پنهنجو نالو پاڻ کڻڻ يا پنهنجيءَ تنظيم پاران ڏيڻ بدران ائين به نه چوندو، ته سنڌ جي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني ايم ڪيو ايم وٽ هجي، البت ائين چئي سگھي ٿو ته اها ”مهاجرن“ وٽ هجڻ گھرجي، ۽ ايئن ڪي ئي ڀيرا چئي چڪو آهي.
1987ع ۾ هن جو خيال هو ته سنڌ ۾ 85 لک ”مهاجر“ رهن ٿا (ڏسو: ”ليڊر“، 22- فيبروري 1987ع) ۽ هن جو ئي خيال هو ته اهي سنڌ جي ڪل آباديءَ جو 40-45 سيڪڙو ٿي پيا آهن: ”ماجرن جي سنڌ ۾ 40 کان 45 سيڪڙو آبادي آهي، اسان کي سرڪاري ملازمتن، سياسي اقتدار ۽ صوبائي حڪومت ۾ پنهنجو ايترو حصو ملڻ گھرجي.“ (ڏسو: الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي، ص 41) ڪنهن ڀنواٽيءَ جي اثر هيٺ اهو به مطالبو ڪيائين ته سنڌ جي هڪ 100 صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن مان 70 ”مهاجرن“ کي ملڻ گھرجن. (ڏسو: حوالو ساڳيو، ص 38) اڃا پورو هڪ سال به نه گذريو ته سندس دماغ اوچتو ڦيرو کاڌو ۽ اعلان ڪيائين ته ”مهاجرن“ جي آبادي هڪ ڪروڙ کان مٿي ٿي وئي آهي. (جنگ-9 جنوري 1988ع) پوءِ وارن ڇهن سالن ۾ جيڪو گَونڪ پوندو هئس، انهيءَ موجب انگ وڌائيندو رهندو هو، تان جو 1994ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪيس وجھائي دعويٰ ڪيائين ته سنڌ جي 30 ملين (يعني 3 ڪروڙ) آباديءَ ۾ مهاجرن جي آبادي 18 ملين (يعني هڪ ڪروڙ 80 لک) يعني 60 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ رڳو 4 مهينا به نه گذريا ته نئين ڀنواٽي کائي هام هنيائين ته سنڌ جي 30 ملين آباديءَ ۾ ”مهاجرن“ جي ڪل آبادي 22 ملين (يعني 2 ڪروڙ 20 لک) يعني 73 سيڪڙو ٿي وئي آهي. (ڏسو: ”دعويٰ جواب دعويٰ“ جنگ پبليڪيشنز پاران سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي داخل ڪيل ڪيس ۽ ان جي جواب ۾ سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران جواب جا مختلف صفحا)
”40-45 سيڪڙو“ آباديءَ کي جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”70 سيڪڙو“ نمائندگي ملڻ گھرجي ته 73 سيڪڙو آبادي کي، هر هڪ سڄاڻ سمجھي سگھي ٿو ته، الطاف حسين جي چوڻ موجب، ڪيترو حصو ملڻ گھرجي! ڇا اهو ڪنهن به طرح ”145 سيڪڙو“ کان گھٽ هوندو!؟
ٻئي پاسي، الطاف حسين جي ان ”مهاجر“ لفظ جي حقيقي تصور جي ڇنڊڇاڻ ڪبي، ته ان جو مقصد ”سمورا اردو ڳالهائيندڙ“ يا ”سمورا ڀارت کان لڏي آيل“ فرد قطعي به نه هوندو. ”نوائي وقت“ (1 مئي 1987ع) رپورٽ ڪري ٿي: ”مهاجر قومي موومينٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ مهاجر ليڊر الطاف حسين جي دست راست طارق مهاجر چيو آهي ته ...اسين رڳو انهن ماڻهن کي مهاجر سمجھون ٿا جيڪي (ڀارت جي) مسلم اقليتي صوبن مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا، مشرقي پنجاب مان هجرت ڪندڙ خاندان مهاجر قومي موومينٽ جو حصو نه آهن.“
”مهاجر“ بابت ڇا اهو هڪ ساڙيلو ۽ جاهلاڻو تصور نه آهي؟
هڪ پرييس ڪانفرنس ۾ الطاف حسين کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب: ”سوال: هڪ ماڻهو (جنرل ضياءُ الحق) جنهن (بذات خود) هجرت ڪئي، اهو هن وقت ملڪ جو صدر آهي، پوءِ به توهان سمجھو ٿا ته مهاجرن سان ناانصافي آهي!؟
جواب: ...مهاجر رڳو اهو آهي جنهن ڀارت جي انهن علائقن مان هجرت ڪئي جن جو هڪ انچ به پاڪستان ۾ شامل نه ٿيو. مشرقي پنجاب جا ماڻهو جيڪي مغربي پنجاب ۾ آباد ٿيا، انهن لاءِ ڪا به ثقافتي تبديلي نه آئي، اتي به لسي جو گلاس هو ۽ هتي به لسيءَ جو گلاس آهي. (کلڻ جو آواز) (ڏسو: ”الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي“، صفحو 97)
هن جاهلاڻي جواب ۾ نسل پرستيءَ ۽ ڪم ظرفيءَ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
ثابت ٿيو ته سمورا ”هجرت“ ڪندڙ ماڻهو الطاف حسين جي نظر ۾ ”مهاجر“ نه آهن. ساڳيءَ طرح اهي اردو ڳالهائيندڙ به الطاف حسين جي نظر ۾ مهاجر نه آهن، جيڪي سنڌ کان ٻاهر رهن ٿا. ٻئي پاسي هر اهو اردو ڳالهائيندڙ فرد، بيشڪ سنڌ ۾ رهندو هجي، ”مهاجر“ ناهي، جيستائين اهو الطاف جي سربراهيءَ هيٺ هلندڙ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ناهي. لکين اردو ڳالهائيندڙ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ناهن ۽ ڪي ئي ان جا مخالف آهن، اهي سڀ الطاف حسين جي نظر ۾ ”دشمن“ آهن: ”هر اها تنظيم اسان (ايم ڪيو ايم يعني الطاف حسين) جي دشمن آهي جنهن سان ”مهاجر“ وابسته پئي رهيا آهن.“ (حوالو ساڳيو، صفحو 38). ”مهاجر“ مان الطاف حسين جي عملي مراد اهي فرد آهن جيڪي ڀارت کان قانوني يا غيرقانوني طرح سنڌ ۾ آيا هجن (هاڻي اهو واڌارو آندو اٿائين ته ڪٿي به رهندڙ هجن)، اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ نه هجن جيڪا اردو جي بالادستيءَ کي قبول نه ڪندي هجي ۽ الطاف حسين جي شخصي اڳواڻيءَ کي قبول ڪندي ۽ پنهنجو روحاني مرشد ۽ حاڪم اعليٰ مڃيندي، سندس ايم ڪيو ايم يعني الطاف گروپ ۾ شامل هجن (ڇو ته هن جي نظر ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي به ”دشمن“ آهي).
ايم ڪيو ايم (الطاف) جا 28 ڪارڪن سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيا آهن. ايم ڪيو ايم (الطاف) به انهن ڪيترين ئي تنظيمن مان هڪ آهي، جيڪي 1947ع ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين ڀارت جي مختلف علائقن مان قانوني ۽ غيرقانوني طرح ۽ جائز يا ناجائز نموني لڏي، خاص ڪري سنڌ ۾ آيلن ۽ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن جو مهاجر طور نالو استعمال ڪندي هڪ قسم جي نسل پرستيءَ ۽ لساني شاونزم ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي پاران اهڙي هر فرد کي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي، قدرتي ۽ قانوني رهاڪن کان الڳ، نيارو ۽ خودساخته هڪ قوميت --- مهاجر قوميت --- جو فرد سمجھندي ۽ سڏيندي دهشتگرديءَ ۽ بليڪ ميلنگ کي پاڪستاني سياسي عمل جو هڪ اڻٽٽ ۽ لازمي جز رکندي، سنڌ ۾ پنهنجي وجود وٺڻ واري ڏينهن کان هيل تائين، سنڌ جي ڪل اقتدار جو مالڪ نه، ته به، ان مان سڻڀي ٽڪر لاءِ ۽ پنهنجي انتهائي مذموم مقصد طور سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ نسلي نفرت اڀاريندي ۽ دهشتگردي ڪري امن امان جو مسئلو ۽ خوف جي فضا پيدا ڪندي پئي رهي آهي. ان جو خيال آهي ته سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني جيڪڏهن مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي قبضي ۾ نه اچي سگھي، ته به گھٽ ۾ گھٽ ان پاران پسند ڪيل ”مهاجرن“ ۽ اهڙن سنڌين وٽ هجي جيڪي سڄو ڏينهن نائن زيرو (90، يعني الطاف حسين جي گھر يا ”درگاهه“) تي هٿ ٻڌيو حاضري ڏين ۽ الطاف حسين آڏو عاجزي مڃين. ڄام صادق ايئن ڪيو هو ۽ لياقت جتوئي به وڏ وزارت جو قسم کڻندي ئي حاضري ڀرائڻ لاءِ نائن زيرو تي پهچي ويو.
پروٽوڪول ۽ مانُ
سنڌ جو وڏو وزير سنڌ ۾ سياسي ۽ انتظامي حوالي سان سڀ کان مٿاهون درجو رکي ٿو، ان کي هڪ خصوصي قسم جو پروٽوڪول ملي ٿو ۽ ان جو پنهنجو هڪ مانُ ۽ مرتبو هجڻ گھرجي.
22- فيبروري 1997ع تي سنڌ جي نئين وڏي وزير لياقت جتوئي پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کان ترت پوءِ نائن زيرو تي پهچي ويو. اتي لنڊن کان الطاف حسين جي ٽيليفون اچڻي هئي (جيڪا وڏي وزير جي گھر يا آفيس ۾ به ڪري سگھي پئي، ڇو نه ڪئي وئي!؟) الطاف حسين قرب جا مينهن وسائيندي ۽ احسان جھاڙائيندي وڏي وزير کي چيو ته ”ڏسو، توهان جي نائن زيرو تي ڪيئن آجيان ڪئي وئي!“ مٿان اهو به ٻڌايو ويو ته ”1990ع ۾ اسان ڄام صادق سان گڏيل حڪومت ٺاهي، اهو ڏاڍو بهترين دور هو، عوام جي ڀلائي جا ڪم ٿي رهيا هئا، پر ڪجھ ماڻهن کي اهي شيون پسند نه آيون ۽ آخرڪار انهيءَ محبت ۽ امن جي فضا کي خراب ڪيو ويو ۽ اسان جي خلاف آپريشن شروع ڪئي وئي.“
هتي فطري طرح ڪي سوال اٿن ٿا ته ”محبت“ ۽ ”امن امان“ جي فضا کي ڪنهن خراب ڪيو، ”عوام جي ڀلائيءَ“ جا ڪم ڪهڙن ماڻهن کي نه وڻيا ۽ انهن فوجي آپريشن ڪرڻ ڇو ضروري سمجھيو؟ ڇا اهو ڄام صادق علي ۽ ان جو ٽولو هو يا نواز شريف ۽ ان جو ٽولو؟
ڄام صادق علي بابت هر هڪ تصديق سان ڄاڻي ٿو ته هو ايم ڪيو ايم (الطاف) آڏو ايترو جھڪيو، ايترو ته جھڪيو، جو ان کان وڌيڪ جھڪڻ ممڪن ئي نه هو. الطاف حسين پلنگ تي چڙهيو ويٺو هوندو هو ۽ ڄام صادق ان جي پائي کي چنبڙيل، ۽ نواز شريف جو قرب انهيءَ اوج کي پهتل هو جو پاڻ اچي نائن زيرو تي پهتو ۽ الطاف حسين سان پنج ڪلاڪ ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيائين ته ”ايم ڪيو ايم جا دشمن اسان جا دشمن آهن ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سازشن جي مڪمل تحقيق ڪرائي ويندي.“ (نوائي وقت، 1 مئي 1991ع)
”ايم ڪيو ايم خلاف سازشن“ جي جڏهن تحقيق ٿي، تڏهن ثابت ٿيو ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪا به سازش ڪا نه ٿي هئي، الٽو ايم ڪيو ايم پاڻ پئي سازشون ڪيون. ان ڪو به عوامي ڀلائيءَ جو ڪم ڪو نه پئي ڪيو ۽ امن امان جي فضا کي خراب ڪرڻ جو ڪارڻ پاڻ هئي. هونئن به اها ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته دهشتگردي، بليڪ ميلنگ، مخالفن ۽ بيگناهن جو قتلام، وڳوڙ، آتش زني، اغوا ڪاري، بدمعاشي ۽ رهزني ايم ڪيو ايم جي تربيت يافته دهشتگردن ۽ قاتلن ۽ وڳوڙين وسيلي عمل ۾ ايندي آهي، پر ان پاران الزامن جو وسڪارو ڪنهن نه ڪنهن خصوصي نشانو بنايل ٻيءَ ڌر تي هوندو آهي. 1989ع جي ابتدا کان 1992ع جي وچ تائين دهشتگرديءَ جو جيڪو رڻ تپايو ويو، تنهن نيٺ ان ساڳئي ئي وزيراعظم نواز شريف کي مجبور ڪيو ته ”سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف مهم“ هلائي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي بند ڪرائي.
لياقت جتوئيءَ ۽ ڄام صادق عليءَ جي ڀيٽ جو وقت هيءُ ناهي، پر پهرينءَ ئي ٽيليفون تي ڳالهه ٻول دوران الطاف حسين جيڪو ڪجھ چيو ۽ جيئن چيو آهي اهو ڪيئي وضاحتون ڪريو ڇڏي. الطاف حسين مٿس احسانن جي بارش ڪندي چتايو آهي ته ”توهان مهاجرن جو خلوص ته ڏسو، ته هنن هڪ ڀيرو ٻيهر خيرسگاليءَ جي جذبي تحت انهيءَ ڳالهه کي پنهنجيءَ انا جو مسئلو نه بنايو ۽ وڏ وزارت تان هٿ کنيو.“
انهن لفظن جو لڪل مطلب هڪ ٻار به سمجھي سگھي ٿو. لياقت جتوئيءَ جي وڏ وزارت ايم ڪيو ايم (الطاف) جي ٿوڻيءَ تي بيٺل آهي ۽ جي اها برقرار رکڻي آهي ته...
اسان کي واضح طرح اها ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته ايم ڪيو ايم (الطاف) پنهنجيءَ پوريءَ طاقت باوجود ڪڏهن به ان پوزيشن ۾ نه ٿي اچي سگھي، جو پنهنجي زور تي سنڌ جي حڪومت ٺاهي ۽ وڏ وزارت ماڻي سگھي، تان جو وڻ ڪپڻ لاءِ ڪهاڙيءَ جو ڳن پنهنجن ئي بي وفا، مت موڙهيل، خود غرض، لالچي ۽ ڪم ذهن سنڌي ميمبرن منجھان نه هجي. ايم ڪيو ايم سنڌ جي هڪ اقليت جا ووٽ وٺي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ اڪثريت اڄ به سنڌين وٽ آهي. 28 سيٽون کٽندڙ ڌر کي سنڌ جي گورنري، اسپيڪر شپ ۽ اڌواڌ پر مکيه وزارتون ڏيڻ بدران، اهو سڀ ڪجھ، 38 سيٽون رکندڙ ڌر کي به ڏئي سگھجي پيو! پوءِ ڇو نائن زيرو تي حاضري ڀرائجي ها، ڇو پنهنجو مانُ وڃائجي ها ۽ ڇو (اڻ ڪيل) احسانن جي مار کائجي ها!
سنڌي سياسي وڏيرو
سنڌي سياسي وڏيرو (ڪنهن هڪ اڌ مثال کان سواءِ) هڪ ڪمتر ذهنيت رکندڙ، بظاهر ڪيترو به وڏو هجي، پر درحقيقت پرمار يا ڏاڍي طاقت آڏو جھڪي پوندڙ، جاهل ۽ ڀاڙيو ٿئي ٿو. هن کي الائجي ڇو اها ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته ايم ڪيو ايم کي به اقتدار جي بک آهي، اها مخالفت ۾ ويهڻ بدران اقتدار ۾ اچڻ ۽ رهڻ کي ترجيح ڏيندي ۽ اها ڪنهن به طرح سنڌي سياسي وڏيري جي مدد کان سواءِ اقتدار ۾ نه ٿي اچي سگھي. هن کي اها ڳالهه به سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ ۽ داداگيريءَ کي ٻنجو ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته سندس بليڪ ميلنگ جو شڪار نه ٿيو ۽ ان آڏو نه جھڪيو وڃي. چونڊيل سنڌي سياسي وڏيرن پاران جيڪڏهن اهو هڪ گڏيل فيصلو ڪيو وڃي ته 25 سيڪڙو رکندڙ ڌر کي، جيڪڏهن هروڀرو اقتدار ۾ ويهارڻو آهي، ته اقتدار ۾ حصو 25 سيڪڙي کان وڌيڪ نه ڏنو ويندو، نه ته ڀلي وڃي مخالف ڌر جي بينچن تي ويهي، ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا ”احسانن“ جي مار کائڻي پوندي؟ ڇا نائن زيرو تي حاضري ڀرائڻي پوندي؟ ڇا هڪ دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن قوت آڏو جھڪڻو پوندو؟ انهن سڀني سوالن جو جواب هڪ وڏي ”نه“ هوندو، پر شرط آهي ته چونڊيل سنڌي سياسي وڏيرو پنهنجي انداز ۾ ٿوري غيرت، ٿوري بردباري، ٿورو قومي جذبو ۽ ٿوري وطن دوستي پيدا ڪري.
سيد جلال شاهه، سنڌ اسيمبليءَ لاءِ چونڊيل هڪ سنڌي ميمبر، چيو آهي ته ”مون 4-ڏينهن اڳ مسلم ليگ (ن) جي حمايت ڪئي هئي. پ پ پ سان اتحاد جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي... آءٌ ڳالهه واضح ٿو چوان ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو به قدم کنيو، ته آءٌ سندس مخالفت ڪندس. آءٌ سنڌ جي مفاد خلاف ڪڏهن به ڪم نه ڪندس ۽ آءٌ جي ايم سيد جي پوٽي جي حيثيت ۾ سنڌ خلاف ڪم ٿيڻ نه ڏيندس.“ (عوامي آواز، 20 فيبروري 1997ع)
سيد جلال شاهه اسان جو عزت لائق نوجوان آهي. هن لاءِ اسان وٽ احترام آهي ۽ ڪنهن به ڊگھي بحث ۾ پوڻ نه ٿا گھرون. ڄاڻون ٿا ته پنهنجن بيانن ۾ پاڪستان کي تسليم نه ڪندڙ ۽ ان جي آئين کي مظلوم قومن جو دشمن ڄاڻائيندڙ، سچي قومپرستيءَ جي دعويدار هڪ ڌر جا ڪي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سيد جلال شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ جي در تائين پرجوش جلوس جي صورت ۾ وٺي آيا هئا ته جيئن پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداريءَ جو حلف کڻي سگھجي. سيد جلال شاهه جنهن مسلم ليگ جي حمايت ڪئي آهي، ان مسلم ليگ جي ”بڻ بنياد“، ”اڳواڻن“ ۽ ”ڪارنامن“ بابت خود سندس ڏاڏي سائينءَ جا ڪي ئي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن. اسان جو بلڪل هڪ سڌو ۽ سادو سوال هي آهي ته: ”ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو به قدم کنيو ته“ ان جو مطلب ڇا آهي؟
ڇا ايم ڪيو ايم اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي خلاف ڪو به قدم نه کنيو آهي!؟
سائين جيڪڏهن رڳو ايترو ٻڌائڻ جي تڪليف گوارا ڪري ته ”سنڌ خلاف ڪو به قدم“ مان سندس مراد ڇا آهي، ته ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۽ عمل مان اهڙا سوين مثال ڏئي سگھجن ٿا، جيڪي اهو ثابت ڪندا ته ايم ڪيو ايم اڄ تائين ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن. سائين هيٺ ڏنل ٻن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪندو...
1-         ”جيئي سنڌ قومي محاذ جي (وائيس) چيئرمين سيد غلام شاهه چيو آهي ته هڪ بين الاقوامي سازش تحت سنڌ جي ورهاست جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم ٻاهرين قوتن جي آلئه ڪار بنجي چڪي آهي. مهاجرن سنڌ ۾ رهندي سنڌي ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ اهي جيڪڏهن هاڻي به مهاجر چوائڻ تي بضد آهن ته انهن لاءِ ڀارت يا وري سمنڊ کان سواءِ ٻيو ڪو ٽڪاڻو نه هوندو. هن چيو ته هاڻي به وقت آهي ته ايم ڪيو ايم وارا ”مهاجر صوبي“ جو خناس پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏين...“ (ڏسو: ”انقلاب“، 30 آڪٽوبر 1994ع)
2-         ”جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو آهي ته ”مهاجر صوبي“ جو شوشو مهاجرن ۽ سنڌين جي وچ ۾ خون خرابي جي سامراجي سازش آهي. مهاجرن جو پنهنجو الڳ وطن ڪو به ناهي، اهي اسان جي مهمان نوازيءَ جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. وطن جي ورهاست ڪو به غيرتمند سنڌي برداشت نه ٿو ڪري سگھي. الطاف حسين الڳ مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪري ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.“ (”پبلڪ“، 28 سيپٽمبر 1994ع)
هن مضمون جي ابتدا ۾ ڏنل بيانن ۽ هتي ڏنل بيانن کي ڌيان سان پڙهي جاچيو وڃي ته سنڌ کي ورهائڻ ۽ مهاجر صوبو ٺاهڻ ۽ بين القوامي ۽ سامراجي سازش کي عملي روپ ڏيڻ وارو ڪير آهي. انهيءَ ايم ڪيو ايم جي حمايت سان سيد جلال شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو آهي! (۽ لياقت جتوئي، وڏو وزير!)
ڇا سائين وضاحت ڪندو ته ”سنڌ جي مفاد“ مان سندس مراد ڇا آهي؟ اسان جو هي سوال سنڌ اسيمبليءَ جي هر ميمبر لاءِ پڻ آهي.
سنڌ جا مفاد
”سنڌ جي مفادن“ ۽ ”سنڌ جي مسئلن“ جي وچ ۾ موجود نفيسن فرق کي محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي.
”سنڌ جي مفادن“ جو تعلق سنڌ جي سالميت، بقا ۽ ترقيءَ ۽ ان تي سندس قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪيءَ جي حقن سان آهي.
1-         سنڌ هڪ جاگرافيائي ايڪائيءَ جي صورت ۾ آزاد ۽ تاابد قائم ۽ دائم رهي، سدا وسندي، آباد ٿيندي ۽ ستابي ۽ خوشحال رهندي اچي ۽ ترقي ڪندي رهي. سنڌ جي سالميت خلاف ڪا به سازش ۽ غداري نه ٿئي ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا به نيت ڪنهن به من ۾ موجود هجي ته ان کي فنا ڪيو وڃي. سنڌوءَ تي بند ٻڌي سنڌ کي سُڪائڻ، پنجاب جو گندو پاڻي سنڌ ۾ وهائڻ ۽ سنڌ کي کاري پاڻيءَ، سم ۽ ڪلر جي ڌٻڻ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جو ناڻو سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ استعمال ٿيڻ جھڙا مامرا سنڌ جي مفاد سان وسطو رکن ٿا.
2-         سنڌ تي ان جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪي قائم هجي، انهن کي ڪنهن به طرح، ڪنهن به سازشي عمل وسيلي هڪ حقير اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ئي نه ٿئي ۽ جي ٿئي ته ان جون پاڙون پٽيون وڃن. سنڌ سنڌين جو قدرتي، تاريخي ۽ قانوني وطن آهي ۽ ان جي سمورن وسيلن تي سنڌين جي ئي مالڪي قائم رهي. هيءُ هڪ تسليم ٿيل عالمي حق آهي، جنهن کي ڪو به رد نه ٿو ڪري سگھي.
3-         سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌ ۾ قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ کي رائج رهڻ گھرجي ۽ سنڌي ثقافت هن ئي ڌرتيءَ جو تاريخي ورثو آهي، جنهن کي پنهنجيءَ فطري اوسر موجب بنا رنڊڪ جي وڌندو ويجھندو رهڻ گھرجي.
ڪو به غيرقدرتي ۽ غيرقانوني رهاڪو جيڪڏهن، مثال طور برطانيا، سعودي عرب، جپان وغيره جي ڌرتيءَ ۽ وسيلن تي اتان جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن بدران پنهنجي يا انهن سان گڏ پنهنجي مالڪي ڄمائڻ يا ڪنهن به وسيلي تي قبضو ڪرڻ يا اتي جي جاگرافيءَ کي بدلائڻ يا اتي جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن کي اقليت ۾ بدلائڻ يا اتي جي زبان ۽ ثقافت جي قومي ۽ سرڪاري حيثيت تي اعتراض وارڻ جي نيت به ڪندو ته انهيءَ سلسلي ۾ عالمي اصول ڇا ٿو چوي؟ ڇا انهن ڄاڻايل يا دنيا جي ڪنهن به ڏيهه ۾ پنهنجي ڪا نام نهاد، من گھڙت ۽ هٿ ٺوڪي قوميت ٺاهي ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي سپرپاوري، بالادست حاڪماڻي حق، ڪنهن به قسم جي ڌونس ۽ ڌمڪيءَ يا پنهنجي مخصوص گروهه لاءِ ”بين الاقوامي اصولن موجب سرحد بندي“ جو سکڻو مطالبو ڪرڻ جي موڪل به ملندي؟
انهن سوالن جو جواب، جي ”نه“ هجي، ته سنڌ ۾ خرمستيءَ جي موڪل ڇو؟ ايم ڪيو ايم پاران هن وقت تائين جيڪو ڪجھ ڪيو پئي ويو آهي، سنڌ اندر مهاجريت (۽ پاڪستانيت) جي نالي ۾ جيڪو ڪجھ پئي وهيو واپريو آهي، ڇا ان سڀ ڪجھ کي ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن وٽان سمجھي، چئي ۽ سڏي سگھجي ٿو؟ بذات خود ايم ڪيو ايم جو نالو ۽ مهاجريت جو نعرو ڇا سنڌ جي مفاد سان ٽڪر ۾ ناهي؟
جيڪڏهن اسان جو ڪو ايمان آهي، ڪا قومي غيرت آهي، ڪو وطن دوستيءَ جو جذبو آهي، ته پوءِ اسان کي اهو بهرحال مڃڻو پوندو ته سنڌ ۾ ”مهاجر قوميت“ جو نعرو ۽ ايم ڪيو ايم (۽ اهڙي ٻي هر تنظيم) جو نالو ۽ وجود سنڌ جي مفادن خلاف ازلي ويريءَ جي حيثيت رکي ٿو.
جيڪو به ماڻهو، مادري ٻوليءَ طور ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، جيڪڏهن سنڌ جي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، خلوص سان ڪم ڪري ٿو يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي مفادن خلاف ڪا به سرگرمي نه ٿو ڪري، ته اسان جو ڀاءُ آهي، سنڌي آهي. سنڌي ماڻهوءَ ڪڏهن به، ڪنهن به فرد کان، سندس مادري ٻوليءَ جي حوالي سان، نفرت نه ڪئي آهي. سنڌي، سرائيڪي، ٻروچڪي، گجراتي، بروهڪي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، اردو، ايتري قدر جو انگريزي، عربي، فارسي وغيره ٻولين مان ڪا به ٻولي مادري ٻوليءَ طور ڳالهائي ويندي هجي، سڀ سنڌ وطن جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جون ٻوليون ٿي سگھن ٿيون ۽ رهيون آهن ۽ اسلام، عيسائيت، هندو مت وغيره ۽ شيعيت، سنيت، وهابيت، پارسيت، قاديانيت، مزدڪيت، قادريت وغيره، ڪهڙي به مذهب ۽ ڪهڙي به فرقي سان تعلق هجي، سڀ سنڌ وطن جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جا مذهب ۽ فرقا ٿي سگھن ٿا ۽ رهيا آهن، پر اسان جو بنيادي حوالو ”سنڌ جا مفاد“ آهن. سنڌ جا مفاد سڀ کان مٿانهان ۽ سڀ سان وڏو، اهم ۽ بنيادي حوالو آهن.
جيستائين تعلق آهي مسئلن جو، ته سنڌ ۽ سنڌ جي رهاڪن جا سوين مسئلا آهن. سنڌ جي معيشيت جو استحڪام، سنڌ ۾ بيروزگاري، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهي، سنڌ ۾ صنعتن، نهرن ۽ روڊن رستن جا ڄار، سنڌ جي تعليم، صحت، سماجي بهبود ۽ ڀلائي ۽ ٻيا ڪي ئي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ هر حڪومت ۽ رهاڪوءَ جو فرض آهي.
پر، هر حالت ۾ اهو ياد رکيو وڃي ته ڪنهن به طرح، ڪنهن به غرض يا مقصد لاءِ سنڌ جي مفادن تي سوديبازي ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي. جيڪا به ڌر ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن کي جوکم ۾ وجھي ٿي، ان جو سنڌ جي مالڪيءَ سان ڪو واسطو ته ٺهيو، اها سنڌ جي وسيلن تي جيئڻ جو حق به وڃائي ويهي ٿي. اسان کي جاچڻو اهو آهي ته سنڌ جي حڪومت تي ايندڙ ڌريون ڇا ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن جي خلاف ته ناهن؟ جي ايئن آهي ته پوءِ، اهڙيءَ ڪنهن به ڌر کي سنڌ جي حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو به حق ناهي. اصولي نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ رهڻ جو به حق نه آهي.
گھٽ ۾ گھٽ، پ پ جي سياسي وڏيرن جيتري ته قومي غيرت ڌاريو
عام چونڊن کان پوءِ جيڪي نتيجا ظاهر ٿيا، انهن موجب سنڌ ۾ پ پ پ وٽ 38، ايم ڪيو ايم (الطاف) وٽ 12 (يا کڻي 14) سيٽون هيون. عام جمهوري فضيلت چوي ٿي، ته اڪثريتي پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وڃي. پاڪستان ۾ ان فضيلت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. عجيب قسم جو هڪ ناٽڪ کيڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪندڙ سنڌي ڌرين کي پاڻ ۾ وڙهيل ڏسي، ايم ڪيو ايم هڪدم پنهنجا شرط شروط پيش ڪري ڇڏيا ته جيڪا ڌر اسان جا فلاڻا 18 مطالبا پورا ڪندي، هوءَ انهيءَ سان ٺاهه ڪندي. انهيءَ موقعي تي ٿيڻ ته ايئن گھربو هو ته سنڌ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون ٿوري ڪا قومي غيرت ڌاري، ڪجھ ڪو وطن دوستيءَ جو جذبو رکي، ٿوري ڪه گھڻي سمجھداريءَ، حب، ماڻهپي ۽ وفاداريءَ جو مظاهرو ڪندي هڪدم اعلان ڪن ها ته اسان مان ڪو به ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو، ايم ڪيو ايم جيڪڏهن پنهنجو ڪو به ناجائز ۽ دٻاءُ وجھندڙ شرط پيش ڪيو ته ان سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون يا وري ايم ڪيو ايم کي پڻ اسان جي فلاڻن فلاڻن شرطن کي مڃڻو پوندو.
پ پ پ جي سياسي وڏيرن وري به ڪجھ نه ڪجھ قومي غيرت، وطن دوستيءَ ۽ دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ هن ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻيءَ هر ڌر کي ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ غير مشروط حمايت جي آڇ ڪئي پر مسلم ليگ (ن) اهڙي ڪنهن به عنصر تي سوچڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي. هن کي ڪجھ ڏينهن جي اقتدار جي لالچ ۽ چانديءَ جي ڪرسيءَ جي چلڪي هر قسم جي بردباريءَ، مڻيا ۽ ماڻهپي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ اها اتاولائي سان دهشتگردن جي در تي سجده زير ٿي وئي.
سنڌي عوام اخبارن جي اکر اکر کي گھوري ڏسندو رهيو ته ڪڏهن ٿو ڪو سنڌي اڪثريت جو نمائندو ڪنهن به قسم جي ٿوري ڪا وطن دوستي ڏيکاري پر جيڪو ڪجھ پڙهيو ۽ ٻڌو ويو، اهو هي ته هر قيمت تي ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻو آهي (شايد مٿان جي به ڪا اهڙي ئي مرضي هجي) ۽ ايم ڪيو ايم جا ناٽ هئا ۽ نخرا هئا، شرط ۽ داٻا هئا ته هيئن به ڪيو ۽ هونئن به ڪيو، هي به ڪيو ۽ هُو به ڪيو، تان جو ايم ڪيو ايم جو ”احسان“ کڻي ۽ ڌونس سهي، اخباري رپورٽن موجب، سنڌ جي گورنري، اسپيڪرشپ ۽ اڌواڌ پر مکيه وزارتون ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ۽ دهشتگردن کي معصوم ۽ بيگناهه مڃي، انهن جي ڪيسن تي نظرثاني، رعايت ۽ ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيڻ ۽ ٻيا ڪي ئي غير مانائتا ۽ غير شانائتا شرط مڃي، پنهنجي اقتدار جو بنياد ايم ڪيو ايم جي ٿوڻيءَ تي بيهاري انتهائي گھٽيا رعايتون وٺي خوش خوش ۽ گد گد پئي ٿيا.
هتي، هڪ عجيب مطالبي جي مڃتا پڻ ڌيان لهڻي ٿي.
گورنري مرڪزي انتطاميا جو مامرو آهي. گورنر صوبي ۾ صدر ۽ مرڪزي انتظاميا جو نمائندو ٿئي ٿو. گورنر جي ڪرسي ڪو سياسي عهدو ناهي، نه ئي وري ان لاءِ ڪا چونڊ ٿيندي آهي پر ملڪ جو صدر پنهنجيءَ صوابديد تي گورنر مقرر ڪندو آهي. پوءِ اهو ڪيئن ۽ ڇو ممڪن ٿي سگھيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي مقرر ڪيل ڪميٽيءَ ايم ڪيو ايم جي ڪميٽيءَ کي اها يقين دهاني ڪرائي سگھي، ته گورنر ايم ڪيو ايم جو هوندو...!؟ ڇا صوبي جي وزيراعليٰ کي اهڙو ڪو اختيار مليل آهي جنهن جي اطلاق وسيلي هو پنهنجيءَ پسند جو گورنر مقرر ڪري سگھي؟ سنڌ جي عوام سان اها ڪهڙي قسم جي مذاق آهي!؟
ڳجھ ڳوهه ۾ ٿيل انهيءَ ٺاهه کي طي ڪئي اڃا ٻه هفتا به نه ٿيا آهن، ۽ توڙي جو اقتداري ڌر جي ڪجھ ميمبرن، جيئن اسماعيل راهو، مقبول شيخ ۽ سليم جان مزاري پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته ”ٻنهي پارٽين شهري (!) ۽ ڳوٺاڻي (!) عوام جي مفاد ۾ سهڪاري هٿ وڌايا آهن“ (”عوامي آواز“، 2- مارچ 1997ع) پر ٺاهه ڪندڙ ڌرين جو ڦڏو ظاهر ٿي پيو آهي. سنڌ حڪومت اڃا سوڌو پنهنجي ڪابينا جوڙي نه سگھي آهي، ڇو ته ايم ڪيو ايم ان ڳالهه تي اڙي هڻي بيٺي آهي ته ڪابينا ۾ شموليت لاءِ ايم ڪيو ايم جي گورنر جو فيصلو اڳ ۾ ٿيڻ گھرجي. (”ڪاوش“، 2- مارچ 1997)
هي جو شرط شروط، دٻاءَ ۽ ڪرسيءَ جي لالچ وسيلي طي پيو ٿئي ته فلاڻا فلاڻا عهدا ۽ ٻيا اختيار ۽ فلاڻيون فلاڻيون وزارتون وغيره هِن يا هُن ڌر کي ڏنيون وينديون، ته فلاڻا نمائندا فلاڻي جي حمايت ڪندا، ته ڇا ان کي سوديبازي ۽ سازش نه ٿو چئي سگھجي؟
وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جا ڪهڙا ڪهڙا شرط مڃيا ويا آهن، انهن جي صحيح خبر تڏهن پوندي، جڏهن ٺاهه ڪندڙ ڌريون پنهنجي ٺاهه کي پڌرو ڪن، پر ايترو پڇڻ جو حق اسان کي به آهي، ته ايم ڪيو ايم جا سٺا يا ڪنا شرط ته مڃيا ويا، پر سنڌي اقتداري ڌر پنهنجن ووٽرن، پنهنجي تر ۽ وطن جي عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ايم ڪيو ايم کان پنهنجا ڪهڙا شرط مڃرايا؟
ڇا ايم ڪيو ايم (الطاف) اهو مڃيو آهي ۽ کانئس اهو مڃرايو ويو آهي ته:
(1)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ جي ورهاست واري نڪتي کان لاتعلقي ظاهر ڪندو، ڇو ته اهو پاڪستان جي ورهاست جي برابر آهي يا اهڙو ڪو به مطالبو نه ڪندو جنهن جي ڪري پاڪستان جي آئين ۾ آرٽيڪل-1 ۾ ڄاڻايل پاڪستان جي علائقن جي جاگرافيائي بيهڪ تبديل ٿيندي هجي؟
(2)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) (الف) نسل پرستيءَ جي بنياد تي ٻين قوميتن جي نسل ڪشيءَ جي عمل کي موڪلاڻي چوندو، (ب) نسلي تعصب جي پاليسي ترڪ ڪندو ۽ پنجابين، پٺاڻن، سنڌين ۽ بلوچن کي خصوصي نشانو بنائي قتل ڪرڻ بند ڪندو، ۽ (ت) پنهنجن مخالف اردو ڳالهائيندڙن جو قتل عام بند ڪندو؟
(3)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت جي ملازمن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي فردن کي پنهنجو خصوصي نشانو بنائي قتل ڪرڻ بند ڪندو؟
(4)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) (الف) پنهنجن دهشتگرد ٽولن جي بدقماش اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي قانون جي حوالي ڪندو، (ب) سنگين ڏوهن ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ ملوث پنهنجن ڏوهارين کي عدالت ۾ حاضر ڪندو، ته جيئن اهي قانوني عمل مان گذري سگھن، (ت) ڪنهن به اهڙي فرد يا ٽولي جي حمايت ۽ مدد نه ڪندو جيڪو قتل جي ڪيسن ۾ گھريل هجي، ۽ (ث) ڀارت ۾ پنهنجون تربيتي ڪئمپون بند ڪندو ۽ اتي موجود جاويد لنگڙا ۽ اهڙن ٻين دهشتگردن کي گھرائي عدالت ۾ پيش ڪندو؟
(5)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) پريس (صحافت) خلاف سينسرشپ واري پنهنجي پاليسي بند ڪندو ۽ پريس (صحافت) ۾ ڌونس، ڌمڪي ۽ سڌي يا اڻ سڌي مداخلت کي ختم ڪرڻ جو کليل اعلان ڪندو؟
(6)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) پنهنجي (الف) ان نعري ته ”جو قائد ڪا غدار هي، وه موت ڪا حقدار هي“ تان هٿ کڻندو ۽ پڻ (ب) ان نعري ته ”ٽي وي، وي سي آر وڪڻو ۽ ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“ تان هٿ کڻندو؟
(7)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) قصاص ۽ ديت جي اسلامي اصولن مطابق قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماريل ۽ زخمي ڪيل ڪارڪنن جو معاوضو ادا ڪندو ۽ جيڪي ماڻهو سندس دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ماريا ويا آهن، انهن جي خون جو ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيندو ۽ اهڙو ئي ڏنڊ هو پنهنجين مخالف سياسي جماعتن جي ماريل ۽ زخمي ڪيل انهن ماڻهن لاءِ به ڀري ڏيندو جيڪي سندس انتهاپسندن قتل ڪيا ۽ ڦٽيا آهن؟
(8)      ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جا ڪارڪن قائم ڪيل ٽارچر سيل بند ڪندا ۽ پڻ واپارين، دڪاندارن ۽ ٻين ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن  کان ڀتو نه اڳاڙيندا؟ وغيره.
اهي ۽ اهڙا ڪي ٻيا شرط ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سان ڳالهين ۽ ٺاهه لاءِ گذريل حڪومت دوران پ پ پ جي سياسي وڏيرن پاران رکيا ويا هئا، ڌيان سان پڙهي ڏسو، ته انهن ۾ ٿوري گھڻي ڪا قومي غيرت، حب الوطني، انسان دوستي، ماڻهپو ۽ امن سان محبت نظر اچي ٿي يا نه، ۽ يقين ڪريو ته انهن سڀني مطالبن يا شرطن جو روح انهيءَ دور جي واقعن تي جڙيل آهي جڏهن پاڪستان ۾ نواز شريف ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق جي حڪومت هئي ۽ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) انهن جو هڪ اتحادي!
نواز شريف ئي اهو وزيراعظم هو جنهن پهريائين اعلان ڪيو ته ”اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي.“ (جنگ، 27- جون 1992ع). پيرائتي خبر موجب، ”سنڌ آپريشن جي سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف پاران صدر (غلام اسحاق)، چيف آف آرمي اسٽاف (جنرل آصف نواز) ۽ وزيراعليٰ سنڌ مظفر شاهه سان فون تي ڳالهيون، ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت، وفاقي ڪابينا پنهنجي (ٻن ڏينهن کان پوءِ) ٿيندڙ اجلاس ۾ فوج کي آرٽيڪل- 245 هيٺ اختيار ڏيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي گرفتاري جي معاملن تي غور ڪندي.“
ڪالهه جن ايم ڪيو ايمي دهشتگرد اڳواڻن جي گرفتاريءَ تي غور ٿيڻو هو، اڄ انهن جي درن تي سجدو ۽ انهن کي گورنرشپ ۽ اهم وزارتون ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي. ڪالهوڪا دهشتگرد، جن اذيت گھر قائم ڪيا ۽ جن کي ڀڄڻ نه ڏنو ٿي ويو، اڄ انهن تي سنڌ ۾ اقتدار جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ڪالهه جن دهشتگردن تي دهشتگرديءَ، اغوا، قتل، آتش زني، ڦرلٽ وغيره جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ منجھانئن ڪي ئي گرفتار به ڪيا ويا، اڄ انهن کي عدالت کان مٿان ئي آزاد ڪرڻ، اجورو ڀري ڏيڻ ۽ انهن سان ٻيون رعايتون ڪرڻ جا شرط مڃي، خود پنهنجيءَ ئي سياست ۽ سياسي جماعت کي مشڪوڪ ۽ داغدار بنايو ويو آهي.
ٻڌو هئوسون ته ڪا اصولي ۽ باعمل سياسي غيرت به ٿيندي آهي! حب الوطني ۽ قومي غيرت ان کان مٿاهين درجي جا اتم جذبا آهن. سنڌ ۾ وڏ وزارت ۽ ڪي بي اثر وزارتون وٺڻ لاءِ مسلم ليگ (نواز گروپ) جي اڳواڻن ڇا انهن ٽنهي مان ڪنهن به قسم جي جذبي جو، ذري جيترو به اظهار ڪيو آهي؟
انهيءَ سوال جو جواب، جيڪڏهن ”نه“ هجي، ته ڪجھ سوچيو!
پ پ پ طرفان سنڌ حڪومت کي (ايم ڪيو ايم پاران) بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ سهڪار بابت پڇيو ويو ته (سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پ پ پ جي هڪ اڳواڻ) نثار کهڙي چيو ته: ”جيڪڏهن حڪومت رابطو ڪيو ته انشاء الله کيس مايوسي نه ٿيندي.“ (عوامي آواز، 1- مارچ 1997ع) ۽ هن ڳالهه تي به ڪجھ سوچيو!
هاڻي به وقت ويو ناهي
موجوده سنڌ اسيمبلي چونڊيل نمائندن تي ٻڌل هڪ اسيمبلي آهي ۽ اسان وٽ جمهوري قدرن جي حوالي سان ان لاءِ هڪ احترام موجود آهي. هن اسيمبليءَ جو پيڙهائتو فرض سنڌ جي مفادن جي نگهباني ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ بااصول ڪوششون وٺڻ ۽ انهن ٻنهي ڪمن لاءِ قانون سازي ڪرڻ آهي. وقت ويو ناهي، هاڻي به پنهنجو جائزو وٺي سگھجي ٿو. وڏي دل ڌاري، ذهني ڪشادگيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجي ضمير کي پنهنجو منصف مقرر ڪري، بلڪل ايمانداريءَ ۽ بردباريءَ سان پنهنجو جائزو وٺڻ گھرجي ته موجوده سنڌ حڪومت عملي طرح اهميت ۽ اوليت ڇا کي ڏني آهي: (1) سنڌ جي مفادن جي حفاظت ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل ۽ انهن لاءِ قانون سازيءَ کي، يا (2) پنهنجيءَ ذات ۽ پنهنجن گروهي مفادن ۽ اقتدار جي عارضي چشڪي ۽ ڪرسيءَ کي ڏني وئي آهي ته اصول، اخلاق ۽ فضيلت جي تقاضا ۽ ضمير جي فيصلي کي مقدم سمجھي پنهنجي ان عمل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ۽ اهميت ۽ اوليت جيڪڏهن سنڌ جي مفادن ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل ۽ انهن لاءِ قانونسازي کي ڏئي وئي آهي ته پوءِ، في الوقت اصول، اخلاق ۽ فضيلت جي تقاضا ۽ ضمير جي فيصلي کي مقدم سمجھي (جيڪي مسئلا آئينده حل ٿيڻا/ڪرڻا آهن انهن بابت ڪنهن به هام کان پاسيرو رهي) اڄ ئي سنڌ اسيمبلي ۽ اقتدار/حڪومت ۾ شامل هڪ مشڪوڪ ڌر بابت ثبوت نه ته به، شاهدي ۽ ضمانت ئي پيش ڪئي وڃي ته:
”ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ جي مفادن جي حفاظت لاءِ، سچ پچ به، عملي مظاهرو ڪندو ۽ گھٽ ۾ گھٽ، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ سنڌ جي اجتماعي خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور جدوجھد ۽ سهڪار ڪندو، سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪي تسليم ڪندو ۽ ڪا به اهڙي حرڪت نه ڪندو جنهن وسيلي انهيءَ تسليم ٿيل عالمي اصول کي جوکم رسي ۽ اهڙو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاران لڳايل نام نهاد ۽ جڙتو مهاجر قوميت جي نعري تان هٿ کڻندو. سنڌ ۾ سنڌي (اردو ڳالهائيندڙ سنڌي) جي حيثيت ۾ رهندو ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قومي ۽ سرڪاري حيثيت تسليم ڪندو ۽ ان جي عملي اطلاق لاءِ هٿ ونڊائيندو ۽ سنڌ ۾ نسلي منافرت ۽ لساني شاونزم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ، ٻيو ڪجھ نه، ته به گھٽ ۾ گھٽ، پنهنجن انهن بدترين، دهشتگردن ۽ انسان ۽ امن دشمن عملن جو ورجاءُ نه ڪندو جن جي ڪري 1992ع ۾ سندس ئي اتحادي ساٿين لاءِ سنڌ ۾ فوجي آپريشن ڪرائڻ اڻٽر ٿي پيو هو.“
ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جيڪڏهن اهو ڪارج پورو ڪرڻ لاءِ ڪا بااصول ۽ باعمل ضمانت مهيا ڪري ٿو ته اسان جو پرين آهي، اسان جون اکيون ٿڌيون، اسان جا اعتراض رد ۽ باطل، ڪنهن به قسم جي گستاخيءَ لاءِ، جيڪڏهن اسان کان سهواً به ٿي وئي هجي، معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيون. ليکڪ، سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهواسين جي هر سياسي تنظيم پاران اهڙيون شاهديون ۽ اهڙا ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته اهي سڀ جو سڀ ۽ انهن مان هر هڪ ڪنهن به معصوم اردو ڳالهائيندڙ خلاف ڪنهن به قسم جو ڪينو، ڪا به ڪدورت ۽ نفرت نه ٿو رکي، بلڪه ڪا به ٻولي ڳالهائيندڙ ڪنهن به فرد جيڪڏهن سنڌ جي مفادن کي هاڃو نه رسايو آهي يا سنڌ جي مفادن لاءِ خلوص دل سان ڪم ڪيو آهي ته سنڌ جا باشعور قدرتي ۽ قانوني رهواسي ان لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ جايون رکن ٿا ۽ ان کي بنهه پنهنجو سمجھن ٿا.
(روزاني ”برسات“ ڪراچي، 10 مارچ 1997ع کان 13 مارچ 1997ع تائين، چئن قسطن ۾ ڇپيل)


  
سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون
۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي

سنڌي قوم هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي ۽ صدين کان ان ۾ رهندي اچي. انگريز سرڪار جيتري وسيع سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان جون به ڪجھ گھٽايل، سوڙهيون ڪيل سرحدون مقرر ڪري، نئين ٺاهيل سنڌ کي 1-اپريل 1936ع تي پاڻ وهيڻو (خود مختيار) ڪيو ۽ 17-اپريل 1937ع تي انگريز اقتدار اعليٰ هيٺ سنڌ صوبي جي پهرين اسيمبلي وجود ۾ آئي جنهن جو سربراهه وزير اعظم سڏيو ويندو هو. 1940ع ۾ هڪ قرارداد (ٺهراءُ) وسيلي گھڻي مسلمان آبادي رکندڙ رياستن جي سياستدانن پنهنجي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بابت رٿا ظاهر ڪئي جنهن ۾ شامل ٿيندڙ سموريون رياستون ڪجھ اهم نڪتن تي گڏيل حڪمت عملي هلائينديون، جنهن لاءِ مناسب ۽ موزون، ٺهڪندڙ سياسي اصطلاح ڪچو-وفاق (ڪنفيڊريشن) يا عام-سگھ (ڪامن ويلٿ) ئي ٿي سگھي ٿو. پر 14-آگسٽ 1947ع تي جيڪو پاڪستان ٺهيو، ان ۾ پهرين ڏينهن کان نمونا ئي نوان اچي ويا. 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان انتظامي طرح ڌار ڪري مرڪزي علائقو يا انتظاميا سڏيو ويو ۽ 1954ع ۾ مورڳو ون-يونٽ ٺاهي، سنڌ سميت سڀني صوبن جو نالو گم ڪري ”اولهه پاڪستان“ ٺاهيو ويو. پاڪستان ٺهندي ئي ان جا حقيقي حڪمران پنجابي-پناهگير ڦورو طبقا ٿي ويا، جن سان هر علائقي جي غدار وڏيرا شاهي، سردار شاهي، خان شاهي ۽ نواب شاهي مدد سهڪار ڪري رهي هئي. ون يونٽ جي حقيقي مقصدن ۾ هتان جي مظلوم عوام جا حق ڦٻائڻ سان گڏ بنگال (هاڻي بنگلاديش) کي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ جڪڙي رکڻ هو پر ”اولهه پاڪستان“ ٺاهڻ باوجود هتان جي ڪل آبادي بنگال جي آباديءَ کان گھٽ بيٺي جنهنڪري نون ٺاهيل ٻنهي صوبن --- ”اولهه پاڪستان“ ۽ ”اوڀر پاڪستان“ (بنگال، بنگلاديش) جي وچ ۾ نام نهاد ”برابري“ (پئرٽي) جو طريقي ڪار لاڳو ڪيو ويو (۽ هاڻي اهي ئي ساڳيا حڪمران سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه لاءِ ساڳي پئرٽي مڃڻ لاءِ تيار ناهن). بنگال ۾ جمهوري تحريڪ اڀري ته ان جي روح کي بلڪل ائين وڍ ڏنا ويا جيئن 1983ع دوران سنڌ ۾، پر وسيع پيماني تي، پنهنجي ئي ملڪ جون فوجون مٿس ڪاهي ويون ۽ پنهنجي ئي عوام جو ڪوس ڪيو ويو --- 50 لک ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، مرد توڙي عورتون، ان ظلم جو هڪجھڙو شڪار ٿيا پر ”بنگلاديش“ ٺهي رهيو --- ”اولهه پاڪستان“ کي ”نئين پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو ۽ ماضيءَ مان سبق سکڻ بدران هن وقت به ”نئين پاڪستان“ (ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار وارو دور) ۽ ”پياري پاڪستان“ (جنرل ضياءَ ۽ ان کان پوءِ وارو دور) جا حقيقي حڪمران ڪن لاٽار ڪيو، اکين تي پٽيون ٻڌيو، بندوق تاڻيو بيٺا آهن. 1940ع جي ٺهراءَ موجب، نه ته رياستن جو ڪچو-وفاق (ڪچو وفاق) ٿا ٺاهن ۽ نه ئي وري پئرٽي جي اصولن تي ٿا هلن. عملي طرح اڄ به ساڳين ئي غدار شاهين جي مدد سان حقيقي حڪمران پنجابي-پناهگير ڦورو طبقا پياري پاڪستان جا واڳ ڌڻي آهن ۽ ويٺا پنهنجي هلائن. سنڌ ۾ دهشت گردي آهي ۽ بلوچستان ۾ زوراوري، ”سرائيڪو“ کي مڃن ڪو نه ٿا، باقي ننڍڙو فرق رڳو اهو پيو آهي ته پختونخواهه جي حاڪم طبقن به اها ئي راهه چونڊي ورتي آهي جيڪا پياري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن جي ايجاد آهي.
اصولن، ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته ڀلي کٽل ۽ سوڙهي ڪيل سنڌ ئي سهي پر ان جي سرحدن جي سنڀال ڪئي وڃي ها، پر اٽلو ان کان لس ٻيلو ۽ ڳڙهي خيرو به کسيا ويا ۽ ماڇڪي کي ڦٻايو پيو وڃي. ٿر ۽ ڪوهستان، ڪاڇي جي علائقن کي رڳو ڦر لائق نڌڻڪن علائقن جھڙو ڪيو ويو آهي ۽ باقي سنڌ ۾ به سڄو ترقياتي زور اتي آهي جتي غير سنڌي آبادي وڌيڪ رهي ٿي ۽ ان ۾ وڌيڪ نمايان علائقو آهي ڪراچي، جتي پرڏيهين مان چونڊ بدمعاش تاڙي، دهشت گردن جي سنڌ- ۽ سنڌي- دشمن فوج تيار ڪئي وئي آهي جيڪا عملي طرح پياري پاڪستان جي نام نهاد قانونن کان بالاتر قرار ڏنل آهي.
1940ع جي ٺهراءَ موجب ڪنهن به هڪ علائقي مان ڪنهن به ٻي علائقي ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذري جيترو به ذڪر ڪيل ناهي ۽ سنڌ سميت گھڻيون رياستون ان تي متفق ٿيون هيون، پر 1947ع ۾ اپکنڊ جي هڪڙي رياستن کان ٻين رياستن ڏانهن هڪ زبردست سازشي لڏپلاڻ ڪئي وئي. سنڌ جي ڳالهه ڪجي، ته 13-لک ماڻهو سنڌ مان لڏايا ويا ۽ 25-لک سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ سنڌ جي انڪار ۽ احتجاج باوجود اها لڏپلاڻ اڄ سوڌو مختلف بهانن ۽ طريقن سان اڃا تائين جاري آهي. ڪراچي مرڪزي علائقو سڏيو ويو ته خاص ڪري پنجاب ۽ پختونخواهه مان به سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ وڌي وئي ۽ ون يونٽ کان پوءِ سنڌ عملاً کليل شڪار گاهه بنائي وئي --- سنڌ جا ڪارخانا، ٻنيون، معدني ذخيرا، ٻيلا، بندر، سمنڊ، سڀ ڪجھ ٽڪي مُلهه غير سنڌي آباديءَ جي حوالي ڪيو ويو. بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ نئين پاڪستان دوران وري بهاري گھرائي سنڌ تي مڙهيا ويا ۽ خاص ڪري پياري پاڪستان وارن ڏينهن ۾ ته ڌوڙيا ٿي ويا آهن سنڌ اندر ڌاريءَ آباديءَ جا، تنهن مٿان وري ايران، افغانستان، برما، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ايتري قدر جو ويٽنام کان به ڪيترائي غير قانوني آيل ماڻهو سنڌ ۾ ٽِڪي پيا آهن.
لائسنس (”ليسن“ --- جيڪو رياست ۽ فرد جي وچ ۾ ڪنهن خاص موضوع يا شيءِ بابت هڪ قسم جو ٺاهه آهي) جڏهن، مثال طور، پستول جو ڏنو وڃي ٿو تڏهن ان جي واهپي جون حدون مقرر ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جي خلاف ورزي نه رڳو قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي پر ”ٺاهه“ کي به رد ڪريو ڇڏي. 1940ع جي ٺهراءَ ۾ جيئن ته ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذڪر ڪو نه هو، ان ڪري ان جي روشني ۾ ٺهيل ملڪ ڏانهن يا ان کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ خود بخود قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه ٿي پوي ٿي ۽ معاهدي کي جھوريو رکي ٿي. ان ڪري 1947ع ۾ ۽ ان کان پوءِ ٿيل سموري لڏپلاڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ وري قبضي بازيون (بظاهر ڪيڏيون به جائز سڏجن) عملن ۽ اصولن ناجائز ۽ غير قانوني آهن.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي ۽ ڪنهن به حالت ۾ نه وساريندي اسان کي هتي خصوصاً ان پرڏيهي ناجائز ۽ غير قانوني آباديءَ جو ذڪر ڪرڻو آهي جيڪا پياري پاڪستان جي ڪنهن به ڄاڻايل قانون موجب ناجائز آهي. مثال طور، پياري پاڪستان کان ٻاهر واري غير سفارتي آبادڪاريءَ کي غير قانوني ۽ ناجائزي کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو سڏي سگھجي؟
ويجھڙ ۾ لڪايل انگن اکرن موجب رڳو ڪراچي وارن ضلعن جي حدن اندر 15-لک بنگالي ۽ 5-لکن کان وڌيڪ افغاني، ايراني، برمي، انڊونيشي، ويٽنامي وغيره ناجائز طرح غير قانوني رهاڪو آهن. غير قانوني ۽ غير سرڪاري طرح جيڪي بهاري اچي آباد ٿيا آهن، انهن جي ڳڻپ به هڪ لک کان گھٽ ناهي (وڏي ناجائز ۽ ملڪ سان اهم غداري اها ته انهن ناجائز ۽ غيرقانوني آيل بهارين مان ڪيترائي نه رڳو اهم سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن پر سنڌ اسيمبلي ۾ به چونڊجي آيا آهن). اهڙيءَ طرح رڳو ڪراچيءَ جي ضلعن جي حدن ۾ 21-لکن کان وڌيڪ غير قانوني ۽ ناجائز ماڻهو رهيل آهن. ڪراچي وارن ضلعن جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ آهي، جنهن مان پنجين پتي سنڌ جي نه، پر پياري پاڪستان جي قانون موجب، بهرحال ناجائز ۽ غيرقانوني آهي ۽ جيڪڏهن ان جو گڏيل نموني ذڪر ڪجي، ته عملي طرح ڪراچي جي چئن ضلعن مان هڪ، ذري گھٽ سڄي جو سڄو، غير قانوني ۽ ناجائز طور آباد ٿيل ماڻهن جي حوالي آهي.
21-لک ماڻهو سنڌ جي ڪيترن ئي اڪيلن ضلعن (مثال طور لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد جي آباديءَ کان گھڻو وڌيڪ آهن.) ڪراچي ضلعن کان سواءِ باقي سنڌ ۾ رهيل غير قانوني ۽ ناجائز آباديءَ جو ذڪر نه به ڪجي، ته به 21-لک ماڻهو هڪ وڏو انگ آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کان بهتر سهولتن واري علائقي ۾، ڪراچي ضلعن جو پنجون ۽ سڄي سنڌ جو ويهون حصو غير قانوني ۽ ناجائز طور آباد آهي، ڇا اها ڳالهه ڌيان تي آڻڻ جوڳي ناهي؟
سنڌ جي زمين جو هڪ وسيع ٽڪرو، سهولتن سان سينگاريل هڪ علائقي ۾ سنڌي ماڻهن کان پالهو، انهن ماڻهن جي حوالي آهي جيڪي ڪنهن به طرح اتي رهڻ جو حق نه ٿا رکن. اهي ماڻهو ڪو ڌنڌو روزگار ڪندا هوندا، ڪن گھرن ۾ رهندا هوندا. تعليمي، طبي ۽ ڳانڍاپو (ڪميونيڪيشن) سهولتن مان فائدو وٺندا هوندا، سنڌ جو ڪيتروئي مال متاع پنهنجن مائٽن ڏانهن موڪلي چڪا هوندا (جيڪو نه رڳو سنڌ تي پر پياري پاڪستان جي معيشيت تي به هڪ وڏو بار آهي. سمجھو ڪري ته هڪ ماڻهو هر مهيني رڳو هڪ هزار رپيا ڪمائي ٿو ته هر مهيني ڪل ڪمائي 2-ڪروڙ 10-لک ۽ هر سال 25-ڪروڙ 20-لک ٿيندي!) انهن ڪجھ کاڌو پيتو هوندو، لٽو ڪپڙو چوڙيو هوندو ۽ اهم ڳالهه اها ته پنهنجيءَ ڳڻپ جيترن حقدار، قانوني ۽ جائز ماڻهن کي بيروزگار ۽ بي گھر ڪيو هوندو. وڌيل آباديءَ جا مسئلا اڃا ڌار.
جيڪڏهن اهي نه هجن ته سنڌين جو ايڏو وڏو ڳاڻاٽو خودبخود انهن جي جاءِ تي اچي ويندو. سنڌ جي حوالي سان پنج سيڪڙو ۽ ڪراچي ضلعن جي حوالي سان ويهه سيڪڙو سنڌي آبادي وڌندي. سنڌي پنهنجي سرزمين، ڪارخانن، نوڪرين، ڌنڌن ۾ اوترو وڌيڪ ٿيندا ۽ ان ڪري سنڌين جي بيروزگاريءَ جو مسئلو حل ٿيندو (۽ ان ڪري ڌاڙا گھٽبا)، صحت، تعليم ۽ ڳنڍپ جي سهولتن سان گڏ ٻيون شهري سهولتون ماڻيندا، گھٽ ۾ گھٽ 10-صوبائي ۽ 5-قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي چونڊبا، سنڌ ۽ پياري پاڪستان جي سرڪاري، انتظامي وغيره ڪم ۾ شريڪ ٿيندا وغيره وغيره.
دنيا جي ڪنهن به ڏيهه جي ۽ خود پياري پاڪستان جي قانون موجب انهن سڀني غير قانوني پرڏيهين جو رهڻ سَو سيڪڙو ناجائز، هڪ ڏيهه تي واڌو بار، هڪ قوم لاءِ هاڃيڪار ۽ حقي رهاڪن خلاف ارهه زورائي آهي. انهن کي تڙي ڪڍڻ، حڪومت جي پهرين فرضن ۾ شامل آهي، پر پوءِ به انهن کي ڪڍيو نه ٿو وڃي، اٽلو کين ڊوميسائيل، پي آر سي، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ ۽ مالڪيءَ جا حق ڏنا وڃن ٿا، ڇو؟
ايترا پرڏيهي ڪيئن آيا؟ سرحدن جا محافظ ڇا ٿا ڪن؟ اندروني معاملن جي وزارتن جا فرض ڪاڏي ويا؟ بااختيار کوجي ادارا ڪهڙي ڪم سان آهن ۽ سنڌ سرڪار چُپ ڇو آهي؟
ان سڄي ڏوهه ۾ ملڪ سان غداريءَ جو ذميوار ڪير آهي؟
انهن سمورن غيرقانوني ۽ ناجائز پرڏيهين کي ڪڍيو ڇو نه ٿو وڃي؟
”سنڌ ماءُ سان غداري نه ڪرڻ“ جا دعويدار ڇا ٿا چون؟
سنڌ جا گھڻگھرا ان مسئلي تي به هلچل ڇو نه ٿا هلائن؟
سنڌ ۽ پياري پاڪستان جي حڪومت کان اهو مطالبو ڇو نه ڪيو وڃي ته انهن غيرقانوني پرڏيهين کي تڙي ڪڍيو وڃي ۽ نون ايندڙن جون راهون روڪيون وڃن؟
(روزاني ـجاڳو“ ڪراچي، 24-جنوري 1992ع)


  
ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ...

سنڌ صدين کان مختلف نمونن سان ۽ ڌار ڌار بهانن هيٺ ڌارين جي يلغار جو شڪار پئي رهي آهي. هزارين ماڻهن جو هڪ ئي مهل ڪسجڻ، ڳوٺن ۽ فصلن جو باهين حوالي ٿيڻ، شهرن جو کسجڻ، علم، ادب ۽ تعليم جو تباهه ٿيڻ، معاشي طرح ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن، نڌڻڪو ۽ رولو ٿي پوڻ سنڌين لاءِ ڪو نئون عمل ناهي. هتي رڳو مرزا باقي جي راڄوڻيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عام عمل جو مثال ڏئي ڳالهه کي ڇٽو ڪري سگھجي ٿو. چيو ٿو وڃي ته مرزا باقيءَ کي جڏهن به اها خبر پوندي هئي ته سڄي سنڌ ۾ فلاڻو ڪي فلاڻو ماڻهو پوءِ اهو عوام منجھان هجي يا سندس ملازم، ڇو نه سندس مائٽ ئي هجي، ڏاڍي آرام ۾ آهي، سکيو ستابو ٿي پيو آهي ۽ سک سمهي ٿو، تڏهن مرزا باقيءَ جو آرام ڦِٽي پوندو هو، تان جو سندس سمورو مال متاع ڦري کيس ناس نه ڪري ڇڏي. سورهين ۽ سترهين صديءَ جو پهريون اڌ يعني ڏيڍ صدي ساندهه سنڌين لاءِ سندن جيئرو رهڻ هڪ عذاب هو. ارغون، ترخان ۽ مغل دور سنڌين لاءِ نسورو قهر هو. ان وچ ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي ۾ آمد هڪ ”اعزازي سوکڙي“ هئي: 8 هزار شهر واسي ڪٺائون، ٺٽي کان سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن واري ايراضيءَ مان ڦرلٽ ڪيائون ۽ پوءِ ان ڌرتيءَ، ٽڪري کي باهه ڏئي ساڙيائون. ان ڏيڍ صديءَ ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا ڳوٺ هر هر ساڙيا پئي ويا، سمورا ادارا --- مذهبي، تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي، تباهه ڪيا ٿي ويا، سنڌين جي سموري ملڪيت کانئن زوريءَ کسي ويندي رهي. بکر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جھڙن وڏن، آباد، سکين ستابن ۽ تعليمي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميءَ جي مرڪزي شهرن ۾ ديسي ماڻهو ورلي ڪو پسبو هو نه ته ڌارين/پرڏيهين سان سٿيل هئا، تعليمي ادارن تي انهن جي حاڪمي هئي، ملازمت جا موقعا به انهن لاءِ هئا، انهن منجھ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ هڪ عجيب قسم جو ڪِينو ڀريل هو ۽ جھڙوڪر سنڌين جا خدا ڪارڻي دشمن هئا.
تاريخ وقت ۽ حالتون لاڳيتو تبديل ٿين ٿيون. اڄ به ڪي ايئن وسهن ٿا ته سنڌ جا ٽي مکيه شهر --- سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي، سنڌين کان کسجي ويا آهن، يا کسي ورتا ويا آهن. انهن مان پاڪستان ٺهندي ئي سڀ کان وڌيڪ سازشي زور ڪراچيءَ تي رهيو آهي (حقيقت اها به آهي ته ارڙهين صدي ۾ ڪراچي بندر جي پيڙهه پوڻ جو سبب به هڪ سازش ئي هئي، جنهن لاءِ ڪي قدرتي حالتون به جڙي چڪيون هيون). لياقت علي خان ان سازش جو سردار هو ۽ کيس پنجابي حڪمرانن جي سهائتا مليل هئي. پهريون حملو وسندين تي ٿيو. گھر، جايون، تعليمي ادارا، تفريح گاهون، باغ، ٻنيون، ڪارخانا، معدني ذخيرا ۽ وسيلا، سمنڊ ۽ سامونڊي توڙي خشڪ رستا والارجي ويا، نيون نيون وسنديون ۽ ڪالونيون آباد ڪيون ويون. سنڌ جي سموري آمدني ڌارين جي آبادڪاريءَ، سک ۽ سهولت لاءِ خرچ ٿين لڳي. ٻيو حملو سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تعليم تي ٿيو. هڪ صديءَ کان سنڌ جي قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ سنڌيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ ڀارتي محاوري کي پاڪستان جي ”اسلام جي وطن“ جي قومي توڙي سرڪاري ٻولي بنائي، ويهه لک ماڻهن جي اقليت کي بنگالين، سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جي چار ڪروڙ آبادي مٿان ٿاڦيو ويو ۽ ان وقت اسريل خاص طرح بنگالي ۽ سنڌي ٻولين کي پاتال ڏانهن ڌڪيو ويو. ٽيون حملو خود سنڌ تي ٿيو. ان جي نالي نشان کي مٽائڻ، ان جي پاڻيءَ ۽ خود سنڌونديءَ تي ڌاڙو هڻڻ ۽ ڊيم ٻڌي پنجاب کي پاڻي ڏيڻ، ان جي سموري معيشتي اپت کي پنجابي، پناهگير ڦورو طبقن جي ڀلائيءَ لاءِ ورهائي ڇڏڻ، ان جي معدني ذخيرن ۽ ڏيهي توڙي ڏيساوري واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ ۽ ان سان گڏ بنگال کي ڄاڻايل ڦورو طبقن جي غلاميءَ هيٺ آڻڻ لاءِ ون-يونٽ ٺاهيو ويو. جمهوريت، جھڙي به هئي، ڪوڙي، ڪيني ۽ ڪوجھي، نالي ماتر ئي سهي، پر ان تي به حملو ڪيو ويو ۽ فوجي ڏاڍ وسيلي کيس ايئن چٿيو ويو جو اڃا سوڌو سڌي هلي نه ٿي سگھي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ان جي ڄمندي ئي جمهوريت، تعليم، سچ، قومن ۽ ٻولين جو ڪوس ڪري ڏاڍ، زوراوري، جبر، تشدد، ظلم، ڪٺورتا، ڪروڌ، ڪوڙ، بدمعاشيءَ، ڦرلٽ، ڪيني، ساڙ ۽ پنهنجن کي ورسائڻ ۽ حقيقي ۽ تاريخي قومن ۽ عوام کي لتاڙڻ، چيڀاٽڻ جو سازشي دور شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ حق ڳالهائيندڙ زبانون ۽ احتجاجن اڀيون ٿيندڙ ٻانهون ڪپيل هيون، حد درجي جي ڪميڻپ اها، جو حقيقي حڪمران قوتون پاڻ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کي منظم ڪرڻ لڳيون ۽ ملڪ جي محافظيءَ ۽ قانون جي رکواليءَ لاءِ جوڙيل ادارا ملڪ خلاف سازشون ڪرڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ ۽ قانون جا بکيا اڊيڙڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏيندا رهيا. عظيم تر غداريون ڪندڙ ملڪ جا والي وارث ادارا ۽ انهن جا سربراهه هئا.
سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ڏيهي ڌرتي ۽ آبهوا سان هم آهنگ آهن. ڌرتي جنهن ۾ واري، مٽي ۽ پٿر آهن. واريءَ جيان نرم نرم ۽ وٿين مان وهندڙ، مٽيءَ جيان ساوا ستابا ۽ پٿرن جيان ٺوس، مٿن جڏهن مينهن جو وسڪارو ٿئي ٿو ته وٽن سرهاڻ ۽ سڳنڌ ئي آهي، جا آڇي سگھن، پاڻي جيڪو ڍنڍن، سنڌوءَ ۽ سنڌي ساگر ۾ ڇلي ٿو، ڪڏهن نرم نرم، هلڪو هلڪو، ٿڌو ٿڌو، مٺو چهرو، پلن جي لذت، پوکي جي ستابائي ۽ ٻيلن جي گھاٽائي بخشيندڙ، ته ڪڏهن ٻوڏ ۽ طوفان بنجي ٻوڙيندڙ هوا جيڪا خشڪ به آهي، گھميل به آهي، ڪوسي به آهي ته ٿڌي به، جھولن جيان ساڙيندڙ ۽ ٿر جي چانڊوڪيءَ جيان ٺاريندڙ. مٿي جنهن ظلمي ڏيڍ صديءَ جو ذڪر ڪيو اٿئون، ان ۾ سنڌين ڪڏهن به ڦورو حاڪمن کي سک سمهڻ نه ڏنو. ٻيڙيءَ ۾ لهرن تي لڏندڙ مزار باقيءَ مٿان راتاهو ڏنائون ته راڻيءَ (رائجه بيگم) کي ڇڏي ڍونڍيءَ ۾ ڀڄي جان بچايائين. مغل حاڪم قرهه محمد جو شقدار آقا محمد سيوهڻ قلعي جا ڪڙا چاڙهايو ”لَئه“ سان حڪمراني ڪري رهيو هو ته جان محمد سنڌي الائي ڪٿان اچي ڪڙڪيو ۽ کيس قتل ڪري قلعي جي ڀت ڀڃي ڀڄي ويو (ڏسو تاريخ مظهر شاهجھاني). پاڪستان ٺهڻ کان هڪدم پوءِ سنڌين خلاف سازشي طرح تيار ڪيل سوين قسمن جون تهمتون لکين وات اوڳاڇڻ لڳا، پر اڄ تائين جمهوريت ۽ جمهوري جدوجھد جو جھنڊو سنڌين جي هٿن ۾ رهيو آهي، وطن دوستي جا علمبردار سنڌي آهن، ظلم ۽ تشدد خلاف سڀ کان وڌيڪ پائدار جھيڙو جوٽيندڙ سنڌي آهن ۽ هنن سرڪاري سرپرستيءَ جي اڻهوند ۽ مخالفت باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ڌرتيءَ ۽ ثقافت کي جيئرو ئي نه رکيو آهي، پر وڌايو ويجھايو ۽ سگھارو پڻ بنايو آهي. ڪهڙو فوجي ڊڪٽيٽر هو جنهن کي سنڌين پاران سخت ۽ لُڪ جيان ساڙيندڙ موٽ نه ملي؟ ڪير اهڙو هو جنهن سنڌين خلاف سازش ڪئي هجي ۽ سنڌين ان کي بي نقاب نه ڪيو هجي؟ اڃا ته سنڌين وٽ پنهنجيءَ پتيءَ جا کڏن جي بيٺل گندي پاڻيءَ جھڙا اڪثر ڪري جاگيردار ۽ ڪامورا غداريءَ جو ڪردار به ادا ڪندا ۽ دشمن جا ٻانهه ٻيلي ٿي سنڌين جي اتحادن ۽ جدوجھدن تي راتاها هڻندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ جيڪڏهن جمهوريت ۽ سچائي مُئي ناهي، ته اهو ان ڪري جو منجھس سنڌين جو پرجوش رت سمايل آهي.
سنڌين خلاف سازشون گھَٽيون ناهن، هاڻي ته انهن کي باهي هٿيارن ۽ دهشتگردن جي ٽيڪ به مليل آهي. ٻي پاسي وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ انقلابي سنڌي تنظيمن جي ليڊرشپ ڪرپٽ نڪري پئي يا ڪرپٽ بنائي وئي. ٽين پاسي دنيا اندر انقلابي قوتن جو زور ڀڄي پيو ۽ بدمعاش سامراجي قوتن جا جاوا ٿي ويا آهن ۽ چوٿين پاسي سنڌين کي جنهن ويڙهو ۽ انقلابي قوت جي حقيقي گھرج آهي اها اڃا وٽن نه جڙي آهي، ان ڪري بظاهر دشمن قوتون زور آهن ۽ ٽاڏون ڏينديون پيون وتن.
هن وقت جنرل ضياءَ جي پالتو لوڌ جو تڏو ويڙهجي وڃڻ، ڀلي ٿوري وقت لاءِ ئي هجي، سنڌين ۽ ٻين وطن دوست توڙي جمهوري قوتن جي حق ۾ آهي. جيڪا به جمهوري حڪومت اڀري يا انجنيئرڊ ئي سهي، اقتدار ۾ آئي آهي، اها نه رڳو سازش ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار رهي چڪي آهي پر پاڻ کي عام آڏو جوابدار به سڏي ٿي. سنڌي عوام کي به منجھس ڪيتريون ئي اميدون آهن، ان ڪري اڄ يا ان کان اڳ کيس ئي سوڀارو ڪندو رهيو آهي. ان ٻه-طرفي رويي کي ٺوس اصولن تي مضبوط بنائڻ لاءِ خود هڪ تاريخي فرض ادا ڪرڻ ۽ حق جو پاسو وٺڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت تي ڪيتريون ئي جوابداريون عائد ٿين ٿيون، اها هڪ تاريخي حقيقت بنجي چڪي آهي ته هن ڀيري به پيپلز پارٽيءَ جيڪڏهن عوام سان ڪيل وعدا وچن پورا نه ڪيا ته پنهنجا تڏا ويڙهي رکي.
سنڌ سان سوين عقوبتون ٿي چڪيون آهن. سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت، سماجي زندگيءَ ۽ نفسيات سان جنهن قسم جي غليظ هٿ چراند گذريل 46-ورهن ۾ ڪئي وئي آهي، اهڙي تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ورلي ڪا ٿي هوندي. مثال لاءِ هتي رڳو سنڌ ۾ موجود ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن تي سنڌيءَ سان ٿيندڙ ٻه-اکيائي کي ياد ڪرڻ ئي ڪافي آهي: سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجيءَ ڌرتي تي ڏهين پتيءَ جيترو وقت به نه ٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته اهو گھٽ ۾ گھٽ اسي سيڪڙو هجڻ گھرجي. سنڌ جي ڪجھ شهرن ۾ موجود تعليمي ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي آهي. ڇا اها ايڏي حق تلفي وقت جي سنڌي حڪمرانن جي ٻوٿ تي ڀرپور لپاٽ ناهي؟ شرم جھڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سان ٿيل سمورين بدمعاشين جي راڻي ”سنڌ اسيمبلي“ رهي آهي، جڏهن کان سنڌ اسيمبلي ٺهي آهي تڏهن کان اها ڪهڙي غداري، ڪهڙي سازش، ڪهڙي ڪميڻائپ آهي، جيڪا سنڌ اسيمبليءَ مان نه مڙهي وئي هجي؟ ڇا سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن غداريءَ جو ڏس ملي ٿو، جنهن پنهنجي ئي وطن جو نالو به ميساري ڇڏيو هجي؟ سنڌ اسيمبلي ئي هئي جنهن پنهنجيءَ خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ کي داءَ تي لڳائي پنهنجي وطن کي پنجابي، پناهگير ڦورو طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، عملي طرح ان جا مالڪ، تاريخي وارث سنڌي آهن، پر اها پرڏيهين جي قبضي ۾ آهي ۽ ان جا واڳ ڌڻي دهشتگرد آهن، پر ڪل حقيقت ايتري ناهي.
ڪراچي سنڌ صوبي جي هڪ انتظامي ڊويزن آهي. ان ۾ پنج ضلعا آهن (ڪجھ ڏينهن اڳ اتي ”ملير“ نالي پنجون ضلعو به ٺاهيو ويو آهي). اتي جي آبادي لڳ ڀڳ 1-ڪروڙ آهي، جنهن مان ڪي 35-لک ماڻهو اردو ڳالهائيندڙ آهن، 11-لک پنجابي آهن، 7-لک پٺاڻ ۽ افغاني آهن، لڳ ڀڳ 18-لک غيرقانوني پرڏيهي آهن، جن ۾ برمي، بنگالي، بهاري (1975ع کان پوءِ آيل)، انڊونيشي، ايراني، ڪشميري، آفريڪي ۽ اهڙا ٻيا شامل آهن، باقي سڀ سنڌي آهن. هڪ سازش وسيلي ڪراچي جي چئني ضلعن جي تڪبندي ڪجھ اهڙي نموني ڪيل آهي جو گھڻن تڪن مان رڳو اهي ئي چونڊجي سگھن ٿا، جن کي هاڻوڪن دهشتگردن جي پٺڀرائي مليل هجي. ڪراچي ڊويزن ۾ سوين سنڌي ڳوٺ آهن جن جي آبادي 13-لکن کان به وڌيڪ آهي، پر انهيءَ سازشي تڪبندي سبب اهي جن گھٽ ۾ گھٽ 5-قومي ۽ 10-صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي چونڊي سگھن ٿا، انهن کي کٽرائڻ جي سلسلي ۾ بيوس ٿيون پون. شهري ايراضيءَ مان سنڌي وسندين کي ميساري سنڌين کي لڏايو ويو آهي. سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ جي سڀني ضلعن ۽ انهن ۾ روڊن، ڪالونين، پاڙن وغيره جا نالا اهڙيءَ طرح رکيا ويا آهن جو اهي سنڌين لاءِ اوپرا ٿي پون... مطلب ته اهڙي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن ڪراچي سنڌ جو حصو نه محسوس ٿئي، ان هوندي به سنڌين جي قومي غيرت، وطن دوستي، جمهوري جدوجھد ۽ سياسي ٻڌي پرمارن ۽ سازشين جي اکين ۾ کتل ٻاڻ ٿي پيا آهن. سنڌي عوام پنهنجي ووٽ وسيلي هاڻوڪي حڪومت کي قائم ڪرايو آهي. هن حڪومت جو قومي توڙي صوبائي اسيمبلين وسيلي فرض ٿو ٿئي ته پنهنجي ووٽرن جي انساني قومي ۽ انفرادي حقن جو تحفظ ڪن ۽ نمڪ ملهائن (نه ته به اسين اسيمبلي جي ڪردار کان اڻ واقف ناهيون).
سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا ۾ مناسب، پر ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت ڏيارڻ (گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ سنڌي آباديءَ جي سيڪڙي جيترو)، سنڌي ميڊيم اسڪولن کي جٽادار ۽ لاڀائتو بنائڻ، سنڌي ڳوٺن کي دائمي قيام ۽ وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڪارائتا اپاءَ وٺڻ وغيره جھڙا ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن، پر منهنجي نظر ۾ انهن سڀني سان گڏ انهن کان به وڌيڪ اهم ڪم جيڪو هن اسيمبلي کي ڪرڻ گھرجي ۽ ڪري سگھي ٿي، اهو آهي ڪراچيءَ تان غير سنڌي ۽ دهشتگرد قوتن جو قبضو هٽرائي، موٽائي، سنڌين جي مالڪيءَ ۽ قبضي هيٺ ڏيڻ. سنڌ جي ڪيترن ئي مکيه شهرن تي اڳ به پرڏيهي قبضو ٿيندو رهيو آهي ۽ نيٺ به ته سنڌي ماڻهو اهو ڇڏائي، ڌارين کي تڙي رهيا آهن ۽ هاڻي به اوس ايئن ئي ٿيڻو آهي، پر هيءَ اسيمبلي به ان سلسلي ۾ گھڻو ڪجھ ڪري سگھي ٿي. اهو هڪ شاندار ۽ تاريخي ڪارنامو هوندو، جنهن تي سنڌي ماڻهو بجا طور فخر ڪندا. اهڙيءَ طرح سنڌين جو جمهوري جدوجھد ۾ ايمان اڃا به پختو ٿيندو (ڪاش! ايئن نه ٿئي جو سنڌين لاءِ جمهوري جدوجھد جا دڳ بند ڪري کين ٻي پاسي ڌڪيو وڃي).
هيٺ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون، اميد ته انهن کي هِنئين سان هنڊايو ويندو:
1-         ملير ضلعو قائم ڪرڻ بي انتها ضروري آهي، ان کي هر حالت ۾ پختو ڪيو وڃي ۽ ان خلاف دهشتگردن جي ڀاڙيتو دانشورن پاران ٿيندڙ پروپئگنڊا جو موثر جواب ڏنو وڃي.
2-         ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ڪراچي سينٽرل کان سواءِ باقي ٽن ضلعن جو نالو بدلايو ۽ تاريخي مقامن جي حوالي سان رکيو وڃي، پر هن ڏاڪي تي پهريائين ”لياري“ ضلعو قائم ڪيو وڃي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جو اهو باقي ضلعن سان ڪلهي گس ڪري سگھي.
3-         بدين ۽ ٺٽي ضلعن کي حيدرآباد ڊويزن کان ڌار ڪري، انهن سان ملير ضلعو ڳنڍي، نئين ”ٺٽو ڊويزن“ ٺاهي وڃي (ٻي پاسي ڄامشورو ضلعو ٺاهي حيدر آباد ڊويزن کي ڏنو وڃي).
4-         تڪبندي نئين سر ڪئي وڃي. اڳوڻين تڪبندين ۾ اها ڪوشش ڪيل آهي ته سنڌي آباديءَ واريون ايراضيون ورهائجي وڃن، ته جيئن جڏهن به اليڪشن ٿئي، تڏهن سنڌي ووٽ پڻ ورهائجي. هاڻي تڪبندي اهڙيءَ طرح ڪجي جيئن گھڻي سنڌي آبادي (جنهن ۾ ميمڻ، گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، مڪراڻي وغيره شامل آهن) ۽ ٿوري اردو، پنجابي، پٺاڻ وغيره آبادي هجي. ٻيو نه، ته به هڪ يا ٻه تڪ هر ضلعي ۾ اهڙا ضرور هجڻ گھرجن.
5-         پرڏيهي آباديءَ کي، جيڪا پاڪستاني قانون موجب به غير قانوني آهي، تمام دليري ۽ دانائيءَ سان تڙي ڪڍيو وڃي ۽ ان جي موٽي اچڻ يا سنڌ ۾ اچڻ جا گس بند ڪيا وڃن (ياد رکيو وڃي ته راشي ڪامورا ٻن يا ٽِن سَون رپين ۾ شناختي ڪارڊ ۽ ووٽ سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏيندا آهن).
6-         بنگلاديش کان ايندڙ بهاري ۽ ڀارت کان ايندڙ ”هتي وارن جا مائٽ“ جيڪي ماڻهن جي سمنڊ ۾ گم ٿيو وڃن، پوريءَ طرح بلاڪ ڪيا وڃن. جيڪي هت اچي چڪا آهن، انهن کي ڳولي ڪڍيو ۽ تڙيو وڃي. سرحدن جي صحيح حفاظت نه ڪري سگھندڙ ڏوهارين کي واجبي قانوني سزا ڏني وڃي.
7-         (5 ۽ 6 مٿي بيان ڪيل) قانون جي ڏوهين جو مال متاع ضبط ڪيو وڃي ۽ سندن گھر جي ملڪيت انهن ماڻهن جي حوالي ڪئي وڃي، جن جي ڳوٺن کي ڪي ڊي اي وارن ڊاهي کين لڏائي ڇڏيو.
8-         گذريل ستن ورهن دوران دهشتگرديءَ جي سٽيل سنڌين کي سندن گھر، وٿاڻ، واڙا ۽ ڦريل مال، ملڪيت موٽرائي ڏني وڃي ۽ انهن جي آبادڪاريءَ لاءِ خصوصي اپاءَ ورتا وڃن.
9-         دهشتگردن کي بنا ڪنهن رعايت جي قانون حوالي ڪيو وڃي. آئنده لاءِ پڻ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن، جيئن دهشتگردي نه ٿي سگھي. ان لاءِ هڪ قدم اهو هجڻ گھرجي ته دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيل آباديءَ کي پنهنجي تحفظ لاءِ سرڪاري طرح هٿيار مهيا ڪيا وڃن.
10-     پرڏيهي غيرقانوني رهاڪو، توڙي جو ڪراچيءَ جي مختلف ضلعن ۾ رهن ٿا، پر مجموعي طرح هڪ ضلعي جيتري آبادي رکن ٿا. انهن جي جاءِ تي جيڪڏهن حقيقي تاريخي وارث آباد ڪيا ويندا ۽ کين روزگار جي ضمانت هوندي ته اسان کي جھڙوڪر هڪ نئون ضلعو ملي پوندو، جنهن مان چونڊجندڙ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبر خود هن حڪومت جا ئي هٿ مضبوط ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿا.
11-     پٺاڻ ۽ پنجابي ڪامورا سنڌ ۾ قبول نه ڪيا وڃن. سنڌ ۾ پهريون حق هتي جي تاريخي رهاڪو جو آهي. اهڙيءَ طرح هتي جي ڪارخانن ۾ پڻ پهرين ترجيح سنڌي ماڻهن کي ملڻ گھرجي. ان لاءِ جوڳو بلو ڪيو وڃي.
12-     پٺاڻ ۽ پنجابي، جن جا مائٽ اڳ ئي هتي ويٺا آهن، هتي اچي ڏينهون ڏينهن نيون ڪچيون آباديون جوڙن ٿا، کين سهولتون به هڪدم مليو وڃن. ڪا به نئين ڪچي وسندي ٺاهڻ نه ڏني وڃي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهڙيون جيڪي به ڪچيون وسنديون ليز ڪيون ويون آهن، اهي هتان جي تاريخي وارثن حوالي ڪيون وڃن.
13-     ڪي ڊي اي وارن جيڪي به سنڌي ڳوٺ ڊاٿا آهن، اتي جي رهاڪن کي انهن ئي علائقن ۾ وري آباد ڪيو وڃي ۽ مناسب قرضن تي کين پڪيون جڳهون الاٽ ڪيون وڃن.
14-     سنڌي ماڻهن کي پڻ خاص ڌيان ڏئي ۽ خصوصي شعوري ڪوشش ڪري، ڪراچيءَ جي سڀني ضلعن ۾ پنهنجون ملڪيتون ٺاهڻ گھرجن ۽ پنهنجيءَ سنڀال جو جوڳو بلو ڪرڻ گھرجي. سڀني ماڻهن کي ڪوشش ڪري مستقل روزگار هٿ ڪرڻ گھرجن، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گھرجي ۽ پنهنجن پاڙن ۽ رستن تي سنڌي نالا رکڻ گھرجن.
(روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 3-مارچ 1994ع)


  
ڪُڦاٿل پاڪستاني!
(هي مضمون خاص طرح سنڌ جي وطن دوست وڪيلن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن جو ڌيان لهڻي ٿو.)

پاڪستان حڪومت هن مهيني (ڊسمبر 1992ع) جي ابتدا کان بنگلاديش ۾ اتان جي وطن دوست عوام جي قاتل بهارين کي هر قسم جي نظرياتي، اخلاقي، مذهبي، سياسي ۽ عالمي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ خصوصاً ست ڪروڙ سنڌي ۽ سرائيڪي عوام جي باشعور گڏيل راءِ ڏانهن ڏاڍ ڀريو رويو رکندي، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏيڻ شروع ڪيا آهن. انهيءَ ڏٺي وائٺي ارهه زورائيءَ ۽ زبردستيءَ جي ڪري سنڌي ۽ سرائيڪي عوام ۾ ايڏي ته بيچيني ۽ ناراضگي پکڙجي وئي آهي، جو سنڌي ۽ سرائيڪي سياستدان ئي نه، پر اَڻڪَٽر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن به ان کي محسوس ڪري ورتو آهي. روزاني انگريزي اخبار ”فرنٽيئر پوسٽ“ ان موضوع تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ به سيمينار ڪرايا آهن ۽ ”ڊان“ ۽ ”دي نيوز“ ۾ پڻ ڪجھ مضمون ڇپيا آهن. رسول بخش پليجي ۽ پروفيسر عزيز احمد کان ويندي منظور سولنگي ۽ اعجاز منگي تائين ڪيترن ئي دانشورن مضبوط دليلن سان پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ سنڌين ۽ سرائيڪين جي لڳ ڀڳ سڀني سياسي پارٽين ۽ تنظيمن اخباري بيان ۽ اخبارن ايڊيٽوريل شايع ڪيا آهن. ٻئي پاسي ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي گڏجاڻيون ڪري، عوام جي سجاڳي ۽ مِڙي مُٺ ٿيڻ لاءِ دورو ڪيو آهي. سرڪار پنهنجي جمهوري هامن باوجود ايڏي ته مَت وڃائي ويٺي آهي، جو ان ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ پاران ڀٽائي گھوٽ جي نگريءَ ۾ رٿيل ڪنوينشن کي تشدد وسيلي تباهه ڪيو، پر نام نهاد نظريي ۽ مذهب جي آڙ ۾ پنهنجيءَ هر غيرقانوني ۽ عوام دشمن حرڪت کي قانوني ۽ وطن دوست سڏيندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ۽ سندن ڀاڙيتو نظرييدانن ۾ ايتري به اخلاقي جرئت ناهي، جو پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪي مناسب، متبادل ۽ مضبوط دليل ميدان تي آڻي سگھن. بس، حاڪمن جي انڌي ۽ ڏاڍي واري لٺ آهي جيڪا پئي ڦري.
عرف عام مڃيو پيو وڃي ته پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪو سڃي دنيا جي هر برائيءَ ۽ غلط ڳالهين ۾ پهريَن پنجن نمبرن مان هڪ ۽ هر نيڪ سٺي ڳالهه/عمل ۾ آخري پنجن نمبرن مان هڪ آهي ۽ جتي دليل ۽ سچ جي حاجت ئي ناهي. هتي ڏنڊو ۽ سازش ٿا هلن ۽ انهن جي ئي ٻولي سمجھي وڃي ٿي --- دنيا جا انگ اکر ۽ گذريل 45-ورهَن جي تاريخ ته اهو ئي ثابت ڪن ٿا. ان ڪري سنڌي عوام ۽ سنڌ جي گھڻگھرن آڏو هاڻي رڳو هڪ ئي طريقو بچيو آهي، جنهن تي هلي ئي ان ايندڙ وبائي ۽ خوني ڪٽڪ کي ڪاٽي ۽ ڪُٽي سگھجي ٿو، ۽ اهو هيءُ ته نه رڳو زوردار ۽ منظم احتجاج ڪيو وڃي، پر پاڪستان سرڪار کي جوابدار بڻائي ڪورٽ ۾ ڇڪيو وڃي. ان لاءِ هيٺ ڄاڻايل نُڪتا سوچ لائق آهن:
1. مسلم گھڻائي وارين رياستن جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ جڏهن 1938ع ۾ سنڌ اندر، 1940ع ۾ لاهور منجھ ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ٿيا هئا، تڏهن انهن ۾ ڪٿي به، ڪنهن به طرح اهو ڄاڻايل نه هو ته مسلم ٿورائيءَ وارن علائقن مان مسلم گھڻائيءَ وارين رياستن ڏانهن ڪا به لڏ پلاڻ ٿيڻي هئي يا ٿيندي.
ان ڪري سنڌي، بنگالي، بلوچ ۽ پٺاڻ اهو چوڻ ۾ قانوني ۽ اخلاقي طرح جائز هئا، ته گھڻين مسلم رياستن جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بدران هڪ رياست ۽ هڪ حڪومت ٺاهڻ، رياست کي صوبا سڏڻ ۽ وري صوبائي خودمختياري جو گلو گھٽي مرڪز کي ناجائز حد تائين اختيار ڏئي، مضبوط ڪرڻ ۽ بنگال توڙي هاڻوڪي پياري پاڪستان جي علائقن ڏانهن ڀارت کان جيڪا به لڏ پلاڻ ٿي، اها غير نظرياتي، غيرقانوني ۽ ناجائز هئي. ان ڪري ڀارتي علائقن مان لڏيندڙن ۽ ڀڄندڙن کي ”پاڪستاني“ سڏي نه ٿو سگھي، اهي ناجائز آبادڪار آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جو ڪو به قانوني حق ناهي. اهو موضوع ڪورٽ ۾ بحث هيٺ آڻي سگھجي ٿو ۽ آڻڻ گھرجي.
2. سنڌ ۾ اڻ ڪَٿي ۽ اڻ کُٽ لڏ پلاڻ جي ٻوڏ ڏسي ۽ پنهنجن محدود وسيلن کي نظر ۾ رکندي سنڌي سياستدانن محسوس ڪري ورتو ته هڪ ئي وقت لکن جي ڳڻپ ۾ ايندڙ بي گھر ۽ رولو ماڻهن کي رٿابنديءَ سان آباد ڪرڻ، انهن جي روزگار، اچ وڃ ۽ رهائش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ مورڳو ممڪن نه هئي. ان ڪري فيصلو ٻڌايو ويو ته ان غير قانوني، ناجائز ۽ اڻ کٽ لڏ پلاڻ کي بند ڪيو وڃي يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ڏانهن اچڻ کان جھليو وڃي. (ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته ڀاڄوڪڙن سان ڀريل ريل گاڏيون جڏهن لاهور پئي پهتيون، تڏهن انهن جو اسٽيشن تي ئي گھيرو ڪري منجھن ويٺلن کي ٻڌايو پئي ويو، ته پاڪستان اڃا اڳتي آهي، تنهنڪري هتي نه لهجو، نه ته مارجي ويندئو!)
سنڌ رضا خوشيءَ سان جيڪي ماڻهو قبول ڪيا، انهن تي به سوچڻ گھرجي، پر خاص طرح سنڌ جي فيصلي کان پوءِ آيل سمورا ڌاريا هر اخلاقي ۽ سياسي نڪتي نظر موجب غير قانوني ۽ ناجائز آباد ٿيل آهن، تنهنڪري انهن جي قانوني پاڪستاني شهريت کي پڻ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي.
3. پاڪ-ڀارت سرحدون بند ٿيڻ ۽ خاص طرح 1965ع واري جنگ کان پوءِ پاڪستان (انهن ڏينهن ۾ اولهه ۽ اوڀر) ڏانهن ڀارت جي علائقن مان جيڪا به لڏ پلاڻ ٿي آهي (ڪهڙي به نالي ۽ نعري هيٺ ٿي هجي)، اها پاڪستان جي ڪنهن به ڄاڻايل قانون موجب قانوني ۽ جائز ناهي، پر پاڪستان ۾ چورن جيان لڪ ڇپ ۾ يا سمگل ٿي آيل ڌارين جا انگ اکر ٻڌائن ٿا، ته 1965ع کان پوءِ به هزارن جي ڳڻپ ۾ ڀارت کان پاڪستان (۽ خاص طرح سنڌ) ڏانهن لڏ پلاڻ ٿيندي رهي آهي، جن کي رشوتون وٺي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ مهيا ڪيا ويا، ۽ ڪي ماڻهو ته انهن جي بنياد تي سياست ۾ حصو وٺي حڪومت جا وسيلا ڪتب آڻيندا ۽ پگھارون، بونس، الائونس ۽ رعايتون ماڻيندا رهيا آهن، جنهن کي ٺڳيءَ ۽ غداريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به مناسب نالو نه ٿو ڏئي سگھجي. انهن سمورن ٺڳن، دغابازن، غدارن ۽ غيرقانوني آبادڪارن کي ڪنهن به طرح پاڪستاني سڏي نه ٿو سگھجي. اها ڳالهه ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آڻڻ گھرجي ۽ انهن سمورن ڌارين کي تڙي ڪڍڻ حڪومت جو فرض آهي، جنهن کان غفلت خود پاڪستان سان غداريءَ جي مترادف آهي.
4. 1971ع واري پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ بنگلاديش ٺهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کي نئين پاڪستان جي حڪومت پڻ مڃيو. ان مڃتا کان پوءِ بنگلاديش هڪ ٻيو ملڪ ٿيو. هاڻي بنگلاديش جي ڪنهن به رهاڪوءَ کي زوريءَ، يا مخصوص مقصدن لاءِ ڪيل واويلا جي آڙ ۾، ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ڏيڻ يا وٺڻ بين الاقوامي ۽ ملڪي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اها ڀڃڪڙي ڪندي لڳ ڀڳ ٽن لک بهارين کي پاڪستان ۾ گھرائي آباد ڪيو ويو. کين نه رڳو شهريت ڏني وئي، پر خاص طرح سنڌين جا حق ماري انهن کي روزگار ۽ زندگيءَ جون ٻيون سهولتون به ڏنيون ويون --- آپ نه پالي، تتر تاتي.
(اهو ته خود پ پ جو به فرض آهي ته پنهنجي ڪيل غلط ڪم کي نه رڳو مڃي ۽ سنڌين کان معافي وٺي، پر ان غلطيءَ جو ازالو ايئن ڪري، جيئن ڪرڻ گھرجي يعني انهن ناجائز ۽ غير قانوني آباد ڪيلن خلاف پنهنجي آواز ۽ عمل کي باقي سنڌي عوام جي آواز ۽ عمل سان ملائي زبردست مهم هلائي ۽ پنهنجي منشور ۽ پروگرام ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح آڻي، ته سندس غلطيءَ جي آڙ وٺي، پاڪستان جا حاڪم ۽ حڪمران سنڌين مٿان نئين سر وري ٻي لکين بهارين جي لوڌ چاڙهي نه اچن ۽ اڳ ئي غير محفوظ اقليت ٿي وڃڻ جي ڊپ ۾ وٺجي ويل، ناانصافي محسوس ڪندڙ، سنڌي قوم کي اڃا وڌيڪ غير محفوظ ۽ اقليت ۾ تبديل نه ڪن.)
1971ع جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ جيڪي به ماڻهو، خاص طرح بنگلاديش کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن، اهي ناجائز ۽ غير قانوني آهن، تنهنڪري اها ڳالهه عدالت جي ڌيان تي آڻڻ گھرجي.
5. سنڌين جي غير منظم هجڻ ۽ سندن ڪجھ نام نهاد سياسي اڳواڻن جي بد افعالين، هوڏ ۽ جھالت جي ڪري خصوصاً ڀارت جي ڪجھ بي پاڙن ماڻهن سنڌ کي گذريل اڌ صديءَ کان پنهنجي مڪر، ٺڳيءَ، ترڪتال ۽ سازش جو نشانو ٺاهي پئي رکيو آهي. انهن ڄاڻي ورتو آهي ته اهڙيءَ ٽڙ وڇڙ ۽ غدار فضا ۾ سندن جياپو ۽ پالنا بهتر نموني ٿي سگھندي ۽ اهي پاڻ کي هڪ وڏي اڪثريت ۾ تبديل ڪري، سنڌين کان سندن اباڻي تاريخي ڌرتي ڦري، کين لوڌي ڪڍي يا ماري مَڃائي ۽ محڪوم رکي سگھندا. ان ڪري پاڪستان ٺهندي ئي ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سنڌ ڏانهن ڌارين جي ناجائز ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ جاري آهي، جيڪي هتي اچي، هتان جي شهريت وٺي ڏينهون ڏينهن سنڌ جي مالڪيءَ جا دعويدار ٿيندا وڃن ۽ ڪرسيءَ ۽ اقتدار جا بکيا کين هر قسم جو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌ جي مالڪيءَ جو حق وڃائيندا، ٻين کي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن --- اها آهي نمبر هڪ ڳالهه.
گذريل 45-ورهن ۾ هر طرفي سازش، مڪاريءَ، نعريبازيءَ ۽ چالاڪيءَ ڪري جنهن منظم نموني سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ويساهه گھاتي ڪئي وئي آهي، سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ سماجي حيثيت کي ٽئين درجي تائين ڪيرائي، مالڪ مان ڦيرائي چور بنايو ويو آهي، کين هڪ مڪروهه رٿابنديءَ وسيلي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ بي يار وَ مددگار ۽ بي وسيلو ۽ بي پهچ ڪري نام نهاد قومي اخبارن ۽ خصوصي پروپيگنڊا ٽيمن وسيلي بدنام --- ڀارت ۽ روس جو ايجنٽ، علحدگي پسند، پاڪستان دشمن، ڪافر، بي دين وغيره --- ڪيو ويو (۽ اهو مخصوص بد مقصد پورو ڪرڻ لاءِ خود سنڌين منجھان ئي ڪي ماڻهو ڀاڙي تي ڀرتي ڪيا ويا)، سندن گھر، ڪارخانا، ٻنيون، باغ، ڍنڍون، کاڻون، سمنڊ، اچ وڃ جا وسيلا، نوڪريون، ٺيڪا، ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار ۽ معدنيات هر قسم جي ساز باز وسيلي ڦٻايا ويا، سنڌ جي تاريخي ماڳن، ثقافتي ڳڙهن ۽ خود تاريخ خلاف ڌڪار پيدا ڪئي وئي. سنڌين کي سياسي طرح شودر جي سطح تي ڪيرائڻ لاءِ ئي پاڪستان جي حاڪمن پاران مهاجر-پنجابي-پٺاڻ محاذ ٺاهيو ۽ پوءِ ايجنسين ان مقصد سان گڏ سنڌين جي جمهوري سياسي سُرت کي به چِيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ منظم ۽ هٿياربند دهشتگرد تنظيم ٺاهي (جنهن وٽ هٿيار رڳو سِمگل ٿيل ئي نه، پر ”واهه“ فيڪٽري جا به هئا). اهي دهشتگرد ۽ بي پاڙا ماڻهو پاڻ کي مهاجر قوم جو اڳواڻ سڏين ٿا، اها آهي نمبر ٻي ڳالهه.
يادِ کي جيڪڏهن 22 ورهيه پوئتي وٺي وڃجي، ته اهو ساڳيو ڪم ڀارت کان سنڌ ۾ آيلن جيان ڀارت کان بنگلاديش ۾ ويل سندن مائٽن بنگالي عوام سان ڪيو. هنن پنهنجي دهشت جي اوج وارن ڏينهن ۾، اتي 50 لک ماڻهو، ڄمار ۽ جنس جي تميز رکڻ بنا، قتل ڪري ڇڏيا، لکين عورتن جي زوريءَ بيحرمتي ڪئي ۽ ڍُڪين جا پيٽ ڦاڙيا ۽ ٻارن کي ڇيڇاڙي سنگينن تي اُڀو ڪري نعرا هنيا. کين اتي اهو ڪجھ مليل هو ۽ انهن پاران ئي مليل هو، جيڪو ڪجھ هِتي جي دهشتگردن کي مليل آهي. هِتي جي دهشتگردن جيان انهن اُتي به پنهنجن مسلمان ڀائرن، پاڪستاني هم وطنن، جيئرن جاڳندن ماڻهن ۽ ڏکين گھڙين ۾ پناهه ڏيندڙ پنهنجن محسنن سان اهو سلوڪ ڪيو، جيڪو بي رحم شڪاري حرام جانورن سان به نه ڪري سگھندا آهن.
اتي به هڪ مهاجر قوم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بنگالي مخالف محاذ ٺاهيا ويا ۽ 1947ع کان 1970ع تائين اتي به لڳ ڀڳ اهو ڪجھ ٿيندو رهيو، پر بنگالي گھڻا هئا، پياريءَ فوج ۽ پيارن پنجابين کان پري هئا، ڪجھ ته منظم ٿي چڪا هئا، هڪ وڏي ٻليدان جي سَٽ سهسائي ويا ۽ هٿياربندن ۽ دهشتگردن کي پادر پارائي ڇڏيائون. بنگلاديش ۾ اهي خوني ۽ وحشي ڪاروايون ڪندڙ مهاجر دهشتگردن جو نالو آهي: بهاري.
پنهنجي ئي هم مذهب، ديس واسي ۽ محسن ماڻهن سان ايڏا ڪيس، انهن جا ايڏا ڪوس، انهن جون ايڏيون بيحرمتيون ۽ اهڙن ٻين سڀني ڪَٺور ڏوهن جا ڏوهاري اڃا تائين آزاد آهن، انهن کي ڪنهن به ٿاڻي تي نه ڇڪيو ويو آهي ۽ اٽلو اهي اهڙا ناٽ ۽ آرا پيا ڪن، ڄڻڪ هنن وڏا ڪي وڙ ڪيا آهن. جيڪڏهن سقراط جي قاتلن تي 22 سَو سال پوءِ ڪيس ڪري سگھجي ٿو، ته بنگالي عوام جي حقيقي قاتلن تي ڇو نه؟
6. (الف) عالمي طرح مڃيو وڃي ٿو، ته ڪنهن به قوم يا ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ ۽ انهن کي محڪوم ۽ ماتحت بنائڻ هڪ زبردست اخلاقي ۽ عالمي ڏوهه آهي. دنيا ۾ هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ يا قوم تي ڪاهه رڳو هٿياربند صورت ۾ نه ٿيندي آهي. ڪاهون معاشي، سياسي ۽ ثقافتي به ٿينديون آهن، جن وسيلي ڪنهن قوم يا ملڪ جي معاشي، سياسي ذهنن ۽ ثقافتي زندگيءَ کي پنهنجي ڄمت ۽ غلاميءَ هيٺ رکيو ويندو آهي. عراق تي اقتصادي پابنديون وجھڻ جو مقصد هر ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي سگھي ٿو، پر اها ئي ڪاهه ڪڏهن ڪڏهن بظاهر بيوس، لاچار، مظلوم، ماريل ۽ سَتايل ماڻهن جي ٽولن جي لڏ پلاڻ جي صورت ۾ به ٿيندي آهي، جيڪي پوءِ ٻي قوم (ميزبان ۽ مهربان --- رضا خوشي ٿي هجي يا زوريءَ ۽ ڌوڪي سان ٺاهي وئي هجي) جي وسيلن تي ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان ڪڙڪندا آهن. ڪٽر يهودين جي مهم جيتوڻيڪ 1898ع کان هلندڙ هئي، پر 1940ع کان 1950ع تائين يهودين جي اسرائيل ۾ آبادڪاري گھڻي ڀاڱي ان ذڪر ڪيل صورت ۾ ٿي، ۽ اڄ دنيا ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿي ته انهن مظلوم لاڏائن جي اسرائيل ۾ آبادڪاريءَ پٺيان حقيقي ارادا ۽ نِيَتون ڇا هيون. (ڪجھ مَٽ سَٽ سان اتر ۽ ڏکڻ آمريڪي کنڊن تي يورپ جي رهاڪن جون ابتدائي ڪاهون پڻ ڌيان ۾ آڻي سگھجن ٿيون.)
يهودين جي اُن لاڏائو نسل وٽ وري به هڪ بهانو ته هو، ته سندن وڏڙن جو مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي ناتو فلسطين جي ڌرتيءَ سان هو، جڏهن ته 1947ع ۾ پاڪستان نالي ٺاهيل ملڪ جي سرحدن ۾ ايندڙ زمين جي ڪنهن به علائقي سان ڀارتي سرحدن منجھان لڏيندڙن ڪنهن به ماڻهوءَ کي مذهبي، تاريخي، ثقافتي، لساني يا ڪو به ٻيو ناتو نه هو. سندن جيڪڏهن ڪو مذهبي ناتو ٺهي پئي سگھيو، ته سعودي عرب سان، تاريخي ۽ ثقافتي ناتو وري وچ ايشيا سان ۽ لساني ۽ ثقافتي ناتو وري به هاڻوڪي ڀارت سان ئي ٺهي پئي سگھيو، تنهنڪري کين ڪنهن به سبب يا بهاني لڏڻو ئي هو، ته ترڪيءَ يا سعودي هليا وڃن ها.
باشعور ۽ تاريخ تي نگاهه رکندڙ ڪجھ سنڌي دانشورن ۽ سياستدانن انهيءَ لڏ پلاڻ خلاف مضبوط دليلن سان احتجاج ڪيو، پر سندن آواز مڇي مارڪيٽ ۾ چيڀٽ هيٺ آيل هڪ ننڍڙي ٻار جي ”آهَه“ کان وڌيڪ نه هو، پر اها ”آهه“ اڃا سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ لڏ پلاڻ جي سازشي حامين جي مُنهن تي لپاٽ ٿي لڳي رهي آهي.
بنگالين ۽ سنڌين پنهنجي مظلوم دوستيءَ ۽ اڻ ساڙيلي ثقافتي پس منظر جي ڪري کانئن ڪا به اوپرائپ يا ڀَوَ ڀائڻ بنا ئي سندن واهر ڪئي، پر مثال طور، سنڌ ۾ ايندي شرط هن ٽولي جي خود غرض ۽ مڪار اڳواڻن هڪ مخصوص سازشي رٿابنديءَ سان سنڌ جي خاص طرح وڏن ۽ صنعتي ۽ تعليمي طرح نسبتاً وڌيڪ ترقي ڪيل شهرن ۾ ڀاڄوڪڙن کي ورسائڻ شروع ڪيو.
”هندو مسلم جھيڙو“ نالي ڪا به شيءِ سنڌ ۾ موجود نه هئي. 1947ع تائين ڪل ٻه واقعا ٿيا هئا. هڪ لاڙڪاڻي ۾ (شايد 1927ع ۾) جيڪو بهرحال ننڍو واقعو هو ۽ ٻيو اهو سازشي جھيڙو، جيڪو مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ هندو ۽ مسلمان سنڌين جي وچ ۾ رت ۽ باهه جي ڀت بيهارڻ لاءِ ڪرايو ويو، جنهن کي مسجد منزل گاهه واقعي جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون. ٻرنديءَ تي گھڻو ئي تيل وڌو ويو، پر سنڌين جي فطري رواداري ۽ سهپَ سازشي سنڌي سياستدانن جي پهچ کان مٿي هئي، تنهنڪري ڀارت ۾ رتوڇاڻ باوجود 1947ع ۾ سنڌ اندر ڪو به هندو-مسلم جھيڙو موجود نه هو. ايتري قدر جو ڀارتي لاڏائن جي اچي پهچڻ کان پوءِ به سندن تعصبي رويي باوجود ڪو به خاص واقعو نه ٿيو. اهڙي پُر امن صورتحال ڀارتي لاڏائن جي حقيقي ۽ ڳجھين منشائن جي خلاف هئي ۽ سنڌي سازشي، قرضي، عياش ۽ ڦورو جاگيردارن کي به نه پئي وڻي. هندو سنڌين ۾ بهرحال هڪ اڻ تڻ، بيچيني ۽ ڀَو موجود ٿي چڪو هو، مٿان جو هٿرادو نموني نفرت جو کورو پچايو ۽ جڙتو جھيڙو پکيڙيو ويو، تنهن دکنديءَ کي چوچڙيءَ جو ڪم ڏنو ۽ نيٺ هندو سنڌين جي لڏ پلاڻ جاري ڪرائي وئي. (اها لڏ پلاڻ به ناجائز ۽ غيرقانوني هئي.)
انگريز راڄ هلندي جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو، تڏهن کان پنجاب جا ڦورو حاڪم طبقا اها ڪوشش ڪندا پئي رهيا، ته سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري پنجاب سان ڳنڍيو وڃي. ان لاءِ هنن ڪيترائي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي دليل به مهيا ڪري ورتا هئا، پر سنڌي ماڻهن اهو ڪنهن به طرح پسند نه پئي ڪيو ته بمبئيءَ جي بلا مان جند ڇڏائي پنجاب جِي پيئڻ جي ور چڙهي وڃن. انهن 1936ع ۾ سنڌ کي خودمختيار صوبو ٺاهي ورتو، پر پرڏيهي حاڪمن جي چاپلوس سنڌي وڏيرن 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٺهراءُ، 1940ع ۾ لاهور ۾ ٺهراءُ ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪري پنجابي ڦورو حاڪمن جي پسند جو بلو ڪري ورتو ۽ سنڌ، بهرحال، ڪهڙي به نيڪ نالي/نعري هيٺ پنجاب سان ڳنڍجي وئي ۽ ان جيڪو ڪجھ ڪيو آهي، اهو تاريخ ۽ جيئرن سنڌي ماڻهن جي دلين تي لکيو پيو آهي.
ڀارتي لاڏائو سياستڪار لوڀي نواب ۽ پنجاب جا ٺوڳي حاڪم طبقا پاڪستان ٺهندي ئي پاڪستان جي عوام ۽ مظلوم قومن خلاف ٿيل سمورن ظلمن، جُرمن ۽ جُٺين ۾ جٽ رهيا آهن. اٿندي ئي سنڌ جي دل تي وار ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ کي گھيري ۾ آڻي سنڌ کان ڇني مرڪزي علائقو بڻايو ويو. ٻيو حملو هندن جي ڇڏيل ملڪيت (ڪارخانن، باغن، ٻنين، گھرن، دڪانن، وغيره) تي ٿيو، جنهن ۾ نه رڳو انهن وٽ گروي رکيل پر وَريامن، گُھرامن ۽ بَهرامن جي حقيقي ملڪيت کي به نه ڇڏيو ويو. ڪوڙن ڪليمن جا ڪوڙا سنڌين جا چم چڪڻ لڳا. ائين ٿي لڳو ڄڻڪ لڏ پلاڻ جي صورت ۾ ڪاهه ڪليمن لاءِ ئي هئي. جوش مليح آباديءَ جهڙي اردو ٻولي جي قداور شخصيت سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي دستاويزي لکتون ميدان تي آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڀارتي رهاڪن کي ٺهندڙ پاڪستان ۾ ججھو ملي سگھندڙ مال جي لالچ ڏئي هرکايو ويو هو.
هندن جي ڇڏيل ملڪيت بابت پنجاب اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مانُ ڏنو ويو هو، پر سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي کنگھيو به نه ويو --- بنيادي نيت ئي بد هئي. ملڪ ساڳيو پاڪستان، صوبائي اسيمبلين جا ٺهراءَ، هڪ کي مانُ ۽ ٻي جو اپمان! ۽ اپمان به سنڌ جو، ڇو؟ سڏيل ۽ قرار ڏنل اويڪيو پراپرٽي (خالي ٿيل ملڪيت) ۽ ان کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ڪليمن ۽ دفتري هيرا ڦيريءَ وسيلي ٿيل ڦرلٽ جي جاچ ٿيڻ، اسيمبلي ٺهراءَ جو اپمان ڪندڙ ڏوهارين کي جھلڻ، انهن لي ڳولي ڪورٽ ۾ آڻڻ ۽ ڪورٽ کان فيصلو وٺڻ گھرجي ته ناجائز ۽ غيرقانوني طريقن سان ڦٻايل ملڪيت سڳ ۽ ڏنڊ سوڌي قبضي گيرن کان ڇڏائي وڃي.
(ب) پرڏيهي ڪاهيندڙن جتي به ڪنهن به طريقي سان ڄمت ڄمائي آهي، اتي سندن قبضيگير مقصدن ۾ اهو به شامل رهيو آهي ته محڪومن جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي به ستياناسي ڪئي وڃي. سنڌ سان ڏاڍو عجيب اتفاق ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريز ئي اڪيلا --- پرڏيهي ۽ ڦورو ڪاهيندڙ هئا، جن ڪن معنائن ۾ روايتن جي ابتڙ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي نه رڳو بچايو، سموهيو ۽ سهيڙيو، پر وڌايو ۽ ويجھايو به. جڏهن ته مسلمان ڀائرن پاڪ-ستان ۾ حقيقي ٻولين ۽ ثقافتن جا حق ماريندي ۽ انهن کي ٿڏيندي هند-ستان ۾ پاڙون رکندڙ ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ”قومي“ جو شرف ڏئي مڙهي ڇڏيو. اردو ٻولي حقيقت ۾ هندي ٻولي ئي ته آهي، جنهن کي عربي ۽ فارسي جي لفظن جي چَتي هنيل آهي. هنن ته سنڌين، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ڪافر قرار ڏئي قتل ڪرڻ پئي گھريو پر بي ڌرتيا ڌرتيءَ ۾ پاڙون رکندڙن کي پَٽي نه سگھيا. البت هنن کي لوئڻ شروع ڪيائون. ڪنهن به ٻوليءَ جو، ثقافت جو، ماڻهوءَ جو وجود ميسارڻ لاءِ ڪا به سازش، ڪو به ڪڌو ڪم عالمي، انساني ۽ اخلاقي حقن جي خلاف بڇڙائي ۽ هڪ بين الاقوامي ڏوهه آهي.
(ث) پيداواري وسيلا ساهوارن جي جياپي ۽ ماڻهن جي سماجي واڌاري جو بنياد آهن. انساني جسم لاءِ روح کي ڀلي بنيادي سمجھيو وڃي، پر ان جو وجود به پيداواري وسيلن ۽ انهن جي بهتر واهپي جو محتاج آهي، تنهنڪري ڪنهن به ماڻهوءَ، ماڻهن جي فطري ميڙ --- قوم --- جي تاريخي پيداواري وسيلن تي ڪنهن به ڌاري (يا پنهنجي) ٽولي جو قبضو انهن پيداواري وسيلن تي پلجندڙ ساهوارن خلاف هڪ خطرناڪ ۽ موتمار جُلهه آهي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سمورن تاريخي وارثن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي جو زوريءَ قبضو/مالڪي/حصيداري ڪنهن به قانون موجب جائز ۽ قانوني سڏي نه ٿي سگھجي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي ڌارين جو قبضو ٻڌائي ٿو ته سنڌ خلاف هڪ خطرناڪ سازش ڪاهه ٿي هئي، جيڪا عالمي انساني حق جي چارٽر جي نالائق ڀڃڪڙي آهي.
(ج) پنهنجا مخصوص اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مفاد رکندڙ، ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ هڪ وڏي تاريخي ميڙ، هڪ قوم، جنهن کي هڪ رچيل، شاهوڪار ۽ اسريل ٻولي آهي ۽ ڌر-گولي جي سنڌ نالي هڪ ٽڪري تي سوين صدين کان پنهنجو وجود بچائيندي، برقرار رکندي ۽ وڌائيندي اچي، ان کي سندس پنهنجي ئي اباڻي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلائڻ يا ان تان زوريءَ لڏائڻ ۽ کانئس ڌرتي کسڻ هڪ مها پاپ آهي. (جڏهن هڪ ماڻهوءَ کان سندس ٻنيءَ ٽڪرو کسڻ ئي ڏوهه آهي، ته پوءِ هڪ قوم کان سندس ڌرتي کسڻ ڇو ڏوهه ناهي؟) سنڌ ۾ سنڌين خلاف ڌارين جي دهشتگردي، چوريءَ ۽ زوريءَ انگن اکرن ۾ واڌ، حڪومت ۾ مالڪيءَ جي حد تائين حصيدار، ڌاري ٻوليءَ جي برتري ۽ سنڌين جو ڪوس ڇا ٿا ٻڌائين؟
انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن باشعور سنڌي ماڻهو اهو محسوس ڪن ٿا، ته هڪ منظم سازشي رٿابنديءَ تي عمل ڪندي، مظلوم جي صورت ۾ سنڌ مٿان هڪ خونخوار ڪاهه ٿي هئي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا جاري آهي ۽ ان ڪاهه وسيلي سنڌي قوم جو وجود ميسارڻ جي ڪڌيءَ ڪرت تي عمل ٿي رهيو آهي، جيڪو هر عالمي، انساني ۽ اخلاقي قدر جي ابتڙ آهي، ته ڇا غلط چئي سگھيا؟
7. دنيا ۾ ڪهڙو به ڏيهه هجي، ان ۾ اتي جي حقيقي وارثن جي موڪل کان سواءِ ڪو به ڌاريو رهي نه ٿو سگھي ۽ جي بنا موڪل، چوريءَ يا سمگل ٿي اچي رهي به پيو، ته اهو نه رڳو ناجائز ۽ غيرقانوني ۽ واجب ال سزا آهي پر کيس ڪن کان ڇڪي ڪڍي سگھجي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ لکين ڌاريا ماڻهو اهڙي ناجائز لڏ پلاڻ ڪري اچي رهي پيا آهن، جيڪا ڪنهن به طرح جائز سڏي نه ٿي سگھجي. رڳو ڪراچي ڊويزن جي چئني ضلعن جي حدن ۾ سنڌ جي حوالي سان نه، پر پاڪستاني قانون جي حوالي سان اهڙن غيرقانوني ۽ ناجائز ڌارين رهاڪن جي ڳڻپ ويهه لکن کان مٿي آهي، جيڪا سنڌ جي ڪنهن به ٻي سڄي ساري ضلعي جي آباديءَ کان وڌيڪ بيهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ هڪ سڄو سارو ضلعو سنڌي ماڻهن کان انهن کسي ورتو آهي، جيڪي پاڪستاني قانون موجب به ناجائز ۽ غيرقانوني آهن --- سنڌ جي هڪ سڄي ضلعي جي اپت، ڪمائي، صنعت ۽ ملڪيت سمگل ٿي آيل ماڻهن جي حوالي آهي!
ڇا اهي ناجائز ماڻهو ڪروڙين رپيا ساليانو ڪمائي سنڌ ۽ پاڪ کان ٻاهر نه موڪليندا هوندا؟ ڇا اهو سنڌ ۽ پاڪستان جي خزاني تي وڏو ۽ لاڳيتو ڌاڙو ناهي؟ ڇا اهو هتي جي حقيقي ماڻهن جي روزگاري وسيلن تي قبضو نه چئبو؟ ڇا انهن جي ڪري آباديءَ، امن امان (۽ قانون ۽ حڪم) جا ڪي به مسئلا پيدا نه ٿا ٿين؟ جيڪڏهن اهي ماڻهو نه هجن، انهن کي تڙي ڪڍيو وڃي، ته ڇا ويهه لک سنڌي وڌيڪ آباد نه ڪري سگھبا، ۽ ڇا اهڙيءَ طرح گھٽ ۾ گھٽ ٽي قومي ۽ ڇهه صوبائي اسيمبلين جون سيٽون سنڌين جي حصي ۾ اچي نه ٿيون سگھن ۽ ڇا اهڙيءَ طرح سنڌين جو شهر سنڌين ڏانهن موٽائڻ جي سلسلي ۾ هڪ قدم اڳتي نه وڌي سگھبو؟ (هن نڪتي تي ڪنهن ٻئي وقت لکبو. ان بابت سنڌين کي سوچڻ گھرجي).
هڪ غيرقانوني ۽ ناجائز آبادڪار کي تَڙي نه ڪڍڻ ڇا واسطيدار قانون کي لوئڻ ۽ بي عزت ڪرڻ ناهي؟ ڇا ان لاءِ ذميوار حڪومت ناهي؟ جيڪا حڪومت قانون تي عمل نه ڪري، ان کي ڇا چئبو آهي؟
8. جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي، تڏهن کان اڄ تائين ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي ڳڻپ اڳوڻي سڄي (مشرقي توڙي مغربي) پاڪستان ۽ هاڻوڪي پياري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪل آباديءَ کان وڌيڪ رهي آهي: 1947ع ۾ 8-ڪروڙ، 1970ع ۾ 14-ڪروڙ ۽ هاڻي 26-ڪروڙ چئي ٿي وڃي. ڇا اٺ ڪروڙ ڀارتي مسلمانن ۾ (1947- 1948ع دوران) اهي 15-16 لک ماڻهو ئي پڪا مسلمان ۽ پاڪستان جا حبدار هئا جن سنڌ ۽ بنگال ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي ۽ پوءِ خونخوار، وحشي، قبضيگير، قاتل ۽ دهشتگرد درندا ٿي اڀريا ۽ هاڻي پاڪستاني قوم کي ٿڏي مهاجر قوم جا دعويدار ٿي بيٺا آهن؟ (جڏهن به ٺاهن ٿا، خبر ناهي ڇو زبردستيءَ جي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ”قوم“ ٺاهن ٿا!)
پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي واضح ئي ڪرڻو پوندو، ته ڀارت کان پاڪستان جي حُب ۾ ڀڄندڙ ماڻهو پاڪستاني لکيا ويندا رهندا؟ ڇا جيستائين پاڪستان نالي ملڪ قائم هوندو، تيستائين ڀارتي ڀاڄوڪڙ هر مسلمان کي پاڪستاني ليکيو ويندو؟ ڇا 2020ع ۾ لڏيندڙ ڀارتي به پاڪستاني هوندو؟ ڇا 1990ع ۾ لڏي آيل پاڪستاني سڏبو؟ ڇا 1950ع، 1960، 1970ع ۽ 1980ع تائين لڏي آيل پاڪستاني آهي؟ يا، ڇا پاڪستاني اهي ئي آهن جن 1947ع- 1948ع دوران لڏيو، جڏهن چيو ٿو وڃي ته حالتون خونخوار هيون؟ (۽ انهن خوخوار حالتن ۾ ڪروڙين ماڻهن جو نه ڀَڄڻ ۽ لکن جو ڀَڄڻ ۽ انهن ڪروڙين ڀائرن کي ڇڏي اچڻ ڇا ٿو ٻڌائي؟) ۽ ڇا جيستائين ڀارت ۾ اها نام نهاد مذهبي ڪٽرپڻي جي نالي ۾ خونخواري موجود هوندي، تيستائين پاڪستاني ٺهندا رهندا؟
13-نومبر 1992ع جي اخبارن ۾ خبر آهي ته ”سنڌ ۾ مقرر ايس ڊي ايم اقبال نفيس ڀارتي شهري آهي“ جنهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي دهشتگردي سيکاري ۽ ڪيترن ئي هٿيارن جا لائسنس ڏنا. ان ئي خبر ۾ عبدالمالڪ گاروي ۽ عتيق شمسي جي ڀارتي هجڻ جو به ذڪر آهي. هُو 1985ع ۾ ڀارت کان ڀڄي آيو، ڪوڙو ڊوميسائيل ٺهرائي نوڪري ورتائين... وغيره. اها ڳالهه پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ منظم اداري ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ايترو ته پڪ سان چئي سگھجي ٿو، جو حاڪمن جي نظر ۾ 1985ع کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ پڪ سان ناجائز آهي، پر اسان کي وري به پڪ ڪرڻي آهي ته ڪهڙي سن تائين ڀارت کان ڀڄي آيل کي اسان جا حاڪم پاڪستاني مڃن ٿا.
ڪو نه ڪو سَنُ ته مقرر ڪرڻو ئي پوندو، اهو پڇڻ گھرجي.
9. هڪ مڃيل مڃايل، ثقافتي طرح رچيل ۽ تاريخي وجود رکندڙ قوم کي ميسارڻ جي سازشن سان گڏوگڏ سنڌين خلاف سوين ڪُوڙيون، ملڪ دشمن، مذهب دشمن ۽ انسان دشمن تهمتون ٺاهيون ويون آهن (جيئن ڦورو ڪاهيندڙ حاڪمَ سدائين محڪومن خلاف ڪندا آهن). اهي تهمتون ڇا ٿيون ثابت ڪن؟
جيئي سنڌ محاذ ۽ تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي (جنهن کي هاڻي سنڌين جي پارٽيءَ طور متعارف ڪرائڻ لاءِ سرڪار سڳوري نَنهن چوٽيءَ جو زور لائي ڪُپرچار ڪري رهي آهي)، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي (سرڪاري زِٽن موجب سڀ علحدگي پسند ۽ ڀارٽي ايجنٽ پارٽيون) اڳ ۾ ٺهيون هيون يا مهاجر-پنجابي-پختون محاذ؟ ڪٽرپڻي ۽ نفرت جو پهريون ٻج ڪنهن پوکيو؟ پاڪستان ٺهندي ئي سنڌ ۾ ڪوٽا مقرر ڪرائي، ڌارين ماڻهن لاءِ نوڪرين تي ڌاڙا ڪنهن هنيا؟ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري سطح کي ڪنهن ڌڪ هنيو ۽ سنڌين جي ثقافت کان ڪِراهت جو اظهار ڪنهن ڪيو؟ پاڪستان ٺهڻ ۽ 1947- 1948ع دوران ٿيل لڏ پلاڻ کان پوءِ به ڀارت، بنگال ۽ دنيا جي ٻين ڪجھ ملڪن کان پاڪستاني ٺپي هيٺ سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ڇو جاري آهي ۽ اهڙي ناجائز لڏ پلاڻ جي آجيان ۽ گھر ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ ايئن ڇو آهي، جو 1950ع، 1960ع، 1970ع ۽ 1980ع کان پوءِ به ڀارت مان ڀڄي، سمگل ٿي، لِڪي ۽ غيرقانوني ايندڙ ماڻهو، خاندان پاڪستاني ٿي پيا آهن، کين پاڪستان ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ مليو وڃي، ملڪيتون خريد ڪري سگھيا آهن، چونڊن ۽ سرڪاري سازشن ۾ حصيدار ٿي اسيمبلين، اقتدار، انتظاميا (ايڊمنسٽريشن) ۽ نظاميا (نظم ونسق ۽ ايگزيڪيوٽو) ۾ وڃي پهتا آهن؟ عجيب ڳالهه اها، ته سنڌ ۾ چالو ۽ گذريل حڪومت دوران سرڪاري وزارت جو ڪارائتو اڌ انهن جي حوالي رهيو جيڪي 20-سيڪڙو آباديءَ جا نمائندا هئا، ۽ نه ته سنڌي هئا ۽ ئي وري پاڪستاني! --- سندن رشتو ناتو، مائٽي ڀائپي، ٻولي ۽ ثقافت (جيڪا قومي به چئي وڃي ٿي) ان ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آهي (۽ وڏي فخر سان اهڙا اعلان به ڪندا رهيا هئا) جنهن کي پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران پنهنجو دشمن نمبر پهريون سڏين ٿا! ۽ عجيب ڳالهه اها به ته سهيل مشهدي، آفاق شاهد، رازق خان ۽ اشتياق اظهر جهڙا ماڻهو سنڌ اسيمبلي ۾ هئا ۽ سينيٽ ۾ به آهن!
اهڙي واهيات، ناجائز، غير قانوني ۽ غير اخلاقي حرڪت رڳو پاڪستان ۾ ڇو آهي ۽ اها به سنڌ ۾ ۽ سنڌين خلاف ڇو ٿي برقرار رکي وڃي؟
10. هتي گھرج ٿي محسوس ٿئي ته پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کان سوال پڇجي، ته سندن نظر ۾ هڪ پاڪستانيءَ جي سڃاڻپ ۽ وضاحت ڇا آهي؟
- ڇا ڌر-گولي جو هر ماڻهو، جيڪو دعويٰ ڪري ته هُو مسلمان آهي، ڪير به هجي، ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، بس رڳو اهو چوي ته هُو پاڪستاني آهي، ته ڇا اهو پاڪستاني سڏيو ۽ سمجھيو ويندو؟ (جي ها، ته ڇو؟ ۽ جي نه، ته ڇو؟)
- ڇا موجوده ڀارت جو هر مسلمان رهاڪو جيڪڏهن اها دعويٰ ڪري، ته هو پاڪستاني آهي ۽ پاڪستان ۾ رهڻ گھري ٿو ته ڇا کيس پاڪستاني شهريت ڏني ويندي؟ (جي ها، ته ڇو؟ جي نه، ته ڇو؟)
- ڇا هاڻوڪي بنگلاديش جو ڪو به مسلمان رهاڪو جيڪڏهن پاڻ کي پاڪستاني سڏڻ لڳي، ته ڇا هو پاڪستاني ٿي پيو؟ (جي ها، ته ڇو؟ ۽ جي نه، ته ڇو؟)
- يا، ڇا بنگلاديش جي رڳو انهن رهاڪن کي پاڪستاني مڃيو ويندو، جن ڪنهن زماني ۾ ڀارت کان اوڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي، اتي وڃي قبضيگيريءَ ۽ سازش لاءِ فتنا اٿاريائون، اتي جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي لوئي نفرتن جي ڀت بيهاريائون، اتي ڦرلٽ ۽ داداگيريءَ جي باهه مچائي ويٺا ۽ نيٺ فطري وحشي پڻي کان ڪم وٺي بنگالين جو (جيڪي مسلمان به هئا، ته پاڪستاني به) ڪوس ڪري، نه رڳو پاڪستان جي الهندي حصي جي رهاڪن خلاف ڌڪار پيدا ڪيائون ۽ وڌايائون، پر پاڪستان کي ٽوڙڻ تي به مجبور ڪيائون ۽ هاڻي بنگالي حڪمرانن جي آڇ جي باوجود اتي رهڻ نه ٿا گھرن؟ (جي ها، ته ڇو؟)
- بهارين بابت نام نهاد پاڪستاني هجڻ واري هام جيان جيڪڏهن ڪو به مسلمان بنگالي اها دعويٰ ڪري، ته هو به طبعاً ۽ فطرتاً پاڪستاني آهي، بنگلاديش کي نه ٿو مڃي ۽ هن پاڪستان سرڪار ۽ بهاري قاتلن سان گڏجي انهن جيان ”مڪتي باهني“ جي دهشتگردن ۽ علحدگي پسندن جي ڪوس ۽ بيحرمتي ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ نه، پاڪستان ۾ پاڪستاني ٿي رهڻ گھري ٿو، ته ڇا کيس پاڪستاني شهريت نه ڏني ويندي؟ (جي نه، ته ڇو؟)
ڪٿي ايئن ته ناهي، پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران پاڪستاني هجڻ جو ٺپو ڪنهن نه ڪنهن بهاني رڳو انهن ماڻهن تي هڻڻ گھرن ٿا جيڪي ڀارت کان پاڪستان (۽ خاص ڪري سنڌ) ڏانهن لڏيندا رهن ۽ جيڪي بنگال لڏي ويا هئا، اتي جي حق پرست قومي تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ باشعور ماڻهن کي ڪهڻ ۾ پاڪستاني حاڪمن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا (پر ناڪام رهيا) ۽ هاڻي وري اهڙا ئي ڪي غليظ ترين مقصد پورا ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ سندن سڏڻ ضروري ٿيو هجي؟ ۽ اهي غليظ ترين مقصد ٻيا ڪهڙا ٿي سگھن ٿا، سواءِ ان جي، ته سنڌ دشمن قوتن کي مدد ڏئي، سنڌين کان سندن ڌرتي کسي، سندن قومي شعور کي چيڀاٽيو ۽ سندن نالو نشان مٽايو وڃي؟ سڀ سياسي سرت رکندڙ سنڌي ان کان سواءِ ڪو ٻيو بهاري گھرائڻ جو مقصد نه ٿا سمجھن.
هتي جائز طرح اهو سوال اٿاري سگھجي ٿو، ته سنڌي ايئن ڇو ٿا سمجھن؟ ان لاءِ اسان کي جائزو وٺڻو ۽ ورجائڻو پوندو، ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڀارتي سرحدن منجھان بنگال ڏانهن لڏي ويل ۽ سنڌ ڏانهن لڏي آيل پاڪستانين (جن پاڻ کي مهاجر قوم دعويٰ ڪرڻ شروع ڪيو) ۽ انهن سان ملي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي محافظيءَ جي دعويدار پنجابي حاڪمن ۽ حڪمرانن جو بنگالين، سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ اترادي علائقن جي رهاڪن (بلتين، شينن، هنزن وغيره) ڏانهن ۽ ڪجھ ڇڏڇوٽ سان پٺاڻن ڏانهن رويو ڪيئن رهيو آهي. بنگالي (جن جي هڪ حصي کي 1947ع کان پوءِ اوڀر وارا پاڪستاني سڏيو ويو) موجوده پياري پاڪستان، ان کان اڳ نئين پاڪستان ۽ ان کان به اڳ اولهه پاڪستان کان هڪ هزار ميل پري هئا، آباديءَ ۾ اولهه (نئين ۾ پياري) پاڪستان جي ڪل آباديءَ کان گھڻا هئا، اتي وڃي آباد ٿيل ڌارين خاص طرح ڀارتي ڀاڄوڪڙن جي ڪل آبادي وٽن اٽي ۾ لوڻ برابر هئي، تڏهن به بنگالي ٻولي ختم ڪري اتي جي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ ڦرڻ لٽڻ، بنگالي عوام جا عالمي توڙي انساني حق لتاڙڻ، ون-يونٽ ۽ پئرٽي (برابري، هڪ جَھِڙائي، هڪ جيترائي) جي نالي ۾ کين غلام ۽ محڪوم رکڻ ۽ نيٺ انساني ڪوس لاءِ موجودهه پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن (جيڪي پنجاب ۽ پناهگير ڦورو طبقن ۽ مظلوم قومن جي غدارن تي ٻڌل آهن) 23-سال صرف ڪيا ۽ بنگال جي سرسبز، آباد ۽ سونُ اپائيندڙ ڌرتيءَ کي چيري ڦاڙي ان جو سڀ مال ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ جيڪو ڪجھ وٽن هو --- هٿياربند قوتون، ايجنسيون ۽ بمن بارودن، ٽينڪن ۽ هوائي بمبارن کان وٺي سازش، ٺڳيءَ، مڪاريءَ ۽ زور زبردستيءَ تائين هرحربو ڪم آڻي کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ نيٺ کين مجبور ڪيائون ته اهڙي ملڪ ۾ رهڻ کان ئي بان ڪن جنهن جا سمورا وسيلا پنهنجن ئي هم وطنن کي چيٿاڙڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ ڪم ايندا هجن.
اترادي علائقن (گلگت، بلتستان، هنزه وغيره) ۾ مون پاڻ درسگاهن جي اڏاوت کان اڳ جيل خانن ۽ ٿاڻن کي ٺهندي ڏٺو. اتي جو ٿاڻيدار سنڌ جي گورنر کان وڌيڪ هَلندي وارو ۽ بااختيار آهي. شينا ۽ بلتي ٻولين جي اڃا سودو ڪا به لَپي نه ٺهي آهي. ڪشمير جو اهو حصو جنهن کي پاڪستاني حاڪم آزاد ڪشمير سڏيندا آهن، اتي هڪ برگيڊير اتان جي صدر کان وڌيڪ بااختيار آهي. اها آهي 43 سال گذرڻ کان پوءِ جي صورتحال جي هلڪي جھلڪ.
سرائيڪي قوم پاڻ کي گڏ پئي ڪري. گھڻن ئي باشعور دانشورن جو چوڻ آهي ته پنجابي حاڪمن بنگلاديش کان بهاري گھرائي اتي آباد ڪرڻ جو جيڪو سٽاءُ سِٽيو آهي، تنهن جو مقصد اتي جي اسرندڙ سياسي سرت ۽ غلاميءَ خلاف جوجھد جي عمل کي چيڀاٽڻ آهي. هيءُ علائقو اڄ به سنڌ جي ڀيٽ ۾ گھڻو پوئتي رکيو ويو آهي.
(سچ اهو آهي ته خود پنجاب جي عوام سان هڪ نموني ٿيل ظلم تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. مون پنجاب جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندي پنجابي ٻوليءَ جي مٺاڻ کي محسوس ڪيو آهي --- سنڌيءَ جي لاڙي لهجي جيان مِٺي مِٺي ۽ هزارين ٺيٺ سنڌي لفظن جو ذخيرو رکندڙ، پر پنجاب جي حاڪم ۽ حڪمران طبقي ڀارتي ڀاڄوڪڙن سان سلهاڙجي پنجابي عوام کان سندن ٻولي ئي کسي ورتي آهي. حڪمرانيءَ جي شوق ۽ ڦرلٽ جي انڌ ۾ اهڙي ڏاڍ ۽ انڌير جو مثال دنيا ۾ شايد ئي ملي سگھي.)
بلوچستان کي ته صوبي جي درجو به 20 سال پوءِ مليو، نه ته اهو ڄڻڪ هڪ مفتوح ۽ محڪوم علائقو هو ۽ ٻه ڀيرا مٿس پنهنجي ئي ملڪ جي فوج اهڙي ئي ڪاهه ڪري چڪي آهي جيئن جنگ جي حالت ۾ دشمن ملڪ سان ڪئي وڃي. ان کان وڌيڪ بدتر مثال ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟
جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، سنڌين کي پنهنجا سور ساريا پيا آهن:
سرجيس تان سور،
ساماڻي تان سک ويا.
ٻولي، ثقافت، معيشت ۽ سياست، ڏاڍائي ۽ دهشتگرديءَ جي حوالي سان جيڪو ڪجھ هتي بيان ڪبو، اهو ورجاءُ هوندو. مون کي خصوصاً چوڻو اهو آهي ته ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالهه آهي جو سنڌين تي عوام ۾ غير مقبول سياسي اڳواڻن جي حوالي سان جيڪي به روسي ۽ ڀارتي ايجنٽيءَ، علحدگي پسنديءَ وغيره بابت الزام آندا ويا، انهن مان هڪ کي به ثابت ڪرڻ جي جرئت اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي نه ٿي آهي. ايتريقدر جو جھور پوڙهو سنڌي سياستدان جي ايم سيد گذريل ڏهن مهينن کان نئين سر، پاڪستان ٽوڙڻ جي تهمت هيٺ نظربند آهي، پر کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي همت نه ٿي ڪئي وڃي. ڀارتي ۽ روسي ايجنٽي، علحدگي پسندي، دهشتگردي وغيره وغيره جھڙا الزام ته سنڌين تي مڙهيا ويا، پر هاڻي شايد رب پاڪ سنڌين جي پاسي پيو وهي: پڪا پختا، سڌا سوان، سڳ سوڌو پڪڙيل ڀارتي ايجنٽ ۽ علحدگي پسند ته غلام مصطفيٰ کر ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب اقتدار ماڻهو پنجاب جي حاڪم طبقن مان ۽ الطاف حسين پنهنجي دهشتگرد ٽولي سميت اردو ڳالهائيندڙن مان ظاهر ٿي پيا آهن. اذيت گھر، دهشتون، زوريءَ اوڳڙ، ڀتو، عقوبتون، ڪوس، هٿيارن جا ذخيرا، سنڌ (۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان) کي ٽوڙڻ ۽ ان جو هڪ حصو ڄاڻايل دشمن نمبر پهرين جي حوالي ڪرڻ وغيره جا ذميوار ته اهي آهن جيڪي حق پرستيءَ، جمهوريت پسنديءَ، امن- ۽ انسان-دوستيءَ جھڙن مقدس نعرن ۽ پاڪستان سان حبداريءَ جا ٺيڪا کنيو انهن جي آڙ ۾ سنڌين خلاف رڻ تپايو ويٺا هئا. الطاف جي آخري سَڌ ته حاڪمن جي رڌڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو آهي.
- ۽ اهو سڀ ڪجھ ظاهر ڪندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳا ادارا آهن، جن کي جيڪڏهن ڪُوڙو سمجھيو وڃي ٿو ته اهڙو اعلان ترت ڪيو وڃي.
اهو نواز شريف ئي ته هو جنهن پنجابين جي پَڳ کي باهه لڳڻ جا افواهه اٿاري ۽ سازشون ڪري ووٽ ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪرائي، هاڻي پڪو پاڪستان پرست ٿيو ويٺو آهي ۽ صوبائي خودمختياري وٺڻ لاءِ وڏا نعرا هڻي پنجاب بئنڪ ۽ پنجاب ٽي وي ٺاهڻ جي حد تائين ته هُو ئي وڌي ويو هو. جيڪڏهن سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ بنگالي رڳو صوبائي خودمختياري جا حق گھرڻ جي ڏوهه ۾ علحدگي پسند ۽ ڀارتي ايجنٽ سڏيا پئي ويا، ته نواز شريف پنهنجي ٽولي سميت ڇا سڏجڻ گھرجي؟
سنڌ ئي آهي، جتي اهو اڪيلو مثال پيش ڪري سگھجي ٿو ته اتي قائم مقام وڏو وزير اهو ٿيو، جنهن جو لاڳاپو انهن سان هو جيڪي پاڻ کي سنڌي يا پاڪستاني سڏائيندي شرم ۽ بي عزتي ٿا محسوس ڪن. جيڪو ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن (جيڪي پاڪستاني ۽ مسلمان به آهن) خلاف دهشتگردي، قتلام ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ غداراڻو ڪرادار ادا ڪندي پنهنجي ۽ سنڌ جي اهم غدارن تي جن جي سازشي ڪرتوتن ۽ بدنيتن جي ڪري سنڌ ۽ پاڪستان کي اهڙيون جٺيون ۽ چٽيون سهڻيون پيون آهن.
سنڌ ۾ گورنر ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري عهدا عام طرح ۽ اڪثر ڪري انهن جي حوالي رهيا آهن جن جو واسطو سنڌ ڌرتيءَ سان ناهي، ڇا پنجاب ۽ پختونخواهه ۾ اهڙو عمل برداشت ڪيو ويندو؟
بقول هڪ رٽائرڊ جنرل جي، جنهن سنڌ جو نمڪ به کاڌو آهي، سنڌ اسان کان بنگال جيتري پري ناهي، اتي جنهن وقت چاهيون ۽ جيئن چاهيون، پهچي سگھون ٿا، سنڌين جو وڏيرڪو طبقو ۽ سياستدان ويڪائو مال ۽ اسان جو غلام آهي ۽ اسان ئي مهاجر قومي موومينٽ ٺاهي آهي (جيڪا هٿيارن، دهشتگري ۽ اسان جي ٽيڪ جي زور تي سنڌين مٿان مڙهيل آهي)، ڪاڏي ويندا سنڌي!؟
ڇا پنهنجي ئي وطن جي هڪ ٽڪري ۽ ان جي رهاڪن ڏانهن رويو ۽ سوچ اهڙي رکي سگھجي ٿي؟ يا هيءُ ڪنهن ڌاري ۽ دشمن ملڪ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. جيڪي اهڙيون سوچون رکن ٿا، ٻڌن ٿا، پالن ٿا ۽ پسند ڪن ٿا، انهن کي ڇا سمجھڻ گھرجي؟ ۽ جنهن علائقي ۽ ان جي ماڻهن ڏانهن اهو رويو رکن ٿا، انهن کي ڪهڙي حيثيت ڏيڻ گھرجي؟
ڇا اڃا به اها گھرج ناهي، ته پاڪستان جي تشريح بابت گھر ڪندي، پاڪستان جي حڪمرانن کي عدالت ۾ سڏايو وڃي؟
11. اهي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن مٿان فوجي مهمون ۽ مارشل لا، اهي دهشتگرد ۽ ڀاڙيتو قاتل، اهي وڪاڻل وڏيرا ۽ سياستدان، اهي سازشون، بدمعاشيون، ارهه زورايون، ڦرلٽون ۽ ٺڳيون، اهي ترڪتال ۽ تهمتون جڏهن سنڌ، سنڌي قوم ۽ عوام کي، انهن جي جدوجھد، جذبي ۽ سجاڳيءَ کي، سندن شرافت، تقدس ۽ ايمان کي ۽ انهن جي وطن دوستي، جمهوريت پسندي ۽ سامراج دشمنيءَ کي چيڀاٽي، چٿي ۽ لوڙائي نه سگھيون، تڏهن سنڌين جي ڳاٽي ۾ هڪ ٻيو، واڌو ٽوڙهو وجھڻ لاءِ ”ڪڦاٿل پاڪستاني“ جو کٽراڳ کرو ڪيو ويو آهي؟
انهيءَ ”ڪڦاٿل“ (اسٽرئنڊيڊ) جو مطلب ڇا آهي؟
اسٽرئنڊيڊ (Stranded) جو لفظي مطلب اهو آهي، ته ڪو ساهوارو، ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ ڪٿيل آفت ۾ اڙجي، ان جي ور چڙهي وڃي. جيئن سمنڊ ۾ سير سفر ڪندي جهاز جو ڪنهن اوچتي طوفان ۾ ڦاسي، ڪنهن اڻ ڄاتل ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي يا ڪنهن اڻ ڏٺل ڪُن ۾ اڙجي وڃڻ. سياسي-سماجي طرح اهو لفظ انهيءَ ماڻهو يا ماڻهن جي ٽولي لاءِ ڪم اچي سگھي ٿو جيڪو پنهنجي ڏيهه مان ڪنهن ڪارج لاءِ ڏيساور ويو هجي ۽ پوءِ ڪنهن اوچتي مصيبت ۾ ڦاسي ويو هجي. اسٽرئينڊيڊ جي متبادل طور اردو ۾ محصور (گھيري ۾ ڦاٿل/آيل) ڪم آندو وڃي ٿو ۽ بهارين سان لاڳاپيو ويندو آهي. بهاري، اهي ماڻهو جن اڄ تائين موجود پاڪستاني نالي رياست ڪڏهن ڏٺي ئي ناهي. نه اتي ڄاوا نه نپنا، نه ان سان سندن ڪو واسطو ۽ وڙو، نه ڪڏهن ان کان ٻاهر ويا ۽ نه ئي وري ڪنهن اڻ ڄاڻايل اوٿ ۾ ڦاٿا تن کي ڪيئن ٿو گھيري ۾ آيل ڪُڦاٿل يا اسٽرئنڊيڊ سڏي سگھجي؟ اهي ته پاڪستانين، مسلمانن ۽ انسانن جا قاتل ۽ ڏوهاري آهن. ڇا کين خبر نه هئي ته قاتل، وحشيءَ، زانيءَ، چور، ڌاڙيل، بدمعاش ۽ غدار جو حشر ڪهڙو ٿيڻ گھرجي!
انهن قاتل بهارين جي انسانيت سوز ظلمن باوجود کين بنگلاديشي حڪومت وڏي دل ڌاري، انسانيت جي ناتي، کين ماڻهو ٿي رهڻ لاءِ، جيڪي آڇون ڪيون ۽ سهوليتون ڏنيون آهن تنهن نرم دل رويي کي ڏسندي اسين بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگھون ٿا، ته بنگالي عوام ساڻن وڏا وڙ ڪيا آهن. هي بدمعاش ته ان لائق به نه هئا، جو سندن ڪو نالو نشان ڇڏجي ها. گھٽ ۾ گھٽ کين ڪيل ڏوهن جي واجبي سزا ته اوس ملڻ گھرجي ها، پر کين رهڻ، ڪمائڻ ۽ جيئڻ جي فراخدلاڻي آزادي ڏني وئي.
قومي اخبارون ۽ بهاري پرست دهشتگرد ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو لفظ به اڪثر ڪم آڻيندا آهن ۽ اهو آهي ”ڪئمپ/ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني!“
اڄ ڪلهه، سنڌ ۾ آپريشن ڪلين-اپ هلندي پڪڙجندڙ ڪجھ دهشتگردن جي گرفتاريءَ خلاف ”مظالم ڪي چَڪِي ۾ پستي هوئي مهاجر“ جھڙي لفاظي ڄاڙي بازي ۽ زٽاماريءَ کي ذهن ۾ رکندي، ”ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني“ بابت به سوچڻ گھرجي.
”ڪئمپ“ انگريزي لفظ آهي جيڪو ڪيترين ئي معنائن ۽ مفهومن ۾ ڪم اچي ٿو. ڪئمپ جي هڪ معنيٰ هيءَ آهي: اها جڳهه يا اهو ميدان يا علائقو جتي ماڻهو (سپاهي، اسڪائوٽ، کوجنا ڪندڙ، موڪل گذاريندڙ يا ڪنهن به خاص ڪم سان ويل ماڻهو) ڪجھ عرصي لاءِ تَنبن يا جھوپڙي ۾ رهي. بهارين سان لاڳاپي هيءَ لفظ لکڻ جو مطلب سمجھڻ ڪو ڏکيو ناهي. سندن ٺيڪيدارَ اهو ٻڌائڻ گھرن ٿا ته هي بهاري ڪسمپرسيءَ ۽ بدحاليءَ ۾ خيمن، تنبن، لانڍين ۽ جھوپڙين ۽ عام شهري سهولتن کان وانجھيل ميدانن ۾ ڏوجھرن ڀري حياتيءَ جا ڏينهن ڏوري رهيا آهن. قاتل بهارين سان همدردي جا ڳڻ ڳائڻ لاءِ قومي اخبارون بنگلاديش جي پوئتي پيل وسندين جي پٺئين پاسي جا ڪجھ فوٽو به ڇاپينديون آهن ۽ ايئن محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ڄڻڪ هر بهاري اهڙن ئي گندن علائقن ۾ رهي پيو. اهو سڀ ڪجھ سراسر ڪوڙ آهي.
پوئتي پيل ملڪن ۾ هزارين اهڙن پاڙن، ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن (نگرن) جو ذڪر ڪهڙو ڪجي! ٿر ۽ ڪاڇي جو به ذڪر نه  ٿا ڪريون، پر پاڪستان توڙي بنگلاديش جي هر وڏي شهر ۾ اهڙا سوين پاڙا موجود آهن، جتي عام شهري حياتيءَ جي سهولتن جو نالو نشان ئي موجود ناهي. هيرالڊ 1990ع جي خصوصي پرچي ۾ بهارين بابت جيڪا رپورٽ ڇپي هئي، ان مان نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته هزارين بهاري ڪروڙين بنگالين، ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ بهتر حياتي گذاري رهيا آهن. رڳو ڊاڪا، بنگلاديش ۾ موجود ٻه بهاري ڪئمپون ڊاڪا جي بهترين سهولت مليل پاڙن مان هڪ آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ گلش اقبال ۽ حيدرآباد ۾ هيرآباد --- پڪيون جايون، ويڪرا رستا، سٺيون سهولتون، روزگار جا هزارين موقعا وغيره. ڪئمپ ۽ ڊاڪا جي پاڙي ۾ وڏو فرق آهي. جنهن به ماڻهوءَ کي فضيلت سان رهڻو ۽ ايمانداريءَ سان ڌنڌو ڪرڻو آهي، بنگالي هجي يا بهاري، بنگلاديشي حڪومت ڪو به فرق نه رکيو آهي، باقي جيڪي بدمعاش، چور، لُچ، ڌاڙيل، ٺڳ ۽ دهشتگرد آهن، جن لاءِ سڄيءَ دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪا نه ڪا سزا مقرر ٿيل آهي، تن کي بهاري هجڻ ڪري آجو ۽ خدا جي ڪا خاص مراعات يافته مخلوق سمجھيو وڃي، اهو ممڪن ناهي. ان قسم جا مجرم ماڻهو اهڙن علائقن ڏانهن لڏڻ گھرن ٿا جتي قانون کان محفوظ رهي، جاوا ڪري سگھن ۽ ان لاءِ کين پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڪراچيءَ کان وڌيڪ محفوظ سياسي قلعو دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. ان ڪري ئي هت اچڻ گھرن ٿا ۽ ان ڪري ئي هتان جا قاتل، دهشتگرد ۽ نمڪ حرام کين هت گھرائڻ گھرن ٿا.
12. تازين خبرن موجب ڀارت جي بهار صوبي ۾ عام ماڻهن جي به حالت اها آهي، جو ڪوئا پڪڙي پيٽ جي باهه اجھائن ٿا. سڀاڻي انهن مان سوين، هزارين ماڻهو اها دعويٰ ڪري سگھن ٿا ته جيئن ته سندن ناني، چاچي، ماميءَ، ماسيءَ، جو فلاڻو ڪِي فلاڻو اولاد، جيڪو مائٽيءَ ۾ اسان جو فلاڻو ڪي فلاڻو ٿئي، پاڪستان ۾ گذريل اڌ صديءَ کان پاڪستاني ٿيو رهيو پيو آهي ۽ اسين (يا اسان جا وڏا) ڀارتي حڪومت جي ناروا ظلمن ۽ تشدد سبب اتي لڏي وڃي نه سگھياسون، پر آهيون دل وَ جان سان پڪا پاڪستاني، جن جي وڏڙن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون ۽ هاڻي اسين پاڪستان، پنهنجي جان کان پياري وطن ۾ وڃي رهڻ گھرون ٿا، پر ڇا ڪيون جو هتي محصور ٿي ڦاسي ويا آهيون جنهنڪري عالم انسان جي ٺيڪيدار لارڊ اينلس ۽ عالم اسلامي جي سربراهن ۽ پاڪستاني ڀائرن کي گھرجي ته اسان جي واهر ڪن ۽ پهر وهن، ته پوءِ، پاڪستان جي حاڪم ۽ حڪمرانن وٽ ڪهڙو سبب هوندو جو کين ”ڀارت ڪِي ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني“ کان سواءِ ڪو ٻيو نالو ڏئي سگھن؟
بدقسمتيءَ سان سنڌين جي پتيءَ ۾ آيا يا انهن جي ڪنڌ تي چڙهي ويا آهن قائم علي شاهه، محمد خان جوڻيجي، غلام مصطفيٰ جتوئي، ڄام صادق ۽ مظفر حسين شاهه جھڙا ليڊر. اهي سڀاڻي ڪهڙو جواب ڏيندا، کين  محصور پاڪستاني سڏيندا يا نه؟
13. موجوده ڀارتي سرحدن منجھ نام نهاد مذهبي جھيڙا گذريل ڏيڍ سَو سالن کان هلندا پيا اچن ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني تيستائين جاري رهڻا آهن جيستائين رواداري، سهپ ۽ سڀني لاءِ برابر مذهبي آزادي مڃڻ بدران ڌڙي بندي ۽ ڪٽر عقيدي پرستي موجود آهي، جنهن جو هر پوئلڳ رڳو پنهنجي ئي دين، ڌرم يا فرقي کي حاڪم ۽ بالاتر ڏسڻ گھري ٿو. سڀاڻي جيڪڏهن ڀارت ۾ رهندڙ 26-ڪروڙ مسلمان (جيڪي پياري پاڪستان جي آباديءَ جي ٻيڻ کان به وڌيڪ آهن) سنڌ جي دهشتگردن ۽ بنگالي عوام جي قاتلن جيان اها دعويٰ ڪن ته اسان جي وڏڙن جي قربانين صدقي ۽ انهن جي جدوجھد جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان ٺهيو هو، اسان جا مٽ مائٽ هندن جي تشدد سبب پاڪستان لڏي ويا، پر اسين ڪافرن جي گهيري ۾ اڙجي هتي ئي ڦاسي رهجي ويا آهيون، تنهنڪري اسان کي ڪڦاٿل پاڪستاني سڏيو ۽ سمجھيو وڃي ۽ ”دَٻ دِينو تي درخواست“ جيان مسلمان ملڪن جي سربراهن، بهارين جا پرڏيهي سرپرستن (جيڪي ان ڌنڌي ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن) ۽ پاڪستان جي حاڪمن ڏانهن نياپن سنيهن جي ڊڙي لائي ڏين، ته پوءِ پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ڪهڙو سبب هوندو ۽ ڪهڙي تشريح ڪري کين ڪڦاٿل پاڪستاني نه سڏيندا؟
14. بلڪل ساڳيءَ طرح بنگلاديش جا سمورا بيروزگار ماڻهو ڪڦاٿل پاڪستاني هجڻ جي درخواست داخل ڪري سگھن ٿا، پوءِ سرڪار وٽ ڪهڙو سبب هوندو، جو کين پاڪستاني نه سمجھي؟
15. پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن تعليم تي سالياني خرچ جي ٻيڻ جيترا پئسا خانداني رٿابنديءَ جي پروپئگنڊا لاءِ سيڙائي رکيا آهن ۽ ڊيڄارين پيا ته 2015ع تائين پياري پاڪستان جي آبادي 24-ڪروڙ ٿي ويندي ۽ ان جي ڪري آڏو ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ممڪن نه هوندو. پيارو پاڪستان اڳ ئي منجھيل مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ حاڪم ويٺا ايڊهاڪ بنيادن تي ڪم ٽپائين. سرڪار جي حالت اها آهي جو گذريل چئن سالن ۾ هڪ نوڪري به فضيلت واري رسمي طريقي سان نه ڏئي سگھي آهي. مهانگائي ڏينهون ڏينهن حرامخور ۽ گبر سيٺين جي پيٽن جيان وڌندي پئي وڃي. ڪارو ڌن اڇو ٿي ويو. پرڏيهه مان پنڻ ۽ قرض وٺڻ کان سواءِ وک وجھي نه ٿا سگھن. نفعيدار ڪارخانا نجڪاري جي ور چڙهي ويا ۽ بوگس فئڪٽريون ڦندو ٿي ڳاٽي ۾ پئجي ويون آهن. هر سرڪاري توڙي نجي کاتي جي هيٺين سطح واري نوڪري ڪندڙن پاران هڙتالون ۽ احتجاج پيا هلن ۽ اهي بک ۽ اڻپورت واري حياتي گذارڻ تي مجبور ڪيا پيا وڃن. رڳو سترهين گريڊ ۾ نوڪرين وٺڻ جي لائق پر بيروزگار ماڻهن جون 75-هزار کان وڌيڪ درخواستون پهچن ٿيون، ته ان کان گھٽ سطح تي ڪهڙو حال هوندو، تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو ناهي. ڌاڙا، چوريون، ڦرلٽ، ڀتا، چندا، رشوت، مٿڪي ۽ منٿلي ايترا ته وڌي چڪا آهن جو انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ لکين بهارين جو ڪٽڪ گھرائڻ، ان کي پاڪستاني عوام جي ڪنڌ تي چاڙهڻ ۽ موجود مسئلن ۾ اڃا به هٿرادو واڌارو ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا اها پاڪستان ۽ ان جي حقيقي قومن سان دشمني ناهي؟ اهڙن پاڪستان دشمن عملن جي ذميوارن کي آڏي پڇا هيٺ ڇو نه آندو وڃي؟
(هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي، ته هن وقت تائين پاڪستان سرڪار، بهاري پرستن يا ان جي مخالفن پاران، بهارين بابت پڪا انگ اکر نه ڏنا ويا آهن. گھٽ ۾ گھٽ سندن انگ ساڍا ٽي لک ۽ وڌ ۾ وڌ لڳ ڀڳ سورهن لک ڄاڻايو ويو آهي.)
16. (الف) سرڪار وڏي وات ٻٽاڪون پئي هڻي ته گھرائجندڙ بهارين کي پنجاب ۾ رهايو ويندو ۽ اتي ئي سندن روزگار وغيره جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. جيڪي پنجابين جي پڳ کي باهه يا داغ لڳي وڃڻ جا هاواڻا پکيڙي، غيرت جي باهه اوڳاڇيندڙ مجسمو بڻجي، اکيون ڦوٽاري ۽ ڳاڙهيون ڪري پنجابين کي روزگار جي ضمانت ڏيڻ جا ڍنڍورا ڏئي رهيا هئا، ڇو پنهنجي قوت کي پاڻي نه ڏئي سگھيا آهن؟ ڇا اها پنجابي عوام سان سراسر بدمعاشي، ٺڳي ۽ غداري ناهي؟ پنجابي ويچارا جيڪي پنهنجي گھر گھاٽ ۽ اوڙي پاڙي ته ڇا، پنهنجي صوبي ۽ ملڪ کان پري روزگار جي ڳولا ۾ ڌڪا کائيندا وتن، اڳ ۾ انهن جي روزگار ۽ رهائش جو بلو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا اهي سندن هم وطن ۽ پاڪستاني ناهن؟
جيڪڏهن لکين بهارين جي رهائش ۽ روزگار جو بلو ڪري سگھجي ٿو، ته پهريائين پنجاب مان خاص طرح سنڌ (جيڪا بيروزگاريءَ ۽ مسئلن جو بيتاب سمنڊ بڻجي وئي آهي) ڏانهن لڏي ايندڙ پنجابين جو بلو ڪري ڏيکاريو وڃي. ڇا پنجاب جي حاڪمن وٽ ايترا ۽ اهڙا وسيلا آهن جو پنهنجي ئي صوبي جي دائمي، فطري ۽ تاريخي رهاڪن کي پنهنجي ئي زمين تي سندن گھر گھاٽ ويجھو آباد رکي سگھي؟
سرڪار جي ان دعويٰ ۾ ڪجھ ٿوم تڏهن نظر اچي ها جڏهن وٽن روزگار ۽ اجھي جا ايترا ته ججھا وسيلا موجود هجن ها، جو پاڪستان جي ٻين صوبن ئي نه، پر ٻين ڏيهَن کان به ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ اتي (پنجاب) اچن ها --- پر گنگا ته ابتي پئي وهي! سرڪار جي دعويٰ تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو؟
(ب) اها ڪهڙي ضمانت آهي جنهن جي بنياد تي مڙهجندڙ بهارين کي پنجاب ۾ ئي رهڻ تي مجبور ڪري سگھبو؟ ڇا کين جدا نموني جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏنو ويندو؟ ڇا پنجاب جي رهاڪن کان سنڌ ۾ اچڻ جو سبب پڇي سگھبو؟ ڇا سنڌ جي سرحدن تي چوڪيون مقرر ڪيون وينديون جتان اڪرندي کانئن آڏي پڇا ٿي سگھندي ۽ غير قانوني ۽ ناجائز طرح سرحد پار ڪندي کين پڪڙي سزا ڏئي سگھبي؟ يا، ڇا انهن جي نراڙ تي پنجاب جو رهاڪو بهاري لکيل هوندو؟ نيٺ اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن وسيلي مڙهجندڙ بهارين کي سنڌ ڏانهن اچڻ کان جھلي سگھبو؟
(ث) گذريل 50 سالن دوران جيڪي حاڪم ۽ حڪمران سرحد بندين، چوڪين، فوجن، ايجنسين ۽ پوليس جي زبردست پهري ۽ طاقت باوجود غير قانوني ايندڙ لکين ڌارين کي پاڪستان منجھ اچڻ کان جھلي نه سگھيا ( ۽ نه ئي ڪڍي سگھن ٿا) ۽ ڄاتل سڃاتل پنجن دهشتگردن کي 22-ايجنسين جي سهڪار باوجود پڪڙي نه ٿا سگھن (۽ انهن جي گرفتاري لاءِ لکين رپين جي لالچ وارا پوسٽر ۽ اشتهار پيا ورهائن)، اهي ڪيئن ڪو اهڙو (۽ ڪهڙو!؟) طريقو ٺاهي سگھندا جنهن وسيلي مڙهجندڙ بهارين کي سنڌ ۾ اچڻ کان جھلي سگھجي، جڏهن ته انهن جا عزيز مائٽ اڳ ئي لکن جي ڳڻپ ۾ سنڌ جي مختلف حصن تي قبضيگير نيت رکندي رهيا پيا آهن ۽ ويٺا دهشتگرديون، سازشون ۽ قتلام ڪن.
(ج) سجاڳ سنڌي ماڻهو سمجھن ٿا ته بهارين کي گھرائي هتي مڙهڻ نه رڳو سنڌ، پر پاڪستان سان به دشمني آهي. هي اهي ئي ته آهن جن اختيار نه هوندي به قانون کي هٿ ۾ کنيو ۽ انهن ماڻهن سان بي پناهه ۽ اڻ ڳڻيا ظلم ڪيا جيڪي هم مذهب (مسلمان)، هم وطن (پاڪستاني) ۽ سندن محسن هئا. انهن پنجاهه لک بنگالين جو ته رڳو ڪوس ڪيو آهي ۽ ٻيا ڏوهه ڌار. مٿن خونن، زنائن، ڌاڙن، چورين، ڦرلٽن، سازش ۽ ملڪ ۽ قانون سان غدارين جا لکين ڪيس پوڻ ۽ انهن موجب واجبي سزائون ملڻ گھرجن. پاڪستان جي وڏي آباديءَ واري اڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ سندن به هڪ وڏو حصو آهي. اهي ملڪ جا غدار ۽ انسانن جا دشمن آهن.
سندن مائٽ جيڪي پڻ کانئن هر بڇڙائيءَ ۾ ٻه وکون اڳتي آهن، انهن جي سڀني ڏوهن جو ذڪر ته محض ورجاءُ هوندو، پر اهي به پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ان جو هڪ حصو ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي بدنيت رکيو ويٺا هئا ۽ ان لاءِ ئي دهشتگردي ۽ ڪوس جي بازار گرم ڪري رکي هئي. (اهڙا ثبوت پاڻ فوج پڌرا ڪيا آهن)، هي به ملڪ جا غدار ۽ انسانن جا دشمن آهن.
جڏهن ٻئي پاڻ ۾ ملي ويا، ته باقي بچيل پياري پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟
17. جيڪڏهن پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان غداري ۽ دشمني ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ئي ورتو آهي ۽ پنهنجي چوڻ موجب بنگالي عوام جا قاتل گھرائي پنجاب (خصوصاً سرائيڪين) جي ڪنڌ تي سوار ڪرڻا ئي آهن ۽ سنڌ ڏانهن انهن جي اچڻ کي روڪي به سگهبو ته پوءِ هڪ ئي طريقو باقي وڃي بچي ٿو ته:
- سنڌ حڪومت پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ (سوورين، sovereign) هجي، ۽ سنڌ جي سرحدن جي سنڀال سنڌ حڪومت جي حوالي هجي. سنڌ  جي پنهنجي، خاص طرح وطن دوست سنڌين تي ٻڌل ملٽري ۽ پوليس هجي، جيڪي سرحدن ۽ گھريلو قانوني مسئلن جي سنڀال ڪري سگھن. سنڌ جا پنهنجا ڏيهي قاعدا ۽ قانون هجن ته جيئن سمگل ٿي داخل ٿيندڙ ناجائز ۽ غير قانوني پرڏيهين کي جھلي، بند ڪري، سزا ڏئي ۽ موٽائي سگھجي. سنڌ جو سِڪو مخصوص هجي جنهن جي مٽاسٽا سنڌ ۾ ئي ٿي سگھي ته جيئن جيڪو ناڻو سنڌ کان ٻاهر موڪليو وڃي اهو هر حالت ۾ سنڌ حڪومت جي ڌيان ۾ اچي. سنڌ ۾ ڳنڍپ جا وسيلا (هوائي، سامونڊي ۽ خشڪيءَ جا رستا، ۽ انهن تي هلندڙ سموري ٽرئفڪ، ٽيليفون، ريڊيو وغيره) سنڌ حڪومت جي نگهباني هيٺ هجن، ۽ ٻيا ضروري اپاءَ جيڪي سنڌ حڪومت مناسب سمجھي.
پاڪستان جا حاڪم ۽ حڪمران جيڪڏهن اکين تي پَٽي ٻڌي انڌ جي گھوڙي تي سوار نه ٿيا آهن، ته کين ملڪ جي ۽ عوام جي ڀلائيءَ بابت ٻيهر سوچ ويچار ڪرڻو پوندو.
اسيمبلي ميمبرن، قانوندانن، سياستڪارن ۽ سرنديءَ وارن سنڌ جي گهڻگھرن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ گھرجن، جنهن ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کان پاڪستانيءَ جي وصف ۽ وضاحت گھري وڃي ۽ جيستائين اهي ڪا واضح، مناسب ۽ قابل قبول وصف ۽ وضاحت بيان ڪن، تيستائين پاڪستان کان ٻاهر، هڪ هزار ميل پري، هڪ ٻئي ملڪ بنگلاديش ۾ اتي جي رهاڪن لاءِ ٺهندڙ ناجائز پاڪستاني پاسپورٽن خلاف اسٽي آرڊر ورتو وڃي (۽ يقيني بڻايو وڃي ته ان تي عمل ٿئي پيو). ٻئي پاسي، جيڪڏهن پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران سنڌ جي آواز ۽ احتجاج کي عزت ڏيندي بهارين جي آبادڪاري کان مُڙي وڃن (جيڪو في الوقت ناممڪن لڳي ٿو) پوءِ ته واهه واهه، پر جي هروڀرو نه ٿا مڙن ۽ کين پنجاب ۾ محدود رکڻ گھرن ٿا، ته اهڙين ضمانتن جو بندوبست ڪرائي ورتو وڃي، جنهن موجب انهن کي سنڌ ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ تي ناجائز ۽ غير قانوني سڏي ۽ سمجھي، اهڙن ناجائز ۽ غيرقانوني ڌارين کي واجبي سزائون ڏئي، سنڌ مان تڙي ڪڍي سگھجي، ۽ اهو پڻ واضح ٿيڻ گھرجي، ته ڌارين کي پاڪستان (يا سنڌ) ۾ گھرائڻ سنڌ ئي نه، پر پاڪستان سان دشمني ۽ غداري آهي.
(روزاني ”جاڳو“، 3-ڊسمبر 1992ع کان 6-ڊسمبر 1992ع تائين، چئن قسطن ۾ ڇپيل)



 قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن
بهاري روڪيو- سنڌ بچايو

سنڌ مٿان نئين ڪاهه جاري آهي. بنگلاديش مان قاتل بهارين جا ڪٽڪ سنڌ تي ڪڙڪي رهيا آهن. سنڌي ماڻهو ڇا هن ڌاري لشڪر جو مڙس ٿي مقابلو نه ڪندا؟
اڳوڻي زماني ۾ به قبيلن، قومن ۽ ملڪن تي ڪاهون ۽ چڙهايون ٿينديون هيون ۽ هاڻي به ٿين پيون. اڳوڻي زماني ۾ ههڙي ڪاهه جو ٻڌي جبلن جي چوٽين تي وڏا مچ ٻاري سڄي قبيلي کي خبردار ڪيو ويندو هو ۽ مقابلي لاءِ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويندو هو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تيز رفتار قاصد ڊوڙندا هئا. جيڪي جتي هوندا هئا اهي اتي پنهنجا ذاتي سڀ ڪم ڇڏي، ڪلي ڪوڏيا ٿي، دشمن سان مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ڏانهن ڊوڙندا هئا ۽ سڀني کي للڪاريندا هئا. ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ديس ۽ قوم تان سر گھوري سرها ٿيندا هئا يا نيٺ دشمن کي ماري مڃائيندا هئا. سٿين، هون، آريا، يوناني ۽ ايراني ڪاهه ڪندڙ ڪٽڪ جڏهن سنڌ تي ڪڙڪيا، تڏهن سنڌين حملي جي خبر ٻڌڻ شرط ايئن ڪيو. هنن ڪڏهن کٽيو ته ڪڏهن هارايو، پر ائين ڪڏهن به ڪو نه ٿيو ته حملو ٿئي ۽ ان جو سنڌين پاران ڪو به مقابلو نه ٿئي.
سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ اڄ پهريون ڀيرو هڪ رهزن ۽ قاتل ڪٽڪ سنڌ تي بنا مقابلي چڙهي رهيو آهي. اڄوڪي دَور ۾ ٻي ڪنهن قوم تي اهڙي خطرناڪ دشمن جي ڪاهه ٿئي ها، ته هڪدم خطري جا گھگھو وڄي وڃن ها، فوراً هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو وڃي ها، پارليامينٽ گڏ ٿئي ها، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان قومي گيت وڄن ها، قوم کي مقابلي لاءِ للڪاريو وڃي ها ۽ هٿياربند فوجن کي هوشيار رهڻ جو حڪم ملي ها، پر هينئر ايئن پيو لڳي ڄڻڪ ڪجھ به نه ٿيو آهي، سڀ خير آهي!- اها حالت نه هئڻ گھرجي.
بهاري انهن لکين قاتل ماڻهن جو ٽولو آهن جن پنهنجي خوني، وحشي ۽ گندي فطرت جي ابتدا ان ئي ڌرتي تي ڪئي جنهن تي ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اهي ڀارت ۾ بهار صوبي جا رهاڪو هئا جتي انهن پنهنجن جھيڙن کي مذهبي رنگ ڏئي پنهنجي ڏيهه واسين کي وحشين جيان ڪُهڻ شروع ڪيو ۽ هزارين مائرن جون جھوليون اجاڙي، پيئرن کي نپٽو ڪري ۽ ٻارڙن جا وڏا ڪهي کين ڇورو ڇنو ۽ يتيم ڪري ڇڏيو. نيٺ اتان ڌڪجي ۽ ڌڪارجي نڪري ويا ۽ وڃي بنگال (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ رهيا.
انهن جھڙا، انهن جا ٻيا ڀائر، ڀارت جي ٻين علائقن کان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پهتا ۽ اچڻ سان ئي سنڌ جي پيداواري وسيلن ۽ شهرن تي ائين ڪڙڪيا جيئن ڪنهن فصل تي مڪڙ، ۽ پهرين سَٽ ۾ پناهه ڏيندڙ محسن سنڌي ماڻهن کي جاهل، ڄٽ ۽ ڳنوار سڏي سنڌي ٻولي کي ڪورٽن، دفترن ۽ يونيورسٽين مان ڪڍرائي سنڌ کي ون-يونٽ جي زنجيرن ۾ جڪڙائي ڇڏيائون.
اهو ساڳيو ڪم بنگال ۾ بنگالي قوم خلاف قاتل بهاري ڪندا رهيا. بنگالين کين پنهنجي ڌرتيءَ تي پناهه ڏني، پر هنن جلادن موٽ ۾ اهو اجورو ڏنو جو سادن، سٻاجھن، سچار ۽ سلڇڻن بنگالين کي جاهل، ڄٽ، ڳنوار، اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، علحدگي پسند ۽ ڀارت جو ايجنٽ سڏي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. بنگالين کان سندن ٻولي کسڻ جو ڪوشش ڪئي ۽ کين ثقافتي طرح غلام بنايو. بنگالي عوام جڏهن به پنهنجن ڦريل قومي حقن کي موٽائي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن قاتل بهارين پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن جو ساٿ ڏيندي انهن جي دلال ۽ ڀاڙيتو فوجيءَ جو ڪم ڪيو ۽ بنگالي عوام جي هر حق پرست جدوجھد کي پٺيءَ ۾ خنجر هنيو. 1970ع ۾ بنگالي عوام جڏهن پنهنجن قومي ۽ جمهوري حقن لاءِ آواز پئي اٿاريو، تڏهن هڪ پاسي پنجابي-پناهگير ڦورو حڪمرانن مٿانئن فوجي ڪاهون پئي ڪيون، ته ٻي پاسي هي قاتل بهاري نه رڳو انهن فوجين سان گڏ هئا، پر انهن جماعت اسلامي جي جھنڊي هيٺ ”الشمس“ ۽ ”البدر“ جھڙيون قاتل، رهزن، انسان دشمن ۽ نيم فوجي تنظيمون ٺاهي، بنگالي عوام جو ڪوس پئي ڪيو. اهي قاتل بهاري ئي هئا جن ڪڏڪندڙ بنگالي ٻارڙن جي سينن ۾ سنگينون ٽُنبي مٿي کنيو. ٽن لکن کان وڌيڪ بنگالي عورتن ۽ نياڻين جا ارهه ڪَپيا ۽ سندن لڄون لٽيون ۽ مجموعي طرح ٽيهه لک بنگالي ماڻهن --- مردن، عورتن توڙي ٻارڙن --- جو قتل عام ڪري چنگيز، هلاڪو ۽ هٽلر جي بربريت ۽ ظلم کي به مات ڏئي ڇڏي. هنن بهاري قاتلن جا خوني چنبا بنگالي عوام جي رت سان رڱيل آهن ۽ سندن ٻُوٿن تي سامراجي گند ۽ ڪِنُ ٿڦيو پيو آهي.
گذريل چاليهن سالن کان سنڌ ۽ سنڌين جي وجود خلاف جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي حقير ٿورائي (اقليت) ۾ بدلائڻ جا جيڪي ڪڌا ڪرتوت پيا ٿين، انهن سازشن ۽ ڪرتوتن ۾ پنجاب ڦورو طبقن سان گڏوگڏ پناهگير ڦورو ٽولو به اڳ اڳرو رهيو آهي. بهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ دراصل سنڌ ۾ سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي مڪروهه ۽ خوفناڪ سازش آهي.
سنڌ مٿان اڳ ئي ٻين صوبن ۽ ملڪن کان ايندڙ ڌارين ماڻهن جو ڳَرو بار آهي. سنڌ جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي. سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي روزگار نه ٿو ملي، سنڌين کي پنهنجن اباڻن پَڊن ۽ شهرن ۾ اوپرو ڪيو ويو آهي، ڪڏهن فوجون پيون گوليون وسائن، ته ڪڏهن ڪٽر پناهگير پرست سنڌ دشمن ٽولي جا دهشتگرد داداگير ٿا سنڌي ماڻهن کي ڪُهن ۽ ساڙن.
ڪٽر سنڌ دشمن پناهگير دهشتگرد ٽولو ۽ سندس ڳجھا توڙي پڌرا حواري، بنگالي عوام جي قاتل بهاري لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرائي، هڪ طرف پنهنجي ڳڻپ ۽ دهشتگرد قوت کي وڌائڻ گھري ٿو، ته ٻي طرف سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪري سنڌ جي شهرن ۽ پيداواري وسيلن تي دائمي طرح قابض ٿيڻ گھري ٿو. جيڪي بهاري پنهنجي تاريخي اباڻي ڌرتي --- بهار --- ۾ امن ۽ سُڪون سان رهي نه سگھيا، جيڪي گذريل چاليهن سالن کان بنگال ۾ رهندي پنهنجا مفاد ان ڌرتيءَ جي رهاڪن سان ڳنڍي، ان ڌرتيءَ جي محسن ماڻهن جا خيرخواهه نه ٿي سگھيا، سي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيڪي ڀلايون ۽ ڀال ڪندا، انهن جو اندازو هر ماڻهو ڪري سگھي ٿو.
چار لک بهارين ٽيهه لک بنگالين جو ڪوس ڪيو ۽ انهن جي کربين رپين جي ملڪيت کي باهيون ڏنيون. هتي سنڌ ۾ انهن جي خيرخواهه ساٿي ۽ ڪٽر پناهگير پرست دهشتگرد ٽولن سنڌي عوام سان جيڪي ويل وهايا آهن، اهي ڪنهن کان به لڪل ناهن. جيڪڏهن انهن دهشتگرد ٽولن سان بهارين جھڙا قاتل وحشي درندا به ملي ويا، ته سنڌين جو حشر ڇا ٿيندو، اهو سڀ ڪو سمجھي سگھي ٿو.
سنڌ اڳي ئي ڌاري آباديءَ جي زبردست دٻاءَ هيٺ آهي ۽ انيڪ سياسي، سماجي، معاشي، اقتصادي، ثقافتي ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار آهي. سنڌ ۾ بک ۽ بيروزگاري عام ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي ٿر ۽ ڪوهستان ۾ زبردست ڏڪار آهي ۽ مجموعي طرح سنڌي ماڻهو بک ۽ بيوسي ۾ مبتلا ڪيا ويا آهن. هاڻي سنڌ ڪنهن به طرح ڌاري آباديءَ جي دٻاءَ کي سَهي نه ٿي سگھي. سنڌي ماڻهو اڳ ئي ڌارين کي هتان ڪڍڻ لاءِ جدوجھد پيا ڪن ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار کان بيزار آهن. ڌارين کي هتان ڪڍڻ بدران، اٽلو، هي قاتل بهاري ڪٽڪ اچي رهيا آهن. سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن اردو پريس انهن کي ”محصور پاڪستاني“ يا ”جلاوطن پاڪستاني“ جهڙا ناجائز نالا ڏئي کين سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ لاءِ ماحول سازگار بنائي رهي آهي.
جن ماڻهن پاڪستان جي ڌرتيءَ کي ڏٺو ئي نه آهي، جن جو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي يا حقيقي قوم سان ڪو به تاريخي ناتو ناهي، جن جو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي يا وسيلي تي ڪو به تاريخي حق نه آهي، اهي ڪيئن ٿا پاڪستاني سڏي سگھجن!؟
بهاري ڪنهن به طرح پاڪستاني ناهن. اهي ڀارت کان ڀَڳل وحشي، قاتل، جلاد، رهزن ۽ فرعون صفت دهشت گرد آهن، جن بنگالي عوام جي رت سان هولي کيڏي ۽ هاڻي سنڌ ۾ راڱا ڪرڻ لاءِ گھرايا پيا وڃن.
جيڪڏهن سعودي يا لبيا حڪمران ٽولي کي سندن مسلمان هجڻ سان همدردي آهي، ته انهن کي سنڌ مٿان مڙهڻ ۾ مدد ڇو پيا ڪن ۽ پنهنجن ملڪن ۾ آباد ڇو نه پيا ڪن!؟
ڇا سنڌ ڪو بين الاقوامي يتيم خانو آهي، جو پنهنجي ڌرتيءَ جو ڌڪاريل غدار جتان ٿو تڙجي، ته ڌُو اچيو سنڌ ۾ ڪري؟ برمي، سيلوني، افغاني، ايراني يا ڀارتي ڀاڄوڪڙ جڏهن به پنهنجي وطن سان غداري ڪرڻ سبب تڙيو ويو آهي، تڏهن ان جو رخ سنڌ ڏانهن ئي رهيو آهي، ڇو؟ ۽ سمورن ڌارين جو اهو ئي سنڌ دشمن ارادو پئي رهيو آهي، ته ڀل ڌڪاريل ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿين، ڇو؟
پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن پنهنجي فوجي ۽ سازشي قوت ۽ غدار سنڌي وڏيراشاهيءَ جي مدد سان هر تڙيل ۽ غدار ڌاريي کي سنڌ مٿان پئي مڙهيو آهي.
سنڌي ماڻهوءَ هاڻي پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن، سندن عالمي آقائن ۽ ڏيهي غدارن جي بدمعاشين کي پرکي ورتو آهي ۽ ڪنهن به ڌاري ڦوروءَ کي سنڌ مٿان مڙهجڻ نه ڏيندو.
سنڌي عوام جي سجاڳيءَ کان ڊڄي سازش ڪري ائين به چيو وڃي ٿو، ته بهارين کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ آباد ڪيو ويندو.
سڀ کان پهرين ڳالهه، ته جڏهن اهي قاتل بهاري ”پاڪستاني“ آهن ئي ڪو نه، ته پوءِ کين پاڪستان ۾ ڇو گھرايو وڃي؟
ٻي ڳالهه، ته اهي چاليهن سالن کان بنگال ۾ رهن پيا ۽ اتي جي حڪومت کين اتي ئي رهائڻ لاءِ تيار آهي، پر ان شرط تي ته ان ڌرتيءَ جا وفادار ۽ شريف شهري ٿي رهن، ته پوءِ پاڪستان آڻڻ جو ڪهڙو سبب؟
ٽين ڳالهه، ته پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي ۾ اها ڪهڙي ضمانت آهي، ته اهو وحشي ٽولو سنڌ ۾ نه ايندو، جڏهن ته پاڪستان جا ٻيا صوبا انهن کي پاڻ وٽ ٽِڪائڻ لاءِ تيار به نه آهن. پاڪستان جا ٻيا صوبا ته پنهنجن اصلوڪن رهاڪن کي به پاڻ وٽ ٽڪائي نه ٿا سگھن ۽ انهن جا رهاڪو روزانو ريل گاڏيون ڀريو سنڌ مٿان ڌوڪيندا پيا اچن. ڇا اهو ممڪن هوندو، ته بِهاري اتي ئي رهن ۽ سنڌ ڏانهن نه اچن؟
چوٿين ڳالهه، ته بهارين جا تاريخي ساٿي، سندن ڀلارا ڀائر، گذريل چاليهن سالن کان سنڌ ۾ ويٺا آهن ۽ سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن کي خاص طرح سنڌ جي وڏن شهرن مان قطعي تڙي ڪڍڻ ۽ پنهنجو دائمي قبضو ڄمائڻ لاءِ کلي عام دهشتگردي، داداگيري، ڪوس، قتلام ۽ ڦرلُٽ تي لهي آيا آهن. هاڻي ته انهن ”سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي“ جو نقاب به لاهي ڦٽو ڪيو آهي ۽ انهن وحشين کي ئي هنن وحشي بهارين جي گھرج آهي ۽ سندن کاڌو پيتو، خرچ کپو ۽ رهائش جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهن. ڇا اهي چاهيندا ته سندن ظاهري طرح ميسڻا ۽ حقيقت ۾ ڀائر ڪنهن ٻي صوبي ۾ رهن؟
رڳو هڪ ڀيرو اهي قاتل بهاري هيڏانهن اچن، ٻئي ڏينهن اهي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ نظر ايندا.
حقيقت هيءَ آهي ته قاتل بهارين کي رڳو ان لاءِ گھرايو پيو وڃي، ته جيئن سنڌي عوام جي اسريل قومي شعور ۽ انقلابي قوت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي سگھجي ۽ سنڌي ماڻهن کي ٿورائي ۾ تبديل ڪري سنڌ ۾ ڌارين جي دهشتگرد قوت ۽ ڳڻپ کي وڌائي سگھجي.
سنڌيو!
·          بهارين ۽ ٻين صوبن (خاص طرح پنجاب) ۽ ٻين ملڪن کان ڌاريا گھرائي، ڌارين کي گھڻائيءَ ۽ سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي،
·          اسان جا قيمتي ۽ املهه وڏا شهر اسان کان ذري گھٽ کسجي چڪا آهن،
·          اسان جي سرسبز ۽ آباد زمين جو اٽڪل ٽيون حصو ۽ لڳ ڀڳ سمورا پيداواري وسيلا ڌارين جي ناجائز قبضي هيٺ آهن،
·          سنڌي ماڻهو پنهنجن ئي وڏن شهرن ۾ ڪُسجي رهيا آهن ۽ ننڍن شهرن ۾ به سندن مال ۽ جان محفوظ ناهي،
·          سنڌي ٻوليءَ کي ذري گھٽ ڏيهه نيڪالي ملي چڪي آهي، وڏن شهرن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ ننڍن شهرن ۾ بند ڪرڻ جون تياريون ٿي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به ٻوليءَ کي جيڪي حق ملڻ گھرجن، اهي سنڌي ٻوليءَ کي ملڻ بدران ڌاري ٻوليءَ کي ڏنا ويا آهن.
سنڌيو، ياد رکو ته:
·    فلسطين ۾ فلسطينين سان به پهريائين ايئن ئي ٿيو هو ۽ پوءِ يهودين پنهنجي گھڻائيءَ جي زور تي فلسطينين کي پنهنجي ئي تاريخي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ۽ فلسطيني اڄ ڏينهن تائين رت روئيندا پيا رهن ۽ بمن ۽ گولين جي وسڪاري هيٺ ڀسم ٿيندا رهن ٿا.
·    آمريڪا ۾ به، اتي جي اصلي رهاڪن (ريڊ انڊين) سان ايئن ئي ٿيو. ٻاهران آيل ڌارين دهشت، داداگيري، بارود ۽ بمن جي زور تي ريڊ انڊين کي ماري تباهه ڪري رُڃ ۾ رلائي ڇڏيو.
سنڌيو! ڪجھ سوچيو، ته جڏهن پاڻي پڳ کان مٿي چڙهي ويو، ته پوءِ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي اقليت ۾ بدلجي ويا، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اهي بهاري قاتل ۽ جلاد آهن، وحشي ۽ درندا آهن، انساني روپ ۾ خوني بلا آهن، هنن جو وجود بي حيائي، نمڪ حرامي ۽ غداريءَ جي خمير مان ٺهيل آهي، هنن جو پير نحوست ۽ نڀاڳ جي نشاني ۽ قتل عام جو پروانو آهي، هنن جو ذهن مڪر، فتني ۽ فساد جو کورو آهي، اهي هلاڪو، نادر شاهه ۽ هٽلر جو ناپاڪ ۽ نجس روحاني تخم آهن، اهي سنڌ لاءِ فساد، خون، موت ۽ تباهيءَ جو پيغام آهن، اهي هڪڙي مظلوم قوم (بنگالي قوم) کي رت ۾ وهنجاري، هاڻي ٻي مظلوم ۽ ماريل سنڌي قوم کي تباهه ڪرڻ پيا اچن، اهي پناهگير دهشتگردن جا اهي ساٿي آهن جيڪي سنڌين کان سنڌ کسي، پرمار ڦورو قاتلن کي سنڌ جو وارث ۽ آقا بنائڻ گھرن ٿا. بهارين جي اچڻ سان سنڌ سنڌين جي ڪوس گھر ۾ بدلجي ويندي، سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلجي ويندا ۽ سنڌين جو حشر ريڊ انڊين ۽ فلسطينين کان به بدتر ٿي ويندو. چوطرف خونريزي ٿيندي ۽ هن ڌرتيءَ جو رهيو کهيو امن ۽ سڪون به برباد ٿي ويندو.
سنڌيو! ڇا توهان اهو سڀ ڪجھ ٿيڻ پسند ڪندَو؟
ڇا لکين سنڌين آڏو ڌرتيءَ جا قاتل سنڌ ۾ داخل ٿي ويندا؟
ڇا سنڌ کي بيروت ۽ سنڌين کي ريڊ انڊين بنجڻو پوندو؟
ڇا سنڌي ماڻهو پنهنجي مقدس ڌرتيءَ تي بهارين جي ناپاڪ ۽ قاتل وجود کي برداشت ڪري سگھندا؟
ڇا سنڌي ماڻهو اهو چاهيندا، ته سندن عظيم سون-ورني ڌرتيءَ کي قتل گاهه ۾ تبديل ڪيو وڃي؟
ڇا هوشو، هيمون، دودي ۽ فاضل جا وارث، لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا پوئلڳ، قاتل بهارين کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ سنڌ ۾ بنگال وارو خوني ڊرامو ورجائڻ جي موڪل ڏيندا؟
جي نه، ته پوءِ:
اوهين سڀ جيڪي سنڌي آهيو،
جيڪي هاري، مزدور ۽ شاگرد آهيو،
وڪيل، ڊاڪٽر، اديب ۽ دانشور آهيو،
پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، شهري توڙي ڳوٺاڻا، ننڍا توڙي وڏا آهيو، اوهين سڀ جيڪي سجاڳ، سمجھدار ۽ قومي غيرت رکندڙ آهيو،
اچو ته احتجاج بنجي اٿون،
اچو ته قاتلن خلاف، درندن خلاف، وحشين ۽ ظالمن خلاف للڪار بنجي اٿون، پاڻ ۾ ٻڌي ڪريون، منظم ٿيون ۽ جدوجھد ڪريون. فتح حق جي ٿيندي، سوڀ حق پرست سنڌي عوام جي ٿيندي.
(پمفليٽ طور لکيل مواد)



قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن
بهاري روڪيو- سنڌ بچايو

ڪو به ماڻهو دهشتگرديءَ کي پسند نه ٿو ڪري، سواءِ انهن جي، جن جا غليظ مقصد دهشتگرديءَ کان سواءِ پورا نه ٿيندا هجن. دهشتگردي امن امان ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي فضا کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، دهشتگرد قاتل ٿو ٿئي؛ هٿيارن جي زور تي ماڻهن کي دٻائي، هِيسائي ۽ ڊيڄاري پنهنجي غلائيءَ هيٺ رکي ٿو؛ ماڻهن کي ڪهي، ماري، ڦٽي ختم ڪري يا اپاهج بڻائي ٿو، گھر گھر ۾ هيبت ويهاري ۽ ماتم وجھي ٿو، روح رڙائي، اندر ڪنبائي ۽ جھوپا جھڻ ڪري ٿو: ملڪيتون، واپار، روزگار، پورهيا سڀ ٻوهي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ماڻهن جي زندگين ۾ زهر ڀري، ذهنن ۾ ڪفلتون ويهاري، نفرتن جو کٽيو کائي ٿو، سماجي، سياسي، ثقافتي، تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين کي، جن سان ذهنن ۾ روشنيون ۽ روحن ۾ توانائيون ڀرجن ٿيون، ختم ڪري، ڊپ ويهاري، ماڻهن جي دلين تي حڪومتون هلائڻ گھري ٿو. من من ۾ رڦڻي وجھي، مٿا موڳا ڪري، دلين ۾ دونهان ڀري، اونداهيون پکيڙي راڄ ڪري ٿو. دهشتگرد جي مڪروهه منهن تي مرڪ تڏهن تري ٿي، جڏهن ڪنهن جو ڪوسو ڪوسو رت ٺينڊيون ڪري وهي، جوان جسم ڦٿڪندي ڏسي، مائرن جا اوسارا ٻڌي، پيئرن جي اکين ۾ لڙڪ لڙن، ڀينرن جا سينا ڦاٽن، ڀائر ڀيلا ٿين ۽ ٻارڙا مايوس، ملول ۽ اٻاڻڪا هجن. هو معصوم ٽهڪن کي گولين جي ٽڙ ٽڙ ۾ دفن ڪري، روڄ راڙي تي رقص ڪري ٿو. سڙندڙ گھر، ڀڙڪندڙ ڀنڀٽ، جھپ هڻندڙ ڄڀيون ۽ اڀامندڙ دونهان هن جي ڪوڙهئي روح کي راحت بخشين ٿا ۽ ڇتي ڪتي جيان بنا ڪنهن تفريق جي هر لانگھائوءَ کي چَڪي چس وٺي ۽ گد گد ٿئي ٿو. بارود جي بوءِ هن لاءِ واس جو هڳاءُ بڻجي کيس سرهائي ۽ شڪتي مهيا ڪري ٿي. هن جي سوڀ اها آهي ته ماڻهو سڏڪندا رهن.
سنڌ ۾ گذريل اٺن ورهين کان کلئي عام دهشتگرديءَ ۽ ڪوس جي بازار گرم آهي، انساني سرگرميون مفلوج ٿي ويون آهن، حڪومتن جو وهنوار نه ٿو هلي، ماڻهن جا من مونجھا آهن، پر دهشتگردن ڏانهن رويو اهڙو رکيو ويو آهي، ڄڻڪ اهي سڄي وطن جا ’سورهيه سرواڻ‘ هجن. قاتلن تي آڱر کڻڻ بدران کين کيڪاري، جھولين ۾ ويهاري، چُورين جا لڏون کارائيندي، سندن الوليون ائين پيون سَٺيون وڃن ڄڻڪ البيلا پٽ هجن. قاتلن ۽ غنڊن سان ’سياسي ڪارڪنن‘ ۽ ’اڳواڻن‘ جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن مان هر هڪ جي سر تي ڏهاڪين انساني زندگيون لوڙهي ڇڏڻ جا چٽا ثبوت آهن. اسلام آباد، لاهور، پشاور يا ڪراچيءَ کان جو گيسي شروع ٿي ٿئي، ته لنڊن يا واشنگٽن وڃيو ساهي پٽي! دهشتگرديءَ ۽ قتلام جا دستاويز پڌرا ڪرڻ بدران پنهنجي ’شخصي معصوميت، ايمانداري، اشرافت ۽ نيڪ نيتي‘ جا ثبوت پيش ڪيا وڃن. قاتلن کي اگھاڙو ڪرڻ بدران کين پَڙ پارائي وڌيڪ پوتر ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جون نسبتاً سڀ کان وڌيڪ سگھاريون سياسي قوتون سندن در تي سجدا پيون ڪن. نيازمندي، نوڙت، نماڻائي ۽ نيرازيءَ جو ڇيهه وڃي اتي ٿو ٿئي، جو نه ڳاٽ ٿو کڄي ۽ نه ئي ڳوڙها ٿا سڪن، ڳچيءَ ۾ ڳارو، وات ۾ پادر، اکين ۾ آلهه، پير اگھاڙا، ڏٻرو ڏيل، جھڪيل ڪنڌ، نوڙيل چيلهه، وات ۾ ڌپ، دلين ۾ ڍونڍ ۽ سڏڪن جو سَٽڪو پيو پوي! دهشتگردن جي عقيدتمندن جا مهانڊا ۽ سندن مجري جا شوقين، ڪوٺي جا ڪوڏيا، ڪڏهن هڪڙا ته ڪڏهن ٻيا، پر ڪم اهو ئي ساڳيو!
سڀ سياڻا ماڻهو سمجھن ٿا، ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي آزاديءَ سان، ڄاڻي ٻجھي جيئرو رکيو پيو وڃي. ان جا ڪي نه ڪي ڪارڻ ضرور آهن، جن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪا ڪميڻائپ ۽ بدنيتي لڪل آهي. يا ته هن ملڪ جا سياسي اڳواڻ --- حڪومت ۾ هجن يا اقتداري مخالفت ۾ --- بدنيت آهن يا انهن جي مٿان، انهن جي پٺيان --- ”صاف ڇُپتا ڀي نهين سامني آتا ڀي نهين“ --- ڪي ”ڳجھيون“ يا ”سگھاريون“ قوتون آهن، جن جي نيت ۾ فتور ۽ من ۾ کوٽ آهي. دهشتگردن کي هروڀرو سياسي اڳواڻ ڪري پيش ڪرڻ تي سندرو ٻڌل آهي. ڳالهين جون مُرليون وڄائي، ڏيهه واسين جو رت نذرانو ڪري، کين ريجھائڻو، پرچائڻو ۽ جيئارڻو آهي. هو وطن ورهائي پرڏيهي ويري قوتن جو گروهه بڻائڻ لاءِ تيار، ڪو به غليظ ۽ وطن دشمن مطالبو ڇڏڻ جي وائي نه وارين ۽ هِي آهن جو پادرن ۾ وڇايا پيا آهن ۽ موچڙو کڻي سندن دوناڙ تي ٺڪاءُ نه ٿا ڪرائين --- ”مامي جي مڪر ۾ به ضرور ڪا رمز رکيل آهي!“
جيڪو ٿورو به عقل رکندو هجي، آهي ڪو اهڙو جو سيني تي هٿ هڻي چوي، ته ماڻهو، عام ماڻهو --- پورهيت پنهوار، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڏهاڙيءَ تي وهندڙ مزدور، دڪاندار، واپاري، گھورڙيا، جھوپڙي هوٽل وارا --- ۽ انهن سان گڏ مِل مالڪ، ڪارخانيدار، صنعتڪار، اسٽاڪ ايڪسچينجز وغيره، ٻولي ڪهڙي به ڳالهائيندا هجن، دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي دل و جان سان پسند ڪن ۽ عزت ڏين ٿا؟ ڇا ان ماڻهوءَ جو عقل سالم چئبو، جيڪو ائين چوي، ته دهشتگردن جن گھرن تي قيامتون وهائي ڇڏيون ۽ ڪُنا اونڌا ڪرائي ڇڏيا آهن، اتان جا رهاڪو کين پنهنجي اکين جو نُور ۽ من جو سرور سمجھن ٿا؟ اهي ڪو جو ائين چوي، ته دهشتگرديءَ سبب رلي ويل روزگارن ۽ اجڙي ويل اجھن جا شڪار ٿيل ماڻهو، جن جا پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳا ۽ بک جو بک ٿيا، سي انهن قاتلن کي دل و جان سان چاهيندا هوندا؟
قتلام، دهشتگردي، هيبت، ڊپ، بيروزگاري ۽ بک بيحد بڇڙا ٽول آهن. اهي انسانيت کي پنهنجيءَ حاصلات کان هيٺ ڪيرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، نفرت، چڙ، بيزاري، ڇڙواڳي ۽ ڪمينائپ جو ٻج آهن ۽ ماڻهپي جي مڻيا ماري، انساني قدرن جا مول مٽايو ڇڏين ٿا. دهشتگرديءَ جو ڍينگو ڍيري ڪرڻ لاءِ ۽ اهڙيءَ طرح قتلام، ڊپ، بيروزگاري ۽ بک کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جنگ بنا جيئڻ اڻٽر آهي. لازمي آهي ته ڪي جوڌا، جُنگ ۽ جوان، ڪوپا، ڪونڌر ۽ ڪلي-ڪوڏيا، جوپا ۽ جاڏا ڪُڏي ڪلي-پڙ ۾ اچن ۽ احساس ڏيارين ته ’سنڌ گدڙن ناهي کاڌي؛‘ ماڻهپو ۽ مريادا مري نه ويا آهن؛ سونهن، سنگت ۽ سنگيت جو پيالو پُر آهي، ساٿ ۽ سهڪار جو جذبو جڏو نه ٿيو آهي، ڪِيني ۽ ڪُپت کٽي ناهي ورتو، سچ جا عاشق ۽ سِر جا سودائي اڃا به آهن. اهي نه رڳو سنڌ سنواري رکندا، ان کي سرهو به ڪندا.
پاڪستان جي تخليق ۾ نفرتن بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻوڪو پيارو پاڪستان به نفرتن جو نتيجو آهي ۽ ان منجھ جت ڪٿ نفرتن جو ئي ٻج ڇٽيل آهي. نفرتن جو کٽيو کائيندڙ حاڪمن ۽ خاص ڪري اردو اخبارن ان کي ريج ڏئي پاڻي مهيا ڪيو آهي. تاريخي بدقسمتي آهي انهن ماڻهن جي، جيڪي نفرتن جي اپت تي پليا ۽ وڌيا ويجھيا آهن. ’کڙي‘ ٻوليءَ ۾ جڏهن نفرتن جي بنياد تي هٿرادو نموني جڙتو لفظ ٽنبيا ويا، تڏهن ’اردو‘ ٺهي. ويجھڙ ماضيءَ تائين جيڪي به ’اڙد‘ ٺهيا ۽ ٺهندا رهيا آهن، انهن جو بڻ به ڪيني ۽ نفرتن تي بيٺل آهي. اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ڀارت توڻي پاڪستان ۾ جيڪي به ”رهنما“ مليا، تن پنهنجي ۽ سندن پالنا به نفرتن جي بنياد تي ئي پئي ڪئي آهي. هنن جي تن ۽ من ۾ نفرتن جو زهر ڀريل آهي ۽ سندن خمير نفرتن جي پاڻياٺ سان ڳوٿل آهي. انڊيا (اپکنڊ هند سنڌ) تي انگريزن جي حاڪميت کان پوءِ مغلائي ’اڙد‘ جڏهن عام ماڻهن جي جھڳٽي ۾ تبديل ٿيو، تڏهن منجھائن ڪيترن ئي ڀرپاسي جي سڀيتائن ۽ سڀائن مان ماڻهپي جو جوهر جھٽي ورتو، انگريزن جي غلاميءَ به منجھن ٿورو گھڻو درد پيدا ڪيو، پر سندن ”رهنمائن“ جي ڀريل نفرت انهيءَ مٺي انساني ميوي کي به زهريلو ڪندي رهي ۽ ڪي مڙسيءَ وارا هئا، جي من ۾ ماڻهپو بچائي سگھيا، نه ته وڏي گھڻائي انهيءَ جو کاڄ ٿي وئي ۽ ٿيندي رهي ٿي.
سنڌ جي ڌرتيءَ تي کين جيڪا ٻاجھاري ٻولي ٻڌڻ ۾ آئي سا سندن سمجھ کان ٻاهر هئي. (ڪي ڳڻوان کڻي جي سمجھي به سگھيا، ته نه ايڏا اثرائتا ٿي سگھيا ۽ نه وري اثرائتا رهڻ ڏنا ويا، جو پريت جو پرچار ڪري سگھن.) ميٺ، محبت، سهپ، رواداري، سڪ ۽ سٻاجھائي سندن ”اڙدڪ“ سمجھ موجب بيوقوفي، احمقپائي ۽ جھالت جا اهڃاڻ هئا، کين سمجھايو، پڙهايو ۽ رٽايو ويو ته سنڌي ماڻهو ”ڳنوار“ هئا ۽ سندن ٻولي ’ٻڪرارن جي تنوار‘ هئي. سنڌ جا ”ڌراڙ“ کين جيڪو کير مکڻ آڇي رهيا هئا، اهو سندن پتي تي ئي نه ٿي پيو. سنڌ جو فلسفو سندن سوچ کان مٿي هو. ماڻهو ڪنهن اوپري ۽ اڻ ڏٺل جي ڏک ۽ بک کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي سگھي ٿو --- اهو سڀاءُ سندن سمجھ ۾ اچڻ جوڳو نه هو. پيار جي لوري کين عقل ۾ نه ٿي آئي. محبتن جي ٻولي هنن ٻڌي ئي نه هئي. هو ”اڙدڪ“ هئا --- لشڪر سان واسطيدار، جن جو ڪم ٻئي جي ڪَئي ڪمائي ۽ ملڪيت ڦرڻ يا برباد ڪرڻ ۽ شاهن جي مفادن جي نگھباني ڪرڻ هو. درٻار ۽ ڪوٺي جا هيراڪ، جِي حضوري ۽ شهواني ادائن جا واقفڪار، پيار جي حقيقي ادائن کان اڻ واقف هئا. هنن مکڻ ۾ مليل ماکيءَ جهڙي مرڪ ڏٺي ئي نه هئي. کين سنڌوءَ جي ميٺاڄ ۽ مٽيءَ جي مهڪ ۽ انهن جي خمير مان اسريل ماڻهپو، سنڌ جو سنيهو ۽ لطيف جي ٻولي پلئه نه ٿي پيا. سنڌ ۽ سنڌين جي محبتن کي ڦورو حاڪمن جي ملي ڀڳت سان غلام بڻائي، هنن سمجھيو، ته ڪا کيپ کٽي اٿئون. هنن جي دماغن ۾ هوائون ڀرجي ويون ۽ اکين تي لِڏ اچي وئي. هنن پاڻ کي ڪا مٿاهين مخلوق سمجھڻ شروع ڪيو؛ جيئن هر ڦورو پاڻ کي سمجھندو آهي ۽ وري جو ڪجھ دهشتگردن جي ٺڪاون ۽ داداگيريءَ کي ڏٺائون، ته مورڳو هٿئون نڪري ويا ۽ پاڻ کي ”سپر پاور“ سمجھڻ لڳا.
”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلِي سارڻ، مانجھيان اِيءَ مرڪ“ جھڙو نياپو سنڌي ماڻهن کي غلاميءَ جي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿارڻ لڳو. جت محبتن جو قدر ڪرڻ وارا نه هجن، اتي ’ڪات ٿي‘ اسرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو؛ پر سنڌي اڃا ڪات نه ٿيا آهن. هنن جڏهن ڪَرُ موڙيو، ته ون-يونٽ جو زنجير ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، ۽ پوءِ خليفي جي ڪيڏاري جو پڙاڏو جنرل ضياءُ جي آمريت دوران جڏهن نعرو ٿي گونجڻ لڳو، ته اقتدار جي ايوانن جا ڪنگرا لرزي پيا. سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي خالقن ۽ پاليندڙن کي ڦِڦڙي وٺي وئي، ڀُوڪرجي هوش وڃائي ويٺا ۽ تڙ تڪڙ ۾ دهشتگردن کي ايڏو ’فيڊ‘ (کاڄ) ڏئي ويا، جو اهي کين به اکيون ڏيکارڻ لڳا، ۽ اڄ، اڍائي ورهين جي ڪشالي (۽ ناٽ) کان پوءِ به سوئر جا وَڄ سلامت ۽ جھوتون جاري آهن. هن ڀيري سندن ڀيل جو شڪار ڪي اهي بيگناهه فرد به آهن جيڪي اردو ڳالهائن ٿا ۽ بدقسمتيءَ سان سندن اولاد جهڙي حيثيت رکن ٿا، پر دهشتگرد جو ڪو به رشتو ناتو ۽ ڪو به اعتبار نه هوندو آهي. نانگ ۽ رُڃ تي پَت ڪري سگھجي ٿي، دهشتگرد تي نه!
سنڌي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اسان وٽ اڃا اهو جذبو جيئرو آهي، جنهن کي ماڻهپو چئجي ٿو. هن ڌرتيءَ جا رهاڪو ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ڏمر، ڪوڙ، ڪپت ۽ ڪِيني جا فطري مخالف آهن ۽ سچ، سِڪ ۽ سونهن جا مانُ مٿاهون رکڻ جا جَتن جاري رکيو اچن. سڄي ڌرتيءَ تي جيڪو بيگناهه ڪُسي يا ڦٽجي ٿو، جھڙوڪر منهنجو ڀاءُ ڪٺو يا ڦٽيو؛ جو به گھر اجڙي ٿو، ڄڻڪ منهنجو گھر اجڙيو. اسان کي دهشتگرد ۽ عام شهريءَ ۾ فرق ڪرڻ گھرجي. دهشتگردن کي جيڪو به جوکم رسائي سگھون، سو جائز، پر عام ماڻهو، جيڪو انهن جو بيگناهه شڪار ٿئي ٿو سو ’اسان جو ماڻهو‘ آهي. دهشگردن جي غليظ ترين مقصدن کي مات ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي، ته کانئن ڊنل ۽ سندن ڏاڍ جو شڪار ٿيل ماڻهن جو ڏڍ، آٿت ۽ ملم بڻجون ۽ کين دهشتگردن جي پنجوڙ مان نجات ڏيارڻ سان گڏ، انهن سان ساٿ ڏيڻ کان ڇني ڌار ڪيون ۽ جي حق، سچ، جمهوريت، انصاف ۽ انسانيت جي پاسي ڪري سگھون، ته ائين به ڪيون.
اڙدڪ سياسي ”راهنمائن“ ۽ ”دانشورن“ کين نفرتن جي گس تي پئي گھليو آهي ۽ گھليندا وڃن پيا. اردو اخبارون کين انهيءَ پاسي ڌِڪي سنڌ جو قبضي خور مالڪ بڻائڻ لاءِ هرکائينديون رهن ٿيون (انهن جو مقصد رڳو پيسو ڪمائڻ آهي --- نفرتن ۽ ڪوڙ سان وڌيڪ ڪمائجي ٿو). ڀائپي ۽ پيار سان گڏجي رهڻ ۽ ڏک سک ۾ ڀائيوار ٿيڻ جو کين سبق ئي نه ٿو ڏنو وڃي. اهي اخباري بيان جن سان نفرتون وڌن، وڏن اکرن ۾ شايع ڪيا وڃن ٿا. مورکپائي اوج تي آهي. ڪِيني جو ڪونڀٽ وڃي ٿو وڌيڪ وچڙندو ۽ نفرتن جي اوڙاهه ۾ جيئن ٿو وڌي ڪاٺ، تيئن ڦوڪن ڏيڻ وارا سانڊا به وڌندا وڃن ٿا!
اڙدڪ سمورو عوام ڪو دهشتگردن جو پُٺڀرو ناهي. جن ماڻهن گذريل چونڊن ۾ دهشتگردن کي ووٽ ڪيو، اهي سڀ هروڀرو ڪو سندن حمايتي نه هئا (ڪيترائي ووٽ پرپٺ وڌا ويا هئا). جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾، جنهن پنهنجن مخصوص احباب ۽ ايجنسين وسيلي دهشتگردن کي منظم ڪيو ۽ قانون کان مٿاهون بڻايو، هڪ هٿرادو جذباتي فضا تيار ڪئي وئي، ته جيئن دهشتگردن کي سورهيه ثابت ڪري، سندن اڳواڻيءَ هيٺ هڪ اهڙو سنڌ دشمن گروهه ٺاهي سگھجي، جيڪو سڀاڻي سنڌين جي جمهوري، قومي ۽ عوامي جدوجھد جو گلو وڍي سگھي. دهشتگردن وري انهيءَ آڙ ۾ پنهنجي ڌار ملڪيت ٺاهي، انهيءَ جي تخت تي پاڻ کي تاج پوش سمجھڻ شروع ڪيو. جيستائين تاج جا ڌڻي ٿين، تيستائين کين خصوصاً ڪراچيءَ ۾ بي تاج بادشاهه بڻايو ويو ۽ دهشتگردن جي سرداريءَ هيٺ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي. بظاهر ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻڪ سمورو اڙدڪ عوام قاتلن جي جھنڊي هيٺان گڏ ٿي ويو هجي؛ پر حقيقت ائين نه هئي، نه آهي.
دهشتگردن پنجابي ۽ پٺاڻن ۽ خاص ڪري سنڌين خلاف رت جي راند کيڏي، اڙدڪ عوام ۾ آزادي سان اهو احساس پيدا ڪيو، ته اهي ٻئي هر ساٿ، خصوصاً سنڌيءَ جي ساٿ ۾ غيرمحفوظ آهن ۽ سندن تحفظ جي اڪيلي واٽ اها آهي ته دهشتگردن جو ئي ساٿ ڏين ۽ انهن جي اڳواڻي قبول ڪن، خاص ڪري اڄ، جڏهن دهشتگردن جا ٻه ٽولا ٿي پيا آهن ۽ ٻئي ٽولا هڪ ٻئي جي غنڊن کي قتل ڪري رهيا آهن، تڏهن ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سندن گولين جي گھت جو شڪار ٿي ويا آهن. خود مقتول دهشتگردن جي ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪنهن گھر جو ڏيئو وسائڻ ڪيڏو نه ڪٺور ۽ ڪنو ڪم آهي. دهشتگردن پنهنجن غليظ مفادن جي پورڻتا لاءِ سندن دلين ۾ جيڪو زهر ڀريو هو، اڄ اهو خود کين ئي ڳاري رهيو آهي. ايجنسين جي ڀرتي ڪيل مخصوص سنڌي سياسي وڏيرن پنهنجن آقائن جي اشارن تي دهشتگرد مفادن سان هم آهنگ لٻاڙي بيان بازي شروع ڪري ڏني آهي جيڪا سنڌين جي وطن دوست ۽ جمهوري جدوجھد جي ڪنهن طرح به پوئواري ڪندڙ ناهي. آڙاهه ۾ ڪاٺ وجھي دهشتگردن هڪ ڀڀڙ مچايو آهي ۽ هي سانڊا پنهنجن آقائن وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ ان کي ڦوڪون پيا ڏين.
وقت جي اڻٽر گھرج آهي ته دهشتگردن جي اپايل نفرتن جو ٽوڙ ڪجي. دهشتگردن اڙدڪ عوام کي پاڪستان جي سڀني حقيقي قومن سان ويڙهائي، نقلي قوم جي نعري وسيلي، کين پنهنجي جھنڊي ۽ آمريت هيٺ گڏ ڪيو آهي، ۽ اسان جو فرض ان جھنڊي کي ڀڃي اڙدڪ عوام کي دهشتگردن جي پاڇولي مان ڪڍي، وطن دوست ۽ عوام جي جمهوري پاسي آڻڻ آهي. سموري اڙدڪ عوام کي دڙڪا ۽ گاريون ڏيڻ سان مقصد دهشتگردن جو پورو ٿئي ٿو. گدڙن جي اوناڙ تي ماڻهو پنهنجون ٻوليون، ثقافتون ۽ مائٽيون نه بدلائيندا آهن!
دهشتگردن جي اندر ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪنبڻي ۽ سندن بدنيت نعرن جو وقت کان اڳ پڌرو ٿي پوڻ ٻڌائي ٿو، ته سنڌين جي لاڳيتي، جٽادار، عوامي، جمهوري ۽ حق پرست جدوجھد لاڀائتي ثابت ٿي رهي آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجا تاريخي شهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. اها دهشتگردن جي هڪ وڏي ناڪامي آهي ۽ سنڌي ماڻهو ڏينهون ڏينهن شهرن ۾ وڌندا پيا وڃن. اها دهشتگردن جي ٻي وڏي ناڪامي آهي. آمريت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ سنڌي سڀ جا سرواڻ هئا. اها دهشتگردن جي ٽين وڏي ناڪامي آهي. سنڌي ڪارخانيدار، صنعت ۽ واپار، نوڪرين ۽ روزگار ۾ وڌن پيا. اها دهشتگردن جي چوٿين وڏي ناڪامي آهي. سنڌي تعليم، تحقيق ۽ تدوين ۾ ڀڙ ٿيندا پيا وڃن. اها دهشتگردن جي پنجين وڏي ناڪامي آهي.
اڄ تاريخ جي وير هڪ ڀيرو وري سنڌي ماڻهن جي تاريخي پيغام ۽ جٽادار جدوجھد کي وقت جي نقشي تي اڀاري کڻي آئي آهي. ان کي گدڙ-اوناڙ ۽ سانڊي-ڦوڪ وسيلي برباد ڪرڻ بدران اڻٽر آهي، ته پاڪستان ۾ عام ڪيو وڃي ۽ خصوصي ڌيان اڙدڪ عوام تي ڌريو وڃي، جن کي دهشتگردن پنهنجيءَ بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو آهي. هڪ سڪي جا ٻه پاسا ٿين ٿا، ضروري آهي ته اڙدڪ عوام به انسانيت جي سڏ تي سڏ ورنائي پاڻ کي ڪدورتن ۽ ڪفلتن جا پهاڙ اڀا ڪندڙ ڪيني ڀريل قاتلن کان ڌار ڪري.
سنڌين جو سنيهو اردو اخبارن سدائين بگاڙي پيش ڪيو آهي. ان ڪري پنهنجو پيغام اڙدڪ عوام تائين اردو اخبارن وسيلي پهچائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، نه ته اهي اوهان جي عوام دوستيءَ کي مڪاريءَ سان ڪيني ڀريو روپ ڏئي ڇڏينديون. اڻٽر آهي ته پاڻ، پنهنجي سر، مڙسي ڪري پنهنجو وطن دوست، جمهوري ۽ انسان پسند پيغام بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، سڌو سنئون اڙدڪ عوام تائين پهچايو وڃي.
سنڌ جي قومي جدوجھد جي هام هڻندڙ سياسي ڌرين مان ڪِن توڻي جو وڏيرڪي دڙڪي ۽ دهمان وسيلي اڙدڪ عوام کي ’سنڌي ٿي وڃڻ‘ جو چتاءُ ڏنو آهي (نه ته کين ”سمنڊ ۾ غرق ڪبو“ يا ”ڀارت موڪليو ويندو“ جھڙي سکڻي اڀام پئي ٻڌائي آهي). ڇا ڪڏهن، سنجيدگيءَ سان اڙدڪ عوام ۾ سياسي سجاڳي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي؟ ڪيترن کي پنهنجو سياسي ڪارڪن بڻايو ويو آهي؟ ڪيترن فردن تائين سندن سِڌي پهچ آهي؟ ڪهڙن ڪهڙن پاڙن ۾ انهن جلسا ڪيا آهن ۽ پنهنجو سياسي مواد گھڻن گھرن تائين پهچايو آهي؟ نفرت انگيز اخباري بيان پڙهي ڇا ڪو منهنجي سياسي پارٽيءَ جو حمايتي ٿي سگھندو؟ دڙڪن سان به ڪو ڪارڪن ٺهندو آهي ڇا؟ تاريخي سچ اهو آهي ته اسان جي قومي جدوجھد جي هام هڻندڙ پارٽين جي اڪثريت جھڙوڪر ڄاڻي ٻجھي اڙدڪ عوام کي ڪاٽي، نڌڻڪو ڪري، دهشتگردن جي جھوليءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
پيپلز پارٽي به عملاً، خاص ڪري سنڌ اندر، وڏيرڪين سازشن جي ور چڙهيل رهي آهي. ان کي پنهنجي سطحي عوام دوست ۽ درحقيقت وڏيرڪي روش سڌارڻي پوندي. نه ته سندس آئيندو اونداهو آهي. پيپلز پارٽيءَ وٽ سندس خامين باوجود سنڌي توڻي اردو ڳالهائيندڙ ڪارڪنن جو هڪ چڱو چوکو انگ موجود آهي ۽ وٽس اها صلاحيت آهي جو اڙدڪ اڪثريت وارن پاڙن ۾ جلسا جلوس توڻي ٻيون سياسي سرگرميون ڪري سگھي. پيپلز پارٽيءَ خلاف دهشتگردن هڪ خصوصي نفرت انگيز مهم هلائي رکي آهي ۽ هنن پنهنجين ويهن ئي آڱرين جو زور انهيءَ تي خرچ ڪيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين جي پارٽي ثابت ڪري اڙدڪ عوام کي ان کان ڪاٽي، پري ڪري رکن.
پيپلز پارٽي سنڌين جي سياسي پارٽي آهي يا نه، اهو هڪ ڌار موضوع آهي. في الوقت پيپلز پارٽيءَ کي گھرجي ته پنهنجن اڙدڪ ڪارڪنن وسيلي ۽ پنهنجين گھڻين، خاص ڪري سنڌي قوتن کي ڪم آڻي، اڙدڪ اڪثريت وارن پاڙن ۾ جلسا منعقد ڪري، دهشتگردن جي پيدا ڪيل پروپئگنڊا جو ٽوڙ ڳولي، نظرياتي ۽ عملي ميدان ۾ کين وائکو ڪري. ڪالهه بينظير صاحبه جڏهن نشتر پارڪ ۾ بيهي اعلان ڪيو هو، ته هوءَ ماءُ آهي، هوءَ ٻار ڄڻيندي آهي، هوءَ دهشتگرد ناهي، جو ماڻهن جو قتلام ڪري، تڏهن انهن لفظن وٽ پنهنجو هڪ جادو هو. اهو ۽ اهڙو سحر، اهڙي فضا پيدا ڪرڻ جي گھرج آهي!
سنڌ جي گھڻگھرين ڌرين جيڪڏهن دهشتگردن کي ڪاٽي، اڪيلو ڪري، اڙدڪ عوام کي کانئن کسي ورتو، ته انهن ڄڻڪ سنڌ جي حقيقي مالڪي هٿ ڪئي. ان لاءِ لازم آهي ته دهشتگردن خلاف سمورن ثبوتن ۽ دستاويزن کي پڌرو ڪيو وڃي، دهشتگردن ڏانهن اهوئي رويو رکيو وڃي، جيڪو اصولي ۽ قانوني آهي. دهشتگردن کي سياسي تعظيم ۽ تڪريم ڏيڻ بند ڪئي وڃي ۽ اڙدڪ عوام ۾ ائين سياسي نظرياتي سڌو سنئون گھاٽي لاڳاپي وارو ڪم شروع ڪيو وڃي جيئن ڪا نئين سياسي پارٽي ڪندي آهي.
(روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، 22-ڊسمبر 1994ع)

(هلندڙ)

No comments:

Post a Comment