ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ٿوري ڄاڻ سڃاڻ
انساني سمجهه:
ماڻهوءَ
جو اوائلي استاد پورهيو آهي ۽ قدرت ماڻهوءَ سميت هر ساهواري جي ماءُ. اڻٿڪ پورهيي
نه رڳو ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي سولو ڪيو پر سمجهه به ڏني. انساني سمجهه ئي آهي جيڪا
ماڻهوءَ - جھڙي - ساهواري کي جانورن - جھڙي - زندگيءَ مان ڪڍي انساني
سماج ۾ وٺي آئي. سمجهه جو اهڃاڻ اڄ کان 10-لک ورهيه اڳ تائين پڪ سان ۽
ڪاٿي موجب 30-لک ورهيه اڳ تائين ملن ٿا. اڄ کان 5 -
هزار ورهيه اڳ تائين وارا ماڻهوءَ - سمجهه جا اهڃاڻ ماڻهن جي جوڙيل ۽ خلقيل
پٿر جي اوزارن، ٿانوَن ۽ گهرن جي صورت ۾ ملن ٿا. سندن ڏاڪي به ڏاڪي وڌندڙ، سڌرندڙ،
سلجندڙ ۽ نت نيون جوڙون جوڙيندڙ سمجهه هر ڏينھن نسبتاً سوَلي، ستابي، سُکي ۽ سونھن
ڀري ٿيندڙ حياتيءَ مان چٽيءَ طرح بَکي ٿي جنھن جو قصو ڏهاڙي سڌرندڙ ۽ سڻائو ٿيندڙ
شڪاري اوزارن، گهريلو واهپي جي شين، ٻني ٻاري ۽ پوکي راهيءَ جي زباني اڄ به ”ٻڌي“،
ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. هيءُ قصو ڏکن سورن، اهنجن ايذائن، بردباين ۽ دليرين، سُکن ۽
ستابائين، ارڏاين ۽ اوچاين، سورهيائيُن ۽ سرويچائيُن جو رنگارنگ تپرس ۾ وجهندڙ
ڪيڏارو يا جنگ نامو آهي.
ٻولي:
انساني
سمجهه جي اظھار جو ٻيو روپ، سوچن جو ”ڌاتوئي“ خول، ٻولي آهي. ڪروڙين قسمن جا
ساهوارا ڪو به واڪو (آواز يا لفظ) اچاري نه ٿا سگهن، اهي رڳو رنگن ۽ ڳنڌن
(”سنڳنڌن“ ۽ ”ڪُڳنڌن“) جي ”ٻولي“ سمجهن ٿا، گاهه، ٻوٽا ۽ وڻ، لکين قسمن جا جيت ۽
ٻن چئن کان سواءِ باقي سڀ قسم جون مڇيون ڪو به واڪو (آواز، لفظ) ڪو نه ٿيون ڪڍن ۽
خاص طرح وڻ ٽڻ ۽ جيت جڻيا رڳو رنگ ۽ ڳنڌ وسيلي ئي فطري لڳ لاڳاپي، پيار، پنھنجائپ
۽ ”سمجهه“ جو اظھار ڪن ٿا. واڪيندڙ ساهوارن ۾ ڪجهه ٿورن کان سواءِ باقي سڀ ٽن چئن
قسمن جي واڪي وسيلي ئي پنھنجي ”سمجهه“ ظاهر ڪن ٿا ــــ تِــڏِ کان تِــتَــرَ
تائين، ڏيڏر کان ڏاگهي تائين، جهرڪيءَ کان جهنگلي جانور تائين، سڀ ساهوارا ڪي چند
قسمن جا واڪا ڪري پنھنجي سَڏ، سُڌ، سَونسي، خرابيءَ ۽ خطري جي خبر ڏين ٿا. ماڻهو
به ڪجهه اهڙن، ٿورن ۽ گهگهن واڪن جي سوڙهيءَ دنيا کان پنھنجيءَ وڌندڙ ۽ ويجهندڙ
سمجهه سبب نت نوَن ۽ ڏينھون ڏينھن بدلجندي سولو ۽ مٺو ٿيندڙِ واڪن (آوازن، لفظن، ٻولن) وسيلي پنھنجي سمجهه پڌري پئي ڪئي آهي. اڄ نوبت اتي وڃي پھتي آهي جو هر سڌريل
ٻوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک قسمن جا واڪا (ٻول، لفظ، آواز) موجود آهن ۽ سڌريل ٻولين
جي ڳڻپ 5 ــ سَو کان گهٽ نه آهي.
لکيت:
سمجهه
۽ ٻولن کي تصويرن، لِيڪُن ۽ نشانن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي تاريخ 5-هزار
سال کن پراڻي آهي، سنڌ، چين، مصر ۽ ــ بابل نينوا ــ سمير جون سڀيتائون پنھنجن
پنھنجن تھذيبي، تمدني، عملي ۽ ادبي خزانن سان مالا مال پنھنجي پنھنجي اوج وارن ڏينھن
۾ ٻولين جي شاندار واڌ ۽ لکيت جو ڏس پتو ڏين ٿيون، انهن کان پوءِ علم ۽ ادب، فلسفي
۽ سائنس جي روشني ايشيا کان وڌي وڃي يورپ ۾ پھتي. يونانين ٻوليءَ ۽ لکيت کي جيڪي
رنگ روپ ۽ نقش ڏنا اهي بيشڪ ساراهه جوڳا آهن. هنن هنر، فن ۽ سائنس جي سوين شعبن ۾
پنھنجيءَ ٻوليءَ کي هزارين لفظن سان مھڪايو ۽ تحرير (لکيت) وسيلي سنڀالي رکيو.
يوناني سڀيتا جي تباهيءَ سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز هڪ ڀيرو وري عرب ۽ فارس جي
ڌرتيءَ ڏانھن موٽيو. چيني سڀيتا پنھنجي سونھن برقرار رکندي پئي آئي جڏهن ته
”اڻڄاتل دنيا“ (اتر اميريڪا کنڊ ۽ ڏکڻ اميريڪا کنڊ) ۾ پڻ مايا جھڙين سڀيتائُن
چلڪاٽ پئي ڪيا. هڪ ڀيرو وري يورپ جي اونداهي ڇٽڻ لڳي ۽ هنر، فن، فلسفي، سائنس ۽
سڀيتا جي نئين ٻھڪار ڦٽي پئي. هاڻي باقاعدي شعوري ڪوشش ڪري ٻوليءَ کي سڌارڻ ۽
سنوارڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ سڀ قسم جون لکڻيون عام ماڻهن تائين به پھچڻ لڳيون.
انسائيڪلوپيڊيا:
اڄوڪيءَ دنيا وٽ علم ادب
هزارين روپن ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. فلسفو، ادب، فن ۽ هنر ۽ سائنسون ـــــ قدرتي
سائنسون، سماجي سائنسون، طبي سائنسون، هنري سائنسون، انتظامي سائنسون، جنگي
سائنسون، انگي سائنسون وغيره ۽ هر شعبي جا ڪيترائي ٿُـڙُ، هر ٿـڙ جون سوين ٽاريون
جن ۾ وري سوين مکڙيون ۽ پن، گل ۽ گونچ ۽ ميوا موجود. سونَ مٿان سهاڳو وري هيءُ جو
ان قسم جي لڳ ڀڳ هرَ گل، ميوي، ٿـڙ، پاڙ، ٽاريءَ ۽ پن تي سوين ڪتاب لکجي چڪا آهن.
ايترين، سوين هزار علمي
نعمتن جي وَٽَ وٺڻ ۽ چشڪو چکڻ هر ماڻهوءَ لاءِ رڳو ان ڪري ممڪن ناهي جو هر ماڻهو
هر شعبي جي مناسب ڄاڻ پرائڻ لاءِ گهڻن ئي ڪتابن تائين پھچي ڪو نه ٿو سگهي. ماڻهن
جي علمي سمجهه وڌائڻ جي سِڪ ۽ سَڌَ رکندڙ ڏاهن ان جو حل ايئن ڳولي ڪڍيو ته ڪو اهڙو
ڪتاب جوڙجي جنھن ۾ علم ادب جي هر شعبي جو ست سمايل هجي. انهيءَ گهڻيءَ ڄاڻ واري
موتين ــ مالها ۽ گهڻ شاخي هيري کاڻ جو نالو آهي انسائيڪلو پيڊيا.
انسائيڪلوپيڊيا يوناني لفظ
اينڪائيڪلوپيڊيا (Enkyklopaedia) جو انگريزي اچار آهي. انسائيڪلوپيڊيا
جو مطلب آهي گهيرو (گول، دائرو) يا تعليم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي
ڄاڻ.
پهريَن انسائيڪلوپيڊيائن کي
وسيع پيماني تي سادي سِڌي نموني ڊڪشنري (لغت، ٻولَسُڌ) سڏيو پئي ويو يا وري
”سرهائيءَ جو باغ“. جڏهن پھريون ڀيرو جرئت ڪري اسڪالش نالي ماڻهوءَ
انسائيڪلوپيڊيا لفظ ڪم آندو تڏهن ان کي گهڻي ڀليڪار نه ملي، تان جو ڊيِنس
ڊائڊروٽ ان کي تاريخي حيثيت وارو فرينچ انسائيڪلوپيڊيا لکي عام جام
ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا جي متبادل طور هڪ لفظ سائيڪلو پيڊيا به ڪم ايندو ۽
قابل قبول ٿيندو رهيو آهي.
انسائيڪلوپيڊيا لفظ جي معنى
۾ به تاريخي اوسر سان گڏ تبديلي ايندي رهي آهي. اڄوڪا گهڻا ماڻهو انسائيڪلوپيڊيا
کي سموري ميسر ڄاڻ جو گهڻ جُلدي ميڙ (مچو) سمجهن ٿا جنھن کي نقشن ۽ تفصيلي پنوتريءَ
سان گڏوگڏ ڪتابِسُــڌَن (ببليوگرافيز)، تصويرن، خاڪن، ننڍاڙن (تخفيفن) ۽ پرڏيھي
محاورن (اصطلاحن)، ڏيھه سُڌن (گزيٽيئرز) ۽ اهڙي ٻين شين سان سڌاريو ويو هجي.
اڄ
به هڪ جديد انسائيڪلوپيڊيا کي هڪ ڊڪشنري (لغت، ٻولَسُڌ) سڏي سگهجي ٿو پر ڪنھن به
ڊڪشنريءَ، تان جو سٺي ڊڪشنريءَ کي به اڃا سوڌو انسائيڪلوپيڊيا نه سڏيو ويو آهي.
انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ:
انسائيڪلوپيڊيا جي تاريخ لڳ
ڀڳ 2-هزار ورهيه پراڻي آهي پر انسائيڪلوپيڊيا جو جديد روپ ڪي 5-سَـؤ
سال کن اڳ نروار ٿيڻ شروع ٿيو.
انسائيڪلوپيڊيا جا اُهڃاڻ
”اوڀر“ (مشرق) ۾ ”اولھه“ (مغرب) کان وڌيڪ آڳاٽا سمجهيا وڃن ٿا.
پھرين انسائيڪلوپيڊيا جو ڏس
پتو چين ۾ ملي ٿو جيڪو 2-هزار ورهيه کن اڳ لکيو ويو ۽ پوءِ ان کي نت نئون ٺاهڻ بدران
جھڙوڪر ساڳيو ئي ورجائبو پئي رهيو. ان جي جوڙجڪ ۾ نمايان اڪابرن حصو ورتو پر پوءِ به اهو ڄڻڪ چونڊ ادبي
تخليقن جو ڳٽڪو هو ۽ منجهس ڪجهه عنصر ڊڪشنري (لغت، ٻولسڌ) جھڙو هو. ان جو گهڻي ۾ گهڻو
واهپو انتظامي معاملن لاءِ شھري عھديدار تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيو. پھرين ڄاتل چيني
انسائيڪلوپيڊيا هُئانگ-لَئن (شھنشاھ جو آئينو) شھنشاھ جي حڪم تي 220ع ڌاري تيار ڪيو ويو. ان جو ڪو به حصو
ڪونه ٿو ملي. 600ع ۾ تيار ڪيل پائِينِ-چُو (ادبي موتين مالها، ادب جا پويل
موتي) جو ڪجهه حصو اڄ به ملي ٿو. 620ع ۾
100 بابن ۽ 47 حصن ۾ ورهايل آءِ-وين لِــئِي-چُـو
(فن ۽ ادب جو جهڳٽو) اوُ-يانگ هُسوُنِ تيار ڪيو. انهن کان پوءِ پِئيِ-تانگ
شُ-چاو (ڪتابن جو سَتُ)، چوُــ هُسُئيه چِي (تعليمي سکيا ۾ داخلا) ۽ توُنگ -تائين
(ذهين پتلا) جڙي راس ٿيا. تــوُنگ-تائين کي وين هسِيئنِ تُـنگ ڪاؤ (ادبي
بچتن جو عام اڀياس) وسيلي زبردست واڌ ڏني وئي ۽ اهو سوين ويس پھريندو ۽ بدلائيندو
نئين زماني جون نيون شيون جذب ڪندو لُو اَره-ڪُوئِي
جي تخليق تزُو-يُـئانِ جي نالي سان 1915ع ۾ پڌرو ٿيو جنھن کي 1931ع ۾ اڃا
به وڌايو ويو. دنيا ۾ شايد سڀ کان وڏو انسائيڪلوپيڊيا يُـنگ-لو-تا-تيئنِ
(مھان ڪتاب) هو جيڪو پندرهين صديءَ جي منڍ ۾ ظاهر ڪيو ويو. نڀاڳ چَئجي جو ان جي 22-هزار،
9-سَـو 37-بابن مان ٿورو حصو ئي زماني جي لاهين چاڙهين کان بچي سگهيو. ڪيترائي ٻيا ننڍا
ننڍا انسائيڪلوپيڊيا ڇپيا پر ڪارائتو وري سَين توسائي تُو-هُئِي
(1607) هو جيڪو هيو ته ننڍو پر تصويرن سان سينگاريل هو.
افلاطون جي ڀائٽي، سپيوسيپس
(مرڻو 338 - 339ع ق.م) جي لکت جا ڪجهه ٽُڪرا ئي بچي سگهيا آهن جيڪي يورپ ۾ لکيل پھرين
انسائيڪلوپيڊيا جو حصو ڳڻيا وڃن ٿا. سپيوسيپس قدرتي تاري، مئٿميٽڪس (انگ+اڀياس=انگڀياس)، فلسفي ۽ ٻين موضوعن تي پنھنجي چاچي جي خيالن کي
لکڻي وسيلي ظاهر ڪيو. ارسطو جا لائسيَم ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پڻ اثرائتا هئا.
افلاطون ۽ ارسطو ئي انسائيڪلو پيڊيا، ذهين ثقافتي پس منظر کي اجاگر ڪندڙ ڪتاب، جو
پايو وجهندڙ ثابت ٿيا.
ڪيٽو دي سينسَر کي روم ۾
”پنهنجي پٽ کي نصيحت“ (لڳ ڀڳ 183 ق. م) نالي خَـطن لکڻ ڪري انسائيڪلوپيڊيا جي پھرين
ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. انهن خطن ۾ زندگي گذارڻ ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ بابت زبري
ڄاڻ ملي ٿي. هاڻي اهي خط اڻلڀ آهن. ان کان پوءِ هڪ ملهائتي ڪوشش هڪ اڪابر اطالوي
ليکڪ مارڪَس ٽيرينشس پنهنجن ڊسيپِليناريَـم ليبري-9 (تعليمي سکيا جا نَـوَ ڪتاب)، ”شيُن جا يادگار قَاعدا، الوهي ۽ انساني“ ۽ ”سوچون“ (خيال) نالي ڪتابن ۾ فن،
انساني ڪاوشن ۽ رومي ماڻهن جي زندگين تي روشني وڌل هئي، پر سڀني کان اهم ليک پِلاِئني
جو هسٽَريا نيچرَلِس (قدرت جي تاريخ) آهي جنھن ۾ ڄاڻ کي درجي بند ڪري ڳٽڪن
جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
رَئبَـنَـس مارَس (ڄَمُ، لڳ
ڀڳ 776 - مرڻو 856ع)، جيڪو انگريز عالم الڪُوئِن جو لائق شاگرد هو، جي ڪتاب ڊِي
يونيورسو (سنسار بابت) ڊگهي ناماچاري ماڻي ۽ وچين دور ۾ اثرائتو رهيو. ان کان
پوءِ ڪيتريون ئي ٻيون ڪوششون به ڪتابي صورت ۾ پڌريون ٿيون. ڊيِ او منيفاريا
ڊاڪٽرينا (ڀانت ڀانت جا نظريا) انساني ۽ سائنسي ڄاڻ بابت سوالن ۽ جوابن جي
صورت ۾ لکيل هو. هنن ئي ڏينھن ۾ ڌرمي ڇاپ کان آجي ۽ وَڏ ــ شھري (ميٽرو پوليٽن)
تعليم ۽ ڄاڻ لاءِ سِڪ وڌي رهي هئي. هَگ آف سينٽ-وڪٽر
(ڄم، شايد 1096 - مرڻو 1141ع ) پنھنجو ڊِڊا سڪيليَـن، جنھن ۾ علمي
معاملن سان گڏوگڏ آجن فَـنَن (لبرل آرٽس) تي وڌَيڪ ڌيان ڏنل هو، ڄاڻ جي زبردست
درجي بندي تي مضبوطي سان بيھاريو. ان ايندڙ انسائيڪلوپيڊيائن تي پنھنجو سٺو اثر
ڇڏيو. لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينھن ۾ هڪ انسائيڪلو پيڊيائي ڊڪشنري جنھن کي سُئداس
سڏجي ٿو، الف ــ ب وار ترتيب ڏنل مواد سان ظاهر ٿي پراڻين روايتن کي ڀڃي ڇڏيو. ان
۾ اهڙي ته زبري ڄاڻ ڏنل هئي جو ايندڙ صدين ۾ اهو هڪ اهم وسيلي طور پنھنجي حيثيت
برقرار رکي سگهيو، پر وچين دور ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان ۽ لاڀائتو ونسينٽ آف بِيووائِس
جو اسپيڪيولم ميجس (وڏو آئينو) ثابت ٿيو. هيءَ لکيت 10-هزار
بابَن تي پکڙيل 80-ڪتابن ۾ سھيڙيل هئي. وِنسينٽ بنيادي طرح ليکڪ ڪو نه هو پر
سندس اورچ ڪشالو لاڀائتو ثابت ٿيو. قَد بت ۾ هن کان وڏو ڪتاب 18-صدي
جي وچ تائين پڌرو نه ٿي سگهيو.
عربيءَ ۾ لکيل انسائيڪلو
پيڊيائن کي ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا انهن ماڻهن لاءِ جن پاڻ کي
سٺي نموني سڌير رکڻُ ۽ ثقافتي ورثي جو پورو پورو واهپو ڪرڻ پئي گهريو ۽ ٻيا سرڪاري
انتظام رکندڙ جي وڌندڙ انگ لاءِ. انسائيڪلوپيڊيا جو پويون نمونو تڏهن وجود ۾ آيو
جڏهن عربن ڀونوچ (ميڊيٽيرانين) علائقي جي گهڻن
حصن ۾ حڪمراني قائم ڪري ورتي. پھريون حقيقي انسائيڪلوپيڊيا ابن قُتيبـﮧ (828-889ع) نالي هڪ استاد ۽ ٻولَسڌ ڄاڻو (فلالاجسٽ، لغاتي علم جي ماهر) جي تخليق
هو، جنھن پنھنجي ڪتاب جي عنوانن جي ڄاڻ هيٺ روايتي پھاڪا (چوڻيون)، تاريخي مثال ۽
پراڻا عربي گيت ڏنا، سندس ڪتاب عُيون الاخبار (ڀلوڙ روايتون) واري ترتيب ۽
مواد پوءِ ظاهر ٿيندڙ انسائيڪلو پيڊيائن لاءِ پنھنجا نقش ڇڏيا. هن ترتيب موجب ڏهه
ڪتاب رٿيا ويا: سگهه (قوت، اقتدار)، ويڙهه (جنگ)، شرافت (نوبلٽي)، ڪردار، علم
پرائڻ ۽ خوشگفتاري (فصاحت)، پوڄا (عبادت)، تپسيا (رياضت)، سنگت (دوستي)، کاڌو
(کاڄ) ۽ عورت. ابن عبدالربيـﮧ
پنھنجي ڪتاب عقد (مالها) ۾ پنھنجي وقت جا ڪيترائي اصطلاح گڏ ڪري قتيبــﮧ جي ڪتاب سان ملائي ظاهر ڪيا. مفاتيح العلوم (علمن يا سائنس جي ڪنجي)
کي ڀُل وچان پھريون انسائيڪلوپيڊيا ڳڻيو ويندو آهي پر اهو پارسي عالم الخوارزمي،
جيڪو ڪيترين ئي يوناني لکڻين جو چڱيءَ پرِ ڄاڻو هو، 975-995ع
۾ ترتيب ڏنو هو. ڏهين صديءَ ۾ بصري ۾ ٺاهيل مذهبي يا سياسي جماعت اخوان صفا (مخلص
ڀائپي) رسائلِ اخوان صفا نالي ڀلوڙ ڪتاب ترتيب ڏنو جنھن ۾ پنجن
ليکڪن جا 52 ڪتابڙا گڏ ڪيا ويا جن ۾ هلندڙ هزار سالن جي ڄاڻ ڏنل هئي. لکڻيءَ ۾ (1)
انگڀاس، جاگرافي، موسيقي، منطق ۽ لڇڻڀياس (لڇڻ+ اڀياس= ايسٿيٽڪس)، (2) قدرتي سائنسون ۽ فلسفو، (3) مَٿَ فزڪس (ميٽا فزڪس)
۽ (4) مذهب، جوتش (نجوم) ۽ جادو شامل هئا. مڪمل ڇاپو 1887-1889ع
۾ ظاهر ٿيو.
مصر ۾، ملوڪ دور ۾ رٿيل
انسائيڪلو پيڊيائن ۾ نھايت العرب في فنون الادب (ادبي فنن ۾ ڏاهه جو مقصد)،
لڳ ڀڳ 9-هزار صفحن تي جوڙيل انسائيڪلوپيڊيا وڌيڪ اهم آهي جنهن ۾ (1) جاگرافي، آڪاس
ڄاڻ، آبھوا ڄاڻ، تواريخي ڄاڻ (ڪرانالاجي)، ڀُون اڀياس (جيالاجي)، (2) ماڻهو [لِڱڀياس
(ايناٽمي)، لوڪ ادب، ميل جول، سياست]، (3) پسون ڀياسِ (زولاجي، حيوانات)، (4) اوڀڙ
ڀياس (باٽني، نباتيات) ۽ (5) تاريخ ڏنل آهي. 1923ع ۾ مڪمل ڇاپو ظاهر ٿيو.
هورٽس ڊيليساريم شايد پھرين
عورت هئي جنھن پنھنجيءَ چارج هيٺ پادرياڻين (ننس) جي تعليم لاءِ 636 ننڍڙيون
تصويرون رکندڙ انسائيڪلوپيڊيا ڇپرايو. بارٿولو مائِيَس انگليڪس پنھنجو
انسائيڪلوپيڊيا ڊِي پروپرائيٽاٽِبيس ريرَم سينٽ آئسيڊور۽ پلائني جي لکتن تي
پيڙهه رکندي ترتيب ڏنو.
جپان ۾ ’ايڊو‘ يا ’توڪُو
گاوا‘ دور (1603-1867) هلندي هڪ قسم جو انسائيڪلو پيڊيا، جنھن ۾ اهم جپاني ۽
چيني ادب مان چونڊ ٽڪرا گڏ ڪيل هئا، ڪو جِيرُوئِين (51-جُلد،
1879-1914) ۽ نِھَن-هياڪا-ڊائيجِيٽين يعني ”وڏو (مهانَ) جَپاني
انسائيڪلوپيڊيا“ (10-جُلد، 1908-1919 ) جديد انسائيڪلوپيڊيا سان ملندڙ هئا
پر انهن ۾ گهڻي ڀاڱي رڳو سائنسي ڄاڻ ڏنل هئي. ”شووا“ دور (1926-)
۾ وڌيڪ مڪمل انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ٿيا جيئن ڊائِي-هياڪا (28-جلد 1931-1935)، ڪوڪُومِن ــ هياڪا (15-جلد،
1934- 1936)، سيڪائِي - ڊائي -
هياڪا (24 -جلد، 1955) ۽ جپانيڪا (19-جلد،
1967- 1972ع) سٺي نموني تيار ٿيل لکڻين جا مثال آهن.
پارسي قانوندان ڌوواني
(1427-1501) هڪ قسم جو انسائيڪلوپيڊيا انھداغ العلوم ڇپرايو جنھن ۾ هنري
ايجادن بابت سوال جواب ۾ دستاويزي ڄاڻ ڏنل هئي.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾
جديد انسائيڪلوپيڊيا جنم ورتو. فرانسِس بيڪن جو انسٽاريشيو مئگنا لکڻ مھل
مقصد اهو ئي هو ته سائنسن، فنن ۽ سموري انساني ڄاڻ کي ٺيڪ ٺاڪ بنيادن تي بيھاري سگهجي
ته جيئن شيُن ۽ ذهن جي وچ ۾ سٺي ۽ حقيقي گهرائي جوڙي سگهجي. ان سڄي رٿيل مانڊاڻ جو
رڳو ڪجهه حصو ئي ڇپجي سگهيو پر ليکڪ 130 ننڍا حصا ٽن وڏن حصن ۾ ورهائي ترتيب ڏيڻ
جو سوچيو هو: ٻاهرين قدرت، ماڻهو ۽ قدرت مٿان ماڻهوءَ جو عمل.
ٻارهين صديءَ تائين ڪو به
انسائيڪلوپيڊيا الف-ب جي ترتيب سان ڇپجي پڌرو نه ٿيو هو. سئداس پھريون
ڀيرو الف-ب جي ترتيب سان ظاهر ٿيو. زارا ۽ السٽيڊ جا انسائيڪلوپيڊيا هڪ سٺي رٿابنديءَ
پٽاندڙ رٿيل هئا. پر گوءِ سڀني کان لوئي موريرِي کٽي ويو جنهن الف-ب
وار ترتيب ڏئي گرانڊ ڊڪشنري هسٽارڪ (مھان تاريخي ٻولَسڌ) لکي بھترين اثر
ڇڏيو. ان ۾ جاگرافيءَ ۽ شخصيتن جي جيون-ڪٿا بابت گهڻو مواد ڏنل هو.
اينٽوني فورٽيئر جي ڪتاب ڊڪشنري يونيورسل ڊيس آرٽس ايٽ سائنس (فن ۽ سائنس
جي سنساري ٻولسڌ) جي آڇ ايڏي عوامي هئي جو ان ڪنھن به انسائيڪلوپيڊيا کي عوام کان
پري رکڻ بابت سمورا شڪ شبھا ڊاهي ڇڏيا ۽ اهڙيءَ طرح سائنس ۽ فن کي ملائي جديد
ثقافت، سائنس ۽ هنر (ٽيڪنالاجي) ۾ وڌندڙ عوامي چَس جي حقيقي فطرت ظاهر ڪئي.
پھريون ڏيھي فرنيچ
انسائيڪلوپيڊيا چارلس ايسٽيني (1504-1564) جو ڊڪشنريم هسٽوريم جياگرافيڪم
ايٽ پوئيٽِيڪم (تاريخي، جاگرافيائي ۽ شاعراڻو ٻولسڌ) 1553ع تائين ڇپجي سگهيو.
پنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ انسائيڪلو پيڊيائن لاءِ فرينچن کي اڃا به ٻين قومن جي انسائيڪلو
پيڊيائن، جيئن پيڊوميڪسيڪا جو ليس ڊائوَرسيس ليزنس (ڀانت ڀانت جا سبق، 1552)
تي ڀاڙڻو هو. جان هئرس جو ليگزيڪم ٽيڪنيڪم (هنري ٻولسڌ، 1704ع) وڌيڪ
اثرائتو ۽ جديد وسيلن جو مظھر ٿي ميدان تي آيو. ان ۾ فرانس جي انسائيڪلوپيڊيائن
تان ڪيل ترجما پڻ شامل هئا. فرانس ۾ ڊائڊروٽ ۽ اليمبرٽ وڏي پيماني تي عمدو
فلسفيانه نموني جو ايل انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ڪيو. سوچ هيٺ آڻي سگهڻ جھڙي هر
موضوع تي لکڻ جي لحاظ کان هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪيتريون ئي کوٽون هيون. انهن سڀني
کوٽن خامين کان پاڪ رکڻ جو پھه ڪندي انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو پھريون
ڇاپو (1768-1771ع) ڇپجي پڌرو ٿيو.
جرمنيءَ ۾ ان وقت تائين
پرڏيھي انسائيڪلوپيڊيائن جي ترجمن تي ڀاڙيو پئي ويو. هاڻي اتي به وڌندڙ وچين طبقي
جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي هڪ سڌريل سماج لاءِ ثقافتي منظر رکندڙ انسائيڪلوپيڊيا جي
گهرج هئي. اليگمِينيس ليگزيڪان (1721) جوهَن ٿِيوڊور جئبلوننسڪي سنواري سينگاري
پيش ڪيو. ان کان پوءِ جوهن هيمزخ زيڊلر جو زبرو ڪتاب گراسيس وولِسٽينڊگز
يونيورسل ليگزيڪان (انتھائي ڳُوڙهو/ رچيل سنساري ٻولسڌ، 1732-1750)
جيتوڻيڪ پراڻي ڍنگ تي لکيل هو پر ان جي اهميت ڇنڊيل ڇاڻيل ٺيڪ ٺاڪ ڄاڻ ۽ جيون-ڪٿا،
ڪتابَسُڌ (ببليوگرافي) واري مواد سبب وڌيل آهي. ڪنوَرسيشنس-ليگزيڪان (1796-1811) ٺيڪ ٺاڪ تازي تواني ۽ ڳُوڙهي رچيل ڄاڻ مھيا ڪرڻ سبب وڌيڪ سرسو رهيو ۽
ايندڙ صدين ۾ يورپ جي انسائيڪلوپيڊيائن تي زبردست اثر ڇڏيائين. هن ڪتاب ۾ فريڊرڪ
ارنالڊ بروخاس جرمن ماڻهن جي حقيقي گهرج پوري ڪئي.
اڻويھين صديءَ ۾، چيمبر جو
سائيڪلوپيڊيا جي سڌاريندڙ ابراهام رِيس نيٺ نج ۽ سٺي نموني سينگاريل ڊِي نِيُو
سائيڪلوپيڊيا (1802-1820) پيش ڪيو جنھن کي برٽانيڪا جو رقيب سمجهيو وڃي
ٿو.
نوح ويبسٽر جو گهڻي ڄاڻ مھيا
ڪندڙ اميريڪن ڊڪشنري آف ديِ انگلش لئنگُئيج (انگريزي ٻوليءَ جو اميريڪي
ٻولسڌ) فطري طرح انسائيڪلوپيڊيا هو جيڪو بروخاس ۽ لوراس جي انسائيڪلوپيڊيائن جيان
دور ٺاهيندڙ ثابت ٿيو. ويبسٽر جي ڪتاب اميريڪي عوام کي نئين چس ڏئي ان جو ڌيان پاڻ
ڏانھن ڇڪائي ورتو.
اڻويھين صديءَ ۾ برطانيا
اندر سڀ انسائيڪلوپيڊيا ۽ سندس جوڙيندڙ جھڙوڪر ٿڪجي پيا. انهيءَ وڪڙ ۾ نه ڦاٿو ته
اهو هو چيمبرس انسائيڪلوپيڊيا (1860-1868). پر هاڻي دنيا جي
ڪيترن ئي ڏيھن ۾ انسائيڪلوپيڊيا زور وٺي رهيو هو. انسائيڪلوپيڊيا پوزيچنا
(1858-1868) پولئنڊ ۾، ۽ بوهيميائي سلونِڪ ناڪني (سائنسي) ٻولسڌ (1860-1890)
سان ريس ڪندي هنگريَن ايجلئٽيميز ميگيار انسائيڪلوپيڊيا (سنساري هنگرين
انسائيڪلوپيڊيا، 1861-1876) پيش ڪيا ويا. روسين وري وِي-اين-تاتيشيف
جو ليڪسيڪن روسسڪوئاءِ (روسي ٻولسڌ) جو اڌڙ انسائيڪلوپيڊيا 1873ع ۾ ظاهر ڪيو ويو ۽ پوءِ بروخاس جي طرز تي اي-اسٽار چيوسڪي جو اسپراووچني اينتسائيڪلوپيڊيچيسڪي سِلووَر (انسائيڪلوپيڊيائي ريفرنس ٻولسڌ، 1855-1873) پڌرو ڪيو. وڌيڪ اهم اينتسائيڪلوپيڊيچيسڪي
سِلووَر (1875) هو جنھن کي ان جي ڇپائيندڙ ”گرئناٿ رشين ببليوگرافيڪل
انسٽيٽيوٽ“ جي نالي پٺيان ”گرئناٿ“ سڏيو وڃي ٿو. 58-جُلدن
۾ گرئناٿ جو پوءِ آيل ڇاپو (1910-1948)
برٽانيڪا جي طرز تي جوڙيل آهي پر ان ۾ انقلاب کان پوءِ بدليل حالتن جو ثقافتي
اولڙو چٽو نظر اچي ٿو.
لاروس بنا مقابلي نه رهيو. لا
گرانڊ اينسائيڪلوپيڊيا (1866- 1902 ) فرانس کي نھايت مانائتي، ڀروسي
جوڳيِ ۽ ڳُوڙهي رچيل سڀ طرفي ڄاڻ سان
ٽمٽار، دستاويزي لکيت موجود ڪري ڏني. ڊنمارڪ ۾ اڻويھين صديءَ جي پڄاڻي ٽن سٺن گهڻ
جُلدي انسائيڪلوپيڊيائن سان ٿي: اَلَرس (1892-1899)،
هيگرَپس (1892- 1900) ۽ سَلمونسينس (1893-1911)
جن جو انسائيڪلوپيڊيائن جي تاريخ ۾ ڪو مثال ڪونهي. اڻويھين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين
جديد انسائيڪلوپيڊيا پنھنجي سموري سونھن ۽ ساڀيا کي رسي چڪو هو.
بِروخاس جي روسي ڇاپي (1890-1906)
کي جوڳي سرسي ملي. ايس-اين-يُوشاڪ بولشيا اينتسائيڪلوپيڊيا (مھان
انسائيڪلوپيڊيا، 1900-1909) ”ميير“ طرز تي پيش ڪيو، پر گرئناٿ کان پوءِ اهم
انسائيڪلوپيڊيا 65-جُلدن تي پکڙيل بيولشيا سُويستڪايا اينتسائيڪلوپيڊيا
(مھان سويت انسائيڪلوپيڊيا 1926-1947) شايع ٿيو، جنھن جو ٻيو ڇاپو
مارڪسي ــ لينني نڪتهءِ نظر موجب پيش ڪيو ويو هو. ان ۾ لڳ ڀڳ سڄي سويت يونين جي
ثقافتي وسيلن کي اجاگر ڪيو ويو هو. 8-هزار عالمن جا ڪتابسُڌ (ببليوگرافي)
سميت ڏنل مضمون بيشڪ بين الاقوامي معيار جا هئا. ان کان پوءِ شاندار، مُلهائتا ۽
معياري ”ساليانا ڪتاب“ هن انسائيڪلوپيڊيا جو مانُ وڌائيندا رهيا آهن.
گڏيل-اميريڪي-رياستن
(يو. ايس. اي) ۾ نِيُو انٽرنيشنل انسائيڪلوپيڊيا جو پھريون ڇاپو (1902-1904)
پڻ ساليانن ڪتابن وسيلي سڌريندو رهيو. انسائيڪلوپيڊيا اميريڪانا 1902ع ۾ نئين سگهه
ورتي. هيءُ اميريڪا ۾ انگريزي ٻولي اختيار ڪرڻ مھل (1829-1833)
پنھنجايل بروخاس جي ستين ڇاپي جو پويون نسل هو. 1950-1951
۾ نئين اميريڪي لکڻي ڪولِيئرس انسائيڪلوپيڊيا جي صورت ۾ ظاهر ٿي، جنھن کي
لاڳيتو ساليانن ڪتابن وسيلي سگهه ملندي رهي ٿي. گهڻيون تصويرون ۽ گهڻا نقشا ان جو
نمايان گڻ آهن.
”ايسپا“، انسائيڪلوپيڊيا
يونيورسل السٽريڊا يوروپيو اميريڪانا (1905-1907)
نه رڳو هڪ مھان انسائيڪلوپيڊيا آهي پر انسائيڪلوپيڊيا اِٽئليانا جيان کيس
قداور ساٿي-ڪتابن جي ٽيڪ به ملندي رهي ٿي. قد بُت ۾ اهو ئي دنيا ۾ سڀ کان ٿلهو ٿنڀرو ڪتاب
آهي. ان جو هڪ مڪمل جلد رڳو اسپين بابت آهي. اسپيني انسائيڪلوپيڊيا ڊڪشناريو
سَلوَت (پھريائين 1907-1913 ۾ ڇپيو) پڻ مختلف وقتن تي هر هر
ڇپجي ٿو. ٻيو وڏو اسپيني انسائيڪلوپيڊيا انسائيڪلوپيڊيا ليبر (1955-1960)
آهي جنھن جو هر جلد هڪ وڏي موضوع جي دنيا تي پکڙيل آهي.
سمورن انسائيڪلوپيڊيائن ۾
سڀ کان وڌيڪ اهم انسائيڪلوپيڊيا اٽئليانا (1929-1939)
آهي جيڪو گهڻ خرچائو (نفيس، شاندار) پيشڪش، عمدين تصويرن ۽ ڊگهن (تفصيلي) عالمانه
۽ سٺن دستاويزي مضمونن جي ڪري مشھور آهي.
لاروس جي لاڳيتي شھرت هوندي به فرانس ويھين
صديءَ ۾ ٽي ٻيا انسائيڪلوپيڊيا اينسائيڪلوپيڊياءِ فرانس (1935-1966
)، اينسائيڪلو پيڊيا ڊيِ لا يليياڊ (1955-)
۽ انسائيڪلوپيڊيا يونيورسَلِس (1928-) ظاهر ڪيا.
وڏن انسائيڪلوپيڊيائن سان
گڏ خصوصي موضوعن، جيئن فزڪس، ڪيمسٽري، فلسفي، ادب، تاريخ، شخصيت وغيره تي ۽ هر هڪ
کنڊ لاءِ ڌار ڌار مختلف قد بت جا ڪيترائي انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ٿيندا پئي رهيا آهن
جن کي پنھنجي پنھنجي ڄاڻ، سونھن ۽ سينگار آهي.
ڪيترن ئي ڏيھن ۾ هونئن ته گهڻا
پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سٺو انسائيڪلوپيڊيا مڙيوئي موجود آهي. انهن مان ڪجهه هي آهن:
بلگاريا: ڪراتُڪا بلگارسڪا
اينسائيڪلوپيڊياءِ (1963-) ۽ ٻيا.
ڊنمارڪ: گلائڊينڊلس ناءِ
ليڪسيڪن (پھريون ڇاپو 1931-1932) ۽ ٻيا.
فنِلئنڊ: اوٽاون آئسو
ٽائٽو سَناڪِرجا/ انسائيڪلوپيڊيا فينِيڪا (1960-
1965) ۽ ٻيا.
يونان: ميگالي
هيلينائِڪي اينائيڪلو پيڊيا (1926-1934) ۽ ٻيا.
هنگري: ريواءِ نيگي ليگزيڪونا
(1911-1935) ۽ ٻيا.
نيڌرلئنڊس: ايرِستي
نيدرلئنڊسي سسٽميٽس اِنگرڪتي انسائيڪلوپيڊيا (1946-1951)
۽ ٻيا.
ناروي:
اَشيھائو گس ڪنورَسيشنس ليڪسيڪن (1970-) ۽ ٻيا.
پولئنڊ: وِيلڪا
انسائيڪلوپيڊيا پوُزيچنا پ ون (1962).
رومانيا: ڊڪشنر
انسائيڪلوپيڊڪ رومن (1962-1966).
سوُيڊن:
بونِئيرس ڪنورَسيشنس ليگزيڪان (پھريون ڇاپو 1922-1932) ۽ ٻيا.
ترڪي: ترڪ اَينسائيڪلوپيڊيسي
(1946-).
يوگوسلاويا: انسائيڪلوپيڊيا
يوگو سلاويا (1955- )۽ ٻيا.
لٿُئانيا: لِٽوِيُ
انسائيڪلوپيڊيا (1953-1969).
اسٽونيا س . س . ر. : اِيسٽيِ
نُوڪر وجُود اينتسائيڪلو پيڊيا (1968-).
لبان: دائرة
المعارف (1887-1900)
بطرس البوستاني ۽ سندس پٽ جوڙي تيار ڪيو.
مياتما سُيزن ڪِيان/
انسائيڪلوپيڊيا برمانيڪا، برما ٽرانسليشن سوسائٽيءَ
برميز ٻوليءَ ۾ ڇپرايو (1054-).
عبراني ٻوليءَ ۾: هَه-اينتزائيڪلوپيڊيا هَه-عوِروتِ (انسائيڪلوپيڊيا هيبرائيڪا 1946-)
۽ ٻه ٽي ٻيا.
انڊونيشيائي ٻوليءَ ۾: انسائيڪلوپيڊيا
انڊونيشيا (1954-).
سِنهالي ٻوليءَ ۾: سنهاليز
انسائيڪلوپيڊيا (1963-).
۽
سنڌي ٻوليءَ ۾: ..... !؟
هيڏي
شاهوڪار، سُکي ۽ ستابي ٻولي، ايڏو ثقافتي ورثو ۽ شاندار ماضي، هزارين ڏاها، ڏاتار،
عالم اڪابر، سياڻا سيبتا، شاعر، اديب،
ليکڪ، سائنسدان، سياستدان، تاريخ ڄاڻُو، هنرمند، فنڪار ۽ ڪلاڪار؛ علم، ادب، فن ۽
هنر جو ڪھڙو شعبو آهي جنھن ۾ سنڌي نه هجن؟ پوءِ به سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي خاني ۾
ٻڙي!؟
سنڌ جو ماضي:
سنڌ
جو تاريخ کان اڳ وارو ماضي بيشڪ بهترين ۽ مانائتو آهي. جڏهن کان تاريخ لکي وئي آهي
تڏهن کان سنڌ ۾ علم ۽ ادب، سُک ۽ ستايائي، سورهيائي ۽ سرويچائي جا آثار ته برابر
ملن ٿا پر جڏهن به ڌارين ڪاهيندڙن ڪاهيو تڏهن مڙسيءَ سان وڙهي به پھرين نه ته ٻي،
ٽين، چوٿين ڀيري هار کاڌي اٿئون ۽ انهن جي غلاميءَ هيٺ آيا آهيون. چون ٿا ته ان جو
هڪ ڪارڻ اسان جو ڍءُ به هو. پرمارن سنڌ کي
پئي لتاڙيو، ڦريو ۽ ماريو آهي. اسان جي حاڪم طبقن ته هار کائيندي ئي سندن چاپلوسي
پئي ڪئي آهي پر عوام سدائين ظالم ۽ ظلم کان گهٽ ۾گهٽ به نفرت ضرور ڪئي آهي ۽ ڪڏهن
به ڏيک ويک، لئه ۽ ٽيڳر جي ريس ڪندي دشمن جي پٽ پٽيھر تي پنھنجيءَ لوئيءَ کي نه
لويو آهي. ٻي پاسي سنڌ مٿان جن ”پنھنجن“ حڪمراني هلائي انهن به گهٽ ۾ گهٽ ٻوليءَ
جي لحاظ کان سنڌ جي ڪا خاص خدمت ڪو نه ڪئي. ويجهڙ ماضيءَ وارن پنھنجن حڪمرانن
پاران سرڪاري سطح تي سنڌ ۾ ڌاري ٻولي ئي مڙهي رکي وئي ۽ سرڪاري سرپرستي جي اڻھوند
سبب عوامي سطح تي به ڪي سٺا ادارا ٺھي نه
سگهيا. ابوالحسن جھڙن عالمن ۽ هر دور ۾
اڀرندڙ وچين طبقي جي ڪيترن ئي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي لپي ڏيڻ جو پرخلوص ۽
پيار ڀريو جتن به ڪيو، راءِ سھاسيءَ کان وٺي انگريزن جي اقتدار تائين، اسحاق آهنگر
۽ حماد شيخ کان وٺي سچل ۽ ساميءَ تائين سنڌ جي ڌرتيءَ تي گهڻو ڪجهه لکيو، پڙهيو،
ڳالهايو ۽ ڳاتو ويو آهي پر هيءُ، هن وقت جنھن لپيءَ ۾ لکي رهيا رهيا آهيون اها
جوڙائڻُ، رائج ڪرڻُ ۽ وڌرائڻ انگريز جو جتن آهي. انگريز ڦورو ۽ بدمعاش هو، قاتل ۽
پرمار هو (اسان جو مٿس گهڻو ئي حق حساب رهيل آهي) پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت
۽ تاريخ سان اڳوڻن پرمارن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن جيان هٿ چراند ڪرڻ ۽ مَٺ گُهرو ٿيڻ
بدران گهڻ گُهرو ثابت ٿيو. سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾جو ڪجهه لکيو ويو ان جو گهڻو
ڪجهه ملي ٿو پر پراڻيءَ سڀيتا جي مليل مُھرن ۽ لکيتن، هندي، گجراتي، گرمکي وغيره ۾
جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ان جي بھتر ڄاڻ اهي عالم ئي ڏئي سگهن ٿا جيڪي لکت ۽ ذاتي
ڪچھرين ۾ اهڙي ڄاڻ رکڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن. بھرحال سنڌ جي انتھائي پراڻي
ماضيءَ ۾ جيڏي وڌيڪ عظمت آهي ويجهي ماضيءَ ۾ ٿورن مثالن کان سواءِ اوتري ئي اڻھوند
نظر اچي ٿي.
سنڌ جو حال:
عام چوڻ آهي ته اسين گهڻو
عرصو ڌارين جا غلام رهيا آهيون تنھنڪري سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جو بچاءُ
نه ڪري سگهيا آهيون جڏهن ته ڌارين حڪمرانن به انهن کي پئي تباهه ڪيو آهي. پر گھري
نظر سان جاچ ڪبي ته پنھنجن جو راڄ پراون جي راڄ کان مُدي ۾ ٻيڻي کان به وڌيڪ نظر
ايندو، پوءِ به مختلف سببن جي ڪري سنڌ جا
حاڪم طبقا ذهني ۽ علمي طرح ڌارين جا غلام ٿي رهيا آهن جنھنڪري اسان، عوام کي ڌارين
جي غلاميءَ جو ڳٽ لاڳيتو محسوس ٿيندو رهيو آهي. موڪي بن وسائي کان وٺي 1991ع جي
اڄوڪي ڏينھن تائين موجود غدارن سنڌ سان وڏيون ويساهه گهاتيون ئي ڪيون آهن. سندس هڪ
ڏٽو مس ٿو اگهاڙو ٿي پورو ٿئي ته ٻيو ڏٽو تيار هوندو. اسين ڪنھن غداري ۽ سازش کي
مس مس منھن ڏئي مٿي ٿا. چڙهون ته پرمارن جي اشاري تي اهي غدار ڪنهن ٻي ٻوهي ۾
ڦاسائي ڇڏين ٿا. اچو ته رڳو هڪ مثال وٺون ۽ اهو به ٻوليءَ جي حوالي سان. 1947ع
تائين سنڌي ٻولي جي اوسر تي هڪ نظر وجهي ڏسو. ادب ۽ سائنس جو ڪھڙو موضوع هو جنھن
تي سنڌي ۾ نه لکيو پئي ويو ۽ سنڌ جو ڪورٽ کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين ڪھڙو شعبو هو جنھن
۾ سنڌي ٻولي رائج نه هجي؟ سنڌي ٻوليءَ حياتيءَ جي هر حصي ۾ ڪيڏي نه تيز رفتاريءَ
سان ترقي پئي ڪئي!؟ رڳو علي احمد قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ جي لکڻين کي ئي جاچڻ سان
خبر پوندي ته سائنس ۽ ادب ۾ ڪيئن پئي وڌياسين. جيڪڏهن پنھنجن جون ڏٽيبازيون ۽
غداريون ۽ گُهرائي مڙهيل ڌارين جي مڪروه حاڪماڻي ذهنيت نه هجي ها ته نه ٺھي ها ون-يونٽ
۽ نه ئي وري انهيءَ قيد دوران سنڌي ٻوليءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي ها، ۽ اڄ اسان جي
سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي عظمتن تي وڃي پھچي ها، انهن کان هزارين ڪوهه پوئتي نه هجي
ها. ممڪن هو ته اسين اڄ ڊاڪٽري، انجنيري، وڪالت وغيره مطلب ته هر اها تعليم جا ڌاري ٻوليءَ ۾ پِرائڻ
تي لاچار آهيون اها جيڪر پنھنجيءَ سنڌي ۾ ئي پڙهون ها ۽ اسان جون لائبريريون ٿلهن متارن سنڌي ڪتابن سان سٿل نظر اچن ها،
جڏهن ته سنڌي ثقافت (۽ سنڌي ماڻهن) کي خاص ڪري سنڌ جي وڏن شھرن ۾ تِڇَ-ويک
(مائڪرو اسڪوپ، خوردبين) وسيلي ڳولڻ بدران ريڊين، ٽِيوِين، اخبارن، رسالن وغيره ۾
سَو سيڪڙو ٻڌي، ڏسي، پڙهي، ڄاڻي سگهون ها...
هن
وقت اسين غلام آهيون گورن جي گادي نشين ۽ بدترين ذهنيت رکندڙ ڪارن جا، سنڌي ماڻهن
جي هر انساني ۽ قومي حق خلاق هر پاسي کان هُلان جاري آهي. سنڌ سرڪار ۾ گهڻائي ته سنڌي وڏيرن جي آهي پر اهي آهن ساڳين ئي اِبن الوقت
۽ موقعي پرست ماڻهن جا جانشين، جن جي ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن پئي لوڙيو آهي. سنڌ
سرڪار جون ڏوريون ڪنھن ٻي هنڌان لوڏيون پيون وڃن ۽ هر سنڌ دشمن ڪم گهڻي ڀاڱي غدار
سنڌي جاگيردارن جي مدد سان پيو ٿئي. ون
يونٽ کان وٺي پاڻي-ورڇ جي ٺاهه تائين، لياقت کان وٺي نواز تائين حڪمرانن جا
نالا بدليا آهن، حڪومتن جا ويس بدليا آهن، جاگرافي بدلي آهي، ڪيترائي غدار مئا آهن
۽ ڪجهه جون ڳالهيون بدليون آهن پر سنڌ، سنڌين ۽ ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ساڳيا
هاڃا جاري آهن. اڄ سنڌ ۽ سنڌي ٻٽي ويل ۾ نه پر اٺوڻي عذاب ۾ آهن. سنڌوءَ جو پاڻي
چوري ٿيندو ۽ پَرٻاهرو ڦٻجندو رهيو آهي، سنڌ کان ٻاهر ڊيم ٺاهيا ويا آهن ۽ اڃا به
ٺاهڻ جون تياريون آهن، ناڻو ڦٻائڻ لاءِ ٺڳيءَ ڀريا ٺاهه پيا ٿين، سنڌ جون ڀليون
ٻنيون ڪوڙن ڪِليَمن ۽ ٺڳين وسيلي اڌ کان وڌيڪ ڌارين جي حوالي ڪري چڪا ۽ اڃا
به ”انعامن“ ۾ ڏنيون پيون وڃن، دهشت گردن
۽ ڌاڙيلن کي زور وٺائي سنڌ مٿان ڪڙڪايو ويو آهي ۽ وري انهن کي ختم ڪرڻ جي بھاني
زمينون کسي ڇاوڻيون وجهي سنڌ کي فوجي قيدخانو بنائڻ جي ڪوشش تي عمل ٿي رهيو آهي،
سنڌ جي صنعت ۽ حرفت تي ڌارين جو قبضو پڪو ڪيل آهي ۽ اسرندڙ سنڌي وچين طبقي کي
چيڀاٽيو پيو وڃي، سامونڊي ڪمائي ”ڊراءِ پورٽ“ جي نالي ۾ پڪي ڦرجي چڪي آهي، سنڌي
ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي ڪانهي، سنڌي ثقافت کي نيچ ڪرڻ لاءِ هر وسيلو ڪم آندو پيو
وڃي، سنڌي عوام تي هر پاسي کان ڏنڊي جو وسڪارو آهي ۽ هاڻي ته قانون به اهڙا پيا
جوڙيا وڃن جيڪي اگهاڙي نموني سنڌي عوام جي خلاف آهن. سياست جي نالي ۾ ڏٽي بازيءَ، غداريءَ ۽ مڪاري ۽
مٿان وري هڪ طرفي پروپيگنڊا اهو حال ڪيو
آهي جو بنھه سچي، وطن دوست، عوامي ۽ جمھوري سياست به شڪ شبھن جو شڪار ٿي پئي آهي.
مجموعي طرح سڀ سياسي پارٽيون هڪ قطار ۾ بيھاريون ويون آهن، جڏهن ته غداريءَ ۽ وطن
دوستيءَ ۾ فرق ڪرڻ گهربو هو. نوبت اتي وڃي پھتي آهي جي عوام جي حياتيءَ ۾ سُک چين
موڪلائي ويو آهي.
اسان جو فرض:
اسان مان هر هڪ کي پنھنجو
انساني، اخلاقي ۽ علمي فرض نڀائڻو آهي. جيڪڏهن اسان کي پنھنجو حال ۽ آئيندو
سنوارڻو آهي ته حال ۾ ئي، اڄ ۽ هاڻي ڪم ڪرڻو پوندو.
ڪَنين من ماضي، ڪـنين استـقـبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.
اسان مان هر هڪ ڇا ڪجهه ڪري
سگهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه نه ڪيو اٿائين. اهو سڀ ڪجهه جاچڻ
لاءِ ڇا اسان ڪڏهن پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي؟ جيترن ڪمن ڪري سگهڻ جي ڏاهپ،
ڏات، ڏيا ۽ ڏانءُ اسان ۾ موجود آهي جڏهن اسان اهي نه ڪيا آهن ته ڇا اسين ڏوهاري نه
ليکباسون؟ اسان مان هر هڪ جيڪڏهن پنھنجي اندر جي ماڻهوئڙي، وويڪ، ضمير کي آچاري ۽ اَمين
واري سچائيءَ سان پنھنجو جائزو پاڻ وٺي ته هو پنھنجي وطن، قوم، ٻوليءَ ۽ ثقافت ۽
علمي ماڻهپي لاءِ ڇا ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿو رڳو اهو، اوترو پنھنجي پتيءَ جو
فرض پرور ڪري ته جيڪر ماڻهپي، سنڌ ۽ سنڌي عوام مٿان ڇانيل ڏاڍ جا ڪيترائي ڪڪر ۽
سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ ڪيتريون ئي سازشون بنھه ختم ٿي وڃن. اچو ته هڪ
مثال جاچيون ۽ اهو به مئٽرڪ کان مٿي پڙهيل ماڻهن جو. سمجهو ڪري ته اهڙن پڙهيلن جو
انگ رڳو 5-لک آهي. هر هڪ ماڻهو جنھن شعبي جي ڄاڻ رکي ٿو ان ئي شعبي جي ڪنھن به هڪ موضوع
بابت هڪ سال ۾ رڳو هڪ ڪتاب يا مضمون لکي (هڪ ڏينھن ۾ سراسري طرح رڳو ڏهه سٽون لکجن
ته به) پنجن ۽ ڏهن ورهين کان پوءِ اسان جو علم ادب ڪٿي وڃي پھچندو !؟ سمجهو ڪري ته
سنڌ ۾ رڳو 5-هزار ڊاڪٽر آهن ۽ انهن مان هر هڪ هر سال رڳو هڪ موضوع تي لکي ٿو ته پنجن ورهين
کان پوءِ طبي ڄاڻ جي اڏام ڪيڏي اوچي هوندي! سمجهو ڪري ته سنڌ ۾ هڪ هزار انجنير، اٺ
سوَ وڪيل، سراسري طرح رڳو هڪ هڪ سَو ماڻهو ڪيمسٽري (ڪيميا)، فزڪس، بانٽي (اوڀڙ+اڀياس= اوڀڙڀياس)، زولاجي (پسون+اڀياس= پسونڀياس)، مئٿميٽڪس (انگڀياس)، فائين آرٽس،
جاگرافي (ڌرتي ليڪڻ، ڌرتي+اڀياس= ڌرتڀياس)،
جيالاجي (ڀونءِ+اڀياس= ڀونئڀياس)،
ايسٽرانامي (تاراڀياس)، ايسٽرالاجي (جوتش، نکٽ+اڀياس= نکٽڀياس)، نفسيات (مَنُ+اڀياس= منڀياس)، سوشيالاجي (راڄ+اڀياس= راڄڀياس)، پوليٽيڪل سائنس
(سياستڀياس)، ادب، تاريخ، فلسفي، مذهب، ٽيڪنالاجي (هنرڀياس)، آرڪيالاجي (جھوني+اڀياس= جھونيڀياس)، ٻوليءَ، فن، ثقافت، پرڏيهي
نيِتيءَ ۽ لاڳاپن ـــــ مطلب ته علم جي هر شعبي ۾ موجود آهن ۽ اهي هڪ سال ۾ رڳو هڪ
ڪتاب يا مضمون لکن ته سنڌيءَ ۾ علم جو ڪھڙو شعبو هوندو جيڪو وانجهو رهجي وڃي!؟
جيڪو به، ڄاڻ جي ڪنھن به
شعبي ۾ پوسٽ-گرئجوئيٽ يا پِي ايڇ. ڊي آهي ان کي ڪنھن نه ڪنھن موضوع تي تحقيقي مقالو لکڻو
ئي پوي ٿو، رڳو اهو، رسما رسمي نه لکيو وڃي پر سچ پچ تحقيق ڪري سنڌيءَ ۾ (به) لکيو
وڃي ته ”تاريخ تمدن سنڌ“ ، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۽ انهن جھڙا ٻيا جيڪر
ڪيترا ڪتاب جڙي پون!؟
جيڪڏهن هر استاد پنھنجي پنھنجي
موضوع جي وس پڳي گهڻي کان گهڻي ڄاڻ پنھنجي پاٺڪن تائين پھچائڻ سان گڏوگڏ لکي پڌري
ڪري/ڪرائي ته ڇا سنڌي ۾ علم ادب جا انبار نه لڳي ويندا، ڇا سنڌي ٻولي شاهوڪار نه
ٿي پوندي ۽ ڇا سنڌي ثقافت جا اڪابر گڻ اجاگر نه ٿي پوندا!؟
قوم ٿي زنده رهي، پر زبان زنده رهي.
اچو ته ايمانداريءَ ۽
سچائيءَ سان پنھنجيءَ سگهه آهر پنھنجي پتيءَ جو علمي ۽ عملي ڪم ڪريون. اڄ سنڌ جون
خراب حالتون ۽ سنڌين خلاف سازشون ايترو ته زور وٺي ويون آهن جو جيڪڏهن اڃا به غافل
رهياسين ۽ پنھنجي پتيءَ جو فرض اوچائيءَ
سان پورو نه ڪيوسون ته پوءِ پيار ۽ پاٻوهه سان ٽمٽار هيءَ حسرت ڀري دانھن ياد
رکجو:
الا ايئن مَ هوءِ، جو ڪتابن
۾ پڙهجي،
هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/ سنڌي مھاٻولَسُڌ:
جيڪڏهن هر سنڌ سڄڻ ماڻهو ــ
پـيـھــي
جـان پــاڻ ۾، ڪَـيـــم روحَ رهـــاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُـنـھـون ٿـيـس پــاڻ، سـسـئـي تان سور هئا.
نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُـنـھـون ٿـيـس پــاڻ، سـسـئـي تان سور هئا.
۽ ـــ
هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.
ـــ جو جيئرو جاڳندو مثال
ٿي اڀري اچي، پنھنجين سمورين ڏاهپن ۽ ڏاتن
کي واهپي ۾ آڻي ته اسين جيڪر ذهني ته ڇا علمي ۽ عملي انقلاب جو به سج اڀاري سگهون
ٿا.
۽ فنا کان بچڻ ۽ پنھنجي بقا
لاءِ اسان کي اهو سچ اڀارڻو ئي پوندو.
اڄ جو ڪم آئيندي تي ڇڏڻ،
چون ٿا ته عقل جي کوٽ جو نشانبر آهي تنھنڪري اچو ته اڄ ۽ هاڻي کان ئي پنھنجي
پتيءَ جو فرض نڀائڻ شروع ڪيون.
سنڌي علم، ادب ۽ جدوجھد جي
دنيا ۾ هزارين رنڊڪن ۽ ڏکيائين باوجود، جيئن لُڪَ لڳي تيئن رڪ ٿيا، جو مثال بنجي
اسان جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ ڪيترن سنڌ سڄڻ جدوجھد ڪندڙن ساراهه جوڳو ڪم پئي
ڪيو آهي. الهڙ شهزاديءَ کي سگهڙ شھزاديءَ ۾ بدلائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي
بنياد مھيا ڪري ڏيڻا آهن ۽ سائنسي بنياد مھيا ڪرڻ لاءِ پرک ۽ پروڙ، تحقيق ۽ تعليم،
ايجاد ۽ اڪابريءَ جو هر ڪم ڪرڻو پوندو ۽ انهن مان هڪ ڪم، بھترين ثقافتي لقاءُ
آڇيندڙ علمي هيري کاڻ ـــــ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي مھاٻولسڌ ـــــ
جوڙڻ جو ڪم اسان جي آڏو آهي، جي واهر ڪندا ۽
هٿ ونڊائيندا ته هڪ تاريخي جوابداري، علمي فرض پورو ٿي سگهندو.
اردو انسائيڪلوپيڊيا جيان
رسمي خانه پُري ڪرڻ کي علمي ويساهه گهاتي سمجهون ٿا. اسان کي ته مُنڍ ۾ بيان ڪيل ۽
ساراهيل علمي معيارن جا انسائيڪلوپيڊيا گهرجن.
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينھن،
ڳنڍين سارو ڏينھن، ڇنڻ مور نه سکيا.
ڳنڍين سارو ڏينھن، ڇنڻ مور نه سکيا.
ڳنڍڻ،
جوڙڻ، ٺاهڻ، وڌائڻ، سينگارڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو اٿئون، ان ۾ توهان جو ڪردار ڪھڙو
هوندو؟
هڪ اداري جي گهرج:
هڪ سٺو انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ
جو ڪم عام حالتن ۾ ڪنھن پيٽ ۾ پوري بيوس بنايل ماڻهوءَ جي سگهه کان ٻاهر آهي، ڪجهه
ماڻهو به ڪو خاص ڪم ڪري نه سگهندا، هيءُ گهڻن ماڻهن جو ڪم آهي جن کي هڪ زبردست
اداري يا ادارن جي سھڪار ۽ سرپرستيءَ جي گهرج رهندي.
اڄوڪن سٺن انسائيڪلوپيڊيائن
جا جوڙيندڙ پنھنجيءَ جاءِ تي جھڙوڪر يونيورسٽيون آهن. هن دنيا ۾ هر گهڙيءَ ملندڙ
نئين ڄاڻ کي سھيڙيو پيو وڃي ته جيئن انسائيڪلوپيڊيا جي ايندڙ ڇاپي ۾ ان کي گڏ ڪري سگهجي
۽ جيستائين ايندڙ ڇاپو ظاهر ٿيئي تيستائين ’سالياني ڪتاب‘ وسيلي ڇپجي ظاهر
ٿيندي رهي.
سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندڙ
سرڪاري ادارو ڪو به ڪونهي. نيم سرڪاري ادارا، سي به ”چار“ جيڪي پڻ گهوٻين جو شڪار.
سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي بيشڪ شاندار ماضي رکن ٿا، پر ڇا اسان رڳو ماضيءَ جي سھاري
تڙڳي سگهنداسون؟ ڇا اسان کي شاندار حال جي گهرج ناهي؟ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي ته
جاءِ به پوليس جي قبضي ۾، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي تازو ئي ٻاراڻي ادب جي نالي ۾
ٻاراڻا ڪتابڙا ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. سنڌي ٻولي وسدار (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) نالي
ادارو اڃا سوڌو رڳو اخبارن ۾ بيان ڪيل ڪوڙ کان مٿي نه چڙهيو آهي، ٻيو مڙيو ئي خير
(گهرجي به خير، جيءُ آيئو، ڀلي آيئو، اسان ڏي به رب جون مهربانيون ... ٿيو هيئن ته
...). جيڪڏهن سنڌي ٻولي وسدار، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ
يا ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي مالي مدد ڏئي يا سنڌي مھاٻولسڌ وسدار (انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيڪا اٿارٽي) جوڙي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپائڻ
جو ڪم ڪو ڏکيو به ڪونهي.
زبرا عالم رکندڙ هڪ زبري
اداري جي گهرج آهي. اَٺ اَٺ هزار عالم انسائيڪلوپيڊيا جي سونھن ۽ سينگار لاءِ
جاکوڙون ڪن ٿا. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا لاءِ اَٺ هزار عالم نه هجن، اَٺ سوَ به نه
هجن پر اَٺ عالم ته هئڻ گهرجن، جن کي وسدار بنائي، ڪجهه مددگار عملو ڏئي، هن
تعليمي ۽ تخيلقي ڪم لاءِ سيڙايو وڃي ته به ’صبر ۽ شڪر ڪاڏي آءٌ ڪندِي‘ جي صدا ٻڌي
به صبر ۽ شڪر ڪندڙ، بيوس بنايل هيءَ سنڌي قوم سندن ٿورو ضرور مڃي ها ۽ هر گهڙيءَ
غداري ڪندڙن جي خيسس لفاظيءَ تي ايڊيٽوريل ڪارا ڪري پٽڪا ٻڌائيندڙ اخباري-اڳواڻ
کين پڏائي چوٽ ضرور چاڙهن ها.
مرڪزي توڙي صوبائي سرڪار کي
سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ جيڪا حب آهي ان جو ذڪر ڪھڙو ڪجي!
سنڌي قوم جڏهن ايڏو سجاڳ
ٿئي جو پنھنجا جائز حق ماڻي سگهي ان ۾ به ڪي ڏينھن لڳندا. تيستائين ڇا ڪجي؟ ڇا ماٺ
ڪري ويھجي؟
ماٺ رهان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر.
ماٺ
به نه ٿا رهون (متان مشرڪ ٿيون) ۽ ڪُڇون به ڪونه ٿا (متان ڪافر ٿيون)، اچو ته لکون
(من ايمان وارا ٿي پئون).
سنڌي مهاٻولسڌ جو ابتدائي ڪم:
چريا کريا آهيون پر سمجهون سڀ ڪجهه ٿا. تاريخ ۾
اهڙن هزارين ”مٿي ڦريل“، ”چرياڻن“ جو ذڪر ملي ٿو جن رڳو پنھنجي اڻمَئي ذهني پورهيي
۽ جسماني ڪشالي جي آڌار تي اُهي اچرج ۾ وجهندڙ ڪم ڪيا آهن جو ڏسي دنگ رهجي ٿو وڃجي
پر ”ٻه ته ٻارھن“ جي مصداق هٿُ هٿَ ۾ ڏئي ڪم ڪبو ته ’گهڻن کنئي ڇپر به کڄي ويندو‘
جي چواڻي سنڌ جي علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهن ۾ ايمان رکي، انهن جي سھڪار جا آسائتا
ٿي، پڙ ۾ لٿا آهيون، ’جو مليو سو اکين تي‘ ۽ جي نه مليو ته ڏوراپو ڏيڻ جا حقدار
هوندي به ڪڇنداسون ڪو نه، پاڻ ئي ملندم هوت، ڪجهه آءٌ به اڳڀري ٿيان.
اسان الف-ب
جي ترتيب سان لڳ ڀڳ سڀ ڄاڻي سگهڻ جھڙو مواد ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ان ۾ ’الف‘ سان
شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ پنجن هزارنِ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي ۽ اڃا به ٻيو نه ته ٽي
هزار کن وڌيڪ عنوان سھيڙڻ جي اميد اٿئون. اهڙيءَ طرح ’ب‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي
ڳڻپ ٽن هزارن ۽ ’ٻ‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ اٺ سَو کي پھچي چڪي آهي ۽ اهڙيءَ
طرح وڌيڪ. اسان اهي سمورا عنوان سٺين اخبارن جي سھڪار وٺندي پڌرا ڪنداسون ته جيئن
هر علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهو پنھنجي پسند جي ڪنھن به عنوان تي تحقيقي مواد لکي
اسان کي ڏئي سگهي، اهو ڪم نه رڳو سندن علمي فضيلت کي وڌائيندو پر سنڌي ٻوليءَ جي
به هڪ شاندار خدمت هوندي. اسان سندن ٿورن سان اها لکڻي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي
مھاٻولسڌ جي رٿل ڪتابي سلسلن ۾ ترتيبوار
ڇپيندا رهنداسون.
ٿيڻ ائين گهرجي ته سجاڳ ۽
سڄاڻ سنڌي عالم هن ڪم کي سنجيدگيءَ سان هٿ ۾ کڻن ۽ پنھنجو پھر وهن. هڪ علمي ڪچھري
سڏائي وڃي جنھن ۾ سنڌ جا علم، ادب، فن ۽ هنر جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو
سڏايا وڃن، گڏجي ويھي صلاح مصلحت ڪجي ۽ رايا لکت ۾ ڏجن، جن ۾ اهم ترين ڄاڻ ان
ذميواريءَ بابت ڏني وڃي ته ”آءٌ، پاڻ، پنھنجي سِر ڪھڙو علمي ڪم ڪري سگهان ٿو“. هر
شعبي جو هر ڄاڻ رکندڙ ماڻهو پاڻ تي مقرر موضوع کڻي، پنھنجي ڏاهپ ۽ ڏات آهر لکي ۽ (جيستائين
ڪو سٺو ادارو ٺھي ۽ مھاٻولسڌ ڇپائڻ جو بار کڻي تيستائين) اسان کي ڏياري موڪلي.
اسين پنھنجي ساهه کان به وڌيڪ سندن لکڻين جي سنڀال ڪنداسون ۽ وقت اچڻ تي ڪتابي
صورت ۾ ڇپي پڌريون ڪنداسون.
ٿلها، مھانگا، سھڻا ۽ ستابا
ويھه ٽيھه جلد هڪ وقت ڇپائڻ اسان لاءِ ممڪن ڪونهي، پنجن ڇھن عنوانن تي سھيڙيل مواد
هر ڏينھن اخبار ۾ ڇپائڻ به سٺو ڪو نه ٿو لڳي. اسان کي بس هڪ ئي رستو سُجهي ٿو ته
سٺ ستر صفحن جو ٻه گراٺ قد (ڊبل ڊيمي سائيز) ۾ ڪتابي سلسلو جاري ڪري ڇپايون (جيئن
اٺ ڏهه ڪتاب هڪ جلد ۾ بند ڪرائي سگهجن) ۽ ائين وک وک وڌائيندا هلون، لاٽ ٻرندي
رهيِ ۽ ساٿ هلندو رهيو ته اوس سوڀارا ٿينداسون.
ڪيترن ئي علم دوست ماڻهن
لکڻ ۽ ڇپائي جي ڪم ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان حب رکندي، اسان سان سھڪار ڪرڻ جو
پاٻوهه ڀريو اظھار ڪيو آهي.
اسان
سڀني علم دوست ۽ سنڌ سڄڻ ماڻهن ۽ ادارن کي وينتي ٿا ڪريون ته هن علمي پورهيي ۾
اسان سان پنھنجيءَ سگهه آهر هر قسم جي هر ممڪن سھڪار ڪن، سندن ٿورائتا رهنداسون.
ايڪيهين صديءَ جي آجيان:
دنيا جو هر باشعور ماڻهو ۽
ملڪ پنھنجي پنھنجي سمجهه ۽ نيت موجب ايڪيھين صديءَ جي آجيان لاءِ اتاولو آهي ۽
اچرج ۾ وجهڻ جھڙا اتساهه سانڍي رکيا اٿائين. ڪي ڪوڙ ڪري پنھنجي ٻوٿ تي ”آزادي،
برابري، جمھوريت ۽ ڀائپي ــ سموري انسانذات لاءِ جو نقاب اوڍي ته ڪي وري سچ پچ
اعلان ڪندي وقت جي پل مٿان اڳتي اُڪري رهيو آهي. ڀانت ڀانت جا سچ ۽ ڪن وري ڪوڙ گڏ
ڪري رکيا آهن.
•
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻتوريو اگهائيو.
تن جو صرافن، اڻتوريو اگهائيو.
•
چائت پائي چت ۾، سنھو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.
جن
سچ گڏ ڪيو آهي انهن کي سلام ٿا ڪريون ۽ جيڪي ڪوڙ گڏ ڪري ويٺا آهن انهن لاءِ ڦٽڪار
موڪليون ٿا.
ايڪيھين صديءَ کي آڇڻ لاءِ سنڌي قوم وٽ هن وقت ته رڳو
ڏکن سورن ۽ سختين جو سرمايو آهي. اسان وٽ بي وسيءَ، موڳائيءَ ۽ مايوسيءَ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به نه بچائڻ جو عھد ڪري چڪا آهن ڪوڙ جا پيروڪار. پر جيڪڏهن اسين سڀ، پنھنجي
پوري ذهني ۽ جسماني سگهه ڪم آڻي؛ بس رڳو؛
جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا؛ اهو اوترو؛ پنھنجي پتيءَ جو فرض پورو پورو ادا ڪريون ته
اها صورتحال بدلجي سگهي ٿي ... ۽ ايترو بدلجي سگهي ٿي جو ... ٿي سگهي ٿو اسين هڪ
مانَ شانَ واري، پنھنجن پيرن تي بيٺل، سکي
۽ ستابي ۽ آجيل قوم جي حيثيت سان ايڪيھين صديءَ جي آجيان ڪري سگهون. جيڪو به پنھنجيءَ
محبت جا رنڊا روڙي ايندڙ صدي کي آڇيندو ان سان ساٿ ۽ سھڪار جو اظهار ڪندي، پنھنجي
پاران اڀري سڀري حال آهر ايڪيھين صديءَ لاءِ انسائيڪلو پيڊيا/سنڌي مھاٻولسڌ جي سوکڙي
آڇڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيون.
***
No comments:
Post a Comment