3/18/2018

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (پسون، راڳ ساز، ڳهه، زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا©
”مواد سھيڙيو مھم“
(پسون، راڳ ساز، ڳهه، زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو)

ـــــــــ پِسون ـــــــــ
الف“ سان شروع ٿيندڙ مختلف جانورن، جيتن، پکين ۽ ٻين ساهوارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. پسونڀياس (زوالاجي) جي ڄاڻن کي خاص گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پسون ڀياسي نالو (زولاجيڪل نيم) ۽ ان جي بدران ڪم ايندڙ عام انگريزي لفظ جي ڄاڻ ڏين.
1.       حسب نسب
2.       سڃاڻپ
3.       آبھوا (ملڻ، پلجڻ، وڌڻ، ويجهڻ وغيره جو هَنڌ)
4.       واڌ ويجهه جو طريقو
5.       فوٽوگراف يا اسڪيچ
6.       واسطيدار هر قسم جي ڄاڻ
الف“ سان شروع ٿيندڙ نالو جيڪڏهن رهجي يا غلط لکجي ويو هجي ته مھرباني ڪري ٺيڪ ڪندا.
آب زُلال، ڪينئون
آبياري، پکي
آبنوس، مڇي
آبوجهلي، پکي
آتش افروز (عنقا، سيمرغ، گرڙ پکا) پکي
آتش خوار (ڏسو، ققنُس) پکي
آتورو (ٽنڊڻ جو هڪ قسم) جيت
آٽيرڻ، پکي
آدم (اُٺ جو  قسم) جانور
آڏڻ، پکي (ٻانڊي جو ڪانءُ ـــ ٻگهلو)
آڙ  (آرَ) جيت
آڙي، پکي (ٻولاهي؟)
آل، مڇي
آم، مڇي
آڻيان (مانگر مڇيءَ جو قسم ) مڇي
آونگ، مڇي
آهو (ڪبوتر جو قسم) پکي
آهو (ڏسو، هرڻ) جانور
آهينُ (مک جو قسم) جيت
آئَو، مڇي (ڄرڪو)
ابابيل، پکي
اُٺ، جانور
اُٺ منگل (گهوڙي جو قسم) جانور
اڇو تتر (تتر جو قسم) پکي
اڇو پٿون (اڇي رنگ واري پاپيلٽ) مڇي
اڇو جائو (ڪڪڙ جو قسم) پکي
اڇو ڏنديو، مڇي
اڇو ڪرڙو، جيت
اڇو ڳيرو (ڳيري جو قسم) پکي
اڇوني (ٻڪري جوقسم) جانور
اڇوني ريڍي (ٻڪري جو قسم) جانور
اڇي چانهين (ٻڪري جو قسم) جانور
اُڏيھي (اڏوهي) جيت
اُرلو، پکي
ارني ڪاري (مينهن جو قسم) جانور
اروش (نانگ جو قسم) جيت
اشتر مُور (وڏي ماڪوڙي) جيت
اصيل (ڪُڪڙ جو قسم) پکي
اصيل (نانگ جو قسم) جيت (؟)
اڪ مڪڙ (سائو مڪڙ، گوگو) جيت
اڳھيـﮧ (نانگ جو قسم) جيت
ال، مڇي
الپاڪو، جانور
الل، خيالي، پکي
اُلو (چٻرو) پکي
الي، جيت
اَليھر (ڪاريھر نانگ)
انڌي منگر (مانگر مڇ جو  قسم )
اوٺار، مڇي
اوٺي (رڍ جو قسم) جانور
اوٺيرَ، مڇي
اوٺي ڳلهي (ٻڪري جو قسم) جانور
اُونٿو (چوٿو، ڏٿو) جيت
اوُنٽ، مڇي
اويسرَ، مڇي
اَيراني (تتر جوقسم) پکي
ايڙڪ (جهنگلي ٻڪر يا گهٽو) جانور
ايل (هڪ قسم جي ٻڪري يا رڍ) جَانور
ايلاچي(منگر مڇي جو هڪ قسم)     
·
هيٺ ڪجهه راڳ ۽ ساز، ڳھه ۽ ڀرت ۽ ڪپڙن جا نالا ڏجن ٿا. انهن جي سلسلي ۾ ممڪن تحقيقي ۽ سٺي ڄاڻ ۽ جن جو فوٽوگراف ممڪن هجي، انهن جا فوٽوگراف (يا اسڪيچ) ۽ ٻين ضروري تفصيلن جِي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جي سلسلي ۾ گهرج آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا کي اعليٰ معيار جو ڪتاب ٺاهڻو آهي، جيئن ريفرنس لاءِ ڪم اچي سگهي. ان ڪري هن ۾ ڄاڻي سگهڻ جھڙي هر شيءِ ۽ سنڌ جي ثقافتي پس منظر کي اجاگر ڪندڙ هر موضوع کي بھترين انداز ۾ پيش ڪرڻو آهي. جيڪڏهن واسطيدار موضوع هيٺ ترتيب ۾ ڪا شيءِ، ڪو موضوع رهجي ويو هجي ته مھرباني ڪري نشاندهي ڪندا.
ـــــــــ راڳ، ساز ـــــــــ
آبري، راڳڻي
آبري، سر
آڀيري، راڳڻي
آڙو چوتال، وڄت
آڙي، راڳڻي
آسا، راڳڻي
آساوري (اساوري) راڳڻي
آساوري، ٺاٺ
آوهه، ساز
اُڇاڙو، راڳ
اڇڙوٽي (يڪتاري وڄائڻ جو نمونو)
امروهي (موسيقي جو هنر) (؟)
انتر نامي، وڄت
انترو (راڳ جو وچ)
اوجُ سُر، موسيقي
اورنگي، موسيقي
اوغان، راڳڻي
ـــــــــ ڳھه، زيور ـــــــــ
آڱوٺي
ارٽـڙي (نٿ جو پرزو)
الپاڪ
اَلولَڪُ
الويڙ (ويڙهه، گهڻ وڪڙ ڇلو)
اَلي (ٽڪلو)        
اڻوٽ
اڻوٽي
اوگينئو
ايرينگ (ايئر رنگ)
ايڪواڻي
ـــــــــ ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو ـــــــــ
آب روان (ململ جو قسم)
آٽ، ٽوپي
آڌيو، ڪپڙو       
آڏي تار
آڏي ڦري
آرُ، اوزار
آر ننڍي
آر وڏي
آرم، ڪپڙو
آڪ (آنڪ، آئڪ)
ابيڇڻي، ڪپڙو
اُٺ گهڙيو
اُجاڙ، سڻي جو ٿلهو ڪپڙو
اڌ ڇني
اڌڙ ونج، چادر
اڌڙي
اڌ ڪوٽ
اڌوترِ، ڪپڙو
اڏ
اَرَمُ، ڪپڙو
اُرمڙو
اُرمق، ڪپڙو
اطلس، ڪپڙو
اُڦڙدو، ڪپڙو
اکڙي
الاچو، ڪپڙو (ايلاچو)
الپاڪو (اُن مان ٺهيل ڪپڙو)
اَوٽي (بخيي جو نمونو)
اوٽي
اوڍڻي (ڪنوار ڍڪڻ جي چادر)
اورنگزيبي (اورنگ شاهي) ڪپڙو
***


©  روزانه ’جاڳو‘ ڪراچي 15-نومبر 1991ع ۾ ڇپيل.


No comments:

Post a Comment