ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
کادا پِيتا لاهٖي دا تٖي باقِي
احمد شاهٖي دا
احمد شاهه ابدالي افغان قوم جو سورهيه ته آهي، جو هُن دنيا
جي نقشي تي پھريون ڀيرو افغانستان جو چِٽ چِٽيو، پر وچ-ايشيا جي ڪاهيندڙن جيان هُو
به پنجاب جي عوام لاءِ ڦورُو ئي ثابت ٿيو.
احمد شاهه ٻاويھَن ورهيَن ۾ پنجاب جي رستي هندستان تي نوَ ڪاهُون ڪيون ۽ جيڪو ڪجهه وَر چڙهيس، ڪابل
کڻي ويو. ان ڪري، اها چوڻي عام ٿي ته ”کادا پيتا لاهي دا تي باقي احمد شاهي دا“.
ڪجهه ته هُن جي لشڪر ڦريو ۽ ڪجهه هُو جنگِي خرچ جي شڪل ۾ هِتان ميڙي کڻي ويو.
ماڻهن جي سوين سالن جي ڪَئِي ڪمائي انهن نوَن ڪاهن ۾ ڪابل ۽ قنڌار جي بازارن ۾
وڪامجڻ لڳي. ابداليءَ جي ڦرلٽ ايڏو نالو ڪڍيو، جو جڏهن به هُو لشڪر وٺي پنجاب
ڏانھن روانو ٿيندو هو، ته پٺاڻن جا بُکيا اگهاڙا خونخوار قبيلا ڦرمار لاءِ هُن جي
لشڪر سان گڏجي ويندا هئا. اهي قبيلا انهن باراني علائقن جا رهاڪو هئا جتي ٻني ٻارو
ڄڻڪ هيو ئي ڪو نه ۽ ڦرلٽ کان سواءِ تڳڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڦرلٽ کي روزگار جو پڪو وسيلو
سمجهيو ويندو هو.
انهن ڏينھنِ ۾ دهليءَ جو بادشاهه اَٺ ئي پھر شراب ڪباب، راڳ رنگ ۽ هزارين ٻانِهيُن سان ’ميل جول‘ وڌائڻ ۾ رُڌل رهندو هو. پنجاب جي ترڪ گورنر شاهنواز خان پنھنجي ڀاءُ يحيا خان کي، جيڪو دهليءَ جي وزير قمرالدين خان جو نياڻو هو، لاهور جي حاڪميءَ کان زوريءَ لاهي ڪاٺ ۾ وجهرائي ڇڏيو هو، پر يحيا خان وفادار نوڪر جي واهر سان ڀَڄي پنھنجي سھري وٽ دهليءَ وڃي پھتو. شاهنواز کي ڳڻتيءَ اچي ورايو، ته متان قمرالدين خان مورڳو کيس حاڪميءَ تان لاهڻ سان گڏ سزا به نه ڏئي ڇڏي، ان ڪري هُن سِڌو احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکيو، ته جيڪڏهن تون هندستان کي زيرِ ڪرين، ته ’تون بادشاهه ۽ آءٌ وزير‘، دهلي پڪل انب جيان تنھنجي جهول ۾ ڪِرڻ لاءِ آتي آهي.
احمد شاهه ابدالي جيڪو اڳ ئي ڪنھن اهڙي بھاني جو ڳولائو هو،
1747ع ۾ لاهور تي ڪاهي آيو. تيستائين شاهنواز خان جي نيت بدلجي چڪي هئي، ان ڪري
ابداليءَ جي آجيان ڪرڻ بدران هُن ابداليءَ جو مقابلو ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر هارَ
کائِي، دهليءَ ڀڄي ويو. احمد شاهه ابداليءَ پھريائين لاهور جي ٻھراڙيءَ ۾ وَسندڙ
مغلن جي ’سوِل لائينز ايريا‘ مغل پُوره ۽ بيگم پُوره کي ڦُريو. اهو علائقو ان دَور
جي درٻاري اميرن جي محلن ۽ حويلين تي ٻَڌل هو جيڪي لاهور جون سوڙهيون سُڪيون
گهٽييون ڇڏي. اِتي اچي آباد ٿيا هئا. ذڪر ڪيل علائقو ۽ وَسنديون انهن ڏينھَنِ جا
گلبرگ، گارڊن ٽائُون ۽ ماڊل ٽائون هئا. احمد شاهه ابداليءَ کي هِن علائقي جي ڦرلٽ
مان ايترو مال وَر چڙهيو، جو وڌيڪ ڦرلٽ جو مال کڻڻ لاءِ خر خچر به ڪو نه بچيا. ان
کان پوءِ احمد شاهه ابداليءَ بي ڏوهه شھرين کان ٽيھه لک رپيا تاوان يعني ڊاڪُو
ٽيڪس اُڳاڙي، دهليءَ جي راهه رميو. سرهند ويجهو مغلن ۽ ابدالين جي لشڪر ۾ مقابلو
ٿيو. مغل لشڪر جو سپھه سالار قمرالدين خان توب جو گولو لڳڻ ڪري مري ويو، پر هُن جي
پُٽ مير منُو جي ڪمانَ هيٺ مغل لشڪر درانين جو قِيمو ڪري ڇڏيو ۽ اُهي هارائي ڪابل
ڀَڄِي ويا.
ٻِن ورهين کان پوءِ يعني 1749ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ پنجاب
تي ٻيھر ڪاهه ڪئي. ان ڪاهه جو وٽس ڪو به بھانو ڪو نه هو، سواءِ ان جي، ته هُن
اڳوڻي هار جو وير وٺڻ پئي گُهريو. پنجاب جي نئين حاڪم مير منو سوڌرا ويجهو ابدالي
لشڪر جو مقابلو ڪيو، پر هِن ڀيري کيس هار کائڻي پَئي. هاڻي پنجاب کي ڦرلٽ کان
بچائڻ ۽ پنھنجي حاڪمي (گوَرنري) قائم رکڻ جي وٽس هڪ ئي واٽ هئي يعني ڦورن جي گُهر
مڃِي وڃي. گُهر اها هئي ته سيالڪوٽ، ايمن آباد، پرسور ۽ اورنگ آباد جي ڪمائي
سدائين لاءِ احمد شاهه ابداليءَ جي نالي ڪئي وڃي. لاچار ٿِي، مير منو اها گُهر
مڃِي.
1751ع ۾ ابداليءَ پنجاب تي ٽِين ڪاهه ڪئي. هِن ڀيري ڪاهه جو
بھانو اهو گَهڙيو ويو، ته مير منوءَ چار محل جي ڪمائي ڏيڻ کان نابري واري آهي. ان
ڪاهه جو لاهور جي شھرين دليريءَ سان مقابلو ڪيو. ابداليءَ جي فوج چئن مھينن تائين
لاهور جي چئني پاسي گهيرو وجهيو ويٺي رهِي. لاهور جي ماڻهن چئن مھينن تائين هٿيار
ڦٽا نه ڪيا، پر جڏهن کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو ۽ گهوڙن جي چاري لاءِ سُڪا ڪک وڃي
بچيا، تڏهن هنن شھر کان ٻاهر نڪري مقابلو ڪرڻ جو نبيرو ڪيو. ان سڄي عرصي ۾ دهلي
درٻار، جنھن جي حوالي لاهور جو بچاءُ هو، لاهور جي گورنر جي ڪا به مدد نه ڪئي. نيٺ
راويءَ تي، محمود بوٽي ڳوٺ ويجهو لاهور جي لشڪر ابداليءَ جي لشڪر سان مُھاڏو
اَٽڪايو. ان ويڙه ۾ مير منوءَ کي هار ٿِي. هُن اڳيان پويان ڏنَ ڏنڊ ڏيڻ جو وعدو
ڪري جان بچائي ــــ ڏنَ ڏنڊَ ته صوبي (پنجاب) جي عوام کي ئي ڀرڻا هئا نه!
1756ع ۾ ابداليءَ جو عذاب چوٿون ڀيرو پنجاب جي ماڻهن تي اچي
ڪڙڪيو. ان وقت تائين مير منوءَ جو مرتيو ٿي چڪو هو. هن جي بيوه کي دهلي درٻار لاهي
ڇڏيو هو، تنھنڪري هُن ابداليءَ ڏانھن خط لکيو ته ’شاهجھان آباد ۾ ڪروڙين رپين جو
مال دفن ٿيل (لڪايل) آهي ۽ مير منوءَ جي پيءُ قمرالدين خان جي حويليءَ ۾ به سونَ
چانديءَ جا ڍير لڪل آهن. بادشاهه عالمگير (ٻئي) ۽ ان جي درٻارين ۾ زبردست ناٺاهه
آهي.‘
هيءُ خط پنجاب تي ڪاهه لاءِ ابداليءَ وٽ ٺھيو ٺڪيو بھانو ٿي
پيو. جيئن سِرِڻ ڇِڇڙي تي جهپڙ هڻندي آهي، تيئن ابداليءَ پنجاب تي رومڙ ڪئي ۽ ان
کي ڦريندو دهليءَ تائين وڃي پھتو. اتي دل کولي ڦرمار ڪيائين. موٽندي، هن پنھنجي
پُٽ تيمور شاهه کي لاهور جو گورنر ۽ مشھور سپھه سالار جھان خان کي ان جو صلاحڪار
مقرر ڪيو. هي اهو ئي جھان خان آهي جنھن کي پنجابي ماڻهو ’جَھانا‘ سڏيندا آهن.
پنجاب جو بچاءُ ڪرڻ دهليءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ لاهور
تي احمد شاهه ابداليءَ جو پٽ قبضو ڪري ويٺو هو. هاڻي پنجاب ۾ ٻه نيون طاقتون
اُڀريون جن افغان حاڪمن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. پھرين قوت سِکن جي هئي ۽ ٻِي
آدينه بيگ جي ــــ ٻئِي پنجابي قوتون هيون.
لاهور تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ تيمور شاهه ۽ ان جي سپھه سالار
جھان خان سِکن خلاف ڏاڍ کي مذهبي ويڙه جو رنگ چاڙهيو. افغان فوج سِکن جي شھر
امرتسَر تي ڪاهه ڪئي ۽ انهن جي قلعي کي برباد ڪري ڇڏيو. درٻار صاحب جي تلاءَ ۾ مٽي
وجهي، ان کي ڀري ڇڏيو. گوردواره ۾ گندگي اڇلائي، ان جي بي حرمتي ڪئي وئي. ان جي
نتيجي ۾ هر ڏِس کان سِک گڏجڻ شروع ٿي ويا ۽ هُنن ايڏي سگهه ٺاهي ورتي، جو افغان
لشڪر کي هارائي ڇڏيائون. جھان خان گهوڙي تان ڪِريو ۽ مَري مري بچيو. افغان لشڪر
قلعي بند ٿي ويو. سکن لاهور جو گهيرو ڪري افغانن پاران ٻھراڙيءَ جي اوڳڙ بند ڪرائي
ڇڏي.
تيستائين شرقپور جو آرائين آدينه بيگ پٽواري کان وڌندو
سالار ٿي ويو هو. هُو ابداليءَ جِي لاهور تي ٽِين ڪاهه وقت لاهور جي لشڪر ۾ موجود
هو. آدينه بيگ جڏهن ڏٺو ته حالتون ٺھي آيون آهن، ته هُن جالنڌر ٻيٽاري ۾ لشڪر ڪَٺو
ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مقامي سَرنديءَ وارن ماڻهن کي افغان حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف
جدوجھد ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گَڏائي ورتو. پوءِ، جالنڌر جي افغان حاڪم سرفراز خان جو
گهيرو ڪيو ۽ کيس هارائي اڳتي وڌيو. آدينه بيگ وڏو شاطر (گهڻ پاسائون سوچيندڙ)
ماڻهو هو. هُن مرهٽن کي ساڻ ڪري ابداليءَ جي ڇوڪري ۽ ان جي سپھه سالار کي لاهور مان
ڊوڙائڻ جو فيصلو ڪيو. پنجابي ۽ مرهٽا لشڪر جڏهن لاهور ڏانھن وڌيا، ته تيمور شاهه
کي ڳڻتيءَ اچي ورايو. لشڪر جي لاهور پھچڻ کان اڳ ئي تيمور شاهَه ۽ جھان خانَ هيرن
جواهرن ۽ ٻي مال متاع جون هَڙون ٻَڌيون ۽ ٻارن ٻچن سميت ڪابل ڏانھن ڀاڄ کاڌي.
آدينه بيگ افغان ڀاڄوڪڙن جي پويان پيا ۽ انهن کي اَٽڪ پار ڪرائي موٽيو. پنجاب جي
بي سھاري آباديءَ جو اهو هڪ قسم جو بدلو هو، جيڪو انهن ڦورن سان ڪيو.
1759ع ۾ ابداليءَ پنجاب تي پنجين ڪاهه ڪئي. هِن ڀيري هُن جو
مقابلو پنجاب جي سِکن سان ٿيو. لاهور کان ٻاهر وڙهي ويندڙ هِن ويڙه ۾ سِکن ٻه هزار
افغاني ماريا ۽ جَھاني کي به ڦَٽي رکيو، پر ان هوندي به ميدان ابداليءَ جي هٿ وس
رهيو ۽ هُن لاهور تي قبضو ڪيو. ڪريمداد کي لاهور جو گورنر ڪري پاڻ مرهٽن خلاف ويڙه
ڪرڻ لاءِ پاڻي پت ڏانھن روانو ٿي ويو.
انهيءَ وچ ۾ پنجاب اندر سِک سگهارا ٿي ويا. لاهور جي گورنر لاءِ
انهن جو مقابلو ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو جنھنڪري هڪ ٻي پٺيان ڪيترن ئي افغان اميرن لاهور
جي گورنريءَ کان استعيفا ڏني. سِک سردارن لاهور تي قبضو ڪيو، پر اقتدار رڳو يارهن
ڏينھن رهي سگهيو.
افغانستان ۾ بغاوت جون خبرون ٻُڌي، 1761ع ۾ احمد شاهه ڪابل
ڏانھن موٽيو. اٽڪ تائين سڄي رستي ۾ سِک هُن جي لشڪر تي ننڍا ننڍا جٿا ٺاهي ڪاهون
ڪندا رهيا.
1762ع ۾ ابداليءَ پنجاب تي وري ڪاهه ڪئي. اهو هڪ ورهيه سِکن
ابداليءَ جي مقرر ڪيل صوبيدارن خلاف هر پاسي بغاوت جا مچ مچائي رکيا. جڏهن سک
لشڪرُ احمد شاهه کي اٽڪ تائين پھچائي موٽيو هو، تڏهن ان ابداليءَ جي چار محل واري
گورنر خواجه مرزا جان کي هارائي ماري ڇڏيو هو.
اِن وچ ۾ هڪ ٻيو افغان سالار به پنجابين هٿان ماريو ويو هو.
ان جو نالو نور الدين باميزئي هو. کيس پنجابين کي سزا ڏيڻ لاءِ قنڌار کان موڪليو
ويو هو ۽ هُن ايندي ئي ڀِيره، مياني ۽ چَڪ سانو جي وسندين تي ڪاهه ڪري، انهن کي
باهه ڏئي ڇڏي هئي. نور الدين باميزئي جڏهن اڳتي وڌيو، ته گجرانوالا ويجهو هن جو
مھاڏو سردار چڙهت سنگهه سڪر-چڪيه سان ٿيو. نور الدين کي هار ٿي ۽ هُو ويڙه جي
ميدان مان ڀڄي سيالڪوٽ ۾ قلعي بند ٿيو. ڀرپاسي (ٻھراڙيءَ) جي آباديءَ هن لاءِ اَنُ
پاڻي بند ڪري ڇڏيو. گهيري ۾ آيل افغان لشڪر ۽ ان جا گهوڙا جڏهن بُک مرڻ لڳا، ته
نور الدين رات جي اوندهه ۾ جمون جي پاسي ڀڄي ويو. افغان لشڪرَ شڪر چَڪيا سردار آڏو
هٿيار ڦٽا ڪيا. هُن افغان سپاهين کي پٺاڻڪي رويي جي ابتڙ سُک سانت ۾ پنھنجن پنھنجن
گهرن ڏانھن موٽي وڃڻ جي موڪل ڏني.
ابداليءَ پاران مقرر ڪيل لاهور جي گورنر خواجه عبيد اللھ
خان کي جڏهن اهي احوال پھتا، ته هن گجرانوالا تي چڙهائي ڪئي. افغان لشڪر جي مقابلي
لاءِ سک سردار ڪَٺا ٿيا. جسا سنگهه اهلوواليه، هري سنگهه ڀنگي، جٖي سنگهه ڪانھيه، لھنا سنگهه، سوڀا سنگهه ۽ گوجر سنگهه اچي گڏ ٿيا. خواجه عبيد
اللھ خان جي لشڪر ۾ شامل مقامي ماڻهو به باغي ٿي، هن جو ساٿ ڇڏي ويا. افغان گورنر
ڳڻتيءَ جي ڳاري ۾ سڄو توبخانو ڇڏي، ويڙه جي ميدان مان ڀڄي وڃي لاهور ۾ قلعي بند
ٿيو.
سِک سردارن لاهور تي قبضو ڪري جسا سنگهه اهلو واليا جي حاڪميءَ جو اعلان ڪيو ۽ هُن جي نالي تي سِڪو هلايو. ان ڪم کان واندو ٿِي، هنن جالنڌر ٻيٽاري مان افغان صوبيدار ۽ سالارن کي ڪڍِي، سڄي علائقي تي قبضو ڪري ورتو. ان نموني اٽڪ کان وٺي ستلج جي ڪناري تائين پنجاب جو سڄو علائقو سکن جي قبضي ۾ اچي ويو. ابدالين جي قبضي وارا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شھرڙا وڃي بچيا. انهن مان هڪ جنڊيالا هو، جيڪو امرتسر جي ويجهو آهي. عاقل داس هندو، ابداليءَ پاران هتي جو حاڪم هو. جڏهن سِک لشڪر عاقل داس کي ڊاهڻ جي نيت ٻَڌي، ته هُن ابداليءَ کي مدد جي درخواست ڪئي.
No comments:
Post a Comment