5/06/2015

عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ

مختصر تعارف
روزاني ’سنڌ]حيدرآباد[ جي 4 اپريل ]1996ع[ واري اشاعت ۾، رسول بخش پليجي جي پوئلڳ ۽ مخصوص ذهنيت جي حاصل نمائنده دانشور صديق ڀرڳڙيءَ جو مضمون بعنوان ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا“ شايع ٿيو آهي. ان مضمون ۾ هن پنهنجي مڪمل عقل آهر محبت ٻرڙي جي هڪ مضمون ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو(’سنڌ‘، 26 مارچ 1996ع) جو تنقيدي تجزيو ڪيو آهي. انهيءَ تنقيدي تجزيي ۾، پليجي گروپ بابت، محبت ٻرڙي پاران اٿاريل ڪن نظرياتي، سياسي، تنظيمي، اخلاقي ۽ عملي سوالن مان ڪنهن رڳو هڪ سوال جو به جواب نه ڏنو ۽ حسب عادت يخي ۽ لٻاڙ تي گذارو ڪندي، ڏاڍو وڏو قسم ڏئي، بيحد گھٽيا سوال پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب نه ڏيڻ علمي ۽ اخلاقي ڏوهه ٿيندو.

3/21/2015

ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي - سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي¨
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اچو ته انهيءَ ڌنڌلي خاڪي تي هڪ نظر وجھون جنهن کي ماڻهو ڦولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ڪائنات جو جيڪو حصو اسين ڄاڻون ٿا، اهو لڳ ڀڳ 1010 روشني سال يا 2028 س م آهي. ماڻهو ڪائنات کان 1026 ڀيرا ننڍو آهي. ڌرتيءَ جي گولي جي وسعت به هن عجب ۾ وجھندڙ ڪشادگيءَ جو اندازو ڪرڻ ۾ پتڪڙي آهي، پر ماڻهو رڳو ان ڪري عظيم آهي جو هو انهيءَ کي ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٻِي لا انتها ڏانهن ويندڙ رستو ڏِسو، جيڪو شروعاتي ذرڙن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. ننڍي کان ننڍو ڄاتل مفاصلو 10-14 س م آهي. ان جو وڏي مفاصلي کان فرق 1042 ٿيو. اڄوڪي ڄاڻ جون اهي حدون، رستي جا ماپيل ٽڪرا 1042 ، ايڏو وڏو نمبر آهي، جو ان جي قوت جو تصور ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

3/15/2015

سج - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro & Riazat Buriro)

سج
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو

اسين ڌرتيءَ جي جنهن گولي تي رهون ٿا، اهو بظاهر ڏاڍو وڏو نظر اچي ٿو، ڇو ته ان کي اسين عام نظر ايندڙ شين جي ڀيٽ ۾ ڏسون ٿا، پر ان کي جيڪڏهن سج ۽ سج-نظام جي ڀيٽ ۾ ڏسون ته اهو رڳو هڪ ننڍڙي گولي جيڏو مس ۽ وري سج کي ڄاتل ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسون ته پوءِ سج ڪائنات ۾ ايئن آهي جيئن سمنڊ ڪناري پکڙيل واريءَ ۾ واريءَ جو ذرڙو.
عام طرح اونهاري ۾ رات جو اسان کي اُڀ ۾ جيڪو اڇو­­-پٽو (گَسُ، کير-پٽو، ڪهڪشان، گئليڪسي) نظر ايندو آهي، اهو حقيقت ۾ 1000000 لک (يعني 100,000,000,000) تارن کان به وڌيڪ تارن جو ميڙو آهي. انهن تارن مان هڪ اسان جو سج آهي. جيئن سج کي پنهنجي چوڌاري ڦرندڙ گرهن ۽ اُپگرهن جو ميڙ آهي تيئن ان گئس ۾ ڏيکارجندڙ لکين ستارن کي به پنهنجو پنهنجو مخصوص ميڙو آهي. ڪائنات اڻکٽ (لامحدود) آهي پر ان جي جنهن ٽڪري بابت اسين ڪجھ سُڌ ٻُـڌ رکون ٿا، ان ۾ اسان جي گس، کير-پٽي (مِلڪِي-وي) جھڙا ننڍا يا وڏا لکين گس آهن.

سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

انساني سماج جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيئن جو تيئن نه رهيو آهي، پر اهو لاڳيتو اُسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي ۽ نه رڳو اسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي پر وڌندو به رهيو آهي. سندس اها واڌ هڪ پاسائين ڪڏهن به نه رهي آهي، پر گھڻ پاسائين رهي آهي ـــــــ علم ۽ ادب ۾ واڌ، تحقيق ۽ کوجنا ۾ واڌ، هنرمنديءَ ۽ صلاحيتن ۾ واڌ، پيداواري طريقن ۽ عملن ۾ واڌ، سماجي رشتن ناتن ۾ واڌ، ڏيٺ وائٺ ۽ پرک ۾ واڌ، پيداواري وسيلن ۽ اوزارن ۾ واڌ، سلڇڻائيءَ ۽ سيبتائيءَ ۾ واڌ، سچ ۽ حق ڳولي هٿ ڪرڻ جي راهه ۾ واڌ، وغيره. اها واڌِ هيٺين سطح کان مٿين سطح ڏانهن، ٿوري کان گھڻي ڏانهن، سادي کان اُچي ڏانهن، اڻ ڳُتيل کان ڳتيل ڏانهن هڪ لاڳيتي سنهي سوڙهي کان ٿلهي ويڪري ونگوڙي (ويڙَهه يا ڇَلي) جيان ٿي آهي.

2/08/2015

وهمَ وِسار - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

وهمَ وِسار¨
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 
سنڌي، انگريزي توڙي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ لڳ ڀڳ هر اخبار ۽ رسالو، ٻيو نه ته به هر هفتي، مختلف عنوانن جي سري هيٺ اهڙو مواد ڇاپيندو رهي ٿو جيڪو وهمن جي پچار ڪندڙ هوندو آهي.
وهم هڪ اهڙو ڀروسو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ، جهالت، بي حقيقيءَ ۽ انڌ تي بيٺل ٿئي ٿو. اهو ماڻهوءَ کي سَونسائي ۽ ڪٽر ٺاهي ٿو. ڪٽر جن اکين ۾، سي پرين ڪيئن پسي سگهنديون، ۽ جي اهو ڪٽرپڻو اندر ۾ هجي، ذهن ۾ هجي ته پوءِ....؟
وهمين جو اهو ڪٽرپڻو ئي آهي جيڪو کانئن اهڙيون فتوائون به جاري ڪرائي ٿو جيڪي هر ان ماڻهوءَ کي واجب القتل قرار ڏيو ڇڏن جيڪو وهمن کي نه ٿو مڃي ۽ انهن خلاف سائنسي، عقلي، علمي، منطقي ۽ اصولي دليل آڻي ٿو.
دليل پهرين نشاني آهي سائنس، حق، سچ ۽ روشن دماغيءَ جي، ۽ اهو دليل ئي آهي جنهن هزارين-روپي مخالفتن باوجود جهالت وسيلي ڌُنڌايل، دٻايل ۽ ڌڪاريل سچائيءَ کي نکاري نروار ڪيو ۽ ان کي اها مڃتا ڏياري جو اڄ سائنسي حقيقتن کان منهن موڙڻ ممڪن نه رهيو آهي.

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 
ڳجهه بابت ”ڳجهي“ رپورٽ ”سائنسي دوزخ“
گڏيل آمريڪي رياستن (گ ا ر) جي هڪ جاسوس ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فتنا ۽ سازشون اُپائي، اڀاري، پالي تاتي، وڌائي ۽ پکيڙي گ ا ر جي سامراجي مفادن کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ سرڪاري تنظيم ”سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي“ (سِي آءِ اي)، جنهن جون مصروفيتون ۽ ترجيحون سوويت يونين جي ٽُٽي پوڻ کان پوءِ ڪي قدر بدلجي ويون آهن، پنهنجيءَ هڪ تازي ”کوجنا“ ۾، ذهن کي وائڙو ڪندڙ ”خبر“ ڳولي آئي آهي. هفتيوار ”ورلڊ نيوز“ ۾ شيع ٿيل رپورٽ موجب:
1.       سي اءِ اي جِي ڳجهي تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته زمين تي وقت بوقت رهاڪو نظر ايندڙ خلائي مخلوق حقيقت ۾ دوزخ جا رهاڪو جن ۽ ڀوت آهن، جيڪي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ ڇڙيل جنگ کي فيصلي ڪُن شڪست ڏيڻ لاءِ شيطان جي مدد ڪرڻ واسطي آيا آهن.
2.      اُڏند-کٽوليون (يا اُڏامڪ ٿالهيون) انهن کي دوزخ کان زمين تي پهچائڻ جو فرض سرانجام ڏينديون آهن ته جيئن اهي بدروح زمين تي نيڪيءَ کي روڪين ۽ برائيءَ کي پکيڙين.
3.      سي آءِ اي جِي ”ڊگھي“ ۽ ”اَڻٿڪ“ تحقيق وسيلي اهو به ثابت ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 200 قتل جي حادثن ۾ پڻ انهن جو هٿ آهي. (ڏسو ”عوامي آواز“، 11 مارچ 1997ع)

1/29/2015

سنڌ جو سقراط - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سنڌ جو سقراط
جامي چانڊيو
دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي، ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو ان جي وِٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو. منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به اهڙو جِيءَ جياريو ماڻهو ۽ عالم ليکڪ، نقاد ۽ محقق هو. اهو سنڌ جو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو سنڌ جي سياست، علم ۽ ادب جا اڪثر وڏا ماڻهو ننڍي يا وچئين وهيءَ ۾ ئي هِيِءُ جهان ڇڏي ويا پر پوءِ به سندن ڪردار ۽ ڪارج جا ڪِرڻا اڄ به روشن آهن ۽ سندن سڦلائتي پنڌ جا رَند اڄ به پنهنجيءَ قوم ۽ سماج کي وڏو اُتساهه بخشين ٿا. بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ذوالفقار علي ڀُٽو، بينظير ڀُٽو، فاضل راهو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، بشير خان قريشي، حفيظ شيخ، نسيم کرل، ف-م لاشاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ حسن درس جهڙا سنڌ جا انيڪ ماڻهو موتي هئا، جن کي ڊگهي ڄمار نصيب نه ٿي پر ٺلهي ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن. جڳ مشهور ڊچ مُصور ونسنٽ وان گاگ 37 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انگريزيءَ جو زبردست شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ 35 سالن ۾ گذاري ويو. خود شيلي ۽ ڪيٽيس جهڙا باڪمال شاعر زندگيءَ جا چاليهه سال به پورا نه ڪري سگهيا پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟  خود لطيف سائين جي ڄمار 63 سال هئي، جيڪا ڪا وڏي ڄمار ته ناهي، ان ڪري ماڻهو زندگي ڪيئن ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري ۽ ڏئي وڃي، اهو سوال وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به فقط 45 سال ڄمار ماڻي پر ڪيڏي نه سڦلائتي زندگي گذاري، جو هِي ماڻهو ڪيترو نه وڏو ڪم ڪري ويو، ايترو، جيترو شايد گهڻا اديب ۽ اسڪالر وڏيون ڄمارون ماڻيندي به نه ڪري سگهيا. لطيف سائين شايد اهڙن امرتا ماڻيندڙ ماڻهن لاءِ ساکَ ڏيندي چيو آهي ته:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئان اڳي جي جيا!