شاهجھان ٻرڙو
سنڌي عوام جو هڏ ڏوکي، مدلل، باڪردار ۽
نامور شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
آءٌ سال 1996ع ۾ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول قنبر ۾ اٺين درجي جو شاگرد هيس. ان وقت قنبر کان، اسان جي ڳوٺ ڀڏا کان ٿيندي
مختلف ڳوٺن جي روٽَ، جھڙوڪ ٻير شريف، هني، ٺوڙهي سهراب، ٺوڙهي بجار تائين ڊاٽسنون
۽ ”عدنان“ نالي ٻه بسون هلنديون هيون. روز قنبر اچڻ وڃڻ بسن ۽ ڊاٽسنن وارا اسان
شاگردن کي گاڏيءَ جي ڇت تي ويهاريندا هئا. اسان ايندي ويندي، پپل چوڪ وٽ ڊاڪٽر
هولا رام جي گھر کان ڪجھه اڳڀرو لطيف ڪلينڪ تي محترم ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي ڏسندا
هئاسين. ڪلينڪ جي بورڊ تي ”ڊاڪٽر ڪيپٽن (ر) محبت ٻرڙو“ لکيل هوندو هو. ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو پاڪ فوج ۾ ٽريننگ ڪيل ڪيپٽن ڊاڪٽر رهي چڪو هو. ڪلينڪ تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قنبر
شهر ۽ مختلف ڳوٺن جھڙوڪ ڀڏن، ٻير، ڏيرن، ٽپال، باگو جوڻيجي، گھٽهڙ ۽ ٻين ڳوٺن کان
آيل غريب مسڪينن کان سواءِ عام ماڻهن کي سٺي نموني چڪاسي علاج لکي ڏيندو هو.