ڊاڪٽر ايوب جروار
محنتي، اڻ ورڇ ۽ جفاڪش انسان
اوچي کڙائين قد، سنھڙي
چيلهه، ويڪري ڇاتي ۽ وڏن گهنگهرو وارن وارو ڪو شخص جيڪو ڏسڻ ۾ به خوبصورت هجي ۽
ڄامشوري جي رستن تي نوجوان شاگرد ڇوڪرن جي ٽولين سان گڏ ڪڏهن پاڻ کلندو ۽ ڪڏهن
دوستن کي کلائيندو، ڊگها ڊگها ليڪچر ڏيندو نظر اچي، اهو محبت کان سواءِ ڪو
ٻيو ڪيئن ٿي سگهيو ٿي!
اها 1979ع کان 1985ع جي
دَور جي ساروڻي آهي.
دراصل شاگرد سياست ۾ نوان
سائنسي ۽ صحتمند رجحان introduce ڪرائڻ ۽ شاگردن
کي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي سياست ۾ حقيقي قومي رول ادا ڪرڻ لاءِ محبت ۽ سندس
نظرياتي دوستن جنھن هنرمنديءَ، ڪاريگريءَ ۽ اورچائيءَ سان جيڪو پورهيو ڪيو، اهو
تاريخ جو اهم ۽ اڻ مِٽ باب آهي.
محبت گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، پر منھنجي نظر ۾ سندس شخصيت جو سڀ کان وڌيڪ
نمايان پھلو سندس استاد، دانشوَر، فلسفِي ۽ تخليقڪار هجڻ هو.
هُو بند ذهنن کي کولڻ جو
ماهر سرجن هو. گفتگو جو انداز اهڙو ته وڻندڙ، دلچسپ ۽ سادو هوندو هئس، جو دماغ جي
تھن ۾ هيٺ لھي ويندو هو. سندس سحر انگيز انداز بيان ٻڌندڙ جي ذهن ۾ متل مانڌاڻ ۽
خيالن جي پاڻ ۾ ٿيندڙ اڻ نبرندڙ جنگ کي منطقي ۽ جدلي انداز ۾ پرکڻ ۽ صحيح ۽ غلط جو
تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو.
سچ ڇا آهي؟ حقيقت ڇا آهي؟
ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ انسان جو حقيقي ڪارج ڇا ۽ ڪھڙو هئڻ گهرجي؟ ٽائيم ڇا آهي؟ Space [پولار] ڇا آهي؟ انھن ۽ ان
جھڙن انيڪ موضوعن کي هُو پنهنجي مخصوص سَليس طريقي سان کولي بيان ڪندو هو، جو
ڳالهه دل ۾ لھي ويندي هئي، هوند اُٺ ڪتابن جا پڙھڻ بعد به اھڙا فلسفيانه سوال ۽ تڪرار
سمجهڻ ۽ نبيرڻ مشڪل ٿئي!
هُو انتھائي محنتي، اڻ ورڇ
۽ جفاڪش انسان هو. راتين جون راتيون جاڳڻ، مطالعو ڪرڻ ۽ هر ڪم کي نفيس طريقي سان
انجام ڏيڻ سندس انفراديت هئي.
محبت جڏهن قلم هٿ ۾ کڻندو هو ته ان جي نوڪ مان لفظ گل ٿي ٽڙي پوندا هئا. خالي
ديوارون ڇاتي کولي سندس چاڪنگ جون منتظر رهنديون هيون. سندس هٿ اکرن سان ٺاهيل
نوٽس (Notes) ڏسي ٽائيپ رائيٽر جو گمان ٿيندو
هو.
محبت جي هر انداز ۽ ادا مان زندگي جهلڪندي هئي. هو دوستن جي تمام گهڻو care [خيال] ڪندو هو. ساڻن ننڍڙيون
ننڍڙيون خوشيون شيئر ڪري تمام گهڻو خوش ٿيندو هو. پئسو وٽس ڪڏهن به نه ٽِڪندو هو.
هو جيستائين سڀ پئسا دوستن ۽ ڪتابن تي خرچ نه ڪري ته کيس سُک ڪيئن اچي؟ سندس اهڙي
پيار دوستن جون دليون خريد ڪري ورتيون هيون.
مون کي ته محبت جي
محبت موهي وڌو هو. آءٌ خود کي خوش قسمت سمجهندو آهيان جو مون کي اهڙي عظيم هستيءَ
سان ايترو سارو وقت ويجهو رهڻ نصيب ٿيو.
البيروني هاسٽل جي روم
نمبر-45 جي دري ڄامشوري ڦاٽڪ طرف کُلندي هئي. فرسٽ فلور تي هاسٽل جي وِنگ کي
اترئين ڇيڙي کان ڳڻبو هو ته ٽئين نمبر تي محبت جي 45-البيروني جي دري هوندي
هئي، جنهن جي روشني ڦاٽڪ تان صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اُن 45-البيروني سان سڀني دوستن
جو جذباتي لڳاءُ هو. منهنجي راتين جو ڊگهو حصو اتي گذرندو هو. اتي چَوطرف ڪتاب،
پنا، پوسٽر، ڊرائنگ شيٽون، مارڪر ۽ ان قسم جون مختلف شيون پکڙيل هونديون هيون. آءٌ
به اتي آڏا ڦڏا اکر لکي خوش ٿي ويندو هئس.
هڪ ڏينهن اوچتو محبت
رُسي ويو! سندس گهر وارا، ڀائر، دوست، نظرياتي Followers
[پوئلڳ] ۽ ڪارڪن وائڙا ٿِي تڪيندا رهجي ويا! منھنجي ته اندر جي دنيا
اُجڙي وئي هئي، زندگيءَ تان ويساھه کڄي ويو هو. سندس اهڙي بي وقت وڇوڙي کي ذهن اڃا
تائين قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي!
محبت جھڙي عظيم هستيءَ تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي طرفان ڪتاب شايع ڪرڻ سان، پڪ آهي ته محبت
جي همه گير شخصيت جا ڪافي نوان رُخ سامهون ايندا.
(2017ع)
No comments:
Post a Comment