خادم رند
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ جاکوڙي ڪردار
اها حقيقت آهي ته ڪو به ماڻهو
دنيا ۾ هميشه لاءِ نه ٿو رهي ۽ هڪ ڏينھن سندس مھمانيءَ وارو اهو عرصو ضرور پڄاڻيءَ
تي پھچي ٿو. فرق ايترو ٿئي ٿو ته ڪي ماڻهو ڪجهه وڌيڪ يا گهٽ ڏينھن هن ڌرتيءَ تي
پساهه کڻن ٿا.
دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي
گهڻائي پنهنجي ڄمار عام رواجي ڪمن ڪارين ۾ ئي گذاري ڇڏي ٿي، پر تمام ٿورا ماڻهو
انھيءَ رسمي وهنوار کان بنھه مختلف زندگي گذارڻ پسند ڪندا آهن، جيڪا ڏاڍي ڏکي ۽
اڻانگي هوندي آهي. اهڙي زندگي گذاريندڙن کي غير رواجي انسان به چوندا آهيون.
قنبر شھر ۾ 1952ع ۾ اک کوليندڙ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به هڪ غير رواجي ماڻهو هو. هن وڏي غور و فڪر کان پوءِ پنھنجي
زندگيءَ جو هڪ مقصد يا ڪارج متعين ڪيو ته وڌ کان وڌ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪري ان کي
پنھنجي قوم ۽ سموري انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ سک لاءِ ڪتب آڻجي.
ڊاڪٽر محبت وٽ علم جي وصف اها هئي
ته هر اها ڄاڻ جيڪا خالص سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي حاصل ڪيل هجي سا ئي علم جي زمري
۾ اچڻ لائق آهي. هن وٽ علم جي دنيا ۾ ڪنھن به وهم، وسوسي يا خيال پرستيءَ جي ڪا به
گنجائش نه هئي.
ڊاڪٽر محبت هونئن ته علم جي هر
شاخ سان لڳاءُ رکندو هو، پر سندس خيال هو ته سياست، سماجي سائنس جي اها ڪَڙي آهي،
جيڪا ڪنھن به قوم، طبقي يا رياست کي حقيقي آجپو ۽ خوشحالي ڏياري سگهجي ٿي. اهو ئي
سبب آهي ته هن پنهنجي شعوري ڄمار جو و ڏو حصو مثبت سياست ڪندي گذاريو.
ڊاڪٽر محبت پنھنجي سياسي تنظيم جي
اهم ترين فڪري يا نظرياتي مورچي کي سنڀاليندو رهيو، جيڪو ڪم هن وڏي مهارت ۽
دليريءَ سان ڪيو.
ڊاڪٽر محبت جا شروعات ۾ سندس فرضي
نالن سان لکيل پمفليٽ، مضمون ۽ ڪتابڙا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته هو فڪري يا
نظرياتي طور ڪيترو نه سگهارو ماڻهو هو.
ڊاڪٽر محبت بنيادي طرح ته اشتراڪي
نظام جو حامي ۽ پرچارڪ هو پر گهڻن ماڻهن کي شايد اها خبر نه هوندي ته هو هڪ عملي
قوم پرست ماڻهو به هو جيڪو سنڌ جي حقيقي آزاديءَ جو قائل هو ۽ چوندو هو ته ان لاءِ
گهربل ماحول جوڙڻو پوندو. ڊاڪٽر محبت کي لفظ ’قوم پرست‘ يا ’قوم پرستيءَ‘ جي جاءِ تي
’قوم پسند‘ ۽ ’قوم پسندي‘ وڌيڪ پسند هئا، ڇو ته پرست يا پرستي عقيدي واري زمري ۾
ڪتب ايندڙ لفظ آهن، جن جي ڀيٽ ۾ هن پسند ۽ پسندي کي بهتر ۽ حقيقي ٿي سمجهيو.
ڊاڪٽر محبت سان منھنجو واسطو
1989ع کان ٿيو، جڏهن اسان ڪجهه دوستن سائنسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ”موهن جو دڙو
سائنس ڪلب“ نالي هڪ ننڍڙي تنظيم ٺاهي هئي.
ڊاڪٽر محبت پهريان فوج ۾ ڪيپٽن
ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، پر هن کي اتي مزو نه آيو ۽ فوج واري نوڪري ڇڏي اچي قنبر
۾ ”لطيف ڪلينڪ“ قائم ڪيائين. منھنجي به هن سان پهرين ملاقات ستار هَڪڙي ۽ رياضت
ٻرڙي سان گڏ اُتي ٿي. ڊاڪٽر محبت جي ڪلينڪ تي اڪثر ڪري سياسي، علمي ۽ ادبي ڪچھريون
۽ بحث مباحثا هلندا رهندا هئا، جن مان اسين دوست به گهڻو ئي سکندا هياسين. ڊاڪٽر
محبت جي ڪلينڪ حقيقت ۾ ڪلينڪ گهٽ، پر سياسي آفيس وڌيڪ لڳندي هئي. هن جي ٽيبل تي
ڪتابن جو چڱو مقدار هر وقت رکيل هوندو هو. ڊاڪٽر محبت فارغ وقت ۾ ويٺو لکندو يا
پڙهندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو مريض يا دوست وغيره ايندو هو ته ڪم بند ڪري انهن سان مخاطب
ٿيندو هو. ڪچھري ڪندي ڪلينڪ ۾ رکيل هيٽر تي چانهه به تيار ڪري وٺندو هو جيڪا ڪلينڪ
۾ ويٺل سڀني ماڻهن کي پيش ڪندو هو. چانهه ان ڪري پاڻ ٺاهيندو هو ته وٽس ڪلينڪ تي
ڪو به ماڻهو رکيل نه هوندو هو. اهو آهي ڊاڪٽر محبت جي ڪلينڪ جو نقشو. شايد انھن
حالتن جي ڪري ئي ڊاڪٽر محبت جي ڪلينڪ هن لاءِ ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي ۽ نتيجي ۾
ڊاڪٽر محبت ڪڏهن به مسڪينيءَ واري حالتن مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. مون پنھنجي
زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڊاڪٽر نه ڏٺو آهي جيڪو ڪلينڪ جي پروٽوڪول کي ائين نظرانداز ڪندو
هجي.
ڊاڪٽر محبت جا پنھنجي سياسي
پارٽيءَ جي سربراهه سان، جنهن کي هُو
’استاد‘ ڪري سڏيندو هو، ڪجهه تنظيمي مامرن تي اختلاف ٿي پيا، جيڪي اڳتي هلي هن جي
تنظيم مان علحدگيءَ جو سبب بڻيا. ڊاڪٽر لاءِ هيءَ ڪا عام رواجي صورتحال نه هئي، ڇو
ته جنهن تنظيم لاءِ هن پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس سوچ اها هئي ته ان تنظيم جي
پليٽفارم تان ئي سنڌي قوم کي حقيقي خوشحالي ۽ آزادي ملي سگهي ٿي، سا هينئر ڊاڪٽر
محبت جي تنظيم نه رهي هئي.
ڊاڪٽر محبت جيئن ته هڪ پُر اميد ۽
کاهوڙي قسم جو ماڻهو هو تنهنڪري هن مايوس ٿيڻ بجاءِ پاڻ کي لکڻ واري مورچي سان
سلهاڙي ڇڏيو. هاڻي هو اخبارن ۾ به باقاعدگيءَ سان مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو، خاص
ڪري ”جاڳو“ اخبار ۾ ڇپيل هن جا ليک پڙهڻ وٽان آهن.
ڊاڪٽر محبت ايم ڪيو ايم جي سياست
تي گھري نظر رکندو هو ۽ واضح لفظن ۾ چوندو هو ته هيءَ هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، جنھن
جو اول ۽ آخر مقصد سنڌ جو ورهاڱو آهي. واضح رهي ته انهن ڏينھن ۾ چڱا ڀلا سياسي
ماڻهو ايئن نه سمجهندا هئا. ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ“ پاران ڇپرايل ڪتاب ”سنڌ:
حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ان سلسلي ۾ هن جي سوچ کي سمجهڻ لاءِ هڪ ڪارائتو
ڪتاب آهي، جيڪو ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمنيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
انهن ئي ڏينھن ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي
ٻوليءَ ۽ ان جي تاريخ تي گهڻو ڪم ڪيو ۽ هن اهم موضوع تي ڪجهه بھترين تحقيقي ڪتاب
لکيا، جيڪي سندس نالي پٺيان قائم ٿيل اداري ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ پاران ڇپرايل
آهن. انهن ڪتابن ۾ ”ٻول جو بُڻ“، ”ٻوليءَ جو بڻ“، سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ ۽
”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ شامل آهن.
ڊاڪٽر محبت ڪڏهن به واندو نه
ويٺو. وٽس ڪم ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا هوندا هئا، جيڪي هو پنهنجي حياتيءَ تائين جاري
رکندو آيو.
اها سنڌي قوم جي بدنصيبي چئجي ته
ڊاڪٽر محبت جھڙي انتھائي ڏاهي ۽ جاکوڙي شخص کي فطرت ڪم ڪرڻ لاءِ رڳو 45 سالن جي
مختصر ڄمار ڏني. ڊاڪٽر محبت ڪيترائي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو، جن جي ڪرڻ جي هن ۾ بي پناهه
صلاحيت موجود هئي. پوءِ به، ايترو ضرور چئبو ته ايتري ٿورڙي حياتيءَ ۾ به هو ايترو
ته بھترين ۽ بنيادي ڪم ڪري ويو آهي جيڪو ايندڙ وقت ۾ به اسان جي رهنمائي ۽ رهبري
ڪندو رهندو.
(2017ع)
No comments:
Post a Comment