رضوان گل
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
[محقق، نقاد،
ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات]
ڪنھن به انسان تي نالي جو مٿس
ڪيترو اثر رهي ٿو، انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن مختلف، اديبن، شاعرن، عالمن، مفڪرن، فلسفين
۽ دانشورن جي نالن کي سامهون رکي ٿورو غور ڪبو، ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست نظر ايندي، ته نالي جو انسان جي شخصيت مٿان
اڪثر گھرو اثر رهي ٿو. انهيءَ حوالي سان ئي جڏهن مون سنڌ جي نامياري دانشور، محقق،
صحافي، سماج سڌارڪ، ٻوليءَ جي ماهر،
سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت جو جائزو ورتو، ته هو مون کي بلڪل پنھنجي نالي جيان ماڻهن سان محبت ڪندڙ
ڪردار نظر آيو، جنھن پنھنجي مختصر ڄمار ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏو ۽ تاريخي نوعيت جو
ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ ذهين ۽ پڙهاڪو
انسان هو. هن وٽ پڙهائي ڪرڻ جو پنھنجو مخصوص انداز هو. هو جيڪو به ڪتاب پڙهندو هو، ان ۾ ڪم جون نوٽ ڪرڻ واريون ڳالهيون انڊر لائين ڪندو ۽ انهن کي ذهن ۾ محفوظ
ڪري دوستن سان ليڪچرن ۾ شيئر
ڪندو هو.
سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو اديب
ڊاڪٽر هدايت پريم؛ ڊاڪٽر محبت بابت لکيل مضمون ”سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق“ ۾
لکي ٿو، ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان بي انتھا پيار هو، هن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾
مقالا لکي پنھنجو پاڻ مڃرايو
هو. هن جي مقالن ۾ تحقيقي انداز تمام گهڻي قوت ۽ توانائيءَ سان موجود هو. هن جي
تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو هو. هن اڃا صرف ٻن ڪتابن ۽ هڪ
انسائيڪلوپيڊيا کي ترتيب ئي مس ڏنو هو ته هو ڦوهه جوانيءَ ۾ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ 1997ع ڌاري هيءُ جھان ڇڏي ويو. هن جي
اوچتي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن کي تمام گھرو صدمو رسيو آهي. هن جوان سال محقق سان اسان تمام گهڻيون اميدون وابسته ڪيون هيون. هن پنھنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪو لکيو سو خوب لکيو. هن کي ان جو
داد به خوب مليو.“
ڊاڪٽر محبت جي سياسي وابستگي سنڌي شاگرد تحريڪ سان رهي. 1978 ۾ هُو سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جو پھريون
۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي دؤران هن سڄيءَ سنڌ ۾ ڪيترائي ليڪچر ڏنا. اهو مارشل لا جو زمانو هو جنھن ۾ سياسي سرگرمين سان
گڏ لينن ۽ مارڪس جي ڪتابن تي پڻ بندش هئي. ان وقت هو سياسي حوالي سان ماڻهن کي اتساهيندو رهيو ۽ انهن کي دنيا جو انقلابي ادب پڻ
پڙهائڻ لاءِ ڪوششون ڀرپور ورتائين. انهيءَ سلسلي تحت هن ڪيترائي مضمون به لکيا ۽
مختلف ”يونٽن“ ۾ 500 کان مٿي ليڪچر پڻ ڏنا، ته جيئن عام سنڌي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچي.
ڊاڪٽر محبت جي مطالعي واري شوق ۽ ذوق جي حوالي سان سندس ڀاءُ ۽ ناليوارو اديب رياضت ٻرڙو ٻڌائيندو آهي ته ”ڪلاڪن جا ڪلاڪ
مطالعي کي ارپيندڙ ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو پنھنجي تڪڙي مطالعاتي رفتار ۽ ذهين هئڻ ڪري ڪتابن مان ڪم جا نُڪتا جهٽي وٺندو هو ۽ بيان ڪيل ڳالهه وغيره جي تھه در تھه خيال تائين
رَسائي حاصل ڪري سگهندو هو. اها
ئي ڳالهه سندس ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه ۾ به سمايل هئي، جنھن کيس سٺو محقق ۽ گهڻ پاسائون تنقيدنگار بنجڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي. مشھور مصور
منصور عالم ابڙي جي ترغيب تي ايل
ايم سي ۾ سندس مطالعي هڪ نئون ۽ وڌيڪ ڪارگر رُخ اختيار ڪيو، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ پنھنجي
ذاتي لائبريريءَ جو بنياد رکيو،
جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿيڻ لڳو. وٽس ڪيترائي رسالا ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ئي پھچي ويندا هئا. ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ سندس
ڪچھريون اديبن ۽ عالمن سان
ٿيون، جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي اهم آهي. اتان جي درسگاهن سندس شخصيت ۾ نئون نکار پيدا ڪيو. هن تمام گهڻا ڪتاب ۽ رسالا انگريزي،
سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهيا.
ڪو به ضخيم ڪتاب پڙهي پڄائڻ ڪاڻ هن لاءِ ٻه چار ڏينھن ڪافي هوندا هئا.“
شعور دراصل اها شڪتي آهي جنھن سان
انسان حيواني جبلتن جي جھانَ مان نڪري اهڙي حقيقي دنيا ۾ پھچي وڃي ٿو جتي سندس عقل
۽ سمجهه ذريعي مٿس ڪيترائي راز فاش ٿين ٿا. ڪائنات جيڪا پنھنجي وجود کان اڄ تائين
ڪيترن ئي طلسماتي لقائن سبب انساني عقل کي سوچڻ تي مجبور ڪندي رهي آهي سا اڄ جي هن
جديد دَور ۾ به ڪيترن ئي پراسرار رازن ۽
رمزن ذريعي پنھنجي چرپر ۽ حيرت ۾ وجهندڙ نتيجن سان انهن اهلِ عقل و دانش کي ڄڻ ته مسلسل
ان ڳالهه جي نينڍ ڏيندي رهي آهي ته منھنجي وجود ۽ رازن بابت ذهن جا در دريون کولي
جاکوڙ ڪريو ۽ نوان نتيجا اخز ڪريو.
مختلف علمن جي ماهرن ايامن کان
ويندي اڄ تائين پنھنجي علم ۽ عقل وسيلي جيڪي به نظريا ڏنا آهن سي ايندڙ دَور جي محققن لاءِ مشعلِ راهه آهن. جن ماڻهن پنھنجي علم، عقل
۽ ڏاهپ ذريعي ڳُوڙهن موضوعن تي تحقيق ڪري
انهن کي عام فهم انداز سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جي پورهئي کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف سائنسي ۽
سماجي علمن بابت ٿيل تحقيق تي جن ليکڪن پنھنجي ٻولين ۾ ڪم ڪري عام ماڻهن تائين آسانيءَ
سان اها ڄاڻ جي کاڻ پهچائي آهي، انهن ۾
ناليواري محقق، ٻولي ماهر، سماج سڌارڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو نالو اهميت
رکندڙ آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو انهن محنتي محققن
مان هڪ هو جنھن پنھنجي ڄمار جو هڪ پل به ضايع ٿيڻ نه ڏنو. هن مختلف موضوعن تي مسلسل ڪم ڪيو. سندس عمر ۽ ڪيل ڪم کي
وقت جي تارازيءَ ۾ رکي ڏسبو، ته حيرت
ضرور ٿيندي ته ايتري مختصر عرصي ۾ هن شخص ايڏن ڳُوڙهن موضوعن تي ايڏو سارو ڪم ڪيئن ڪيو! يقيناً ان جي جواب ۾ ائين ئي چئبو ته
هن پنھنجي جيون جا سڀئي پل پنھنجي ٻولي، ادب ۽ تاريخ تي ڪم ڪندي گذاريا. سندس شعور
واري لاٽ مان ڪيترائي ذهن روشن ٿيا ۽ ائين ڊاڪٽر محبت هڪ شخص مان هڪ تحريڪ بڻجي
ٻين ڪيترن ئي طالبِ علمن کي تحرڪ ۾ آندو، جيڪي اڄ سوڌو انهيءَ لاٽ مان مليل روشنيءَ سان شعور جي
ڏيئي ۾ علم، عقل ۽ ڏاهپ جو تيل ڀريندا رهن ٿا جيڪي ڊاڪٽر محبت جي علم ۽ شعور جو تسلسل آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بلاشڪ لسانيات جو
تمام وڏو ڄاڻو هو، پر
جيڪڏهن کيس فقط لسانيات جو ماهر ئي سڏبو، ته اها سندس گهڻ پاسائين شخصيت سان زيادتي ٿيندي. سياسي ادراڪ ۽ ساڃاهه جي
حوالي سان سندس نظر نه فقط ملڪي پر بين القوامي واقعن ۽ حالتن تائين ڦھليل هئي.
اها ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته جنھن دَور ۾ ڊاڪٽر محبت سياسي
جاڳرتا جو سفر شروع ڪيو تڏهن پوري دنيا ۾ انقلابي تحريڪون ڀرپوريت سان اڀري چڪيون
هيون. سنڌ ۾ پڻ انقلابي جدوجھد ۽
مزاحمت جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ ڪيترائي اڳواڻ ميدان ۾ لٿل هئا، اهڙي ماحول ۾ جڏهن سنڌ
جي گهٽين ۽ چوڪن تي شيخ اياز جو گيت ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سھندو ڪير ميار
او يار...“ گونجندو هو ته اڌ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن جي اندر مان به جذبا جوالا
مکيءَ جيان ڀڙڪي نڪرندا هئا. اهو دَور يقيناً
سنڌ جي تاريخ جو سياسي جاڳرتا جي حوالي سان اهم ۽ يادگار دور هو ۽ انهيءَ دور ۾
ڊاڪٽر محبت ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچرن ۽ لکڻين ذريعي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
مان جڏهن ڊاڪٽر محبت جي مڙني
ڪتابن کي آڏو رکي انهن جي موضوعن تي نظر وڌي، ته انهن ۾ اڪثر ٻولي، سياست، نفسيات ۽ فلسفي کان علاوه تاريخ جا موضوع نظر
آيا پر انهن مڙني مان هڪ ڪتاب ”ڌرتي منھنجو گهر“ مٿين سڀني موضوعن کان بلڪل
منفرد ۽ مختلف هئڻ سان گڏوگڏ انتھائي دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ محسوس ٿيو، اهو شايد
ان ڪري به جو منھنجو شعبو به ڌرتيءَ سان ئي لاڳاپيل آهي. جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهڻ
شروع ڪيو ته مون کي ڪيترائي اهڙا نوان لفظ پڙهڻ
لاءِ مليا جيڪي علم الارض ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن جو آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل
هئا. اڳ ڪيترن ئي انگريزيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن جو ٺيٺ سنڌي ترجمو ڪنھن به
سائنٽيفڪ ڊڪشنري ۾ مون کي نه مليو جيڪو هن ڪتاب ۾ نظر آيو. سائنٽيفيڪ ڊڪشنرين ۾
انهن لفظن جي معنى يا تشريح ته ضرور لکيل آهي پر ڊاڪٽر اهڙن ڪيترن ئي جياگرافي ۽ جيالاجي جي اصطلاحن لاءِ نوان لفظ ايجاد ڪيا آهن جن
کي جيڪڏهن استعمال ڪيو وڃي، ته هوند
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي نون سائنسي اصطلاحن جو اضافو ٿي وڃي.
”ڌرتي منھنجو گهر“ ۾ ڊاڪٽر محبت جنھن سھڻي ۽ سلوڻي انداز ۾ تمام وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ منجهيل
مسئلا سمجهايا آهن سو پڻ هڪ تمام وڏو آرٽ آهي. جيڪڏهن ٿورو پڙهيل ماڻهو به هن ڪتاب جو مطالعو ڪندو، ته سندس ذهن جا در دريون کُلي پوندا. پنھنجي ڳوٺ، شھر ۽ آس
پاس جي ڍنڍن ڍورن، جبلن، ميدانن ۽ واهن کان ويندي مريخ تائين، جھڙيءَ ريت عام ۽ سادن مثالن کي ڪتب آڻي، ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب جي مختلف بابن کي جھڙيءَ ريت لکيو آهي
اهڙي ريت گهٽ ۾ گهٽ سنڌيءَ ۾ اڄ کان اڳ ڪوبه ڪتاب منھنجي مطالعي هيٺ نه آيو آهي.
ڪنھن به اهڙي علم بابت لکڻ جنھن ۾ اوهان اعلى تعليم ورتي هجي سا ته ڪا غير معمولي ڳالهه نه آهي، پر اها ڳالهه ضرور غير معمولي محسوس ٿي ته ڊاڪٽر محبت، جيڪو انسانن جو ڊاڪٽر هو سو ڌرتيءَ جي علم بابت ايڏي جزيات
۾ وڃِي ڪيئن ٿو ڄاڻ ڏئي سگهي! اهڙي پھچ
ان موضوع بابت ججهي ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ جي ئي ٿي سگهي ٿي ۽ هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه دعوى سان چئي سگهان ٿو، ته ڊاڪٽر محبت ڌرتيءَ بابت نه فقط تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ هو پر کيس موضوع تي دسترس پڻ هو، ڇو ته هن ان شعبي سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي عالمن ۽ اڪابرن
کان وڌيڪ ۽ ڀرپور ڪم ڪيو آهي. ڪتاب ”ڌرتي منھنجو گهر“ ۾ فقط ٻڌل يا پڙهيل ئي
ڳالهيون نه پر ڪيترن ئي سائنسي موضوعن تي بحث پڻ ڪيل آهي جيڪو بحث ڪيترن ئي نون
سوالن کي جنم ڏئي ٿو ۽ انهن ڪيترن ئي سوالن جا جواب وري هن ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي
ليکڪ ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان به ڪيا آهن. پر ڌرتيءَ جي اندرئين گرمي پد ۽ ڌرتيءَ
جي تھن بابت ڪٿي ڪجهه مونجهارا محسوس ٿين ٿا جيڪي مونجهارا وري ڪجهه ٻين هنڌن تي ڪافي حد تائين ختم به ٿي وڃن ٿا، جنھن مان انهن جو لکجي وڃڻ غلطيءَ وچان ئي محسوس ٿئي ٿو.
”ڌرتي منھنجو گهر“ جي ليکڪ
حيدرآباد کان ويندي بلوچستان، ايران، دبئي، مناما، سعودي عرب، رياض، ڳاڙهي سمنڊ،
آفريڪا، قاهره، مصر، لبيا، الجيريا، موراڪو، ائٽلانٽڪ سمنڊ، ميامي، مئڪسيڪو، ڪئليفورنيا، پئسفڪ سمنڊ، بنگلاديش، انڊيا ۽ گنگا
نديءَ کان ڦري سنڌ ۽ حيدرآباد تائين پوري دنيا جي گولي جو گول سير پڻ ڪرايو آهي، جنھن مان هن ثابت ڪيو آهي ته ڌرتي گول شڪل رکندڙ آهي.
ڊاڪٽر محبت قلمي نالن لطيف، ساجد،
سجاد، مھراڻ مگسي ۽ سڄڻ سان به لکندو
رهيو. ناليواري اديب شمس الدين عرساڻيءَ ڊاڪٽر محبت بابت
راءِ ڏيندي لکيو آهي: ”ڊاڪٽر
محبت جي شخصيت جا ڪيئي اڻ
وسرندڙ پھلو آهن. هُو اولين طور هڪ اديب، مترجم ۽ قابل ڊاڪٽر جي حيثيت سان سڃاڻپ رکندڙ هو، پر ان کان علاوه به انسان دوستي ۽ ماڻهپي
جون منجهس ڪيئي قابل داد خوبيون
هيون، سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ اهو ڪتاب جيڪو خود انسانيت جي ارتقا ۽ طبقاتي جدوجھد جي
وسيع تناظر ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب کي
ترجمي لاءِ فقط اهڙو شخص منتخب ڪري سگهي ٿو، جيڪو جمھور پسند ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ۽ خود وسيع ذهانت جو مالڪ هُجي. هن جي
خاص علمي انداز باعث آئون سندس شخصيت طرف ڇڪجي ويو هئس. منھنجو اشارو سندس لساني کوجنا طرف آهي، جيڪا پنھنجي اندر بلڪل نوان
پھلو رکي ٿي. ڊاڪٽر محبت بي
قدريءَ واري ماحول ۽
ناموافق حالتن ۾ ان کي انتھائي جرئت منديءَ سان پيش ڪيو.“
ڊاڪٽر محبت گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي شعبن ۾
ڪم ڪيائين، پر اهو ڪم صرف ڳڻائڻ خاطر نه، بلڪه تحقيق لاءِ نوان دڳ دريافت ڪندڙ ۽ نيون حقيقتون
پڌريون ڪندڙ هوندو هو. سندس لکڻين ۾ مفروضن جي بنياد تي ڳالهين کي بحث هيٺ گهٽ
آندو ويو آَهي بلڪه هن تز سائنسي ۽ جديد انداز ۾ پنھنجي ڳالهين لاءِ ثبوت ۽ دليل
پيش ڪيا آهن. ڊاڪٽر محبت جو پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان جزباتي لڳاءُ هو، جو هن جي هر ڪم جو محور ۽ مرڪز سنڌ ئي نظر اچي ٿي. هن نعري بازيءَ کان پاسو ڪندي عملي ڪم ڪري ڏيکاريو. وفات بعد سندس
نالي پٺيان ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ“ جو بنياد وڌو ويو. هن اڪيڊمي طرفان علمي، ادبي ۽
سماجي پروگرام باقائدگيءَ
سان منعقد ٿيندا رهن ٿا. اڪيڊميءَ پاران ڪيترن ئي اديبن جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل
ڪتاب پڻ ڇپرايا ويا آهن. اڪيڊمي پاران هر سال ڊاڪٽر محبت جي ورسي جي موقعي تي سندس
نوان ڪتاب شايع ڪرايا وڃن ٿا، جيڪو سلسلو جاري آهي.
ڪنھن به گهڻ پاسائين شخصيت جي
متعلق جڏهن به لکبو آهي ته سندس ڪيترائي پاسا رهجي ويندا آهن جن سان انصاف ٿي ناهي
سگهندو. ڊاڪٽر محبت ايترو سارو ڪم ڪيو آهي جيڪو يقيناً ڪنھن عام يا معمولي شخصيت
جو ٿي ئي نه ٿو سگهي. هو هڪ غير معمولي شخص هو ۽ اهڙا غيرمعمولي شخص قومن جو
سرمايو هوندا آهن.
ڊاڪٽر محبت جي ٻولي ۽ ادب لاءِ
ڪيل خدمتن کي ڪنھن به ريت فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. حياتي کيس مھلت ڏي ها، ته هو سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهن لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪري ها، پر بي رحم موت کيس 9 اپريل 1997 تي دل جي دوري سبب اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو.
ڇني گل گلاب جا، ڪيئي ڌارو ڌار،
اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!
No comments:
Post a Comment