3/21/2017

پِڙَ تان پاهڻ نه چُري - ولي عباسي (Wali Abbasi)

ولي عباسي
پِڙَ تان پاهڻ نه چُري


قداور، ڳورو کٽو، ڪَسرتي بدن، نڪ نقشن سراپا حُسن، مردانه وجاهت جو مثالي نمونو، نھٺو نماڻو، مُرڪندڙ ٻھڪندڙ چھرو، هٿ جو سخي، علم ۽ ڪتابن جو عاشق، اڻ ٿَڪ ۽ اڻموٽ. اهو مڻيادار ماڻهو هو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو. توڻي جو سندس فاتحه لاءِ ڊاڪٽر ايوب جروار ۽ ڊاڪٽر جاويد مريءَ سان گڏ سندس تڏي تي قنبر پھتاسون، پر دل اڃا به نه ٿي مڃي، ته ڪو محبت هن دنيا کان موڪلائي ويو آهي. سندس عُمر به موڪلائڻ جي ڪا نه هئي. سندس وڇوڙي جا وَڍَ اڃا به تازا آهن.

شھيد فاضل، ڊاڪٽر فيروز، فقير محمد لاشاري، لکانو بھراڻي ۽ محبت جو خال ڪيئن ڀرجي! واقعي به فرد سماج ۽ حالتن جي پيداوار هوندو آهي، پر ڪي ڪي فرد پنھنجي زمانن جا ضمير هوندا آهن ۽ پنهنجي وقت ۽ حالتن بلڪه ايندڙ زمانن تي به ڀرپور اثر وجهندا آهن. پسمانده، ويساهن وسوڙيل، وڏيراشاهي ۽ انھن جي واٺن جي دلبن ۽ دوکن جي ماريل قوم کي اڃا به اهڙن مٿير مڙسن جي اشد ضرورت آهي.
محبت علم جو ڀنڊار هو. سندس ڪچھريون، ليڪچر ۽ لکيل ڪتاب سنڌ ۾ نوجوانن لاءِ نظرياتي ۽ علمي سرمايو آهن ۽ رهندا. سائنس، فلسفي، تاريخ، سياست ۽ لسانيات تي ڀرپور دسترس هئس. سندس تجزيا ۽ تحقيق بيشڪ هڪ انوکو مقام رکن ٿا. سندس ڪچھري ۾ جو ويٺو، سو اٿڻ جي نه ڪندو، ڀلي رات گذري وڃي. سدائين سِڪ رهندي ته ڪڏهن ٿِي وري محبت سان ڪچھري ٿئي.
ان تڙ منجهان تِڪَ، ڏني پاڻ اُڃ ٿئي.
ايل ايم سي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو يونٽ قائم ڪرڻ ۾ محبت جو مھندار وارو ڪردار هو. ڪڻو ڪڻو ڪري گڏ ڪيائين. ٻئين، ٽئين ڏينھن پاڻ هلي وڃي ساٿي گڏ ڪندو. چي: ”ابا، ڦاٽڪ تي هلو.“ ۽ پوءِ سنگت جو ٽولو، ملباري جي هوٽل ۽ محبت جي ڪچھري. ڪچھري به مڪمل طرح علمي ۽ فڪري. پاڻ ئي سوال رکندو ۽ پوءِ سنگت ويھي موضوع تي ڳالهائيندي. اسان جھڙن پنج منٽ ڳالهايو ته به وڏي ڳالهه. آخر ۾ محبت پاڻ ڳالهائيندو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڳالهائيندو. مجال آهي ڪو بور ٿئي. دل پيئي چوندي ته اڃا به ويٺو ڳالهائي ۽ سکندا رهون. ڀلي ڪنهن جي صبح جو ڪا ٽيسٽ هجي، پر سندس علمي ۽ فڪري گفتگو ڇڏي اٿڻ ممڪن نه هو. اٿڻ مھل خبر پوندي ته صبح جا 3 يا 4 وڳا آهن. اهو سلسلو سندس ايل ايم سي ۾ موجودگيءَ تائين جاري رهيو.
ساڳيءَ طرح سندس ڳوٺ قنبر ۾ به ڪڻو ڪڻو ڪري سمجهدار، ماڻهن جو قافلو جوڙيائين. نظرياتي ۽ سياسي تعليم ڏيڻ ۽ تربيت ڪرڻ ۾ يگانو هو. ڪڻن مان ڪيچ ٿيا. تنظيم ئي اهڙي هئي ۽ استاد به مثالي هئا. ڪيترن ئي ذهنن کي انقلابي فڪر ۽ جاکوڙي انسان بڻائڻ ۾ سندس مکيه ڪردار هو. ظفر قادري، بخت جمال، علي گل ميتلو، جامي چانڊيو، ايوب شيخ، صحبت ٻرڙو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، نذير شيخ، ذوالفقار راهوجو، منظور ڇڄڙو، عبدالرحمان سومرو ۽ ٻيا راڄ مڙسن جا. ڄڻ ته
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو.
رڳو ايل ايم سي ۽ قنبر ۾ نه، پر سڄيءَ سنڌ ۾ تنظيم طرفان رکيل پروگرامن ۾ ڊاڪٽر محبت ليڪچر ڪيا. ضياء جو ڪارو دَور، پر اهي ڪم به ضرور ڪرڻا آهن. لِڪي ڇُپي، روپ بدلائي به ذميواري نڀائڻي آهي. هڪ ڀيرو ڦاٽڪ تان هاسٽل ڏانهن پئي آيس. ڏسان ته همراهه [ڊاڪٽر محبت] کي گوڏ ٻڌل، سادو پھراڻ، ڪلهي تي پوتڙو، وار وکريل ۽ ڏاڙهي وڌيل! ويجهو پھچي ماجرا پڇيم. چيائين: ”شاهپور چاڪر ليڪچر ڏيڻو آهي، اوڏانھن پيو وڃان.“ همراهه ان وقت روپوش هو.
جُهڏي ۾ ليڪچر پئي ڏنائين. ليڪچر ڏيندي قميص جي ڪالر مان پُٺي ڏي هٿ وڌائي ڪا شيءِ ڪڍي ٻاهر اڇلايائين. اصل ۾ ڪُئو هو ۽ سندس پُٺيءَ تي قميص اندران چڙهي ويو هو. هڪڙِي غريب ڪامريڊن جي تنظيم، مٿان حالتن جو ضيائي ظلم. اڀريون، ڪَچيون، اونداهيون ۽ پراڻيون جايون، اُتي لڪ ۾ پيا ليڪچر ٿين. ڪُئا، چمڙا ۽ اهڙيون ٻيون مخلوقون ته هونديون نه، پر همراهه [ڊاڪٽر محبت] پنهنجو ليڪچر روڪي ڪنهن ٻئي دوست کان مدد وٺڻ ۽ هلندڙ ليڪچر جو سلسلو ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اهو ڪم پاڻ ئي ڪري ڇڏيو. سمورا شريڪ ساٿي سندس سھپ ۽ برداشت کان متاثر ٿيا.
جاميءَ ڪٿي محبت بابت لکيو هو ته ”سندس علمي، فڪري، نظرياتي ۽ تحقيقي ڪم ڏسڻ کان پوءِ لڳندو هو ته محبت ماڻهو نه، پر جِن آهي.“ واقعي به ڪڏهن ڪڏهن ڪي فرد ادارا بڻجي پوندا آهن. هن اڪيلي شخص ادارن جيترو ڪم ڪيو. چاڪنگ ڪرڻي هجي تڏهن به پاڻ گڏ. شيٽون يا بينر پاڻ هٿن سان ٺاهيندو ۽ ساٿين سان گڏجي لڳائيندو هو ۽ ٻين کوڙ ساٿين کي اهي ڪم سيکاريائين. ايس ايس ٽي جو مرڪزي صدر، پر ڪارڪنن سان ننڍن ننڍن ڪمن ۾ به ساڻ. ڪا به وڏ ماڻهپ کيس ويجهو نه آئي. بلڪل فقير صفت سچو انقلابي.
سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ سڄيءَ دنيا ۾ انقلابي ماڻهو، تنظيمون ۽ ادارا ڪمزور ٿي پيا. پاڪستان ۾ ته وڏو ڀونچال آيو. وري جلد ئي اين جِي اوز ۽ ميڊيا وڏي چمڪ دمڪ سان ميدان والارڻ لڳا. ڏِسڻا واسڻا ماڻهو پنھنجن انقلابي آدرشن کان منھن ڦيرائي وڃي پيسن ميڙڻ جي ڌنڌن کي لڳا، پر محبت انهيءَ وهندڙ گنگا مان به هٿ ڌوئڻ لاءِ سوچيو ئي ڪو نه. هُو رُکي سکي کائيندي به پنھنجي ڪِرت کي لڳو رهيو.
ويا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهڻ نه چُري.
ساڳيءَ ڌُن ۾ مگن، ساڳيو فڪري ۽ تحقيقي ڪم:
سَـر سُــڪي سـال ٿـيـا، هنـج هـريـو ئي پير،
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رَسي ان رمز کـي.

No comments:

Post a Comment