9/26/2012

سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اسڪيم جي شروعات
”عوامي آواز“ (14-جنوري 1997ع) خبر ڏني آهي ته ”برطانيا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي فري پورٽ (آجو بندرگاهه) بنائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر پاران پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اعتماد جوڳن ذريعن موجب برطانيا پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن هُو ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهي ڇڏي ته پاڪستان جا سمورا اقتصادي ۽ سياسي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ۽ پاڪستان تي جيڪو به پرڏيهي قرض آهي اهو به لهي ويندو. ذريعن موجب برطانيا چاهي ٿو ته ڪراچيءَ کي نئون هانگ ڪانگ بنايو وڃي ۽ موجوده هانگ ڪانگ ۾ جيڪي ملٽي-نيشنل (گھڻ- قومي) ڪمپنيون آهن سي پنهنجو سمورو ڪاروبار ڪراچي منتقل ڪري وٺن... ذريعن موجب هانگ ڪانگ جي ملٽي- نيشنل ڪمپنين پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنايو وڃي ته اهي پنهنجي سڄي ڪاروبار کي ڪراچي کڻي اينديون ۽ پاڪستان تي آءِ ايم ايف (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) ۽ عالمي بئنڪ جو ۽ ٻيو پرڏيهي قرض لاهي ڇڏينديون. ملٽي-نيشنل ڪمپنيون ۽ دنيا جا چند وڏا سيڙپڪار سينٽرل ايشيا جو مارڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.
جان ميجر انهن ڏينهن ۾ ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي نڪتل هو ۽ هن جيڪو ڪجھ بيان ڪيو آهي، ان کي برطانيا سرڪار جي نڪتي نظر جي ترجماني سمجھڻ گھرجي. برطانيا اڄ به فوجي طرح، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان اقتصادي حيثيت ۾ دنيا جي سپر پاور ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ان جي سامراجي سياسي سرت جي ڌاڪ اڃا سوڌو آمريڪي، يورپي توڙي دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن تي ويٺل آهي ۽ ان حيثيت ۾ هُو بين الاقوامي سامراجي قوتن جي هڪ نمائندي جي حيثيت رکي ٿو. جان ميجر هن وقت برطانيا جو ٻيو ڀيرو چونڊيل ۽ هڪ فعال وزيراعظم آهي. هو برطانوي تاج جو وفادار هڪ ذميوار ۽ سڀ کان مٿاهين انتظامي عهديدار جي حيثيت ۾ ڄاڻايل ملڪن جي سرڪاري دوري تي نڪتل هو. انهيءَ دوري ۾ هن سان گڏ انهن سرمائيدارن جو هڪ وفد به هو، جن جون گھڻ-قومي ڪمپنيون هانگ ڪانگ ۾ موجود آهن. هانگ ڪانگ هن ئي سال جي ڪنهن مهيني، شايد جولاءِ ۾، چيني حڪومت جي حوالي ٿيڻو آهي. چيني حڪومت پاران توڙي جو ڪي ئي ڀيرا ورجائي اعلان ڪيل آهي ته هانگ ڪانگ جي بنيادي معيشتي ڍانچي ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي ويندي ۽ اهو جيئن جو تيئن رهندو، سواءِ ان جي ته ان جو اقتدار اعليٰ چيني حڪومت جي حوالي هوندو، پر پوءِ به عالمي سرمائيدار ڊنل آهن ته متان سندن استحصالي ۽ ڇڙواڳ ڦورو مفادن کي ڪو ڇيهو پهچي، تنهنڪري اهي هانگ ڪانگ جو متبادل ڳولڻ ۽ هٿ ڪرڻ گھرن ٿا. برطانيا معاشي پيداواري سرشتي جي حوالي سان هڪ سرمائيدار ملڪ آهي ۽ عالمي سامراجي قوتن جي ڇڙواڳ ڦورو مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ نمائندو پڻ. تنهنڪري کيس ظاهر آهي ته انهيءَ طبقي جي استحصالي مفادن جي نگهبانيءَ جو اونو پڻ شديد آهي، جنهن لاءِ هو چاهي ٿو ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي هانگ ڪانگ جي متبادل طور آجي بندرگاهه وارو علائقو قرار ڏنو وڃي. ان پاران پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن کي، جن ۾ پنجابي سرمائيدار ۽ جاگيردار ڇانيل آهن، هرکائڻ ۽ لالچائڻ لاءِ هڪ اهڙي چٻاڙيل هڏي اڇلائي ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن تي لکيل آهي ته اها کائڻ سبب پاڪستان جا، جنهن جو مطلب آهي پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن جا، معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ٿي سگھندا. علائقو سنڌ ۽ سنڌين جو، مفاد بين الاقوامي ڦورو سرمائيدارن ۽ سندن جوڙيوالن جو، جن ۾ برطانوين سان گڏ آمريڪي، فرينچ، جرمن وغيره عالمي ڦورو ۽ سامراجي به شامل آهن ۽ ڏس پتو ۽ لالچ وري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن کي، ته سندن معاشي ۽ سياسي مسئلن جو حل سنڌ جي ان بندرگاهه ۽ علائقي کي آجو بندرگاهه ۽ خودمختيار علائقو قرار ڏيڻ ۾ آهي!
عالمي سرمائيدار ۽ سامراجي قوتون نيٺ، چين جي اقتدار اعليٰ هيٺ، جھڙو آهي تهڙو، هانگ ڪانگ قبول ڪرڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟ انهي سوال جا ٻه ممڪن جواب هي آهن:
1.         عالمي سرمائيدار ۽ سامراجي هانگ ڪانگ مٿان چين جي اقتدار اعليٰ قائم ٿيڻ کان ڊنل آهن ۽ هو سمجھن ٿا ته سندن ڇڙواڳ ڦورو مفاد صحيح نموني پورا نه ٿي سگھندا.
2.         اهي نه ٿا چاهن ته گھڻ قومي ڪمپنين کان ملندڙ ٽيڪس ۽ ٻيو نفعو چيني حڪمرانن کي ملي، ڇو ته اهي متان ان کي عوامي مفاد ۾ استعمال ڪن يا سندن ئي ڦورو مفادن کي ڇيهو رسائن.
پنهنجا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ آجي بندرگاهه، خودمختيار علائقي ۽ پرڏيهي گھڻ-قومي سرمائيدار ڪمپنين جي موجودگيءَ واري اسڪيم جيڪڏهن ايڏي ئي شاندار هجي ها جيڏي ٻڌائي پئي وڃي، ته چين جيڏو وڏو ۽ دنيا جي سڀ کان گھڻي آدمشماري رکندڙ ملڪ هلائيندڙ حڪمرانن کي ڇا ايترو به عقل نه آهي ته پنهنجي ملڪ جا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هانگ ڪانگ کي جيئن آهي تيئن يعني آجو بندرگاهه، خودمختيار علائقو ۽ پرڏيهي گھڻ-قومي ڪمپنين جي سرمائيدارن جي سيڙپ گاهه رهڻ ڏين؟ ۽ ڇو اتي پنهنجو اقتدار اعليٰ قائم رکڻ گھرن ٿا؟ انهي سوال جو هڪ ئي سڌو ۽ سادو جواب آهي ته چيني حڪمران ڪهڙين به وڏين لالچن باوجود هانگ ڪانگ تان هٿ کڻڻ لاءِ انهيءَ ڪري تيار ناهن جو منجھن وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت جو جذبو موجود آهي. سندن نظر ۾ ضرور ڪي اهڙا وڏا مفاد آهن جن جي ڪري کين اها پرواهه ئي ناهي ته گھڻ-قومي سرمائيدار ۽ سامراجي ڪمپنيون اتان نڪري وينديون. اهي آخر ڪهڙا مفاد آهن؟ انهي سوال جو جواب ڳولڻ کان اڳ ضروري آهي ته ڄاڻايل خبر جو آخري حصو ڌيان سان پڙهيو وڃي، جيڪو چوي ٿو: ”ذريعن موجب ڪراچيءَ کي جيڪڏهن آزاد ۽ خودمختيار فري پورٽ بنايو ويو ته پوءِ ان کي به سامونڊي رستي سان پنهنجو مال ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ فري پورٽ جي انتظاميا کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو...“
هنن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تجويز ڪيل آجي بندرگاهه جي انتظاميا ئي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ بااختيار قوت هوندي يعني ان آجي بندرگاهه جي حيثيت ڪنهن هڪ مڪمل آزاد، خودمختيار ۽ پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ علائقي/ ملڪ واري هوندي جتي ”پاڪستان“ جي هر رهاڪوءَ کي سمنڊ رستي وڻج واپار ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي، جنهن تي تصرف آجي بندرگاهه جي انتظاميا جو هوندو، جيئن اڄ تائين هانگ ڪانگ ۾ رهندو پئي آيو آهي. چيني حڪومت هانگ ڪانگ تي پنهنجو اقتدار اعليٰ قائم ڪرڻ سبب هانگ ڪانگ جي سموري انتظامي ڪمائيءَ جي مالڪ ٿي ويندي. پاڻ انهي کي استعمال ڪرڻ سبب ڪا به اهڙي ٽيڪس نه ڀريندي جنهن تي تصرف سندس نه، پر آجي بندرگاهه جي انتظاميا جو هجي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو عالمي سرمائيدارن کي هانگ ڪانگ تي چين جو اقتدار اعليٰ قبول ناهي، (هانگ ڪانگ جي انتظاميا تي قبضو درحقيقت سندن ئي هٿن ۾ آهي).
ساڳيو سوال ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ جي حالت ۾ به اڀري ٿو. سمنڊ رستي وڻج واپار تي ”پاڪستان“ کي به جيڪڏهن ٽيڪس ڏيڻي پوندي، جنهن تي تصرف آجي بندرگاهه جي انتظاميا جو ئي هوندو، ته پوءِ ڪراچي کي آجو بندرگاهه بنائڻ سان ”پاڪستان“ جا معاشي ۽ سياسي مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته پاڪستان تي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ٻين ملڪن جو قرض لاهڻ جي آڇ درحقيقت ”آجي بندرگاهه ڪراچي“ جي قيمت آهي. عالمي سامراجين کي جيئن چين جي اقتدار اعليٰ هيٺ هانگ ڪانگ قبول ناهي، تيئن پاڪستان جي اقتدار اعليٰ هيٺ ڪراچي قبول ناهي. اهي قيمت ڏئي ڪراچيءَ کي آجي بندرگاهه جي نالي هيٺ درحقيقت پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ گھرن ٿا، اهي ڄڻڪ پڳڙيءَ يا پٽي تي ڪراچيءَ کي آجي بندرگاهه جي نالي هيٺ درحقيقت پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ گھرن ٿا، جيئن اڄ تائين وٽن هانگ ڪانگ رهيو آهي. اها بهرحال سوچڻ جوڳي ڳالهه آهي ته ڇو آمريڪا ۽ يورپ کنڊن جا گرم سامونڊي ڪنارو رکندڙ ملڪ پنهنجي ڪنهن هڪ علائقي کي اها ساڳي هانگ ڪانگ واري حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن؟ ۽ مقصد جيڪڏهن وچ-ايشيا ۾ مارڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ يا قائم رکڻ لاءِ ايشيا ۾ ئي اڏو ٺاهڻ آهي ته عالمي سامراجين جون مفاد پرست نظرون هروڀرو ڇو صرف سنڌ جي ڪراچيءَ واري بندرگاهه تي ئي کپي ۽ محدود ٿي ويون آهن؟ ۽ ڇو جپان کان ويندي سڄو هندي وڏو-سمنڊ ڦِري سعودي عرب تائين ڪو به ٻيو ملڪ اهڙي عاليشان اسڪيم کي، جيڪا ٻڌايو ٿو وڃي ته ملڪ جا سمورا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪري خوشحاليءَ جي کير ۽ مکڻ جون نديون وهائي ڇڏيندي، پنهنجي ڪنهن علائقي ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؟ هن آخري سوال جو جواب وري به چيني حڪمرانن کي نظر ۾ رکي، اهو ئي ڏئي سگھجي ٿو ته جپان کان ويندي سعودي عرب تائين گرم سامونڊي ڪنارو رکندڙ ملڪن جي حڪمرانن کي، توڙي جو ڪي ئي عالمي سامراجي قوتن جا پير-چَٽُو آهن، وري به پنهنجي وطن ۽ علائقي سان پيار آهي ۽ اهي چند ٽَڪن عيوض پنهنجي وطن جو ڪو علائقو عالمي سامراجي قوتن جي مستقل قبضي ۾ ڏيڻ نه ٿا گھرن. البت پاڪستاني حڪمرانن جي نوعيت ڪجھ ٻي آهي.
پاڪستاني حڪمران
1- پاڪستان جو ”اصلي تي وڍو“ ۽ مستقل حڪمران پنجاب جو سرمائيدار ۽ جاگيردار پئي رهيو آهي، جنهن جي ڇڙواڳ ڦورو مفادن لاءِ پاڪستان جي سڄي، ڳجھي توڙي ظاهري، انتظامي مشينري ڪم ڪندي رهي آهي. وطن دوستيءَ ۽ قومپرستي جي عمومي تشريحن کي نظر ۾ رکيو وڃي، ته اڳوڻي توڙي هاڻوڪي پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي علائقي جي حڪمران طبقن جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو سرمائيدار ۽ جاگيردار وڌيڪ وطن دوست ۽ قومپرست نظر اچي ٿو. هو پاڪستان ۾ توسيع پسند، قبضي گير ۽ شاونسٽ ۽ عالمي سامراجي قوتن آڏو چمچو ٿي رهيو آهي. هن هر قسم جي سازش، مڪاري ۽ داداگيري ڪري، جنهن لاءِ خاص ڪري اسلام ۽ ملڪي سالميت جي لفظن کي استعمال ڪيو پئي ويو آهي، پاڪستان جي باقي علائقن تي پنهنجي مخصوص ڦورو بالادستيءَ کي قائم رکيو آهي. ان لاءِ هن مارشل لا ۽ فوجي حاڪميت جي بي رحم ۽ غير جمهوري ڏنڊي کان ڪم پئي ورتو آهي. جنرل ضياءُالحق کان به ڪم ورتائين پر ڪن سببن جي ڪري فوج کي سول روپ ڏئي اقتدار ۾ شامل نه ڪري سگھيو، ته هاڻي صدر لغاري وسيلي ”قومي دفاعي ۽ سلامتي ڪائونسل“ جي نالي ۾ ان کي عملي روپ ڏنو ويو آهي. هو پاڪستان تي حاڪميت قائم رکڻ لاءِ پنهنجا پارٽنر، حصيدار يا جوڙيوال بدلائيندو پئي رهيو آهي.
2- پاڪستان ٺهندي ئي گھڻي ڀاڱي مشرقي پنجاب جي ”مهاجرن“ کي پاڻ وٽ پنهنجي پسند جيتري تعداد ۾ قبول ڪندي ”فاضل“ مهاجرن کي، جن مان گھڻن جو واسطو ڀارت جي مسلم اقليتي صوبن سان هو، سنڌ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جتي انهن ”مهاجر“ جي نالي ۾ پاڻ کي منظم ڪيو ۽ مرڪزي حڪومت جي سهڪار سان سنڌ جي بي پناهه پيداواري وسيلن ۽ ڪجھ شهرن تي قابض ٿي ويا جن ۾ سرفهرست ڪراچي هو، جنهن کي سازش ۽ دادا گيريءَ سان سنڌ کان ڌار ڪري مرڪزي علائقو قرار ڏنو ويو ۽ هتان سڄي پاڪستان تي حڪومت ڪئي ويندي رهي. ناجائز رعايتن، معاشي سهڪار ۽ مرڪزي ۽ صوبائي ملازمتن سبب ”مهاجر“ سرمائيدار ۽ بيورو ڪريسي بي انتها مضبوط ٿيا. سڄي پاڪستان جي ڪل ڪمائيءَ جو 45 سيڪڙو جيڪڏهن پنجابي حاڪمن جي حوالي هو ته 35 سيڪڙو ”مهاجر“ حاڪمن جي قبضي ۾، باقي پاڪستان کي رڳو 20 سيڪڙو مس ٿي مليو. پنجابي حاڪمن کي اها ڳالهه نه وڻي تنهنڪري ون يونٽ مڙهي مهاجر سرمائيدار کي مليل رعايتن ۾ گھٽتائي ڪرڻ شروع ڪئي، ان هوندي به مهاجر خوش هو، ڇو ته کيس وري به ايترو ڪجھ مليو پئي جيڪو سندس قدبت کان گھڻو وڌيڪ هو. قبضي کي وڌيڪ پختو ڪرڻ لاءِ ايوبي مارشل لا مڙهيو ويو، جنهن ۾ پڻ مهاجر سرمائيدار ۽ بيورو ڪريٽ خوش هو. مظوم قوميتن پاران جمهوري جدوجھد کان مجبور ٿي، پنجابي مهاجر مستقل مفاد کي ون يونٽ ٽوڙڻو پيو ۽ عام چونڊون ڪرائڻيون پيون. پاڪستان ۾ پهرئين حقيقي جمهوري عمل جي نتيجي ۾ بنگالين جي اڪثريت سان قائم ٿيندڙ حڪومت کي پنجابي مهاجر مستقل مفاد ڏنڊي جي زور تي ٿڏي ڇڏيو ۽ بنگال جي سٻاجھي ڌرتيءَ تي 45 لک کن بيگناهه ۽ معصوم بنگالي ڪهي ۽ 10 لک کن بنگالي عورتن جي عزتن کي پامال ڪندي انهن کي الڳ ڪري ڇڏيو. پنجابي مهاجر مستقل مفاد پاڪستان اندر پنهنجي ئي هم وطن ۽ هم مذهب انسانن خلاف ايڏو ئي بي رحم ۽ جلاد هو ۽ آهي، پر هو پرڏيهي عالمي سامراجين جا پير چَٽڻ لاءِ هر گھڙيءَ آتو رهيو، آمريڪي سامراج کي پيرين پئي هت وٺي آيو ۽ ان جو غلام ٿيو، جڏهن ته اڳوڻي سويت يونين پاران وڌايل دوستيءَ ۽ سهڪار جو هٿ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين جنهن کيس پنهنجن پيرن تي بيهارڻ پئي گھريو.
3- ”نئين“ پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي سربراهيءَ هيٺ پهرئين ”جمهوري“ حڪومت ٺاهي ويئي، جنهن مڪمل اتفاق راءِ سان هن ملڪ کي پهريون ڀيرو عوامي آئين ٺاهي ڏنو، جنهن تي به مظلوم قومن کي ڪي اختلاف هئا. توڙي جو هُو جاگيردار طبقي جو فرد هو پر هڪ حد تائين روشن دماغ ۽ جمهوريت پسند پڻ هو. سندس حڪومت جي ڏينهن ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته مظلوم قومن ۽ پوئتي رکيل علائقن کي ڪي قدر حق ۽ رعايتون ڏئي اڳتي آندو وڃي، پر اها ڪوشش انهيءَ سلسلي ۾ پڌري ڪيل حد تائين اڳتي وڌي نه سگھي ۽ هٿياربند قوتون هڪ ڀيرو وري بلوچستان ۽ سرحد ۾ دخل اندازي ڪري ويهي رهيون، جڏهن ته پنجابي-مهاجر مستقل مفاد کيس وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
4- انهيءَ جمهوري دور ۾ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي پٺتي رکيل علائقن کي جيڪي ٿوريون ڪي سهولتون مليون، ڀُٽي جو اقتدار ڊاهيندڙ جنرل ضياءَ اهي هڪ ڀيرو وري کسي ورتيون. جنرل ضياءَ وسيلي جيڪو اقتدار مڙهيو ويو اهو پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي بدنيت، ڪميڻو، ڪٺور، ڪوڙو، سازشي ۽ ڪيني پرور هو. هٿياربند قوتن ۾ تعداد جي بنياد تي توازن جوڙيو ويو ۽ پنجابي ۽ مهاجر سان گڏ پٺاڻ کي به نوازيو ويو. پنجاب جي مفاد کي لوڏو ئي ڪو نه هو، پٺاڻ کي جيڪو ڪجھ مليو اهو اڳوڻي مراعات يافته ”مهاجر“ جي فالتو حصي مان ڏنو ويو پر هو هاڻي پنهنجي سڻڀي ٽڪر مان هڪ ذرو به ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. شهزاد منظر لکي ٿو: ”اها ڳالهه ريڪارڊ ۾ موجود آهي ته بنگالين جيان سنڌين کي به سول ۽ ملٽري سروسز ۾ اچڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ان جو اندازو هن ڳالهه مان ڪري سگھجي ٿو ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اعليٰ ترين فوجي آفيسرن ۾ سنڌي هڪ به نه هو. پاڪستان جي سياست ۾ ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ هٿياربند فوجون اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، پوءِ اهو ڪردار ظاهري هجي يا لڪل. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني فوجن ۾ رڳو پنجابي، مهاجر ۽ پختون هئڻ جي ڪري بنگالي ۽ سنڌي هڪ عرصي تائين هٿياربند فوجن جي باري ۾ اهي جذبا نه رکندا هئا جيڪي پنجابي ۽ مهاجر ۽ هڪ حد تائين پٺاڻ رکندا هئا. ان جو سبب اهو آهي ته هڪ خاص پاليسيءَ هيٺ بنگالين ۽ سنڌين کي فوج کان پري رکيو ويو.“ (ڏسو ”سنڌ ڪي نسلي مسائل“ ص 98- 99)
1973ع کان 1983ع تائين پاڪستان جي اعليٰ ترين سول بيوروڪريٽن جي نسلي سڃاڻپ هن طرح رهي:
 نسل             تعداد            سيڪڙو
پنجابي    1727       89.48
پختون    287          12.8
مهاجر     1070         29.2
سنڌي     90            5.2
بلوچ      9             2.5
ٻيا         349          95.9
                               (ڏسو مٿيون حوالو، ص 100)
جنرل ضياءَ جي حڪومت دوران سنڌ جي وطن دوست ۽ قومپرست شعور کي ڪچلڻ لاءِ ٻين ڪيترن ئي عملن سان گڏ هڪ ڪم ايم ڪيو ايم کي منظم ڪرڻ ۽ طاقتور بنائڻ هو، جنهن لاءِ کيس قانون کي لتاڙڻ جي موڪل به مليل هئي. جنرل ضياءَ جي اقتدار دوران ئي نسلي، لساني، مذهبي، علائقائي، فرقيوراڻي، ذات پرستاڻي ۽ ٻيون ڪي ئي نفرتون وڌايون ويون، هٿيارن جي ڏيتي ليتي عام ٿي ۽ بدامني وڌائي ويئي ۽ هيروئن سان گڏ نشيدار شين جو واهپو وڌائي ماڻهن جي اخلاقي قدرن کي نيچ ڪيو ويو.
سنڌي جاگيردار طبقو
انگريز سامراج سنڌ ۾ سنڌي جاگيردار وسيلي پنهنجو اقتدار هلائڻ شروع ڪيو تڏهن مجموعي طرح سڄو سنڌي جاگيردار طبقو ڏهاڙي سندس بوٽ چَٽي صاف ڪندو هو. ڪجھ انفرادي مثالن کان سواءِ باقي سڀ سنڌي جاگيردار قومي غيرت ۽ وطن دوستيءَ جي جذبن کان مڪمل طرح وانجھا هئا ۽ آهن، انهن کي رڳو پنهنجي پنهنجي تَر ۾ پنهنجي حاڪميت گھربل هئي، جنهن وسيلي هو پنهنجي راڄ ڀاڳ کي لتاڙي، لوئي، ماري، بند ڪرائي، ننگ کڻائي، ڌاڙا هڻائي، جاهل رکي ۽ ٻيون بدمستيون ڪري پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي سگھن. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي جاگيردار طبقو ان جي جانشين ڪارن حڪمرانن جو بوٽ چٽيندو رهيو آهي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ون يونٽ مڙهي سنڌ جي وجود گم ڪيو ويو، سنڌ جون زمينون ورهائجي ويون، سنڌي ٻوليءَ کي ميسارڻ جِي سازش ٿي، ون يونٽ خلاف مهم هلي، پر سنڌي جاگيردار طبقو ننڊ ڪندو رهيو، ڪنهن به وطن دوست جدوجھد ۾ عملي طرح شامل نه ٿيو، اٽلو سرڪار وٽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ چغل ۽ گوال ٿي بيٺو رهيو. اهو هر حڪومت ۾ شامل رهيو آهي پر سِيس نوائي فرمانبردار ٿي گذاريو اٿائين ۽ سنڌ جي پوئتي پيل ۽ رکيل علائقن ۾، ايتري قدر جو پنهنجي تر ۾ به، ڪو ترقياتي ڪم ڪرائڻ کان ٻَرو پيو چڙهندس. اُهو ذوالفقار علي ڀُٽي جي چوڌاري موجود هو، هن پاران هزارين خواهشن باوجود اسڪول ٺهيو ته ان کي اوطاق ڪري ڇڏيائين، اسپتال ٺهي ته ڊاڪٽر ڀَڄايائين، روڊ ٺهيو ته اعتراض اٿاريائين ۽ نيٺ کيس ڦاهي چاڙهائي دم پٽيائين. سدائين سرڪاري گولن جو به غلام ٿي رهيو ۽ سنڌ جو ناسور آهي جنهن جو اڪيلو علاج ڪوري ڪڍي ڇڏڻ آهي، نه ته ماري قبر ڀيڙو ڪندو. اڄ اهو سنڌ جي لڳ ڀڳ هر اليڪشني پارٽيءَ ۾ موجود آهي ۽ سندس چڙهندڙ سج جو سلامي هجڻ، پنهنجا مارائي خوش ٿيڻ، وطن ۽ قوم سان غداريون ڪري، ڊاڙون هڻڻ واري فطرت کان هر سنڌي واقف ٿي چڪو آهي. ان کان آئيندي لاءِ اها اميد رکڻ ته پنهنجي تَر، راڄ، وطن ۽ قوم لاءِ ڪو چڱو ڪم ڪندو، سج کي اولهه مان اڀارڻ جھڙي ناممڪن خواهش آهي.
ڇا سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهن؟
وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت جو جذبو رکندڙ ڪو هڪ به اهڙو سنڌي موجود ناهي جيڪو ڪيڏي به وڏي لالچ يا ڌوڪي ۾ اچي پنهنجي وطن جي ڪنهن هڪ چورس انچ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار هجي، البت وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت کان وانجھيل فرد چند ڏينهنِ جي اقتداري چشڪي، معمولي رعايتن يا ڪجھ ڏوڪڙن ڪاڻ پنهنجي ذهن ۽ ضمير ته ڇا، قوم ۽ وطن جو به سودو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. ڪراچي ته انهن لاءِ ڄڻڪ اوپري شيءِ آهي جنهن کي وڪڻندي ويرم ئي نه وجھندا. وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت کان وانجھا اهي فرد پنهنجي ٻُوٿ تي ڪو به نقاب چاڙهي سگھن ٿا، ايتري قدر جو پاڻ کي ٻين سڀني سنڌ واسين کان وڏو غيرتمند، قومپرست ۽/يا وطن دوست پڻ چئي سگھن ٿا. انهن جون غيرتون درحقيقت ايترو ته غرق ٿيل ۽ ماريل آهن جو اهي اهو ڪم علي الاعلان ڪري سگھن ٿا. ٻهروپ ڀري سنڌ ۽ سنڌين جا خيرخواهه بلڪه عاشق بنجي اهي اهي لفاظيون، تشريحون ۽ تاويلون ڪندا، جو هڪ سڌو سادو سنڌي ته ڇا، چڱو ڀلو سمجُھو ۽ ڏاهو ماڻهو به سندن منطقي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پنهنجو مٿو وڃائي سگھي ٿو، تنهنڪري سنڌ ۽ سنڌين جي هر سڄڻ ۽ گھڻ گُھري کي، پوءِ اهو زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکندڙ هجي، پهري-سجاڳ ۽ ذهني طرح هوشيار رهڻ گھرجي ۽ جيترو ڪجھ سندس وَس ۾ آهي، انهي کي پوري جوابداريءَ ۽ ذميواريءَ سان نڀائڻ گھرجي.
هن مضمون جي ابتدا ۾ ڏنل خبر موجب، سنڌ ۾ ممتاز علي ڀُٽي کي نگران وڏو وزير ٺاهڻ ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنائڻ جي ڳجھي رٿا جو حصو آهي. ممتاز علي ڀٽو ڪجھ ڏينهن اڳ سيوهڻ کي سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ بنائڻ جو اشارو پڻ ڏئي چڪو آهي. ممتاز علي ڀٽي پاران سيوهڻ کي سنڌ جي گادي بنائڻ وارو خيال خاص ڌيان جوڳو آهي. ان کي پهريائين محض اليڪشني چشڪو سمجھيو ويو هو، پر پوءِ هو اهو خيال ورجائي پيش ڪندو رهيو، تان جو هفتو ڏيڍ اڳ انهيءَ حوالي سان ”برسات“ پاران ممتاز علي ڀٽي سان هڪ انٽرويو به شايع ٿي چڪو آهي. اهو موضوع هڪ ڌار مضمون جي تقاضا ڪري ٿو. هتي رڳو ايترو چئي سگھجي ٿو ته اها ڳالهه ڪراچيءَ تان سنڌين جي مالڪيءَ واري دعويٰ ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وک طور ڳڻي سگھجي ٿي. مٿان وري جان ميجر پاران ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ جي ڳالهه ۽ برطانيا ۽ عالمي سامراجي قوتن جي اهڙي خواهش انهيءَ خيال کي وڌيڪ پختو ڪري ٿي ته سنڌ جي بندرگاهه ڪراچي تي ڪي ئي ميريون نظرون کتل آهن. بينظير ڀٽو چيو آهي ته ”ممتاز ڀٽي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ٽوڙڻ واري سازش کي وڌيڪ آسان بنائي ڇڏيو آهي.“ (عوامي آواز، 22 جنوري 1997ع) جنهن جو صاف مطلب هي آهي ته اها سازش گھڻو اڳ کان هلندڙ آهي، پر ڪڏهن کان؟
ڪراچيءَ خلاف سازشون
سنڌ خلاف پرڏيهي پرمار سازشون ۽ چڙهايون هونئن ته قديم زماني کان هلندڙ آهن، پر ويجھڙ ماضيءَ ۽ پنجاب جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته پنجاب جون توسيع پسند، قبضي گير ۽ لالچي نظرون سنڌ تي گذريل صدي جي پوئين اڌ کان کتل آهن. سنڌ کي جڏهن بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بنايو ويو تنهن کان پوءِ جڏهن به سنڌ جي صوبائي خودمختياريءَ جو سوال اٿيو يا بمبئي پريزيڊنسيءَ جي حدن ۾ ڦيرڦار جي ڳالهه نڪتي، پنجاب پاران هڪدم مختلف ”دليل“ ڏئي سنڌ کي پنجاب سان ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. هزارين حيلن کان پوءِ، 1935ع ۾ جڏهن سنڌ صوبو بحال ڪيو پئي ويو، تڏهن به پنجاب پاران ان جي خودمختياريءَ جي مخالفت ٿي ۽ سنڌ کي پنجاب جو علائقو قرار ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي. انگريز پرمار ڪيڏو به بدنيت هو پر پنهنجن ڪن طي ڪيل اصولن جي پوئواري ضرور ڪندو هو. ان نيٺ سنڌ کي صوبو بنائي ڇڏيو. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته سنڌ پنهنجي مڪمل آزاديءَ ۽ سوورينٽيءَ (اقتدار اعليٰ) لاءِ جدوجھد هلائي ها، پر انگريز سامراج جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ سبب انهن ڏينهن تائين خاص ڪري موجوده ڀارت جي وڏن شهري علائقن ۾ مذهبي ڪٽرپڻو عروج حاصل ڪري چڪو هو. سنڌ جو ڪم ظرف، عياش ۽ بدڪردار جاگيردار پنهنجون لکين ايڪڙ زمينون هندو وياج خور وٽ گروي رکي، مال هضم ڪري چڪو هو. ان محسوس ڪيو ته مذهبي ڪٽرپڻي کي زور وٺائبو ته هندو وياج خور کان بنا قرض ڏيڻ جي زمينون موٽائي سگھجن ٿيون ۽ ان ائين ڪيو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين چئن مهينن ۾ ئي سنڌ جي حڪمران جاگيردار طبقي محسوس ڪري ورتو ته هو ڪارن حڪمرانن جو غلام بنجي چڪو آهي ۽ سندن مرضيءَ جي خلاف ڪجھ به ڪري نه ٿو سگھي، نه ته چند ڏينهن لاءِ مليل ڪرسي به وڃائي ويهندو. کانئس پهريون ڪم ڪراچيءَ کي مرڪزي علائقو قرار ڏيڻ جو ورتو ويو ۽ هن معمولي مفادن ڪاڻ انتهائي بيغيرتيءَ سان سنڌ جي دل جو سودو ڪري ڇڏيو. ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ مان سنڌ يونيورسٽيءَ کي ۽ اڃا ڪجھ عرصو پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي. سنڌي هندن خلاف فساد ته پرڏيهي پناهگيرن جي اچڻ سان ئي شروع ڪيو ويو، پر جڏهن جاگيردار جي اک کلي، تڏهن هن ڏٺو ته نه رڳو هندن جي پر انهن وٽ گروي رکيل سنڌي جاگيردار جي زمين به ڀارت کان آيل مسلمان ڀائرن جي حوالي ٿي وئي هئي ۽ سنڌي هندو ڪيڏا به خراب هئا پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان وفادار هئا، جڏهن ته نوان آيل مسلمان ڀائر ته انهن جا به ويري نڪتا. سنڌي جاگيردار جي به، ٻين جيان، فطرت هئي ته ڏاڍي آڏو جھڪي پوي ۽ هو جُھڪيو، ايترو جھڪيو جو ان کان وڌيڪ جھڪڻ جي گنجائش ئي نه رهي. ون يونٽ ٺهيو، تڏهن به هُو جھڪيل رهيو. سنڌ جو نقشو ڌرتيءَ گولي تان ميسارجي ويو!
سنڌ جي آباديءَ جي توازن کي تبديل ڪرڻ ۽ اصلوڪن قدرتي سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ نه رڳو ڀارت جي مختلف علائقن کان ماڻهو گھرايا ويندا رهيا، پر سنڌ جي اترين پاڪستاني علائقن پنجاب ۽ سرحد کان به اڻڳڻ انسانن جي وهڪ سنڌ ڏانهن شروع ڪئي وئي، جن جو پڻ خاص زور ڪراچيءَ تي هو. سنڌين جي وطن دوستيءَ کي ماٺو رکڻ ۽ جڪڙڻ لاءِ ”مهاجر“-پنجابي-پختون متحده محاذ کي سياسي هٿيار طور ڪتب آندو ويو. سنڌي مسلمانن لاءِ ڪراچيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ ۽ واپار جا دروازا اڳ ئي بند ڪيا ويا هئا ۽ سنڌي هندن کي ڪڍيو/لڏايو ويو هو، تنهنڪري به، ۽ ڪراچي تي اردودانن جي ثقافتي ۽ لساني قبضي سبب به ڪراچيءَ جي سماجي زندگيءَ جو ڍنگ سنڌين لاءِ اوپرو بنايو ويو.
ون يونٽ ٽوڙڻ مهل هڪ مهم هلائي وئي ته ڪراچيءَ مان سنڌ کي ڪو به فائدو ناهي، تنهنڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار رکيو وڃي. اها سازش به ناڪام ٿي، توڙي جو سنڌ جا ڪي ئي سياسي اڳواڻ پڻ انهيءَ پروپيگنڊا جو شڪار ٿي چڪا هئا. صوبن جي بحاليءَ کان ترت پوءِ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون. بنگالين جي اڪثريت ۽ جمهوريت پسنديءَ کان ڊڄي انهن کي الڳ ڪيو ويو، ڇو ته پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن ۽ سندن جوڙيوالن کي اها ڳالهه ڪنهن به شرط تي پسند نه هئي ته هن ملڪ ۾ جمهوري سرشتو رائج ٿئي ۽ مظلوم قوميتن کي حق ملن. نئين پاڪستان جي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حوالي ڪئي وئي ڇو ته پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن محسوس ڪري ورتو هو ته في الوقت پاڪستان جو عوام ڪنهن به صورت ۾ فوجي راڄ کي قبول نه ڪندو، ڇو ته هٿياربند فوجون خود پاڪستاني حڪمرانن جي پرچار جو شڪار بنجي چڪيون هيون ۽ انهن جي لفظن موجب بنگال ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجو اخلاقي قدر ڪيرائي چڪيون هيون. سنڌ ۾ صوبائي حڪومت به پيپلزپارٽيءَ جي ٺهي، جنهن جو وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽو هو. سنڌي ٻوليءَ جي کسيل حيثيت واپس ورائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو بل“ پيش ڪيو ويو، جنهن جي خلاف اردو ڳالهائيندڙ سرمائيدارن، سياستدانن، صحافين، دانشورن ۽ ڪامورن هڪ تعصبي مهم جاري ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ وڳوڙ ڪرايو. سنڌي جاگيردار پنهنجي فطري بزدليءَ ۽ ڪارن حڪمرانن جي گولائپ سبب هڪدم جھڪي پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ جو عمل 12-سال پوئتي ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين، 24-سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪنهن کي ياد ئي ناهي، ايتري قدر جو هن وقت سنڌ جي نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي کي به ياد نه رهيو آهي. سرڪاري ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ خلاف ساڳيو تعصبي رويو اڄ به جاري آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلزپارٽيءَ جي ان حڪومت دوران مرڪز توڙي صوبي ۾ ڪجھ سنڌين کي ڪي ملازمتون ۽ ننڍي پيماني جي صنعتڪاريءَ جو موقعو مليو. پيسو سنڌي جاگيردار وٽ هو پر صنعتڪاري هن جي جاهل ۽ بدڪار فطرت جي خلاف هئي، تنهنڪري ان گھربل حصو نه ورتو. جڏهن ته ملازمتون وري پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي اکين ۾ ڪنڊوٿي پيون. ايم ڪيو ايم پاران اڄ به سنڌين کي ان زماني ۾ مليل ملازمتن تي پٽڪو جاري آهي، جڏهن ته ضياءَ الحق جي اقتدار دوران انهن مان وڏي انگ کي ختم ڪيو ويو.
جنرل ضياءَ الحق جي اقتدار دوران جتي ٻيون هر قسم جون برايون وڌايون ويون، اتي سنڌ جي وجود ۽ سالميت خلاف ٽي خصوصي سازشون به عمل هيٺ آيون:
(1) مهاجريت جي پرچار ڪندڙ ڪي ئي تنظيمون جڙيون، جن ۾ الطاف حسين ۽ سندس ايم ڪيو ايم کي خصوصي شهرت، رعايت ۽ سهولت ڏني وئي.
(2) غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن جي ناجائز آبادڪاري ڪئي وئي. اڄ ڪراچيءَ جي ڪل انساني آبادي جيڪڏهن هڪ ڪروڙ 30 لک آهي، ته ان ۾ غيرقانوني پرڏيهين جو انگ ڪنهن به طرح 20 لک کان گھٽ ناهي. اها غيرقانوني پرڏيهي آبادي ڪراچيءَ جي ڪل ڪمائيءَ جو لڳ ڀڳ ڇهون حصو کايو ڦٻايو وڃي. جن کي ايم ڪيو ايم ”مهاجر“ سڏي ٿي انهن ۾ پڻ چڱو چوکو انگ انهن جو آهي جيڪي اڄ به اصولي طرح ڀارت جا قانوني شهري آَهن ۽ سنڌ ۾ انهن جي حيثيت غيرقانوني پرڏيهيءَ واري آهي.
(3) سنڌين ۾ ذات پرستيءَ ۽ قبيلائي جھيڙن جو رجحان وڌايو ويو، جنهن سنڌي قوميتي شعور ۽ يڪجهتيءَ کي سخت ڇيهو رسايو آهي.
پاڪستان ٺهڻ جي ڏينهن تائين، ڪراچي اسريل سنڌي ثقافت جو مثالي شهر هو ۽ هتي جو لڳ ڀڳ هر رهاڪو پاڻ کي سنڌي سڏائيندي فخر ڪندو هو. انهن ۾ سنڌي هندوءَ سان گڏ عيسائي، پارسي، بوهري وغيره به هئا ته گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي وغيره به. پاڪستان ٺهندي ئي خاص ڪري ڪراچيءَ مٿان ڄڻڪ ڀارتي ثقافتي يلغار ٿي وئي. ڪراچيءَ مان خاص ڪري هندو سنڌين کي، جيڪي سياسي معاشي، سماجي ۽ صنعتي طور مسلمان سنڌين کان وڌيڪ اسريل هئا، سازشي ۽ تعصبي جھيڙا ڪري/ڪرائي سنڌ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح آباديءَ جو توازن اڃا وڌيڪ (سنڌين جي حوالي سان) خراب ٿيو. ڪراچيءَ کي مرڪزي علائقو ٺاهڻ، اتي شهر جي گنجائش کان وڌيڪ ڀارتي مسلمانن کي آباد ڪرڻ، انهن کي مسلماني ۽ مهاجريت جي ڇانو هيٺ خصوصي نموني ۽ رعايتون ڏئي ورسائڻ، مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ سان هندو سنڌين جي سموري صنعت ۽ ملڪيت انهن جي حوالي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي زوريءَ نيڪالي ڏيڻ ۽ ان جي جاءِ تي اردوءَ کي رائج ڪرڻ وغيره سبب ڪراچي ڄڻڪ ڀارت جو اهڙو اوڌ ٿي پيو جتي ظاهرداري واري مسلماني وڌيڪ هئي. ”لياقت-نهرو ٺاهه“ ٿي وڃڻ باوجود لياقت علي خان هڪ مهم هلائي ڀارت جي مسلم اقليتي علائقن مان لالچون ڏئي ۽ سبز باغ ڏيکاري ڪيترن ئي ڀارتي شهر واسين کي غيرقانوني طرح گھرائي سنڌ، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرايو. مهاجريت ۽ مظلوميت جا ڪوڪرا هئا ۽ هر شيءِ تي قبضي بازي هئي. اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت ۽ ڪٽرپڻي، سنڌين خلاف تعصبي روَيي، سنڌي ٻوليءَ جي نيڪاليءَ، اردوءَ جي ترويج ۽ بالادستيءَ وسيلي ڪراچيءَ جي ثقافتي ڏيک ويک کي بدلايو ويو. ايم ڪيو ايم پنهنجي ڏاڍ ۽ دهشت جي زور تي پنهنجيءَ پسند جي مخصوص آباديءَ کي ”مهاجر“ قرار ڏئي ٿي، خاص ڪري هن گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي برادريءَ کي پنهنجي شناختي گھيري جو شڪار بنايو آهي، ڇو ته اهي برادريون واپار ۽ صنعت ۾ وڌيڪ آهن ۽ معاشي مدد فراهم ڪري سگھن ٿيون. سنڌين جي مظلوم، ماريل ۽ محروم ڪيل حيثيت، خاص ڪري ذات پرستيءَ ۽ قبيلائي جھيڙن سبب ۽ سنڌي قوميتي شعور ۽ يڪجھتيءَ جي ڪمزوريءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي شهزوريءَ سبب ڪراچيءَ جي قديمي سنڌي برادرين جيئن گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، اسماعيلي، بوهري، عيسائي، پارسي وغيره ۾ سنڌيت جو جذبو ڪمزور ٿيڻ لڳو آهي. ڪراچيءَ جي خاص ڪري لياري وارن سنڌين ۾ بلوچ سڏائڻ جي رجحان وڌڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي. ڪراچيءَ ۾ اڄ به 38- لک کن قديمي سنڌي رهن ٿا، پر ڌاريائپ جي دعويٰ رکندڙ ماڻهن جي سمنڊ ۾ انهن جي موجوديءَ جو ڀرپور احساس ئي نه ٿو ٿئي ۽ عام چونڊن لاءِ تڪبندي اهڙيءَ چالاڪيءَ سان ڪيل آهي جو سندن وڏي اڪثريت جا ووٽ ورهائجي وڃن ٿا. ايم ڪيو ايم پاران ڪيترين ئي سيٽن تي کٽڻ جو هڪ سبب اهو به آهي، تنهن کان سواءِ کيس غيرقانوني پرڏيهين جا ناجائز ووٽ به ملن ٿا. اهي غيرقانوني پرڏيهي ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد، تربيت يافته ۽ هٿياربند قوت جو هڪ حصو پڻ جوڙن ٿا. ايم ڪيو ايم کي هڪ خصوصي سازش وسيلي، جنهن جو هڪ مقصد سنڌ ۾ نسلي انتشار پيدا ڪرڻ هو، هر قسم جي لاقانونيت جي موڪل ڏني وئي هئي. ايم ڪيو ايم جو پهريون کليل جلسو (آگسٽ 1986ع) انهيءَ جو هڪ مظهر هو. هڪ سال اندر (آگسٽ 1987ع تائين) ايم ڪيو ايم جيڪو دهشت جو طوفان اٿاريو، ان جي تصوير جنرل ضياءَ جي بيان ڪيل انهن لفظن مان ڪري سگھجي ٿي ته ”اڄ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ شهر ٿي پيو آهي. دهشتگردي، تخريبڪاري، باهمي نفاق، انتشار ۽ افتراق ۽ هٿيارن جو بنا روڪ ٽوڪ واهپو هاڻي رڳو امن امان جو مسئلو نه رهيو آهي، پر ان جي پويان بين الاقوامي عنصر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته اسان پنهنجي دشمنن جي هٿن جو اوزار بنجي ويا آهيون. اڄ هتي پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر سڏي هڪ ٻئي جي رت جا پياسا بنجي ويا آهيون. اهڙي ماحول ۾ ڇا اسان پاڻ کي پاڪستاني چئي سگھون ٿا؟ اڄ هتي تعليمي ادارا بند آهن ۽ شاگرد هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجھيو بيٺا آهن. هن شهر ۾ اهڙي فضا آهي جو ماڻهو تصور به نه ٿو ڪري سگھي ته هي پاڪستان جو حصو آهي يا ڪو ٻيو علائقو. ڪراچي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ مشرق جو صاف سٿرو شهر سڏيو ويندو هو، اڄ پاڪستان جي سڀني شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ جيڪڏهن ڪوئي ٿي سگھي ٿو، ته اهو ڪراچي آهي. ڪٿي ماضيءَ جو صاف سٿرو شهر ۽ ڪٿي اڄوڪو غير محفوظ شهر!.... اڄ آءٌ جڏهن هتي تقرير ڪري رهيو آهيان، هتان کان ڪجھ وکن جي مفاصلي تي ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪهڻ لاءِ تيار آهن. هن وقت تائين (سوا اٺ وڳا شام) 9 جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ 40-45 ماڻهو زخمي، ان جو سبب ڇا آهي؟ اسان ۾ شرافت نه رهي آهي، انهيءَ شيءِ جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. (ڏسو روزاني جنگ، 27 آگسٽ 1987). اها تقرير ڪري موٽي وڃي جنرل صاحب پنهنجي پُٺي ضرور ٺپي هوندي ۽ ڏاڙهيءَ (جيئن ته ڏاڙهي نه هئس تنهنڪري کاڏيءَ) تي هٿ رکي چيو هوندائين ته هاڻي سنڌين کي ڪهرائڻ جو وارو آهي. رڳو هڪ سال پوءِ ائين ئي ٿيو... پر تيستائين جنرل صاحب پاڻ ڦٽاڪو ٿي چڪو هو.
جنرل ضياءَ کان ويندي صدر فاروق لغاريءَ تائين پاڪستان جي هر صدر ۽ انهي عرصي دوران چونڊجي آيل سڀني وزيراعظمن جا بيان ۽ ڪي ئي ٻيون ناقابل ترديد شاهديون موجود آهن، جيڪي تصديق ٿيون ڪن ته ايم ڪيو ايم کي خاص ڪري ڀارت ۽ دنيا جي ڪجهه سامراجي ملڪن جي ايجنسين جي حمايت ۽ پٺڀرائي به حاصل رهي آهي ۽ هوءَ انهن جي هٿن ۾ ملڪ دشمن مقصدن لاءِ کيڏندي رهي آهي. ڄام صادق سان گڏ حڪمران ٿي پوڻ دوران، ان پاران دهشتگرديءَ ۽ نسلي نفرت واري ”سياست“ ڏيهي سگھارين ايجنسين جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وئي ۽ ايم ڪيو ايم جي بندوقن جو رخ ملڪ جي وردي پهريندڙ قوتن ڏانهن به ٿي ويو ۽ 1992ع کان 1996ع جي پڄاڻي تائين هٿياربند فوجن، رينجرس ۽ پوليس جا سوين عملدار ان جي گولين جو کاڄ بنجي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم آخر ڪنهن جي ڪلهي تي ٿي ڪڏي؟ ۽ هي جو ايم ڪيو ايمي ليڊر ورجائي پيا چون ته اهي هڪ ”ڪاز“ (مقصد) لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ته اهو ”ڪاز“ نيٺ ڪهڙو آهي؟
ايم ڪيو ايم منافرت جي راند کيڏندڙ ڏيهي ۽ قبضيگير پرڏيهي ايجنسين جي اشارن تي هلي رهي آهي. هوءَ سمجھي ٿي ته ڪنهن به گھڙيءَ ڪنهن به ايجنسيءَ کي ڏند ڏيکاري سگھي ٿي، پر اها سندس اجائي خوشفهمي آهي. پرڏيهي قبضيگير سامراجي قوتون في الوقت ايم ڪيو ايم جي زور ۽ دڙڪي کي ٽن نمونن سان ڪم آڻين ٿيون:
(1) ان وسيلي ڪراچيءَ کي الڳ ڪرائڻ (۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ته ڇا، سڄي پاڪستان جو ڪرنگھو ڀڄڻ)،
(2) ان پاران ماٺ ۽ سهڪار جي ضمانت ڏئي ڪراچيءَ کي الڳ ڪرائڻ، ۽
(3) ان پاران دهشتگرديءَ کي زور وٺائي پاڪستان جي معيشيت کي تباهه ڪرڻ.
جڏهن ته ڀارت پاران ايم ڪيو ايم کي هٽائڻ ۽ زور وٺائڻ جا سبب وري ڪي ٻيا آهن، جن مان هڪ پاڪستان کان ڪشمير جي حمايت تان هٿ کڻائڻ، ۽ ٻيو پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏڻ به آهي. ايم ڪيو ايم ۽ مهاجريت جو نعرو هڻندڙ ٻين تعصبي تنظيمن جو وجود خود سنڌ لاءِ به سخت هاڃيڪار آهي ۽ اها ڳالهه هر سمجُھو ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي سگھي ٿو ته ڀارت ۽ عالمي سامراجي قوتن کي سنڌ جي سالميت کان وڌيڪ عزيز سندن پنهنجا مفاد آهن. جان ميجر/برطانيا ۽ عالمي سامراجي قوتن پاران ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ واري خواهش تي ڪو به رد عمل ظاهر ڪرڻ بدران ايم ڪيو ايم ۽ اهڙين ٻين تنظيمن پاران مجرماڻي ماٺ اسان جي انهيءَ خيال کي تقويت پهچائي ٿي.
انهي پس منظر ۾ سنڌ جي نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي پاران سيوهڻ کي سنڌ جي گادي بنائڻ واري راءِ سنڌ جي سالميت خلاف وڌيڪ تشويش ۾ مبتلا ڪري ٿي. سونَ مٿان سهاڳو يا تَئي مٿان دانگي وري اها، ته نگران سنڌ سرڪار پاران ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنائڻ جي منظوري (عوامي آواز، 17 جنوري 1997ع) ڏيڻ جي نيت جون ڳالهيون پڻ شايع ٿي چڪيون آهن ۽ اهو به ”پڪين خاطرين“ جي آسري تي، جڏهن ته چڱي طرح ڄاڻون ٿا، ته 1940ع جي قرارداد موجب جيڪا پڪي خاڪري ڏني وئي هئي ته مسلمان اڪثريت وارن علائقن کي خودمختيار ۽ سوورين يعني پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ رياست بنايو ويندو، تنهن جو ڪهڙو حشر ٿي چڪو آهي، ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪي به ”خاطريون“ ڏنيون ويون، انهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل نه ڪيو ويو آهي. جيڪي حڪمران انتهائي بي حيائيءَ سان خود پنهنجي وطن کي عالمي سامراجي قوتن وٽ گروي رکي چڪا آهن ۽ سندن هر وک انهن جي منشا ۽ مرضيءَ موجب کڄي رهي آهي، ايتري قدر جو پنهنجي ملڪ جا ڪمائتا ڪارخانا ۽ بئنڪون به وڪڻي رڳو وياج لاهي نه ٿا سگھن، انهن کان ڪنهن وطن دوستيءَ جي اميد رکڻ ته اجائي آهي، پر واضح اهو ڪرڻ ٿا گھرون ته ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ جو سڌو مطلب رڳو سنڌ جو نه، پر پاڪستان جو ڪرنگھو ڀڃڻ جي برابر آهي ۽ اها ڳالهه بلڪل ياد رکڻ گھرجي ته ڪهڙين به پڪين خاطرين، سبز باغن ۽ منطقي دليلن جي آڙ ۾ سنڌ جي ڪنهن هڪ انچ جو به سودو ڪيو ويو ته سنڌ جا وطن دوست ۽ قومي غيرت رکندڙ ذهن سنڌ توڙي پاڪستان جي اهڙي ڪنهن به سوداگر کي بخش ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا.
 (”عوامي آواز“، 30-جنوري کان 1-فيبروري 1997ع)

No comments:

Post a Comment