ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪجھ ڏينهن اڳ اخبارن ۾ خبر آئي ته
حڪومت، سنڌ توڙي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ کان
لاچار ظاهر ڪيو آهي ـــــ واسطيدار ڏيهه پنهنجي ڏيهه واسين کي پاڻ وٽ گھرائڻ جو
خرچ نه ٿا ڀري سگھن ۽ اسان جي حڪومت انهن کي ڪڍي نه ٿي سگھي! عجيب قسم جي بيوسيءَ
جو اظهار آهي. حڪومت، جيڪا پنهنجي ڏيهه واسين کي تحفظ نه ٿي ڏئي سگھي، انهن جي
روزگار تي لڳندڙ ڌاڙن کي بند نه ٿي ڪرائي سگھي، پنهنجي ڏيهه ۾ سمگل ٿي، چوريءَ آيل
۽ غيرقانوني رهاڪن کي ڪڍي نه ٿي سگھي، ان کي عوام جي حڪومت سڏائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو
ڪهڙو حق آهي؟
بيوسيءَ جو اهو احساس ڏاڍو
ڏکائيندڙ هو. اهو گھاءُ اڃا تازو ئي آهي جو (2- فيبروري واري) اخبارن ۾ دهشتگردن
جي حوالي سان خبر آئي آهي ته اهي سنڌ کي ورهائي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، اهي پنهنجي
متوازي حڪومت ۽ اسيمبلي قائم ڪندا ۽ ان کي ئي شهري ٽيڪسون ڏيندا، جيڪڏهن ”ڳوٺاڻي“
حڪومت ملير ضلعو ٺاهڻ تان هٿ نه کنيو ۽ انهن دهشتگردن جي آڏو گوڏا نه کوڙيا.
اهي دهشتگرد ۽ انهن جا وڏا 1947ع
۾ هاڻوڪي ڀارت کان مختلف سببن جي ڪري ڀڄي نڪتا ۽ مفلوڪ الحال پناهگير جي صورت ۾
سنڌ آيا ۽ هڪ سازش وسيلي کين سنڌ جي وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو هو.
ٽي صديون اڳ ڪراچي هڪ ننڍو شهر هو
جنهن کي ”ايشيا جي ڪنوار“ واري درجي تي پهچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جي رت ۽ پگھر جي ٽي
سَو سال ڪمائي سيڙايل آهي. ڪراچي سنڌ جي ڌرتيءَ جو تاريخي طرح هڪ اهڙو ٽڪرو آهي
جنهن کي سنڌ جي دل سڏيو پئي ويو آهي. جذبن ۽ احساسن کي پاسيرو رکي هن ايراضيءَ جو
جيڪڏهن ملهه ڪٿجي ته اهو به کربين کرب رپين ۾ ٿيندو، جنهن تي جوڙيل عمارتون، جنهن
۾ پيدا ڪيل سونهن جو سمورو سامان تاريخي ۽ عملي طرح سنڌي ماڻهن جو آهي، پر ڪالهوڪا
پناهگير اڄ انهن ئي سنڌين کي، جن جا وڙ اهي پاڻ-وڪڻي به لاهي نه ٿا سگھن، ڌمڪيون
پيا ڏين، نفرت، چِڙ، بيزاري ۽ حقارت سان دڙڪا ٿا ڏين ته پنهنجي ئي تاريخي ڌرتيءَ
تي توهان، اي سنڌيو! جيڪڏهن هڪ ٽُڪري جو نالو ”ملير“ رکيو ته ...
ڪجھ عرصو اڳ هن دهشتگرد ٽولي کي
هڪ خاص قسم جي سازش تي عمل ڪرائڻ لاءِ ايجنسين وسيلي مخصوص نموني ”تخليق“ ڪيو ويو
هو. کين سالن جا سال دهشتگرديءَ جي سکيا ڏني وئي ۽ پوءِ مختلف رجسٽرڊ توڙي اڻ
رجسٽرڊ ”اڏن“ جا آتشي هٿيار ۽ ٻيو بارود ڏئي کين ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ عملي تربيت
ڏني وئي --- مشاهدو ڪيو ويو ته اهي ڪيڏيءَ نه بيدرديءَ، ڪراهت ۽ ”بهادريءَ“ سان
جيئرن جاڳندن ماڻهن --- ٻارڙن، جوانن، ٻڍڙن ۽ نياڻين جو ڪوس ڪري، وسندڙ گھرن کي
باهيون ڏئي ساڙي رک ڪري، ڪڏڪندڙ ٽهڪڙن ۽ معصوم مرڪن کي موت جي حوالي ڪري، زنده
انساني عضون کي ڪوريندي، رڙيون ۽ ڪيهون ڪندڙ هستين تي بي رحميءَ سان ٽهڪ ڏيندي مهڪندڙ
ماحول کي ڏائڻين جو ڏيوارو بنائي سگھن ٿا. سوين خون ٿيا، زوريءَ زنائون ٿيون،
انسانيت جي عزت اڇالي وئي، ماڻهپي کي لتاڙيو ۽ گھر اجاڙي ڪروڙ ڦريا ويا پر سندن
آڱوٺي کي لوڏو به ڪو نه آيو، الٽو کين شاباسون ڏنيون ويون، سندن شاندار ڪارگذاريءَ
تي ڏند ٽيڙيا ويا ۽ کين هار پارائي، جلوس ڪڍي اخبارن وسيلي ۽ سندن در تي وڃي
شاباسون ڏنيون ويون، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ڪنهن به گھڙي ”دمادم مست“ ڪري سگھن
ٿا، رڳو ”اشاري“ ملڻ جي دير آهي.
جيڪڏهن ماڻهپي کي پائمال ٿيندو
ڏسي، جمهوريت جو لاش کڻائي، حرمتن جون لڄون لٽرائي، ادب، فضيلت، مروت، محبت ۽ خلوص
کي لتاڙي خونين، قاتلن، غدارن، مارشلن، دهشتگردن، ڌاڙيلن، سمگلرن، زناڪارن، جاهلن
۽ وحشين جو فصل پوکيو ويندو رهندو ۽ انسانيت سوز حرڪتون ڪندڙ، قانوني، انساني ۽
اخلاقي ڏوهارين کي پاليو ويندو رهبو ته دهشتگرد ٽولا ”حقيقين“ ۽ ”حق پرستن“ جا پوش
پائي جمهوريت ۽ انسانيت جا دعويدار بلڪه ٺيڪيدار نه ٿي گھمندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟
سنڌي ماڻهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
پنهنجي ۽ پنهنجيءَ ڌرتيءَ، قوم، ٻوليءَ، ثقافت، سماج ۽ نفسيات جي خلاف ٿيندڙ
سازشن، ارهه زوراين ۽ عملن کان وقت جي حڪمرانن کي جمهوري، قانوني، انساني ۽ اخلاقي
طريقي سان انسان ٿيڻ، انسانيت ۽ جمهوريت وڌائڻ ۽ قانون تي عملي طرح قائم رهڻ جو
سبق پئي ڏنو آهي. هنن هن مهل تائين ڪنهن به ثقافتي ۽ نسلي ٽولي ۽ پاڪستان جي ڪنهن
به ٻيءَ قوم جي نه ته ڪا وسندي ويران ڪئي آهي، نه ته انهن جي اولاد کي ستايو آهي ۽
انهن جي خلاف نه وري ڪا انسانيت کان ڪريل ڳالهه ڪئي آهي. سچ اهو آهي ته پاڪستان ۾
جمهوريت جا علمبردار ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا مخالف سنڌي ئي رهيا آهن. جمهوريت دوستي،
انسان پرستي، اخلاق، مروت، فضيلت ۽ آمريت دشمني سندن سرموڙ وکر رهيا آهن، پر کين
محبت ۽ ڀائپي جي موٽ گولين، بمن، سازشن ۽ دهشتگردين جي صورت ۾ پئي ملي آهي. سنڌي
هجڻ سبب ستايلن ۽ جمهوريت جي شهيدن جو انگ ۽ سنڌين جي اجاڙيل ۽ ساڙيل وسندين جو
دونهون سنڌ ۾ وڌيڪ هجڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي، ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انسانيت
ڏوهه جھڙو ڪم آهن ۽ اهڙا ڪم ڪندڙن کي هتي سزا ملندي آهي.
ٻئي پاسي، جيڪي هتي انسانيت سوز
ڏوهه ڪن ٿا، عالمي طرح مڃيل حقن کي اورانگھن ٿا، انفرادي توڙي اجتماعي طرح غداريون
۽ سازشون عمل ۾ آڻن ٿا، قتل، دهشتگرديون، زوري زنائون، ڦرلٽ، هيراڦيري، داداگيري،
ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم ۽ انڌير نگري مچايو ويٺا آهن، لاقانونيت، بگھڙائپ، وحشت ۽
استبداد پکيڙن ٿا، مارشل لا مڙهن ۽ ڏيهه واسين جي خونن تي سودي بازي ڪن ٿا، اهي
هتي هر قسم جي پڇاڻي کان آزاد آهن، معزز شهري آهن، اقتدار جا ڌڻي آهن، کين عزت ملي
ٿي ۽ پاڻ فخر سان ڪنڌ کڻي گھمن ٿا، حڪم انهن جو هلي ٿو ۽ ڏيهه جا والي وارث اهي ئي
آهن.
اهڙيءَ حالت ۾ وطن دوست، جمهوريت
پسند ۽ ظلم مخالف قوتن لاءِ ڪهڙي راهه اختيار ڪرڻ جو دڳ کليل آهي؟ انهن کي ڪهڙي
واٽ اختيار ڪرڻ ۽ ڪهڙو رستو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي؟ ڇا سنڌي ماڻهن کي اهو سبق
نه پيو ڏنو وڃي ته توهان جي جمهوريت دوستي ۽ انهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽
ڏنل قربانيون محض هڪ فضول ڪم آهن ۽ اسين جيڪي اوهان جي انهن ڪمن سبب توهان جي ڪلهن
تي چڙهي اقتدار جي ايوانن تائين پهتا آهيون، اهي پاڻ دهشتگردن ۽ قاتلن جا هٿ ٻڌا
ٻانها آهيون ۽ انهن سان سودي بازيون ڪري اوهان جي ئي ڏيهه خلاف ٿيندڙ سازشن ۽
غدارين کي وڌائي انهن جون ڳالهيون مڃينداسون جيڪي جمهوريت جا دشمن آهن؟ ڇا اهي اهو
سبق نه پيا ڏين ته عزت، قدر ۽ مڃتا لائق اهي آهن جن جي هٿ ۾ هٿيار هجن ۽ جن انسانيت
جو ڪوس ۽ دهشتگردي پئي ڪئي آهي؟ ڇا پاڪستان جي 47- ورهي تاريخ اهو هڪ ئي سبق نه
پئي ڏئي ته ملڪ جا حقيقي والي وارث رڳو اهي هوندا جيڪي سازشي، فتني باز، خوني،
غدار، دهشتگرد، سوديبازي ڪندڙ ۽ ڏوهاري هوندا؟ ۽ ڇا اهو سبق نه ٿو ڏنو وڃي ته
اقتدار ۾ حڪم اوهان جو تڏهن هلندو جڏهن توهان جي هٿن ۾ هٿيار ۽ بارود هوندو؟
ڇا پاڪستان ۽ سنڌ ۾ رهندڙ
غيرقانوني پرڏيهي ايڏا معزز ۽ شريف آهن جو جيستائين سندن حڪومت کين جهازن تي
چاڙهي، عزت ۽ احترام سان نه سڏائي يا پاڪستان حڪومت سندن لاءِ آرامده سواريءَ جو
بلو نه ڪري تيستائين کين هٿ به نه لاتو وڃي؟ چئبو ته ملڪ جا حقيقي وارث اهي پرڏيهي
غيرقانوني ئي آهن!
ڇا پاڪستان ۽ سنڌ جا دهشتگرد ايڏا
معزز ۽ شريف ماڻهو آهن جو جيستائين سندن راضپو حاصل نه ڪيو ويندو، تيستائين پنهنجي
ڏيهه جا حقيقي ۽ تاريخي وارث ايڏا لاچار هوندا جو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ئي
ڏيهه ۾، پنهنجي ئي ووٽ سان چونڊيل حڪومت ۽ اسيمبليءَ وسيلي رڳو هڪ ننڍو انتظامي
يونٽ به نه ٺاهي سگھندا؟
چئبو ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي
دهشتگرد ۽ قاتل ئي آهن!
جيڪڏهن ووٽ وسيلي چونڊيل حڪومت ۽
جمهوري جدوجهد جي راهه تي هلندڙ ڏيهه واسي قانون جي ڏوهارين ۽ دهشتگردن آڏو ڪجھ به
ناهن، ته پوءِ انهن لاءِ رڳو هڪڙي واٽ ئي بچي ٿي جنهن تي هلي اهي هن ڏيهه ۾ عزت،
مانَ، مڃتا، اقتدار، حڪم ۽ مالڪي حاصل ڪري سگھن. دهشتگردي ۽ لاقانونيت کي ختم ڪرڻ
جو هڪ ئي عالمي طرح مڃيل اصول آهي ته اهڙن ڏوهارين کي چيڀاٽي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن ووٽ
جي قوت، جمهوريت ۽ حڪومت دهشتگردي ۽ لاقانونيت آڏو بيوس آهن ته پوءِ اهو ڪهڙو عمل
آهي، جنهن وسيلي ان دهشت ۽ لاقانونيت کي ختم ڪري سگھجي؟
قانون ۽ عدل ان ئي عمل جو نالو
آهي، جنهن وسيلي قانون جي ڏوهارين کي چيڀاٽي ختم ڪيو وڃي. قانون ۽ عدل جيڪڏهن ووٽ
۽ حڪومت ۽ عدالت وسيلي نه ملي ته ڇا ڪجي؟
پنهنجي ڏيهه تي چڙهي آيل ۽ ان جي
بيحرمتي ڪندڙ قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ چيڀاٽي ڇڏڻ وطن دوستي آهي. خدانخواسته،
پاڪستان تي جيڪڏهن ڪي دشمن قوتون چڙهي اچن ته پاڪستان جي والي وارثن کي ڪهڙي راهه
اختيار ڪرڻي پوندي؟
ڇا دشمن قوتن کي ايلاز منٿون ڪري
پرچايو ويندو؟ جواب جيڪڏهن ”نه“ آهي ته پوءِ سنڌ وطن دوست قوتن ۽ حڪومت لاءِ ڪهڙو
اڪيلو دڳ بچي ٿو؟
ڇا سنڌين لاءِ پنهنجي وطن جي تحفظ
لاءِ هٿيارن کڻڻ ۽ قوت جي استعمال کان سواءِ ڪو ٻيو دڳ بچيو آهي؟
(روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 20 فيبروري 1994ع)
No comments:
Post a Comment