9/26/2012

ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ جو هر شهر ۽ هر ڳوٺ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي وَر چاڙهيو ويو آهي. ڪٿي به سُڪون، امن ۽ انصاف ڪونهي. هر حقيقي ۽ شريف رهواسي بي چينيءَ ۽ اوجاڳي جي ننڊ سمهي ٿو ۽ ڳڻتيءَ ڀريو ڏينهن گھاري ٿو.
جيتوڻيڪ امير يا غريب، سُکيو يا ڏُکيو، ڪو به سنڌي ان اذيت کان بچيل ناهي، پر خاص نشانو اهي سنڌي آهن جيڪي ننڍي وڏي واپار وڙي، وڪالت، ڊاڪٽري، انجنيري، ڪارخانيداري، کاتيداري يا ڪنهن ٻئي اڀري سڀري ڌنڌي وسيلي ڪجھ خوشحال ٿيا آهن. سنڌ جو ڪو به ضلعو يا تعلقو، شهر يا ڳوٺ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کان بچيل ناهي، ۽ سمورا سنڌي ڄاڻن ٿا ته هڪ مڪروهه ۽ انسان دشمن سازش وسيلي سنڌي ماڻهن، سندن شهرن ۽ ڳوٺن، سندن گھرن ۽ ٻنين، سندن ڪارخانن ۽ مال ملڪيت کي تباهه ڪيو يا ڦٻايو پيو وڃي. هن وقت تائين سوين هندو سنڌين کي رڳو ان ”ڏوهه“ جي ڪري لَڏايو ويو آهي جو اهي مسلمان ناهن ۽ سوين مسلمان توڙي هندو سنڌين کي سنڌ جي ئي شهرن ۾ دهشتگرديءَ جو نشانو ان ڪري بنايو ويو آهي جو اهي سنڌي آهن، ”مهاجر“ ناهن. هندو ته ڀارت لڏي وڃن پر مسلمان ڪاڏي وڃن؟ ۽ جي اُهي به نِڪرن، ته سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟جڏهن ته سڄيءَ سنڌ کي ”ڌاڙيل“ سڏي هر جاءِ ڇانوڻيون، برگيڊون ۽ ٿاڻا وجھي، سڄي سنڌ قيدخانو ۽ سمورن سنڌين کي غلام ۽ قيدي بنايو ويو آهي. ڌاڙيل جي نالي ۾ بيگناهه سنڌي پيا ڪُسن، ڦرجن ۽ قيد ٿين. جيڪو ٿو اچي --- فوجي هجي يا پوليس مئن، دهشتگرد هجي يا ڌاڙيل --- سنڌين کي ئي ماريو، ڦريو، الهه تلهه چٽ ڪريو وڃي. جيئڻ جنجال ۽ مرڻ ڀوڳ بنايو ويو آهي. جا مصيبت ٿي ڪَڙڪي، سا سنڌيءَ جي گھر تي. پنهنجي ڌرتيءَ جي شهرن ۾ پناهگير به سنڌي، اوپرو به سنڌي، ته راهه رلايل به سنڌي. اسين سمجھون ٿا ته اهو سڀ ڪجھ هڪ مڪروهه سازش ۽ سنڌي-دشمن ڪاروائيءَ وسيلي عمل ۾ آندو پيو وڃي. سنڌين کي سنڌ مان لوڌي ڪڍڻ جي سازش، سنڌين کي فلسطينين ۽ ريڊ انڊين جيان بي وطن بنائڻ جي سازش، سنڌين کان سندن وطن ۽ ڌرتي کسڻ جي سازش ۽ ان سازش تي ڏاڪي به ڏاڪي عمل ڪيو پيو وڃي.
ڀارت کان جھيڙاڪر پيا گھرايا وڃن، ته بنگال مان بِهارِي؛ برمي، بنگالي، افغاني، ايراني --- جو ٿو پنهنجي ملڪ مان ڀڄي، ته ڪٿي به ساهي نه ٿو ڪري، سرحد ۽ پنجاب کان ٿيندو، ڌُو اچيو سنڌ ۾ ڪَري، تان جو پنجابي ۽ پٺاڻ به سنڌ ڏانهن ئي ڌوڪيندا پيا اچن. سنڌين جي ڪوس جو پڇاڻو ئي ڪونهي. اڄ ڏينهن تائين، گھڻا آهن دهشتگرد ۽ فوجي قاتل، جي قيد ٿيا ۽ ڦاهيءَ چڙهيا هجن؟ ۽ گھڻا آهن حقيقي ڌاڙيل، جي ٽياس چڙهيا هجن؟ ڌاڙيل ۽ دهشتگرد پڪڙڻ جي بهاني قانون لاڳو ڪندڙن ۽ پوليس بيگناهه سنڌين کي وڌيڪ عذاب ۾ وڌو آهي يا ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي؟
جيڪي نَشي جو انسانيت دشمن ڪاروبار ڪن ٿا، سمگلنگ ۽ انساني وڪري جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن، بي ايمانيءَ ۽ ٺڳيءَ ڪري معصوم انسانيت کي ڦريندا پيا رهن، جيڪي ڪَمي ڪاسبيءَ جو پورهيو هڙپ ڪن ٿا، چڪلا ۽ شراب خانا پيا هلائين، داداگيريون ۽ رهزنيون پيا ڪن --- جا برائي ٿي سنڀري، اها ڪندڙ ۽ ان جا سنڀاليندڙ عيش ۾ آهن. بيگناهه سنڌين ۽ معصوم عوام کي ئي هر قسم جي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. جيڪي ٻه چار ليسن (لائسنس) ذاتي حفاظت لاءِ مليا هئا، اهي به رد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دهشتگرد جاوا پيا ڪن، ڌاڙيل ڇيڪ پيا گھمن، پاٿاريدار محفوظ آهن ۽ دهشتگردن جي سردارن کي حاڪمن وارو مرتبو مليل آهي.
(جاڳو ڪراچي، 30-جنوري 1991ع)
(قلمي نالي ”ساجد“ سان ڇپيل)

No comments:

Post a Comment