9/26/2012

سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مير مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت هڪ ڇرڪائيندڙ، وجود ڌوڏيندڙ، دل ڏکائيندڙ ۽ رت روئاريندڙ واقعو هو. هن سان گڏ سندس ست ٻيا ڪونڌر ساٿي به شهيد ٿي ويا. ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ڪو مير مرتضيٰ ڀٽو (۽ سندس ساٿي) ائين راهه ويندي قتل عام جو شڪار ٿي ويندو ۽ اهو به پوليس، خاص ڪري سنڌ پوليس جي هٿان ۽ اهو به تڏهن جڏهن سندس سڳي ڀيڻ بينظير ڀٽو هن ملڪ جي چونڊيل ۽ عملي طرح موجود وزيراعظم هوندي ۽ مرڪز توڙي سنڌ ۾ ان جي ئي حڪومت هوندي.
رات جي پيٽ ۾ ڄڻڪ سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي رهاڪن اهو محسوس ڪري ورتو (يا کين محسوس ڪرايو ويو) ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت ۾ حڪومت ملوث آهي. خاص ڪري چار نالا وڌيڪ ٻڌڻ ۾ پئي آيا: بينظير ڀٽو، عبدالله شاهه، نصيرالله بابر ۽ آصف زرداري، ۽ انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شدت سان عام طرح ورتو ويندڙ نالو آصف زرداري ئي هو. ٻئي ڏينهن سڄي ملڪ، خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي احتجاجي مظاهرا ٿيا، جلوس نڪتا، جلسا ڪيا ويا ۽ نعرا لڳا يا پتلا سڙيا، انهن ۾ باقي شخصيتون مختلف هيون پر مکيه ۽ وڏي دشمن طور آصف زرداري جت ڪٿ عام هو.
هيڏي وڏي واقعي تي حڪومت جو رويو چوراڻو هو. ائين پئي ڀانيو ته حڪومت پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهي آهي. واقعو ٿيو به ته  پوليس جي هٿان هو. حڪومت جي شرمندگي، بيوسي، ٽال مٽول ۽ بي همتي ايڏي ته چٽي هئي جو هر ڪنهن ان کي محسوس پئي ڪيو. واسطيدار ۽ ذميوار پوليس عملدارن يا انهن مان ڪنهن هڪ کي به قتل جو ڏوهي قرار نه ڏنو ويو، توڙي جو هيءُ واقعو رڳو ڪنهن هڪ فرد جو قتل نه، پر قتل عام هو، جنهن ۾ سنڌ جي هڪ پارٽيءَ جو اڳواڻ، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو پٽ ۽ هڪ اهڙو فرد قتل ٿي ويو هو جيڪو باعمل وزيراعظم جو ڀاءُ  به هو ۽ هن سان گڏ سندس پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ پڻ  شهيد ڪيا ويا هئا.
۽ حالتن ظاهر پئي ڪيو ته جيڪو ڪجھ ڪيو ويو هو ۽ ٿيو هو، اهو اوچتو يا اتفاقي نه، پر هڪ سوچيل سمجھيل ۽ ڳڻيل ڳوتيل منصوبي هيٺ ڪيو ويو ۽  ٿيو هو. حڪومت جي رويي مان بي پرواهي به بکي رهي هئي. وزيراعظم پرڏيهي دوري تي هلي ويئي،   معمول مطابق رٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي پٽاندر ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهايائين. جڏهن ته ٽن ڏينهن تائين هن  قتل عام جي ايف آءِ آر به داخل نه ٿي يا نه ٿيڻ ڏني وئي، ۽ جيڪا ايف آءِ آر داخل ٿي يا ڪئي وئي، اها  گھر ۽ وارثن جي ڪنهن ذميوار فرد پاران نه، پر گھر جي هڪ نوڪر پاران داخل ڪئي وئي، ڄڻڪ ڪنهن رسم جي پورائي هئي. ائين پئي محسوس ڪرايو ويو ڄڻڪ ڪو لاوارث، نڌڻڪو يا ”الله جو ماڻهو“ ڪنهن عام حادثي ۾ مارجي ويو هجي. حڪومت جي انهيءَ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ بي مروت رويي کيس ئي وڌيڪ ملوث پئي ڪيو ۽ مٿس شڪ وڌيڪ گھرو ٿيندو پئي ويو. حڪومت مخالف ماڻهن، سياستدانن ۽ سندن پارٽين جي مخالفت پنهنجيءَ جاءِ، پر حڪومت جي ڪيترن ئي خير خواهن ۽ خاص ڪري سنڌين جي عام سوچ اها هئي ته انهيءَ ايڏي وڏي واقعي جي نه رڳو ڀرپور جاچ ٿئي ۽ سازشي قاتلن کي پڪڙي قانوني سزا ڏني وڃي، پر حڪومت، خاص ڪري بينظير ڀٽو کي احتجاجاً هڪدم استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گھرجي. پر نه ته قاتل پڪڙيا ويا نه، نه سازشي گرفتار ٿيا ۽ نه ئي  وري بينظير ڀٽو ڪا استعيفيٰ ڏني، اٽلو وزيراعظم اهو چوڻ شروع ڪيو ته هوءَ ڪنهن به دٻاءَ ۾ اچي استعيفيٰ نه ڏيندي. استعيفيٰ ڀل نه ڏئي ها، پر ڀرپور جاچ ڪرائي قاتلن ۽ سازشين کي ته جھلي ها. ائين به نه ٿيو! سچ پچ محسوس پئي ٿيو ته ٻين جيان هن قتل عام کي به لوڙهي ڇڏيو ويندو ۽ اهو تاثر اڄ به قائم آهي.
وزيراعظم طور نالو ته بينظير ڀٽو جو استعمال پئي ٿيو پر عملي طرح ڪٿي به سندس حڪومت نظر نه پئي آئي. ٽربيونل ويهارڻ ۽ برطانوي جاچ ٽيم اچڻ کان پوءِ ڪو وقت اهو به آيو جو پاڻ هن ملڪ جي وزيراعظم چيو ته هوءَ سازشين ۽ قاتلن کي سڃاڻي ٿي. تڏهن ماڻهن عجب ۾ پئجي سوچيو هو ته پوءِ ڇو هوءَ انهن قاتلن ۽ سازشين جو نالو نه ٿي کڻي، ڇو ٽربيونل آڏو وڃي بيان ۽ شاهديون پيش نه ٿي ڪري!؟ اهي بيان ۽ انهن ڏينهن جي سياسي صورت خود پ پ جو گراف ڪيرائي رهي هئي ۽ ماڻهن  جون ان سان همدرديون ويون پئي گھٽبيون. اهو ئي سبب هو جو حڪومت جي برطرفي جي اعلان مهل نه ته ڪو وڏو عوامي احتجاج ٿيو ۽ نه ئي ماڻهن ڪو ڏک محسوس ڪيو. اٽلو هنن ايئن محسوس ڪيو ڄڻڪ ڪنهن وڏي دٻاءُ کان آزاد ٿيا هجن. ان جو بنيادي ڪارڻ مير مرتضيٰ ۽ سندس ساٿين جي قتل عام ڏانهن حڪومت جي اختيار ڪيل اها غير ذميواراڻي ۽ بي پرواهه روش ئي هئي، نه ڪي مبينه ڪرپشن، مهانگائي وغيره وغيره. ڪرپشن، مهانگائي، بي روزگاري ۽ ان قسم جا ٻيا عمل پاڪستان جي ڪهڙي حڪومت آهي، جنهن سان لاڳاپيل نه هجن!؟ مهانگائي، ڪرپشن وغيره ته اڄوڪي نگران حڪومت سان به لاڳاپيل آهي. مٿان وري بيداد اهو ته هيءَ نگران حڪومت به ٻين سنڌ دشمنن جيان پ پ حڪومت دوران مليل ملازمن کي ختم ڪندي، اڳوڻن بي روزگارن کي هڪ ڀيرو وري بي روزگار ڪندي پئي وڃي، جنهن جو وڏو شڪار سنڌي ئي ٿي رهيا آهن. نگرانن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته اهي ماڻهن کي بيروزگار ڪندا رهن؟
مير مرتضيٰ ڀُٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام کان ترت پوءِ سنڌ جي سياسي ماحول ۾ ڪي ئي اهڙيون تبديليون آيون آهن، جن بابت ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هو. موقعي پرست ۽ ابن الوقت سياسي وڏيرا ۽ ٻيا مهرا سياسي فضا جو رخ ڏسندي، ڌڙا ڌڙ شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن. انهن ابن الوقت ۽ موقعي سياسي وڏيرن ۽ مهرن مان گھڻا ڪالهه بينظير ڀٽو جي پ پ ۾ شامل يا ان سان لاڳاپيل هئا. ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ ممتاز علي ڀٽو توڙي سندن پارٽيون (ٻيون پارٽيون) ته ڪالهه به سنڌ جي سياست ۾ موجود هيون. انهن جي وطن دوستي ۽ عوام دوستي به ڪي ايڏيون اونهيون لڪل نه هيون، جو انهن ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن ۽ مهرن کي نظر نه اينديون هجن. پوءِ آخر، اوچتو ئي اوچتو، انهن جي اندر ۾ اهو ڪهڙو راز کلي پيو آهي جو شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ انهن کي ڏاڍا ”وطن دوست“ ۽ ”عوام دوست“ نظر اچڻ لڳا آهن ۽ ”سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بهتر خدمت“ لاءِ سياسي پٽڪو مٽائيندا پيا وڃن؟ انهن کي جيڪڏهن عوام ۽ سنڌ جي خدمت جو ايڏو ئي اونو هجي ها، جيڏو اڄ ڪلهه بيان ڪري رهيا آهن، ته ڇا ڪالهه اهي پنهنجي پارٽي-پليٽ فارم تان اها خدمت نه پئي ڪري سگھيا؟ چئبو ته انهن کي شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي عوام ۽ سنڌ دوستي نه، پر ڪا ٻي شيءِ نظر اچي رهي آهي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چئي سگھجي ٿو ته اها پر ڪشش شيءِ اقتدار جي ڪرسيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ناهي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ وهم ۾ مبتلا هجي يا ٿي ويو آهي ته هاڻي هن ڀيري اهي ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرا ۽ مهرا شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشل فرنٽ کي ڪو عوام ۽ سنڌ دوست عمل ڪرڻ ڏيندا يا انهيءَ ۾ هٿ ونڊائيندا، ته اها محض خوش فهمي ٿيندي. اٽلو امڪان اهو آهي ته شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي جيڪا به وطن- ۽ عوام-دوستي آهي انهيءَ کي به وڃائي برباد ڪري ڇڏيندا. بلڪل ائين جيئن پ پ سان ڪري چڪا آهن.
اها هڪ حقيقت آهي ته بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ هيٺ پ پ حڪومت ٻه ڀيرا ٺهي چڪي آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته پهرينءَ حڪومت کي سوا سال مس هلڻ ڏنو ويو ۽ ٻي حڪومت ٽي سال هلي سگھي. پهرئين واري حڪومت ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، پر جيئن ته کيس جنرل ضياءَ جي جانشين صدر هٽايو هو، ان ڪري اها مظلوم جي حيثيت ۾ لهي اچي پٽ پيئي ۽ عام ماڻهن خاص ڪري سنڌين وٽ ان لاءِ همدردي برقرار رهي. اها به حقيقت آهي ته ٻئي واري به هن ڪو خاص ڪارنامو سرانجام نه ڏنو، اٽلو پنهنجو وقار وڃائيندي پئي وئي. جيڪڏهن کيس باقي ٻه سال به هلڻ ڏنو وڃي ها ته ان جو شايد ايترو مانُ به نه بچي ها، جنهن کي پنهنجي خلاف ٿيل سازش جي مواد طور استعمال ڪري رهي آهي. هن ڀيري ان کي هٽائيندڙ سندس ئي نمائندن جي ووٽ سان سندس ئي پارٽيءَ جو هڪ ليڊر آهي تنهنڪري ماڻهن وٽ ان لاءِ ڪا به مظلوميت جي پرچار قابل قبول ناهي.
جيستائين مهانگائيءَ، ڪرپشن، اقربا پروريءَ، رشوت خوريءَ، بيروزگاريءَ وغيره جو تعلق آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي، ته پيپلز پارٽيءَ جي انهن ٻنهي حڪومتن دوران موجود رهيون ۽ وڌيون، پر ڇا ائين رڳو پ پ حڪومت دوران ئي ٿيو آهي؟ ڇا، مثال طور، نواز شريف جي حڪومت انهن اوڻاين کان پاڪ هئي؟ جواب آهي ”نه“. نواز شريف جي حڪومت دوران به اهي مسئلا نه رڳو موجود هئا پر وڌندا به رهيا. هتي فطري طرح هڪ سوال ٿو اڀري ته آئينده جيڪا به ڌر (يا ڌريون) اقتدار ۾ ايندي ۽ حڪومت ٺاهيندي، ڇا اها انهن غليظ عيبن ۽ اوڻاين کان پاڪ هوندي؟ ڪجھ به چيو وڃي، پر جواب وري به هڪ وڏي ”نه“ ئي آهي. پاڪستان ۾ جيڪو سياسي ماحول ۽ مزاج پالي تاتي وڏو ڪيو ويو آهي اهو مجموعي نموني اخلاقي طرح چَٽ، قومي طرح بي غيرت، انساني طرح بي حس، قانوني طرح مجرم ۽ رويي ۾ بدڪردار آهي ۽ اصولي طرح ڏسجي ته عوام جو دشمن ۽ وطن جي دائمي مفادن سان غدار آهي. حڪمرانن، سياسي مجرمن ۽ قانوني ڏوهارين کي سندن سموريون وطن دشمنيون، غداريون، سازشون، ڪيني پروريون ۽ ڪمينپايون ڦٻنديون پئي رهيون آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته پاڪستاني معاشري جو در حقيقت غليظ ترين، بدڪردار ۽ ڏوهاري فرد، جيڪو جيترو وڏو مجرم اوترو وڏو ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ يا علائقي/قبيلي/ذات جو اڳواڻ يا اڳواڻ جو گھاٽو يار نظر اچي ٿو. پاڪستاني معاشري ۾ گھڻا، وڏا ۽ مکيه ڏوهه مارشل لائي اقتدار يا جمهوري حڪومت جي ڇانوَ هيٺ ئي ٿيا آهن. لڳ ڀڳ هر سياسي اڳواڻ ۽ ان جي مکيه مهرن ۽ ساٿين جا ڪي ئي ڏوهه عوام جي زبان ۽ ذهن تي موجود ۽ تاريخي رڪارڊ تي محفوظ آهن، پر عوام ۽ قانون يا ته بي وس آهن يا وري بي وس بنايا ويا آهن. قانون پاران انهن کان ڪو به پڇاڻو ناهي ۽ عوام مجبور، ته يا مارشل لا ڀوڳي يا وري هر ايندڙ چونڊ ۾ انهن ئي بدمعاشن مان ڪنهن هڪ کي چونڊيندو رهي.
اهڙيءَ حالت ۾ احتساب جو مطالبو ڪنهن به طرح اجايو نه آهي، پر شرط آهي ته احتساب جا ڪي اصولي طريقا رٿيا ۽ طي ڪيا وڃن ۽ باوقار ادارا ٺاهي انهن کي باعمل بنايو وڃي.
احتساب جو حق جمهوري سياسي حوالي سان عوام کي آهي، پر عوام اهو حق استعمال ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ ناهي. عوام جي آڏو نعرا ڦيرائي ۽ سياسي پوش مٽائي، ٿلهي ليکي اهي ساڳيائي فرد ۽ انهن جو اولاد ايندا رهن ٿا جيڪي گذريل ڏيڍ صديءَ دوران گورن ۽ ڪارن حڪمرانن پالي تاتي وڏا ڪيا ۽ جن جي خمير ۽ تخم ۾ وطن ۽ عوام سان ڌوڪيبازي ۽ موقعي پرستي ۽ ابن الوقتي ڀريل آهي، اهي انتهائي بيعزتيءَ ۽ بيحيائيءَ سان چڙهندڙ سج جا سلامي ۽ چالبازين ۾ حڪمرانن جي جوتن جي خاڪ رهيا آهن. عام چونڊن جو سرشتو، تڪن جو وسعت ۽ ڳاٽو ڀڃندڙ خرچ اهڙا آهن جو عام چونڊن ۾ رڳو اهي بدمعاش ۽ چاپلوس ئي حصو وٺي سگھن ٿا تنهنڪري عوام مجبور آهي ته اهو احتساب جي خواهش باوجود پنهنجي پسند موجب چونڊ نه ڪري سگھي. عوام جي مجبوري آهي ته سامهون آيل ۽ چونڊن ۾ بيهي سگھندڙ ڪنهن هڪ فرد کي ووٽ ڪري اچي.
قانوني حوالي سان احتساب جو حق قانون جي رکوال ادارن کي آهي، پر قانون جي تشريح ۽ تحفظ ڪندڙ ادارا به اهو حق عملي ۽ اصولي طرح استعمال ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ ناهن، ڇو ته چور چورن خلاف زباني دانهون ته ڪن ٿا، قانون جي آڏو نه ٿا اچن. ملزم جيستائين قانون جي رکوال ادارن جي ڪٽهڙي ۾ نه ايندو، هر سزا کان بچيل رهندو. عام ماڻهو انهيءَ حيثيت ۾ ناهي جو ڪيس ڪري، ثبوت ۽ شاهديون آڻي ۽ ڪورٽن جا خرچ ڀري سگھي.
ڪي سياسي ڌريون ۽ فرد احتساب جو مطالبو موجوده نگرانن کان ڪري رهيا آهن ۽ نگران حڪومت پاڻ به پهرئين ئي ڏينهن کان احتساب جو نعرو هڻندي رهي آهي، پر اصولي نظر سان ڏٺو وڃي ته نگرانن کي احتساب جو ڪو به حق ناهي. موجوده صدر انهيءَ ئي حڪومت ۽ اسيمبليءَ پاران چونڊيل آهي جنهن کي هن پنهنجا (آمر جنرل ضياءَ وارا) صوابديدي اختيار استعمال ڪندي ڪِرپٽ ۽ بدمعاش سڏي ٽوڙي ڇڏيو. ”ڪرپٽ ۽ بدمعاش“ نمائندن جي چونڊيل ماڻهوءَ کي پاڻ اقتدار ۾ ويهڻ ۽ پنهنجيءَ پسند تي ڪي ماڻهو حڪومت ۾ ويهاري احتساب ڪرڻ جو اخلاقاً ڪو به حق نه هئڻ گھرجي. نگران حڪومت نه ته عوام جي ووٽ سان چونڊجي آئي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي اصولي، اخلاقي ۽ قانوني حوالي سان ڪو اهڙو اختيار رکي ٿي جو کيس ڪنهن جي احتساب جو حق ملي پوي. نگرانن جو پهريون ۽ مکيه فرض غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائي، اقتدار چونڊيل نمائندن کي ڏيڻ آهي.
هن حڪومت کي ڪرپٽ ۽ بدمعاش سڏي لاٿو ويو ۽ جن بهانن جي آڌار تي اسيمبلين ۽ حڪومتن کي ٽوڙيو ويو، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جي به خلاف ڪو هڪ به ٺوس ثبوت ڪورٽ ۾ نه آندو ويو آهي. اسيمبلين کي ٽٽي ۽ حڪومت کي ختم ڪئي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. پر صورتحال هيءَ آهي ته وائيس آف آمريڪا ۽ بي بي سي جھڙا نشرياتي ادارا به ورجائي ورجائي مڃڻ لڳا آهن ته احتساب جي عمل کي عدم ثبوت جي بنياد تي معطل يا ختم ڪيو ويو آهي. حڪومت ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ مهل پاڪستان جي صدر جو هڪ الزام اهو به هو ته مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي سلسلي ۾ ٿيندڙ تحقيق جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون پئي ويون، پر اڄ به پ پ حڪومت ۽ ان جي مختلف اڳواڻن خلاف سموري انتظامي مشينري ۽ ڏيهي نشرياتي ادارا استعمال ڪرڻ باوجود نگران حڪومت اتي ئي آهي جتي حڪومت ٽوڙڻ مهل هئي. ٽربيونل جي تحقيق ساڳئي نموني ۽ ساڳئي رفتار سان پئي هلي، نگران حڪومت پنهنجي گذريل اقتداري ڏينهن ۾ جيڪي مکيه ڪارناما سرانجام ڏنا آهن انهن کي اخباري رپورٽن جي بنياد تي هنن نڪتن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو: (1) افراط زر ۾ واڌ، ٻه ڀيرا قيمتن ۾ چاڙهه، ٽيون ڀيرو اچڻ وارو آهي، نتيجو؟ وڌيڪ مهانگائي، (2) ميرمرتضيٰ ڀٽو ڪيس ۾ اڻ لکي شاهديءَ جي بنياد تي آصف زرداري جي گرفتاري، (3) ڪيترن ئي اهڙن ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن جي آزادي، جن تي قتل، اغوا ۽ دهشتگردي جا ڪيس هلي رهيا آهن، (4) دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ڪندڙ اڳوڻي وزيراعليٰ عبدالله شاهه جي گرفتاري، ۽ (5) ڪيترن ئي سنڌين کي ملازمتن مان نيڪالي، وغيره.
مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ سندس ساٿين جو قتل عام الزامن هيٺ آيل فردن ۽ پ پ حڪومت جي سازش آهي يا نه، ۽ درحقيقت ان جو ذميوار ڪير آهي، اهو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، پر جوڳي شاهديءَ ۽ ٺوس ثبوتن کان سواءِ رڳو سکڻن الزامن جي بنياد تي پ پ حڪومت ۽ اسيمبليءَ جو خاتمو هاڻي بهرحال هڪ ڳجھي سازش جي نشاندهي ڪرڻ لڳو آهي.
نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جو اخبارن ۾ هڪ بيان شايع ٿي چڪو آهي، جنهن موجب هن جو خيال آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو به ڪي ئي بيان ڏئي چڪي آهي ته اهڙي ئي سازش اڳ به عمل هيٺ هئي. حقيقي سنڌ دشمن سازشي ڪير آهن؟ انهن جو ڏس پتو اڃا نه ڏنو ويو آهي، پر بنا ڪنهن شڪ شبهي جي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌ ۾ اهڙي مکيه سازشي قوت ايم ڪيو ايم آهي جنهن جا ٻئي معروف ڌڙا کلي عام سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ۽ ڪن پيا. سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جو بنيادي ڪارڻ ايم ڪيو ايم آهي جيڪا گذريل ڏهن ورهين کان عملي طرح انهيءَ راهه تي هلندي رهي آهي. اها حقيقت نه مڃڻ هڪ ڪم ظرفي ۽ جھالت ٿيندي، ته گذريل ٽن سالن دوران پ پ حڪومت انهيءَ دهشتگرديءَ جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي جھنم ۽ جيل واصل ڪيو.
اسان جي سوچ جو مرڪز سنڌ ۽ سنڌين جا دائمي، اصولي ۽ تاريخي مفاد آهن. اکئين ڏسون پيا ته سنڌ دشمن سازشي ۽ دهشگرد هڪ ڀيرو وري مضبوط، منظم ۽ پنهنجن حلقن ۾ مقبول ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن کي زور وٺائيندڙ قوتون هڪ ڀيرو وري ڏاڍيون سرگرم ٿي ويون آهن. سنڌ ۽ سنڌين جي دائمي مفادن خلاف ڪات ڪهاڙا تکا ۽ ڪلاشنڪوفون لوڊيڊ آهن. سنڌ دشمني جي فضا بارود جي ذرڙن سان ٽمٽار ۽ هڪ چڻنگ جي منتظر آهي، جڏهن ته سنڌي ۽ سنڌ دوست قوتون جھڙوڪ نڌڻڪيون، نٻل، بيوس ۽ مجبور، ان جي وس ۾ جيڪڏهن ڪجھ آهي ته اهو واڪا ڪرڻ آهي.
اهڙي سنڌ دشمن رچيل سياسي ماحول ۾ امڪانن رڳو 35 ڏينهن کان پوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن. سنڌي ماڻهو سياسي پارٽين جي ڪرتوتن کان ايڏا ته بيزار آهن جو هزارين ماڻهو علي لاعلان چوندا پيا رهن، ته ووٽ ڪرڻ ويندا ئي نه! اهي ووٽ ڪن يا نه، چونڊون ٿينديون ته ڪيترا به ووٽ پون، انهن جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن جي سوڀ يا هار ٿيڻي آهي. جيڪا به سياسي صورتحال آهي، جھڙيون به سنڌ دوست ڌريون موجود آهن. (اها وڏي غفلت ۽ ڪوتاهي چئبي جو ووٽ نه ڪجي.) اسان ماڻهن کي ووٽ بهرحال ڪرڻو آهي، ان ڪري سياسي حالتن کي چڱيءَ طرح سمجھي، شعوري ڪوشش ڪري، اهڙي سياسي پارٽيءَ کي ووٽ ڪرڻو آهي جيڪا ڪنهن به طرح پر ڪنهن نه ڪنهن نسبتاً وڏي حد تائين، سنڌ ۽ سنڌين جي دائمي ۽ تاريخي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ سنڌ دشمن سازشين ۽ دهشتگردن کي ٻجو ڏئي سگھي.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ڌريون سنڌ دوستيءَ جي حوالي سان پاڻ کي پيش ڪن ٿيون، تن ۾ هيٺ ڏنل نالا نمايان آهن:
1.         پاڪستان پيپلز پارٽي
2.         پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو گروپ)
3.         سنڌ نيشنل فرنٽ
4.         سنڌ ترقي پسند پارٽي
5.         عوامي تحريڪ (پليجو گروپ)
گھٽ يا وڌ پر چڱايون لڱايون، سٺايون خرابيون، سڀني ۾ موجود هونديون آهن. ڪا به تنظيم پوتيءَ پاڪ ناهي، بلڪ جيڪا پارٽي جيتري وڏي آهي ۽ جيترو وڌيڪ نمايان، خاص ڪري اقتدار ۾ رهي آهي، ان جا اوترا وڌيڪ گڻ يا اوگڻ پڌرا آهن. اسان جو موضوع مختلف تنظيمن جي اوڻاين پوڻاين جي ذڪر جي موڪل نه ٿو ڏئي. اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته وطن دوستيءَ جي دعويدار ڪا به ڌر حقيقتاً ڪيتريون سيٽون کٽي سگھي ٿي. مثال طور، عوامي تحريڪ پليجو گروپ اعلان ڪيو آهي ته تيرهن سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندو. ڪيترن اميدوارن جا فارم بحال ٿين ٿا ۽ ڪيترن جا رد، اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي پڪي پختي خبر ناهي، پر اها پڪي خبر آهي ته عوامي تحريڪ پليجو گروپ انهن کان وڌيڪ سيٽن تي اميدوار بيهاري سگھڻ لائق نه آهي. عوامي تحريڪ پليجو گروپ ٻارهن تيرهن سيٽن تي کٽي سگھي، حقيقت پسند ٿي ڏٺو وڃي، ته ناممڪن آهي. اهڙيءَ طرح پ پ پ کان سواءِ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار هر ٻي ڌر سڄيءَ سنڌ ۾ سڀني سيٽن تي پنهنجا اميدوار نه آندا آهن ۽ جيڪي آندا آهن اهي سڀ جو سڀ پنهنجي پنهنجي سيٽ کٽي سگھڻ جي حيثيت ۾ نه آهن، جن به کٽيو، اهي بلڪل ٿورا هوندا يعني هر ڌر رڳو پاڻ تي ڀاڙيندي سنڌ حڪومت ٺاهي سگھڻ جي حيثيت ۾ نه هوندي. اهڙي حالت ۾ ٽي ممڪن صورتون عمل ۾ اچي سگھن ٿيون:
1.         حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڪنهن به هڪ ڌر کي ڏني وڃي، جيئن ڄام صادق علي کي ڏني وئي هئي، ۽ اها ڌر ٻين سان اتحاد ڪري پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري.
2.         حڪومت ٺاهڻ جي دعوت پ پ پ کي ملي ۽ وطن دوستيءَ جي دعويدار ڌر ان سان ٺاهه ڪري يا مخالف بينچن تي ويهي.
3.         حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ايم ڪيو ايم کي ملي ۽ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر ان سان ٺاهه ڪري يا مخالف بينچن تي ويهي.
اسان جي خواهش آهي ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار هر ڌر جي باعمل گھٽ ۾ گھٽ فرسٽ رينڪ قيادت، جيئن مثال طور سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ڊاڪٽر دودو مهيري آهن، ضرور کٽي. حقيقت بهرحال اها رهڻي آهي ته پ پ پ کان سواءِ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ٻي ڪا به ڌر جيترين به سيٽن تي کٽي ٿي ان کي مٿي ڄاڻايل ٽن ممڪن صورتن مان ڪنهن هڪ سان منهن ڏيڻو پوندو.
پهرئين ممڪن صورت عمل ۾ آئي ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ان ڌر کان ايم ڪيو ايم لڳ ڀڳ سڀ اهم وزارتون ۽ ٻيا اختيار گھرندي، جيئن ڄام صادق علي کان گھريا هئائين. سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر جيڪڏهن حڪومت ٺاهڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ ئي چاهيندي، ته ان کي ايم ڪيو ايم جي آڏو جھڪڻو ۽ ان جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو، جيئن ڄام صادق علي هو. نتيجو اهو نڪرندو ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر ڀلي ڄام صادق علي جيان/جھڙو عمل نه ڪري پر ايم ڪيو ايم اهو ئي ڪندي جيڪو اها پسند ڪري ۽ اهڙيءَ طرح گھٽ ۾ گھٽ ايم ڪيو ايم پاران امڪاني طرح ڄام صادق دور کي مٿانهين سطح تي ورجايو ويندو.
ٻي يا ٽين ممڪن صورت عمل ۾ آئي ته حڪومت ۽ اقتدار ۾ شامل رهڻ لاءِ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر کي هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن وزارتن ۽ ڪجھ ٺيڪن ۽ پرمٽن تي راضي ٿيڻو پوندو. اهڙيءَ حالت ۾ پارليامينٽري سياست جي حوالي سان ان جو ڪردار ڄام صادق دور ۾ عوامي تحريڪ راهو گروپ جھڙو يا ان کان ڪجھ بهتر رهي سگھندو. پر جي اها مخالف بينچن تي ويهڻ پسند ڪري ٿي ته ان جو ڪردار گذريل حڪومت دوران ممتاز علي ڀٽي جي ڪردار جھڙو يا ان کان ڪجھ گھٽ يا وڌ بيهندو.
ان هوندي به اسان جي خواهش آهي ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار هر ڌر جي باعمل فرسٽ رينڪ قيادت ضرور کٽي ۽ پارليامينٽري سياست ۾ شريڪ ٿئي. تڏهن به ٿورو گھٽ يا وڌ پر سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هاڻوڪو سياسي ماحول لڳ ڀڳ ساڳيو ئي رهندو.
سنڌ ۽ سنڌين جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي دماغ ۾ ڀرجي ويل غرور جي واءُ کي ضرور ڪڍڻ گھرجي ۽ ٺڪي ٺوڪي ڪڍڻ گھرجي، پر سنڌ-دوستيءَ جون دعويدار ڌريون ائين، موجود ڇڙوڇڙ سياسي حيثيت ۾ ان واءُ کي ڪڍي سگھن، ممڪن ناهي. هر سڄاڻ سنڌي بخوبي ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي دوستيءَ جي دعويٰ باوجود هر سياسي ڌر جون پنهنجون ڪي اوليتون، ترجيحون ۽ خصوصيتون آهن جنهنڪري انهن سڀني جي وچ ۾ هر حالت ۾ ۽ هر طرح اتحاد ٿي سگھڻ جي اميد اجائي آهي پر پوءِ به، جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي هڪ هٽيءَ کي ٽوڙڻو آهي ته انهن سڀني ڌرين کي گھٽ ۾ گھٽ اليڪشن جي حوالي سان ڀرپور اتحاد ڪرڻو پوندو ۽ ڪي ٻيا اتحادي به ساڻ کڻڻا پوندا. پيپلز پارٽي اڄ، پنهنجين اوڻاين، مخالفاڻين سازشن ۽ سياسي حالتن جي ڪري ڌڪجي ۽ ڪمزور ٿي انهيءَ حالت کي وڃي پهتي آهي جو اڄوڪي سياسي ماحول ۾ سنڌ ۽ سنڌي دوستي جي دعويدار ڌرين جو ڀرپور اتحاد کانئس ووٽر قوت کسي سگھيو پئي. پر ظاهر آهي ۽ حقيقت آهي ته اڄ اهڙو ڪو به اتحاد موجود ناهي.
سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ وڏي، طاقتور، منظم، روشن خيال، ترقي پسند ۽ عوامي سياسي پارٽيءَ جي اشد ضرورت آهي. هڪ اهڙي سياسي پارٽيءَ جي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي قدرتي، تاريخي، جاگرافيائي، معاشي، سياسي، ثقافتي، نفسياتي، لسانياتي (۽ لساني) ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور عملي ۽ علمي تحريڪ هلائي، سياسي سجاڳي ۽ ٻڌي پيدا ڪري، سنڌ جي گھڻي کان گھڻن رهواسين کي هڪ پليٽ فارم تي ۽ هڪ جھنڊي هيٺ گڏ ڪري سگھي، جيڪا سنڌين کي سچ پچ سنڌ جو مالڪ بنائي سگھي. ليکڪ کي، هن وقت، اهڙا ڪي گڻ ۽ ڪڻا سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ ۾ نظر اچن ٿا، پر اهو اڃا ابتدائي اوسر جي مرحلن ۾ آهي. اهڙين گھڻين ڌرين جو موجود هجڻ ڪو عيب ناهي. اهي شل ساڃهه وند ۽ سچيون رهن ۽ وڌن ويجھن پر هن وقت جيڪا سياسي فضا موجود آهي ۽ رڳو 35 ڏينهن کان پوءِ امڪانن جيڪي عام چونڊون ٿيڻيون آهن، انهن ۾ اسان کي باشعور نموني شامل ٿيڻو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجين سمورين ڪمزورين، اوڻاين، ڪلڇڻاين ۽ ڪچائين باوجود، سندس ٻي ڪا چڱائي ڳڻجي يا نه، ايترو سو ضرور مڃڻو پوندو ته گھٽ ۾ گھٽ گذريل ٽن سالن جي حڪومت دوران سنڌ دشمن دهشتگردن آڏو نه ته جُھڪي، نه آڻ مڃيائين ۽ نه ئي وري اهڙي ڪنهن سنڌ دشمن نقطي تي ٺاهه ڪيائين، جو کيس انهيءَ حوالي سان سنڌين آڏو شرمندو ٿيڻو پوي. ان جي ابتڙ هوءَ دليريءَ سان ايترو وڙهي جو سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد سازشي قوتون سنڌ جي ٻين (سچين يا ڪوڙين) قومپرست ڌرين سان ته ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پيپلز پارٽيءَ سان نه. اهي سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد سازشي قوتون پنهنجي تجربي جي آڌار تي پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجو سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ دشمن سمجھن ٿيون.
حضرت علي عليه سلام جن جو جڳ مشهور قول آهي، ته توهان جو دوست، توهان جي دوست جو دوست ۽ توهان جي دشمن جو دشمن توهان جو سڄڻ آهن ۽ توهان جو دشمن، توهان جي دوستن جو دشمن ۽ توهان جي دشمن جو دوست توهان جا ويري آهن. اڄوڪين سياسي حالتن ۾ ٻيو نه، ته به گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ هڪ حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۽ سنڌين جي دشمن جو، دشمن جي دائري ۾ سمجھان ٿو، باقي وڌيڪ فيصلو ته عوام کي ڪرڻو آهي ته اهو ڪنهن کي ٿو سنڌ جو سڄڻ تصور ڪري.
(عوامي آواز، 13-جنوري 1997ع)

No comments:

Post a Comment