ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟
چون ٿا ته ٿورائيءَ جو غلام ٿي
وڃڻ خراب آهي، پر اهو تهائين خراب آهي جو گھڻائيءَ جو غلام ٿي وڃجي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين سنڌي
ماڻهو هڪ قوم جي حيثيت ۾ سياسي ۽ معاشي طور غلام ٿي ويا آهيون، ۽ ڪڙو سچ اهو آهي
ته ذهني طرح به غلام ٿي پيا آهيون، نه رڳو ٿورائيءَ جا، پر گھڻائيءَ جا به. ٿورائي
سنڌ ۾ رهي ٿي ۽ دهشتگرديءَ وسيلي اسان کي غلام ٺاهي ويٺي آهي ۽ گھڻائي پاڪستان ۾
رهي ٿي ۽ فوجي قوت وسيلي اسان کي غلام بنائي رکيو اٿس. دهشتگردن کي فوجي قوت سان
گڏ ٻين به ڪيترن ئي ظاهري توڙي ڳجھن هٿن جي مدد مليل آهي. اهي هٿ غدار سنڌي وڏيرا
شاهيءَ، مُلا شاهيءَ ۽ ڪامورا شاهيءَ جا به آهن، ته ڪجھ سياسي اڳواڻن سان گڏ ٻين
انهن قوتن جا به، جن کي اسان جي نوجوان نسلن ڏٺو ئي ناهي. اهي قوتون سنڌ توڙي
پاڪستان جي سرحد اندر ڄڻڪ موجود ئي ناهن (۽ موجود نه هوندي به موجود آهن). اهي
يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ آهن ۽ انهن سڀني جي سربراهي آمريڪي سامراج ڪري رهيو آهي، ۽
اسان کي غلام بنائيندڙ قوتون ان جون غلام آهن.
انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌي
قوم جو چڱو وڏو حصو ان غلاميءَ کي محسوس ڪندي ان مان آجپو ماڻڻ گھري ٿو. ان ڪري هر
سياسي پارٽيءَ جي امن، انصاف، آزاديءَ، برابريءَ، ڀائپيءَ، جمهوريت ۽ سماجي، سياسي
۽ معاشي آچار ۽ خودمختياري جي پروگرام جي آجيان ڪندي ۽ ان جو ساٿ ڏيندي پنهنجي سِر
گھر ۽ ٻار جي به پرواهه نه ڪئي آهي. سنڌي ماڻهوءَ سنڌ سان غداريءَ ۽ سنڌ مٿان آمريت
جي هر قدم خلاف ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪو نه ڪو عمل ڪيو ضرور آهي، پر اڪثر ٿيو ائين
آهي ته سياسي پارٽين جي سربراهن پنهنجي ظاهر ڪيل مول متن ۽ مقصدن تان ڦري، ڳجھ
ڳوهه ۾ جوڙ توڙ ۽ سازش ڪري سنڌي عوام کي لاڳيتي ڌوڪي ۾ پئي رکيو آهي. سنڌي ماڻهو
ايوبي، يحياوي ۽ ضيائي آمريت خلاف وڙهيا ئي نه آهن، پر ڀُٽي صاحب جي جي دور ۾ ڪيل
ڪجھ آمر قدمن جي خلاف عمل ڪيو آهي، سنڌي ماڻهو ون يونٽ خلاف وڙهيا آهن، سنڌي ٻولي
۽ ثقافت کي ميارن جي سازش خلاف وڙهيا آهن، جمهوريت ۽ آزاديءَ جي حق ۾ وڙهيا آهن.
سنڌ جي پاڻيءَ ۽ ناڻي تي ڌاڙي خلاف وڙهيا آهن، وغيره، پر افسوس جو سياسي اڳواڻن
سنڌي عوام جي زور تي سچائي ڏيکارڻ بدران سازش، غداري ۽ هيرا ڦيري ڪري سنڌي عوام کي
اڃا به وڌيڪ لتڙ جو شڪار پئي ڪيو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جو ڀروسو پئي وڃايو آهي. مجبوري
اها آهي ته سياسي پارٽيءَ کان سواءِ سياسي تبديلي نه ٿي آڻي سگھجي، جڏهن ته هر
سياسي پارٽي پاڻ کي سچي، مخلص ۽ وفادار سڏائيندي به پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچي، مخلص
۽ وفادار ثابت نه ٿي آهي. اهڙين ڦڙتين گھڙتين ۽ غدارين جي گورک ڌنڌي ۾ سنڌي عوام
اڙيو پيو آهي. ان ڪري اڃا به وڌيڪ بيوسيءَ، مايوسيءَ ۽ محروميءَ جو شڪار ٿي رهيو
آهي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌي عوام ڏاڍو سجاڳ، برجستو، هوشيار، اڪابر ۽
چالاڪ نه ٿي سگھيو آهي. جمهوريت ۽ آجپو ماڻڻ، دستوري ۽ انساني حق حاصل ڪرڻ، پاڻ تي
ڀاڙڻ ۽ پاڻ وهيڻو ٿيڻ لاءِ جن ڏاهپن، لياقتن ۽ گڻن جي گھرج آهي، سنڌي ماڻهو ان
معيار ۽ ماپ کي پهچي نه سگھيا آهن. ان ۾ غاصب ۽ بدمعاش (ڏيهي توڙي پرڏيهي) قوتن جو
هٿ ضرور رهيو آهي پر جمهوريت ۽ آزاديءَ جي سنڀال لاءِ هر وقت چوڪس ۽ اهو به گھربل
حد تائين، ڪڏهن به نه رهيا آهن ۽ اهو ئي خاص سبب آهي جو هُو مذهبي، شخصي، قومي
وغيره نعرن يا پروپيگنڊا (ڪوڙي پچار) جي اثر ۾ اچي جذباتي ٿي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ته حق
حساب ڪرڻ کان سواءِ ئي غدارين کي به ڄڻڪ معاف ڪريو ڇڏي.
اهو ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي ڏاڍي حيرت ٿي
ته آمريڪي صدر بش (سينئر) کي ايندڙ چونڊن ۾ کٽڻ لاءِ پنهنجي عوام آڏو اهڙي پرڏيهي
پاليسيءَ جو اعلان ڪرڻو پوي ٿو جيڪا نه رڳو سندس مخالف اميدوار تي برتري رکندڙ هجي
پر عوام کي به پسند هجي. (اها ٻي ڳالهه آهي ته اها حقيقت ۾ عوام جي مفاد وٽان آهي
يا آمريڪي سامراجي قوتن جي مفاد وٽان، جيڪي خود آمريڪي عوام کي بيوقوف ۽ ٻگھلو
بنائي رهيون آهن جيئن ته آمريڪي خوشحالي دنيا جي ڦرلٽ تي پيڙهه رکي ٿي ان ڪري ڪجھ
نه ڪجھ ڏوهاري اتي جو عوام به آهي جيڪو پنهنجن حاڪمن کي ڦرلٽ کان جھلي نه ٿو).
بهرحال، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي، ته اتي جو عوام پنهنجن سياسي اڳواڻن جي ڏيهي ئي
نه، پرڏيهي پاليسيءَ کي به ڌيان سان ٻڌي ۽ جاچي ٿو ۽ پوءِ سوچي سمجھي ووٽ ڪري ٿو.
جيڪڏهن اهڙو ڪو اتفاق ٿي پوي ٿو جو کٽي آيل اميدوار پنهنجي ڪيل مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام
وڃي يا ان کان ڦري وڃي، ته پوءِ سندس اقتدار کي خطرو ٿي پوندو. مارگريٽ ٿيچر،
برطانيا جي وزيراعظم، بظاهر جنهن مسئلي جي ڪري پنهنجو اقتدار وڃائي ويٺي اهو هو
عوام جي مرضيءَ خلاف پول ٽيڪس مڙهڻ جو مسئلو ۽ ان تي عوام جو زبرو وڳوڙ.
جن ڏيهن جا عوام ايڏا سجاڳ هجن،
پنهنجن چونڊيل نمائندن جو هر گھڙيءَ حساب ڪتاب ڪري سگھندا هجن، جي منجھن ڪو غدار
پيدا ٿي پوي ته ان جي کَل اڊيڙي رکن (ايتري قدر جو مُئي کان پوءِ به ”کيس“ سزا
ڏين)، ان سان اها جُٺ ڪن جو هو ياحياتيءَ ڪنڌ کڻي نه سگھي، اتي منشور، مقصد ۽
پروگرام هڪڙو ظاهر ڪري اقتدار ۾ ايندي ئي يا اقتدار جي حصول لاءِ پنهنجن مول متن
تان ڦري وڃڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اتي جو عوام پنهنجن حاڪمن جي ڀيٽ ۾ پوئتي هجڻ باوجود
پنهنجا حق ۽ اهي حق ماڻڻ جا رستا ڄاڻي ٿو. عوام جي سجاڳيءَ، سمجھ ۽ سوچ جا سوين مثال
بيان ڪري سگھجن ٿا، پر هتي رڳو هڪڙو ننڍڙو مثال تنوير عباسيءَ جي سفرنامي مان پيش
ڪجي ٿو: ...روڊ ۾ ٿوري لاهي آهي. ان کان ميل کن اڳيان ان لاهيءَ کان خبردار ڪرڻ جا
بورڊ لڳل آهن. ايڏيءَ خبرداريءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪڏهن ان لاهيءَ سبب ڪنهن جي
ڪار کي ڪنهن به طرح نقصان پهتو ته هو حڪومت تي ڪيس وجھندو ته توهين اسان کان ٽيڪس
وٺو ٿا پر توهان جي ٺهرايل روڊ اسان کي فلاڻو هاڃو پهچايو آهي، ان ڪري ڏنڊ ۽ مرمت
جو خرچ ڀري ڏنو وڃي ۽ ڪورٽون اڪثر انهن جي حق ۾ فيصلو ڏينديون آهن جنهنڪري حڪومت
کي چَٽي ڀرڻي پوندي آهي! ان چٽيءَ کان بچڻ لاءِ اهڙا بورڊ هڻايا وڃن ٿا.
اسين به سالن کان وٺي سوين قسمن
جون ٽيڪسون، رائر ۽ ڍلون ڀريندا رهيا آهيون پر ڇا ڪڏهن اهو جائزو ورتو آهي ته جنهن
ڪم لاءِ ٽيڪس ورتي وڃي ٿي، اهو پورو ٿيو يا نه؟ جيڪا به سياسي پارٽي، جيڪو به
منشور ظاهر ڪري ٿي، ڇا ان جو جائزو وٺون ٿا؟ ۽ جيڪڏهن اها پنهنجي ظاهر ڪيل منشور
تان ڦري وڃي، ته ڇا سندس ڪَن مهٽ ڪريون ٿا؟ جڏهن عوام باشعور نه هوندو، پنهنجا حق
ڳڻي ڳوتي نه وٺندو، ته پوءِ حڪومت ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ به اهوئي ڪندا رهندا
جيڪو سنڌ ۾ چالو آهي... نمائندا ناهن ”گھوڙا“ پيا وڪامن. ويهه سيڪڙو سيٽون کڻندڙن
کي پنجاهه سيڪڙو وزارتون، وزارت وٺڻ کان پوءِ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ سان غداريون ۽ ارهه
زورايون....!
ڇا سياسي پارٽيون پاڻ کي عوام
ڏانهن جوابدار سمجھن ٿيون؟ ڇا ”آزاد اميدوار“ عوام کي ليکين ٿا؟ جيڪڏهن اهي عوام
ڏانهن جوابدار ناهن ته پوءِ عوام انهن جو ساٿ ڇو ڏي، انهن جو بائڪاٽ ڇو نه ڪري؟
ڇا پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن به
قسم جي لَڏپلاڻ جو ذڪر هو؟ ڇا سياسي پارٽيون اهو ڪَٿي سگھيون هيون، ته مذهب جي آڙ
۾ جھيڙا ٿيندا ۽ لکين ماڻهن جون حياتيون ڳِهي ويندا؟ انهن قتلن جو ذميوار ڪير؟ ڇا
ذميوارن کي جوڳيون سزائون مليون؟ ڪراچي سنڌ کان کسڻ لاءِ ڇا عوام کان راءِ ورتي
وئي هئي؟ جي نه، ته ڪراچي ڇو کسي وئي؟ ڇا ذميوار فردن جو ڳاٽو پڪڙيو ويو؟ سنڌ
اسيمبليءَ جي ٺهراءَ باوجود ڪوڙن ڪليمن ۾ لکين ايڪڙ آباد ٻنيون ڇو ڏنيون ويون
(جڏهن ته ساڳي قسم جي ٺهراءَ کي پنجاب ۾ مانُ ڏنو ويو)؟ جيڪي ان ڏوهه ۾ شامل هئا،
انهن کي ڪا سزا ملي؟ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ميسارڻ جي سازش ٿي. سنڌي ٻوليءَ کي
پنهنجي ئي وطن ۾ اوپرو ڪيو ويو ۽ ان جي سرڪاري حيثيت ختم ٿي. ڇا ذميوار فردن سان
ليکو ٿيو؟ پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان تي ڀارتي ٻولي مڙهي وئي، ان کي قومي حيثيت
ڏئي زوريءَ رائج ڪري عالمي انساني اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ڇا ڏوهارين کي ڪجھ ٿيو؟
ون يونٽ سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان لاءِ هڪ عذاب هو، خاص طرح سنڌ خلاف وڏا ڏوهه ٿيا،
سنڌ جو مال ملڪيت ۽ پيداوار ٻنهي هٿن سان ڦريا ويا، انهن جو ڪو حق حساب ٿيو؟ دستور
موجب جمهوري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهڻ انتهائي غداري آهي، پر پاڪستان جي 45 ساله ڄمار ۾
30 سال مارشل لا رهيو آهي. ڇا ذميوار جنرلن ۽ سندن ساٿين کي ڪورٽ ۾ آندو ويو؟
جمهوري ملڪ خلاف ان انتهائي غداريءَ جو ڇا ٿيو؟ پنهنجي ئي ڏيهه جي مختلف حصن (جيئن
بنگال، سنڌ ۽ بلوچستان) تي فوجون چاڙهي وڃڻ ۽ اتي جي رهاڪن جو قتل ڪرڻ ڇا ڏوهه
ناهي؟ ڏوهارين کي ڪجھ ٿيو؟ هتي جي حقيقي قومن کي نه مڃڻ، انهن جي تاريخي حقن جو
احترام نه ڪرڻ، عوام جي انساني حقن کي ڪا به اوليت نه ڏيڻ، ماڻهن کي اڻ پُڇيو ۽
بيڏوهو سالن جا سال ڪاٺ ۾ رکڻ، ڪڇڻ، پڇڻ ۽ راءِ جي اظهار تي پهرا وغيره ڇا ڏوهه
ناهن؟ ماڻهن کي سياسي گمراهيءَ ۾ ڦاسائڻ، سياسي ويساهه گھاتي ڪرڻ، ”گھوڙن“ کي خريد
ڪرڻ ۽ ”گھوڙن“ جو وڪامڻ.... آهي ڪو، جيڪو عوام ڏانهن ذميوار هجي؟ ڇا حڪمران ۽
سياسي اڳواڻ عوام کان وڌيڪ ٻلوان آهن؟ 1983ع ۾ عوام جي مڙسيءَ جنرلن کي جھڪڻ تي
مجبور ڪيو. بنگالي عوام مڙسي ڪئي ته سندن ٻولي قومي ٻوليءَ طور برقرار رهي ۽
چاهيائون ته آزاد به ٿي ويا. ووٽر لسٽون ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌيءَ ۾ به ٺهن ٿا،
مڙسي ڪئي اٿئون ته ڪجھ ادارن ۾ سنڌي ٻولي بچي به وئي آهي. جيڪڏهن ليکو چوکو هجي ته
ڇا حڪمران عوام کي دسي سگھن ٿا؟ حڪمران ڪيڏا به ظالم هجن، عارضي شڪستون ته ٿي سگھن
ٿيون پر عوام سجاڳ هجي ۽ دائمي طرح مار کائي وڃي، اهو ممڪن ناهي.
سنڌ هزارين هِچائن جي ور چڙهي وئي
آهي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي حيثيت ناهي (انگريزن جي دَور جيترو به حق نه ڏنو ويو
آهي)، سنڌي قوم اقليت ٿي وڃڻ جي ويجھو آهي، زمينون ۽ ڪارخانا ڌارين جي حوالي ٿي
ويا، سنڌ جو پاڻي ۽ ناڻو کسجي ويو، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنڌ کي (جنهن جي سُڪڻ ۽
ڪلرائجڻ جو خطرو آهي) ڪا ڌر ئي نه ٿو سمجھيو وڃي. بِهاري ۽ ٻيا لکين ڌاريا سنڌ ۾
اچي ويا آهن ۽ اڃا به اچن پيا، سنڌ ۾ سنڌ کي ئي ورهائڻ جي تعليم ڏيندڙ ڪتاب،
پمفليٽ ۽ نقشا کلئي عام ڇپجي رهيا آهن، دهشتگرد محفوظ آهن ۽ محب وطن سڏيا پيا وڃن
(۽ سنڌ جي ”ڀلائيءَ“ ۾ انهن سان ٺاهه پيا ٿين)، ڌاڙيل رڳو سنڌي پيا کڻن ۽ جاوا پيا
ڪن، سنڌ جي وڏي پارٽي حقيقي سنڌي قوم کي قوم طور مڃي ئي نه ٿي ۽ ڪوڙي قوم جي پرچارڪ
رهندي وري اڃا به ٻي ڪوڙي قوم جي دعويدارن سان ٺاهه پئي ڪري، هڪڙيون پارٽيون ڪي
وڏا ۽ کوکلا نعرا هڻي مٿي ٿيون چڙهن ته ٻيون وري انهن کان به گوءِ کٽڻ جي ڊوڙ ۾
پوريون، ۽ عمل يا ته لڀي ڪو نه ۽ يا وري ابتڙ، تعليم تباهه ڪئي وئي، نوڪريون ڌارين
جي حوالي، صحت سنڌين لاءِ اڻلڀ، ٿر ۾ ڏڪر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان سُڪل، بک، بيروزگاري،
ڏمر ۽ ڏڪر جو راڄ، سنڌ ۽ سنڌي تباهيءَ ۽ فنا جي ڪناري اچي پهتا آهن ۽ اسين رڳو
هڪڙن جي ڏٽن پويان ڊوڙيو ڊوڙيو وري ٻين جي ڏٽن پٺيان ڊوڙي رهيا آهيون، نه ڪنهن کي
ڪنڌ کان ٿا پڪڙيون ۽ نه ئي وري ليکو ٿا ڪريون... سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڇا ٿيندو؟
هيٺيون وچون طبقو ---- واپاري،
وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، ڪامورا، دوڪاندار، ننڍڙا ڪارخانيدار، کاتيدار وغيره
---- ڏسو ته پنهنجيءَ ۾ پُورو، سڄو ڏينهن ان سوچ ۾ گذريو وڃيس ته ڪو اچي ته ڪهانس
۽ جيترو گھڻو ممڪن هجي اوترو رت پيئانس. هر طبقو قومي مسئلن تي گھڻي قدر مجرماڻي
ماٺ ۾ رهيو آهي. جڏهن ته ڪي ٿورا آهن جيڪي سچ پچ اوَرچ ٿي قومي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙي رهيا آهن. هي طبقو اڪثر ڪري پڙهيل ڪڙهيل آهي ۽ زبردستي رابطي ۽ سجاڳيءَ جو
ڪم ڪري سگھي ٿو. هي جيڪڏهن پنهنجي تعليم، تجربي، ڏيٺ ويٺ، سڃاڻپ، سنگت، اثر ۽
هلنديءَ کي ڪم ۾ آڻي ۽ ٿورو وڌيڪ مخلص ٿي ڪم ڪري ته جيڪر اسين صدين جو سفر سالن ۾
نبيري وٺون.
ٻئي پاسي، ٻٻرن کان ٻيرن جي اميد
ته ڪري سگھجي ٿي پر وڪاڻل ”وڏن“ کان قومي خيرخواهيءَ جي خواهش رکڻ ممڪن ناهي، ۽
اهو سڀ ڪجھ چٽو ڏيکارجي پيو. سنڌ سان راڱا، جيڪي رڳو گذريل ڏيڍ سال ۾ ٿيا آهن. ڇا
اسان جا چونڊيل گھوڙا ۽ سياسي اڳواڻ ايندڙ پنجويهن سالن ۾ ڀري سگھندا؟
سنڌ جي اڳوڻي گورنر تازو ئي اسلام
آباد ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”اسان (پياري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن) کي سنڌ بابت
پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ڇو ته سنڌ جي قومپرست سياسي اڳواڻن جي گھڻائي سندن
پنهنجي گولي (ٻانهي) آهي ۽ اهي پاڻ ۾ وڙهيل آهن. سنڌ جا مير، پير، وڏيرا وغيره
سندن گولا غلام آهن ۽ سندن چوڻ تي ڪنهن مهل به ويڙهائي سگھجن ٿا، بنگلاديش جيان
سنڌ هزار ميل پري ناهي ۽ اتي جيئن، جتان جنهن مهل چاهجي وڃي (حملو ڪري) سگھجي ٿو.“
سنڌي عوام جي کين پرواهه ئي ناهي، ان کي هر نموني لتاڙڻ جو کين اڻ پُڇيو حق آهي ۽
اهو به مڃيائين ته ايم ڪيو ايم سندن ٺاهيل آهي يعني سنڌ ۾ دهشتگردن کي پالڻ تاتڻ،
وڌائڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم هنن ئي ڪيو آهي. باقي رهجي وئي هڪ شيءِ يعني ڌاڙيل، سنڌي
ماڻهو 1983ع کان وٺي پڪ ٿا رکن ته سنڌ ۾ ڌاڙيل به انهن جا ئي پاليل آهن. ان لاءِ
وٽن کوڙ دليل آهن جن مان ڪجھ هي آهن: (1) جنرل ضياءَ جي مارشل لا کان پوءِ
دهشتگردن جيان ڌاڙيلن جو وڌڻ ۽ ٻنهي جو 1983ع ۽ 1984ع ۾ تڏهن طاقتور ٿيڻ جڏهن سنڌي
عوام آمريت خلاف وڙهندي گولين جو بَک ٿي رهيو هو پر ماٺ نه پئي ٿيو، (2) ڌاڙيلن ۽
دهشتگردن جو تيستائين آزاد رهڻ جيستائين اهي سنڌي ماڻهن کي قتل ڪندا رهن، ٿورڙو به ٻيو ڪجھ ڪيائون ته ڦاسي ويندا، ۽
(3) ڌاڙيلن پاران جيئن ئي ڪو به اهڙو اعلان يا ڪم ٿيندو جنهن سان سرڪاري
ملڪيت يا مشينري کي نقصان پهچندو هجي تڏهن ڏينهن ٻن ۾ واسطيدار ڌاڙيل (يا ڌاڙيلن)
جو مارجي وڃڻ ٻڌائي ٿو ته ڌاڙيل اڃا به سرڪار جي ئي مرضيءَ سان جيئن ۽ مرن ٿا.
لائق چانڊيو، نانگ مارفاڻي ۽ محب شيديءَ جا مثال ان سلسلي ۾ شاهدي آهن. دانگيءَ
مٿان ليپو وري اهو، ته فوج، رينجرس ۽ پوليس هزارين نمونن سان انهن ڌاڙيلن جي بهاني
سنڌي ماڻهن کي ستائي رهيا آهن ۽ سنڌين تي ئي پاڪستان- دشمنيءَ جا الزام آندا وڃن
ٿا.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سنڌيءَ کي
چَوکنڀو ٻڌي شڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ شڪار ڪندو رهڻ جي نيت رکي وڃي ٿي. سنڌي ماڻهوءَ کي
هر پاسي کان مايوس ۽ موڳو ڪري ذهني غلاميءَ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش جاري آهي پر سنڌي
ماڻهن جو عمل ڇا ٿو ٻڌائي، ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ غلام ٿي وئي آهي؟
سنڌ ۾ ٻه لاڙا چٽيءَ طرح نظر اچن
ٿا: هڪ انهن وڏيرن، پيرن، سيدن ”قومي اڳواڻن“، ”جمهوري سرواڻن“، ڪامورن، ڌاڙيلن ۽
پاٿاريدارن جو، جيڪي نه رڳو پاڻ غلام ٿي ويا آهن پر سنڌي ماڻهن کي به غلام ڪرڻ ۽
منجھن مايوسي پکيڙڻ گھرن ٿا ۽ ٻيو سجاڳ هيٺئين وچئين طبقي ۽ هيٺئين طبقي جو عوام
دوست ۽ سنڌ-سڄڻ، جمهوريت پسند ۽ آجپي جي واٽ تي وڌندڙ ڪردار، ۽ اِهو ئي اهو ڪردار
آهي جنهن کان اڳوڻو گورنر اندر ۾ ڊڄندي پاڻ کي ۽ پاڻ جھڙن کي دلداري ڏيندي چوي ٿو
ته اهي سنڌي ماڻهن کي جڏهن، جيئن ۽ جتي چاهين، ماري سگھن ٿا. مئل کي ماربو آهي ڇا؟
جيڪو اڳ ئي غلام هجي ان کي غلام بنائڻ جي ڳالهه ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. دشمن جنهن کي
مارڻ ۽ غلام بنائڻ جي ڳالهه ڪري، اهو لازمي طرح نه مئو آهي ۽ نه ئي وري غلام ٿيو آهي.
تنهنڪري اسين اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون، ته سنڌي عوام ذهني طرح غلام نه ٿيو آهي ۽
هن جي سوچ غلام ناهي، ۽ جي غلام ٿيو آهي ته اهو سنڌي عوام نه، پر سنڌي وڏيرو، مير،
پير، سيد ۽ سياسي اڳواڻ ٿيو آهي.
اهڙي وقت ۾ سجاڳ سنڌي ماڻهن تي
ڪيتريون ئي ذميواريون وڌن ٿيون. هن کي هر طرفو سوچڻو ۽ عمل ڪرڻو آهي. جيتريون به
وٽس ڏاهپون، ڏاتون ۽ ڏانءَ آهن انهن کي اجاگر ڪرڻو ۽ ماڻهن تائين پهچائڻو آهي.
اسان کي سنڌ ۽ پاڪستان جي هر مسئلي، هر ڳالهه، هر سياسي، معاشي ۽ عملي مامري تي
سوچڻو، ان کي پرکڻو ۽ حقيقي صورت ۾ پڌرو ڪرڻو آهي. ڇا اسين اهو سوچي سگھون ٿا ته
سنڌ توڙي پاڪستان جون پارٽيون پنهنجي هر جز سميت ڪيئن هئڻ گھرجن، اتي جو سياسي،
معاشي تعليمي، ذهني، اخلاقي ۽ ٻيو هر قسم جو رويو ڪيئن هئڻ گھرجي، اندريون توڙي
ٻاهريون، ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيون ڪيئن هجن. سچ اهو آهي ته بظاهر سنڌ ۽ پاڪستان
سان ڪو به وسطو نه رکندڙ مسئلن تي به سوچڻ گھرجي. ڇا ڀارت ۾ ”هندو- مسلم جھيڙن“
عراق- آمريڪي جنگ، اوڀر يورپ جي ڏيهن جي بدلجڻ ۽ سوويت-يونين جي ٽٽڻ، آمريڪا جي
اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ پناهگير دهشتگردن جي اچ وڃ، افغان ”مجاهدن“ جي ”جهاد“، بنگلاديش
۾ ٻوڏن ۽ غربت، برما ۾ گھريلو ويڙهه، ايران جي انقلاب، قئبيڪ ۽ اسڪاٽلينڊ جي
ريفرينڊم، لبيا خلاف تازي آمريڪي دهشتگرديءَ وغيره جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو به
واسطو ناهي؟ ڇا فضا ۾ پکڙجندڙ ايٽمي ترورن، ماحولي گدلاڻ، ڪويت ۾ پکڙيل ڪارن ڪڪرن،
روس ۾ لڳندڙ برفاني هوائن، آمريڪا توڙي يورپ جي ايشيائي پاليسين، سيٽلائيٽ ٽي وي
سرشتي، بي بي سي، واشنگٽن، ماسڪو، جرمني ۽ انڊيا ريڊيو، پولار ۾ ڀٽڪندڙ ڪنهن فلڪي
جسم، سج سرشتي ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ڪو به وسطو ناهي؟ ڇا اهو
ممڪن ناهي ته اسين فلڪي، سائنسي، سماجي ۽ هنري شعبن ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ علمي ڪارنامن تي
هڪ نظر رکي مناسب تبصرو ڪري سگھون؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ڌرتيءَ جو گولو سنڌي
ماڻهوءَ آڏو رکيو هجي ۽ هو ان ئي هڪ ديو واري نظر رکندي ان کي ڦيرو ڏئي ڪنهن هنڌ
آڱر رکي چئي سگھي ته هت هيئن پيو ٿئي هيئن ٿيڻ گھرجي؟
ڌرتي هڪ ڳوٺ ۾ بدلبي پئي وڃي. هر
کنڊ هڪ پاڙو ۽ هر ڏيهه هڪ گھر ٿي پيو آهي، ڪنهن به گھر توڙي پاڙي ۾ جھيڙو، گھاٽِي
واڌي يا امن انصاف ٻي تي اثرانداز ٿئي پيو ۽ سڄو ڳوٺ ان کي محسوس ڪري ۽ ان کان
متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو به ڀاتي يا گھر انهن حقيقتن کان اکيون پوري ويٺو ته اهو دنيا
سان وک ملائي وڌي نه سگھندو.
سنڌي ماڻهو سنڌ ڌرتيءَ جا تاريخي
وارث ۽ دنيا جي آباديءَ جي ڳڻپ جوڳي پتي آهن. ڪيترائي ڏيهه سنڌ کان به گھٽ آبادي ۽
ايراضي رکن ٿا ۽ معاشي طرح پوئتي پيل آهن پر اهي آزاد آهن، پاڻ تي ڀاڙيندڙ ۽ پاڻ
وهيڻا آهن ۽ برابريءَ جي بنياد تي ٻين سان سنگت رکيو ويٺا آهن. ڌرتيءَ جي بهترين
ايراضين ۾ آباد ڏيهن مان سنڌ هڪ آهي، هتي ڏينهن ۽ رات وچ ۾ وقت ڏسڻ سان ۽ چارئي
مندون ڪئلينڊر جي تاريخ سان مقرر ڪو نه ٿيون ٿين، سنڌ کي پنهنجا جبل، وارياسا،
ميدا، ٻيلا ۽ معدني ذخيرا ۽ وسيع سامونڊي ڪنارو آهي. سنڌ انهن ڀاڳڀرين ايراضين ۾
آباد آهي جتي سج سوجھرو ڪري اس پکيڙي ۽ چنڊ چمڪي چانڊاڻ ڪري ٿو. هتي باغ آهن، گل
آهن، ميوا آهن، ٻنيون آهن ۽ دنيا جو وڏو آبپاشي سرشتو آهي. هتي سچ، سونهن،
نماڻائي، نياءُ، پنهنجائپ، پيار، سرت، سورهيائي ۽ انسانيت جون ٻيون سموريون
فضيلتون ۽ گڻ نمايان نظر اچن ٿا. هتي علم آهي، هنر آهي، ادب آهي، اڪابر آهي، شاعري
آهي ۽ ڏاهپ ۽ ڏات جون خصلتون آهن. پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هتي ڏک ۽ ڏڪر، غلامي ۽
ڇڙواڳي، بي علمي ۽ بي عملي، نشو ۽ لٻاڙ، ٺڳيون ۽ ڪوڙ ۽ دهشتگرديون، داداگيريون ۽
ارهه زورايون به آهن. فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته اسين ڪهڙي پهلو کي وڌائڻ گھرون ٿا
۽ ڪهڙي کي گھٽائڻ.
هر ساهوارو هڪ وحشي به آهي ته
پيار ڪندڙ به، ماڻهو تڏهن ئي ماڻهو سڏجي ٿو جڏهن هو وحشتن کي گھٽائڻ لاءِ جاکوڙ
ڪري ۽ پيار کي وڌائي يا وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. اسين وحشي ٿيڻ گھرون ٿا يا ماڻهو؟
جي ماڻهو ٿيڻو آهي ۽ ماڻهپو
وڌائڻو آهي ته پوءِ پنهنجي علم ۽ ادب، ڏاهپ ۽ ڏات جي هر ذري کي ڪم آڻڻو پوندو ۽
خود غرضين کي، جيڪي جانوراڻيون خصلتون آهن، گھٽائڻو ۽ ڦٽو ڪرڻو پوندو.
ان مان هر ماڻهو جيڪڏهن پنهنجيون
سموريون صلاحيتون ۽ لياقتون ڪم آڻي ته اسين گھڻو ڪجھ ڪري سگھون ٿا. مثال طور: رڳو
علم ۽ ڄاڻ جي پهلو جو ذڪر ڪجي ته ڳالهه صاف ٿي ويندي. علم ۽ زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو
آهي جنهن ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڄاڻ رکندڙ سنڌي ماڻهو موجود نه هجن؟ اسان جا پي ايڇ ڊي ۽ سي
ايس پي، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پروفيسر، ليڪچرر ۽ استاد، جج ۽ وڪيل، انجنيئر ۽
ايگريڪلچرسٽ، سائنسدان ۽ سياستدان، مفڪر، مدير ۽ محقق، دانشمند ۽ دورانديش، ڏاها ۽
سياڻا، اڪابر ۽ اديب، صنعتڪار ۽ ايڪانامسٽ، بزنيس ۽ مئنيجمينٽ توڙي مختلف ٻولين جا
ماهر جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي شعبي جي هر ممڪن ڄاڻ کولي کولي ۽ جرئت سان بيان ڪن ته
جيڪر سنڌي علم ۽ ادب آسمان سان ڳالهيون ڪندو نظر اچي.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته اسين ڪوڙا
اڪابر آهيون، اسين رڳو لٻاڙڻ ۾ پورا اسان وٽ علم آهي ئي ڪو نه، جاهل آهيون ۽
چالاڪين، رشوتن ۽ سفارشن سان مختلف عهدن تي پهتا آهيون جنهنڪري لکي پڙهي ۽ پرکي
ڄاڻون ئي ڪو نه، باقي جيڪي ٻه چار آهن، جن وٽ علم ۽ سچائي آهي اهي ته لکن پيا ۽ اڻٿڪ
نموني لکن پيا. ٻيا چون ٿا ته اسين ڊڄڻا، گيدي ۽ ڀاڙيا آهيون، اسين ذهني طرح به
غلام ٿي ويا آهيون ۽ ان غلاميءَ خلاف وڙهڻ جو جذبو ئي مري ويو آهي ان ڪري ڄاڻ
هوندي به سوچڻ، پڙهڻ لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي همت ئي نه
رهي آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين سنڌي
ماڻهو سياسي، معاشي ۽ سماجي طور غلام بنايا ويا آهيون. اسان جي ٻولي ۽ ثقافت تي
پهرا آهن، علم ۽ ادب سان وير رکيا وڃن ٿا، سنڌ خلاف سازشون ۽ غداريون اوج تي آهن،
ڪوس، ڪيس، ڌاڙا ۽ دهشتگرديون، ڏاڍ ۽ ڏمر آهن. ڀلي، دنيا جي هر مصيبت اسان مٿان
ڪڙڪائي وڃي پر ياد رکجو ته ڪنهن به قوم جيستائين ذهني طرح آڻ نه مڃي آهي، هن جون
سوچون غلام نه ٿيون آهن، هن ۾ آزاديءَ جو جوش ۽ جذبو موجود آهي تيستائين ان کي حقيقي نموني ماري مات نه ٿو ڪري سگھجي.
اسان جي بي همتي، جسماني توڙي
ذهني، ويريءَ کي وڌيڪ طاقتور ڪري ٿي. اسان کي جيڪڏهن غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻي
آهي ته ان جي پهرين وک طور پاڻ کي ذهني غلام ناهي بنائڻو. اسان جون سوچون غلام
ناهن ته پوءِ ان جو پهريون اظهار ائين ئي ڪري سگھجي ٿو ته اسين جيڪو ڪجھ نه ٿا
ڄاڻون اهو پڙهڻ ۽ سوچڻ وسيلي ڄاڻڻ جو جتن ڪريون ۽ جيڪو ڪجھ ڄاڻون ٿا اهو لکون ۽
ڳالهايون.
سڄي ڌرتيءَ تي ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڪٿي به، ڪڏهن به ۽
ڪو به ڏاڍ ٿيو يا ان کي ڏک پهتو ڄڻڪ منهنجي ڀاءُ کي، مون کي ايذاءُ رسيو. اچو ته
هر ڏک جي هر صورت خلاف جاکوڙ ڪريون ۽ سک جي هر صورت هٿ ڪرڻ جو جتن ڪريون. اچو ته
اسين به پاڻ کي سڄي ڌرتيءَ جي وارثن مان هڪ سمجھون ۽ هڪ ٿيون... ۽ اهو تڏهن ٿي
سگھي ٿو جڏهن اسان جي سوچ غلام نه هجي.
No comments:
Post a Comment