سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن
سنجيده رويي جي گھرج
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ دشمن دهشتگرد جڏهن چون ٿا، ته
سنڌ کي ورهايو ۽ کين ان جي ايراضيءَ ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي سميت هڪ ڌار
صوبو يا وطن ٺاهي ڏيو، تڏهن سوچڻو ئي پوي ٿو، ته هُو اها ايڏي وڏي ڳالهه ڇو ٿا چئي
سگھن؟ وٽن ڪهڙي قوت آهي؟ هُو ڪهڙي ڪِلي تي ڪُڏن ٿا؟
وري جڏهن پاڻ کي ’سنڌ دوست‘
سڏائيندڙ ڌرين جا اڳواڻ چون ٿا، ته سنڌ دشمن دهشتگردن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه
ڏبو، سنڌ کي ورهائڻ يا سنڌ جي ڪنهن به ٽڪري تي ڪنهن به بدمعاش جي راڄڌاني قائم ڪرڻ
جي موڪل نه ڏني ويندي، دهشتگردن کي فنا ڪري ڇڏبو، وغيره، تڏهن ڇا اهي ڪنهن حقيقي
بنياد تي ايئن چون ٿا يا هروڀرو خيالي ڌُڪا ٿا هڻن؟ وٽن ڪهڙي سگھ آهي؟
مٿي ڏنل ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان
تضاد ۾ آهن، هڪ ٻئي جي خلاف آهن ۽ انهن جي ڪٿ تور تڏهن ڪري سگھجي ٿي، جڏهن هر هڪ
پاسي کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسجي.
دهشتگرد پاسو
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص،
نواب شاهه ۽ شهدادپور ۾ رهندڙ ”مهاجر بزرگن“ کي دعوت ڏئي ڄاڻايل شهرن جي مقرر هنڌن
تي گڏ ڪيو ويو. هڪ خاص قسم جي وردي پهريل ماڻهن انهن جلسي گاهن ٻاهران بيهي پهرو
پئي ڏنو. دهشتگردن جي پاڻهُرتو سردار لنڊن ۾ ويٺي، ٽيليفون تي هڪ ئي وقت سنڌ جي
ڄاڻايل شهرن ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ”مهاجر“ بزرگن کي جيڪي ”نوجوان“ وٺي آيا هئا،
انهن کي هڪ مخصوص قسم جي ڊيوٽي پوري ڪرڻي هئي. تقرير ڪندي دهشتگردن جي سردار پنهنجي تقرير کي هڪ خاص ماتمي موڙ ڏئي
اوچتو پڇيو: ”اب سنڌ ۾ ڪيسي هوگا گذارا؟“ موٽ ۾ اڳواٽ پڙهايل نوجوانن چيو: ”آڌا
تمهارا، آڌا همارا!“ انهن ”نوجوانن“ کي اڳواٽ پڙهائي تيار ڪيو ويو هو، تڏهن ئي ته
اهي ”مهاجر“ بزرگن کي طَي ٿيل جاءِ ۽ شهر ۾ وٺي آيا هئا ۽ مخصوص جملي جو مخصوص
جواب ڏنائون.