ليکڪ: اقبال جعفر
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون
پاڪستان هڪ گهڻ-قومي سماج آهي، ۽ ساڳيءَ طرح ئي باقي ڏکڻ-ايشيا آهي. اڄ، اهو خيال ڪو نئون يا ڏاڍو
رُجائي (Optimistic)
نه ٿو سمجهيو وڃي پر رڳو چاليهه ورهيه اڳ ان کي
هتي (پاڪستان ۾) ۽ ڀارت ۾ غداريءَ کان گهٽ نه پئي سمجهيو ويو.
هڪَ ۽ ٻه-قومي
نظرين جي وچ ۾ اٿاريل جهيڙي جي ڄَر ۽ دز ۾ اها ڳالهه ڌيان تي نه آندي وئي ته هيءُ اُپکنڊ هڪ اپار ۽ ڳتيل چٽسالي هئي جنهن ۾ هر چِٽ (ذري) کي پنهنجي هڪ چٽي نرواريل سرحد (علائقو)، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي هئي. ڏکڻ ايشيائي سماج جي اهائي وڌيڪ
جٽادار حقيقت هئي، جيڪا پاڻ تي ڀاڙڻ (آزاديءَ) کان ترت پوءِ سياسي اڳواڻيءَ پاران
ڏيهه ۾ تڏهن متعارف ڪرائي وئي جڏهن اڪيلي قومي ٻوليءَ طور ڀارتي حڪومت هنديءَ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان ڪوشش ڪئي ته اردو مقرر
ٿئي.
پنهنجن پنهنجن ڏيهن ۾ قومي ٻوليءَ طور ٻنهي ٻولين کي هلائڻ خلاف مخالف ڌڙن جو اتساهه ۽ ڀارت
۽ پاڪستان ٻنهي ۾ سياسي اڳواڻيءَ لاءِ هڪ گستاخ (اڍنگو) جهٽڪو (جهوٻو) هو. ڀارتي
ان جهوٻي مان نسبتن تيزيءَ سان نڪري آيا. ڀارت جون سموريون وڏيون ٻوليون دستوري
طرح قومي ٻوليون ڪري مڃيون ويون. صوبائي حدون وري نروار ڪيون ويون، جيئن هر هڪ وڏي
لساني ٽولي کي هڪ رياست هجي، ۽ ڀارتي يونين جي هڪ وفاقي اڏاوت کي نظريي ۽ عمل
وسيلي مانُ ڏنو ويو.
اسين پاڪستان ۾ پنهنجي سماج جي گهڻ-قومي ڪردار (بيهڪ) جي
حقيقت کي قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍا ڍرا رهيا آهيون. پاڪستان جي نسلي ڌر-نُماءُ
(لئنڊ اسڪيپ) کي چٿي ميدو ڪرڻ جي ڪوشش رڳو لڪل نسلائپ کي وڌايو ۽ بنگلاديش جي
تخليق، بلوچستان ۾ سزائيندڙ عملن، ويجهڙ ماضيءَ تائين سرنديءَ وارن ڪجهه پختون
اڳواڻن جي اوجهڙ (اڪيلائپ)، ۽ مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ دائمي جهيڙي ڏانهن وٺي
وئي آهي. هاڻي، پنجيتاليهن ورهين ۽ ٽن
مارشل لائي حاڪمين کان پوءِ اسان جي سياست ۾ نسلي ڪاپو سڀ کان وڌيڪ سگهارو ڪپيندڙ
زور آهي.
اچو ته پاڪستان ۾ نسلي ٽوليبنديءَ جي فطرت تي هڪ مٿاڇري نظر وجهون.
عام طرح، هڪ نسلي ٽولو پيداوار آهي گڏيل ڪُڙمي (نسلي)، ثقافتي، تاريخي ۽ لساني
نينهن (حق) جي، جيڪو ماڻهو جي هڪ ٽولي ۾
خصوصي سڃاڻپ هجڻ جي پروڙ پيدا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ نسلي ٽوليبندي مکيه طرح لساني آهي، جڏهن ته ٻيا عنصر رڳو معمولي اهميت
وارا آهن.
پاڪستان ۾ نوَ وڏا (گهڻيءَ آبادي وارا) نسلي ٽولا
آهن جن ۾ راولپنڊيءَ جي سول
ڊويزن اندر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڳُتيل
آبادي رکڻ وارا پوٺوهاري ڳالهائيندڙ به شامل آهن. تنهن هوندي به، پوٺوهاري کي
1981ع واري سرڪاري آدمشماري ۾ ڳيڻو نه ويو آهي. ان آدمشماريءَ ۾ ڳڻيل
(ڄاڻايل) اٺ وڏا ٽولا پاڪستان ۾ ڪل آباديءَ جي سيڪڙي طور هن طرح آهن: پنجابي، پوٺوهارين سميت 48.17
سيڪڙو، پختون 13.15
سيڪڙو، سنڌي 11.77
سيڪڙو، سرائيڪي 9.84 سيڪڙو، اردو 7.6 سيڪڙو،
بلوچ 3.02 سيڪڙو، هندڪو 2.43 سيڪڙو ۽ بروهي 1.21 سيڪڙو.
لساني خاڪو
|
||||
|
بلوچستان
|
سنڌ
|
سرحد
|
پنجاب
|
پنجابي
|
2.24
|
7.29
|
1.10
|
78.68
|
پشتو
|
25.07
|
3.06
|
6.30
|
0.76
|
سنڌي
|
8.29
|
52.40
|
0.05
|
0.08
|
سرائيڪي
|
3.08
|
2.29
|
3.95
|
14.90
|
اردو
|
1.37
|
22.64
|
0.83
|
4.27
|
بلوچي
|
36.31
|
4.51
|
0.04
|
0.57
|
هندڪو
|
0.13
|
0.35
|
18.13
|
0.04
|
بروهي
|
20.68
|
1.08
|
0.13
|
0.01
|
وسيلو: آدمشماري 1981ع
|
لساني ٽولن جي صوبيدار
ورهاست (ڏسو خانو) وڌيڪ معناڀري نموني سمجهي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اسين پنهنجي ذهن ۾ نسلي ملاوت جا هيٺ ڄاڻايل پاسا رکي سوچيون:
1.
چئني مان
هر هڪ صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه تمام وڏا نسلي ٽولا آهن. بلوچستان ۾ ٽي آهن. هر هڪ ٽولو
پنهنجي صوبي ۾ هڪ نروازيل حد ۾ سرسي رکي ٿو (ڇانيل آهي) ۽ ڪن حالتن ۾ ته ٻي صوبي جي ويجهڙ واري ايراضيءَ ۾ به پکڙيل آهي.
2.
بلوچي
ڳالهائيندڙ ماڻهو بلوچستان جي آباديءَ جو ٽين پتيءَ کان ڪو ذرو ئي وڌيڪ آهن، جڏهن
ته سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو گهڻائيءَ جي جوکائتي سطح تي آهن جيڪا ٻين صوبن مان ڪجهه وڌيڪ
انساني وهڪ سان ڊهي سگهي ٿي (ڊاهي سگهجي ٿي).
3.
اردو
ڳالهائيندڙ ماڻهو جيتوڻيڪ سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل آهن پر سنڌ جي ٻن شهرن ۾ وڌيڪ ڳتيل
(رچيل) آهن.
4.
بلوچستان
کان سواءِ باقي هر صوبي ۾ ٻنهي وڏن لساني ٽولن مان هڪ (بنهه وڏو) ٻي کان ڳڻپ ۾
تمام وڌيڪ آهي.
5.
سنڌ ۽
بلوچستان ۾ ٻيو نمبر وڏا ٽولا (پهريون نمبر وڏن ٽولن کان) اقتصادي طرح اوچي سطح تي
آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ سرحد ۾ ٻيو نمبر ٽولا هيٺين اقتصادي سطح تي آهن.
پاڪستان جو نسلي ڏيک علائقائي طرح اقتصادي ترقيءَ جي مختلف
سطحن ۽ ڳنڍپ (ڪميونيڪيشن) ڄار جي ميسريءَ سان ٺهڪي اچي ٿو. سڀ کان وڌيڪ اسريل
(ترقي ڪيل) ايراضيون لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد جي وچ ۾ ٺهندڙ ٽڪنڊي ۾ ۽ ان جي
پسگردائيءَ ۾، ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي سول
ڊويزن ۾ موجود آهن. ان جي نتيجي ۾، غفلت
جي لحاظ سان مٿان کان هيٺ بروهڪي، بلوچي، سنڌي، هندڪو، پشتو، پوٺوهاري ۽ سرائيڪي
ڳالهائيندڙ ماڻهو آهن يعني انهن ستن ٽولن ۾ بروهڪي ڳالهائيندڙ سڀ کان وڌيڪ ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ سڀ کان گهٽ بي ڌيانيءَ (غفلت) جو شڪار ٿيل آهن. سرائيڪي ۽ پوٺوهاري ماڻهن کي
بهرحال ملتان ۽ راولپنڊيءَ ۾ هڪ هڪ
صنعتي سرگرميءَ جو مرڪز آهي. پشتو
ڳالهائيندڙن کي هاڻي گدونِ ۾
اسرندڙ مرڪز مليل آهي.
اهو عمل ئي وضاحت ڪري ٿو ته ڇو پوٺوهاري، پشتو ۽ هندڪو
ڳالهائيندڙ ماڻهو هٿياربند قوتن ۾ وڌيڪ آهن، ۽ ڇو انهن مان گهڻا روزگار جي ڳولا ۾
پنهنجين ايراضين کان ٻاهر هليا وڃن ٿا. بروهي، بلوچ، سنڌي ۽ سرائيڪي ماڻهن کي اهو
اختيار پڻ مليل آهي، پر اهو
رڳو هڪ لفظي امڪان آهي. سندن ڪجهه ايراضين ۾ ڳنڍپ (ڪميونيڪيشن) ڄار پوريءَ طرح غائب آهي، ۽ سندن باقي ايراضين ۾ ڳنڍپ ڄار جو دير سان
۽ اڻپوري واڌاري کين پنهنجن ڳوٺن کان ٻاهر نڪري باقي دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ کان رنڊائي
رکيو آهي. سندن اوجهڙ (نويڪلائپ، اڪيلائي) ۽ اڻ چرپر، جيئن هاڻي ڏسنداسون، سندن حياتين تي ٻين ڪيترن ئي نمونن سان پڻ اثرانداز ٿيون آهن.
نسلي ۽ اقتصادي ڏيکن مٿان سندن سماجي ڏيک به رکي سگهون ٿا،
جيڪو انهن ٻنهي ڏيکن سان ٺهڪي اچي ٿو. اهو هيئن ته اقتصادي طرح پوئتي پيل
ايراضيون، جن ۾ بروهي، بلوچي، هندڪو، پشتو ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، اڄ
ڏينهن تائين سماجي واڌاري جي انهن ڏاڪن تي رهن ٿا جيڪي قبيلائي کان وٺي جاگيرائي ۽
نيم- جاگيرائي تائين پهچن ٿا.
تنهنڪري،
جيڪڏهن ٽي نقشا (نسلي، اقتصادي ۽ سماجي) ٺاهيون ته انهن جو علائقي ڏيک مواد (ڳر)
جي حساب سان ساڳيو هوندو. اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ايراضيون (جن ۾ پوٺوهاري ۽
سرائيڪي ايراضي شامل ناهي) وڌيڪ ترقي ڪيل ۽ شهري آهن ۽ وٽن چڱو چوکو ۽ اثرائتو وچون طبقو به آهي ته اڻ ٻَڌو پورهيت طبقو به، جڏهن ته باقي پاڪستان (جنهن ۾ باقي بچيل لساني ٽولا رهن
ٿا) اڻ اسريل يا گهٽ اسريل آهي ۽ اهو پنهنجي سماجي بناوت ۾ قبيلائي، جاگيرائي يا نيم- جاگيرائي آهي.
ترقيءَ جي مختلف سطحن تي ۽ نسلي سڃاڻپن وسيلي ڌار ٿيل آهي. سماجي-اقتصادي
پرت مفادن جي حقيقي يا وهميل جهيڙي ۾ آهن ۽ اها حالت هڪ پاسي ڪنهن خاص ٽولي سان
واسطيداريءَ جو ۽ ٻي پاسي وري ٻين ٽولن کان
ڌاريائپ (اوپرائپ) جو مضبوط احساس پيدا ڪري ٿي. اهو ئي ڪجهه نسلائپ بابت چئي سگهجي
ٿو.
تيزيءَ سان
وڌندڙ آبادي ۽ ڍري ۽ اڻ برابر اقتصادي ترقي اهو ئي
ڪجهه آهي، جيڪو اڳيان ايندڙ آئيندي بابت چئي سگهجي ٿو، جيڪو ورهاست کي اڃا به وڌائيندو.
وڌندڙ اوپرائپ کي ويساهه-لائق نموني ميسارڻ جو ڍنگ (مواد) نه هجڻ ڪري نسلي ڇڪتاڻون ايندڙ ورهين ۾ اڃا به سگهاريون ٿيڻ واريون آهن. اسين ته
پوٺوهاري نسلائپ جو اڀرڻ به ڏسي سگهون ٿا جيڪا هاڻي ان ايراضيءَ جي ماڻهن جو هٿياربند
قوتن ۾ هجڻ جي ڪري دٻي پئي آهي.
اڻ برابر
اقتصادي ترقيءَ جا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته،
تاريخي ۽ جاگرافيائي سبب آهن، پر
گذريل 40-ورهين ۾ رٿابند ترقي به ورثي ۾ مليل اهنجن (کوٽن) جون ڪرڙايون ختم نه ڪري
سگهي آهي. ترقيءَ جي اڻهوند قبيلائي-جاگيرائي ثقافت ڏانهن هڪ اڻ سوچيل لاپو (ليز) پڻ وڌايو آهي ۽ ٻنهي گڏجي پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ آباديءَ جي
سماجي، اقتصادي حياتيءَ کي گذريل صديءَ جي ڪنهن ڏاڪي تي بيهاري ڇڏيو آهي.
اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿو ٿئي جو نراسيءَ جي ٻنهي، اقتصادي ۽
سماجي سببن جو علاج ساڳي ئي نسخي سان ڪيو وڃي ٿو. اقتصادي پسماندگي ۽ قبيلائي-جاگيرائي
ثقافت جا ٽي وڏا دشمن آهن: روڊ
(رستا)، تعليم (پڙهائي) ۽ هُنر. اهي ٽئي ڪجهه اهڙي قسم جي چرپر پيدا ڪن ٿا جيڪا بيهڪ ۽ جمود کي کائي وڃي ٿي. روڊ رستا ماڻهن ۽ سامان جي
چرپر ممڪن ڪن ٿا، تعليم، پڙهائي مختلف خيالن (سوچن) جي چرپر کان واقف ڪري ٿي ۽ هنر
ڌنڌي ۾ چرپر آڻن ٿا، جنهنڪري
هارين کي هڪ ڌنڌي ۽ هڪ ئي دنڌو-ڏيندڙ جي ٻنڌڻن کان آجپو ملي ٿو.
سماجي تبديليءَ جون، بنا ڪنهن انقلابي اُڀار جي، اهڙيون ئي مهربان ابتدائون آهن، پر
سماجي تبديليءَ جي هنن بنيادي گهرجن
ــــــ رستن، پڙهائي ۽ هنرن
ــــــ مان ڪنهن هڪ تي به گهربل ڌيان نه ڌريو ويو آهي. حقيقت ۾
اسان جي سماجي-اقتصادي رٿابنديءَ ۾ اهي
شعبا سڀ کان وڌيڪ بي ڌيانيءَ جو شڪار رهيا آهن.
پٺتي پيل ايراضين ۾ رستن جي ڄار جي زبري کوٽ پت ڪرڻ جهڙي ئي
ناهي. زراعت بابت قومي ڪميشن ڳوٺاڻن علائقن ۾ روڊن جي کوٽ جو ڪاٿو ڪيو ته اها 2-لک 50-هزار ڪلوميٽر ٿيندي. اها کوٽ سڄي ملڪ ۾ موجود روڊن جي ڊيگهه
1-لک 40-هزار ۽ 77 ڪلوميٽرن کان به گهڻي ڊگهي آهي.
سمورين دعوائن ۽ سڀني ڪاٿن جي ابتڙ تعليم جي شرح 1981ع کان پوءِ، جڏهن گذريل آدمشماري ڪئي وئي، شايد ئي بهتر ٿي هجي.
آدمشماريءَ موجب مختلف صوبن جي وچ ۾ ڀيٽ ۽
صوبن اندر شهري ۽ ڳوٺاڻي ايراضين ۾ ڀيٽ پڙهيل آباديءَ جي سيڪڙو انگن ۾ هيٺين طرح
هئي:
|
شهري
|
ڳوٺاڻي
|
سنڌ
|
31.4
|
15.6
|
پنجاب
|
27.4
|
20.0
|
اتر اولهه سرحدي صوبو
|
16.7
|
13.2
|
بلوچستان
|
10.3
|
6.2
|
شايد اڃا
وڌيڪ تفصيلن ۾ وڃڻ سان خبر پوندي ته خود پنجاب اندر پوٺوهار ۽ سرائيڪي ايراضين ۾
تعليمي شرح سنڌ ۽ سرحد ۾ موجود حالت کان بهتر ناهي. اهو سمجهندي ته اسان وٽ پڙهيل
هجڻ بابت ڏاڍو مٿاڇڙو (ڇڙواڳ) ۽ لچڪيدار تصور آهي، هڪ ماڻهو چئي سگهي ٿو ته ڳوٺاڻن
علائقن ۾ مرداڻي آباديءَ جي 5 سيڪڙو کان
وڌيڪ ڳڻپ اخبار نه پڙهي سگهندي.
ٽنهي جزن مان آخري
ــــــ هنرن ـــــ بابت
ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ته انهن تي اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. خصوصاً ڳوٺاڻن علائقن ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان جو ته ماڻهن پاڻ ئي بلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڳڻپ مهل (1992-1991)
ملڪ ۾ 930-ووڪيشنل انسٽيٽيوشن (ڌنڌيوَر ادارا) هئا. ان جي ڪري ضرورت قبيلائي-جاگيرائي ثقافت کي گهوگهو تنگ ٿيو
هوندو، ڇو ته ڳوٺاڻين ايراضين ۾ ماڻهو بندش ۾ رهن ٿا، جنهنڪري پنهنجي مرضيءَ جو ڌنڌو چونڊڻ جي اڻهوند آهي.
جيئن ته ٽيڪس هاليڊي جي ڀيٽ ۾ صنعتي-ٿيڻ لاءِ روڊن ۽ هنرمندن جي
موجودي وڌيڪ هرکائيندڙ آهي، ان ڪري هر هڪ سمجهي سگهي ٿو ته هاڻوڪيون پوئتي پيل
ايراضيون اقتصادي بهتريءَ ڏانهن
ڪا بامقصد راهه جوڙي سگهڻ لائق ناهن. حقيقت ۾
انهن کوٽن جي ڪري خود پٺتي پيل ايراضين ۾ زرعي شعبو به بيهجي ويندو. اهو سڀ ڪجهه نراسيءَ
جي احساس ۾ واڌ ئي آڻيندو، جيڪا سياست ۾ نسلائپ جي پٺيان اهم چورڻي سگهه آهي.
آخر ۾، نسلي جهيڙي جو سياسي ۽ انتظامي پهلُو. هاڻي اهو سڄيءَ دنيا تي پڌرو ٿي پيو آهي ته هڪ گهڻ-قومي رياست رڳو وفاقي سرشتي هيٺ ئي جيئي سگهي ٿي، ۽
هڪ وفاقي سرشتو صحيح نموني ڪم رڳو جمهوري قدرن هيٺ ئي ڪري سگهي ٿو. اسان جمهوري
ادارن کي هر هر پئي ڊاٿو ۽ بي عزت ڪيو آهي، ۽ ڪڏهن به وفاقي سرشتي تي ڪم ڪرڻ لائق
نه رهيا آهيون. گذريل 45-ورهين دوران هڪ ڏينهن لاءِ به نه.
هاڻي انهن ناڪامين جي ڪري اڀري آيل براين وڌڻ ويجهڻ شروع
ڪيو آهي. هر شيءِ ــــــ دستوري
جوڙجڪ کان انتظامي بندوبستن تائين ـــــ بابت سوال پڇيا (اعتراض ڪيا) پيا وڃن. حقيقت ۾ پاڪستان جي بنيادي تصور بابت
سرحد، بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقائي قومپرستن پاران سوال ڪيا پيا وڃن. ممڪن آهي ته اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ
ماڻهن ۾ پڻ ڪي شڪُيار ماڻهو موجود هجن
پر انهن جون سوچون اوطاقن ۽ هوٽلن جي ڀتين کان ٻاهر نه ٻڌيون ويون آهن.
تڏهن به، پاڪستان
جي سالميت کي ڪو سخت جوکو ناهي، پر صوبن
جي سالميت صوبن جي اقليتن پاران مختلف شدتون رکندڙ داٻن هيٺ آهي. اڪيلو حل، نوان
صوبا خلقڻ کان (ڪجهه) گهٽ، اهو آهي ته سول ڊويزن جي سطح تي خودمختيار چونڊيل
حڪومتون متعارف ڪرايون وڃن جيڪي اتفاق سان نسلي ڊويزنن سان ٺهڪي اچن ٿيون.
مرڪز کان وٺي صوبائي سطح تي ۽ پڻ صوبائي کان ڊويزن سطح تي اختيارن جي سپردگي
هجي. ان کان پوءِ صوبن ۽ ڊويزنن کي سندن
قانوني دائرن ۾ آزاديءَ سان ڪرت ڪرڻ ڏني وڃي. ان بلي کي نه رڳو نظريي پر عمل ۾ به
مانُ ڏيڻو آهي، ڇو ته وفاق ۽ صوبن کي بچائڻ جو اهو ئي اڪيلو دستوري ۽ سياسي رستو
آهي.
(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 12 ڊسمبر 1992ع)
No comments:
Post a Comment