ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ جي لوڪ ادب ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آکاڻيون ملن ٿيون جن ۾
ڄاڻايل هوندو آهي ته علم ۽ عمل (هنر) ورثي ۾ منتقل ٿيندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ
ڪنهن علم واري اڪابر جهڙوڪ بادشاهه جي وزير جو، خاص طرح پُٽ، ڪنهن بُهري ۾ رکي ڄٽ
دائيءَ وسيلي پالڻ جو ذڪر ڪندي، ان کي اُتان ڀَڄرائي، پوءِ ڪا نه ڪا اهڙي ڳجهارت
سَليندي ڏيکاريو ويندو آهي جيڪا بادشاهه به سنئين ڪري نه سگهيو هجي.
ڪجهه بادشاهن جي حوالي سان اها ڳالهه به ڪئي ويندي پئي رهي
آهي ته دنيا جي پهرين ٻوليءَ جي کوجنا لاءِ ڪنهن ٻار کي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ پاليو
ويو ۽ ان ٻار جيڪو پهريون لفظ ڳالهايو اهو جاچيو ويو ته ڪهڙي ٻوليءَ جو هو ۽ پوءِ
ٻڌايو ويو ته ترڪ ٻوليءَ جي ماءُ دنيا جي پهرين ٻولي هئي.
تازو ئي اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته هٽلر جي ڏوهٽي پنهنجي ناني
وارو نسلي برتريءَ جو نعرو هڻي سياست جي ميدان ۾ ڪاهي پئي آهي. هوءَ نازِيمت (نازي
ازم) کي نئين سر جيئارڻ گهري ٿي. نئين نازيمت جا پوئلڳ اڄ ڪلهه جرمنيءَ ۾ رت وهائڻ
۽ دهشت پکيڙڻ جون ڪاروايون ڪندا رهن ٿا.
جپان ۽ برطانيا جو مثال اڄ به اکين سامهون آهي، جنهن ۾
بادشاهي ورثي ۾منتقل ٿئي ٿي ۽ بادشاهت جو وارث پيدا ڪرڻ لاءِ تمام هوشياريءَ سان
”نسل جي پاڪائيءَ“ جو خيال رکيو وڃي ٿو.
تاريخي طرح جيڪي به بادشاهه ٿي گذريا آهن اڪثر ڪري انهن جو
اولاد پنهنجي پيءُ جي تخت جو وارث قرار ڏنو پئي ويو آهي.
پنهنجي پنهنجي دَور ۾ جن به جنگبازن ڀرپاسي وارن ملڪن تي
ڪاهون ڪري، ڦري ماري پنهنجون سلطنتون قائم ڪيون ۽ پاڻ بنا ڪنهن ”غير خانداني“ سازش
وسيلي مُئا، انهن جو اولاد سڄيءَ سلطنت جو وارث ٿي ويٺو.
تاريخ ۾ جيڪي به ڊڪٽيٽر ٿي گذريا آهن انهن مان اڪثر جي
اولاد پنهنجي پيءُ جي تخت ۽ بخت جي وارث ٿيڻ جي دعوا پئي ڪئي آهي.
لڳ ڀڳ سڀني جاگيردارن ۽ ٻي ملڪيت وارن جي اولاد پنهنجي
پنهنجي پيءُ جي جاگير ۽ راڄ ڀاڳ يا ملڪيت تي وارثي پئي ڄمائي آهي.
حقيقت اها آهي ته بادشاهت يا شهنشاهت ۽ سلطنت جي وارثي
جاگيردارڪي پيداواري سرشتي جو مٿيون ڍانچو آهي جنهن ۾ جاگيردار ۽ سندس راڄ چٽي
صورت ۾ نظر ايندا. ان ئي سرشتي ورثي ۾ مال جي منتقلي کي پڪي پختي ۽ قانوني شڪل
ڏني. گذريل ٻن هزار سالن کان سڄيءَ دنيا ۾ وراثت جي قانون وڏا خون خرابا ڪرايا آهن
۽ لکين گهريلو (خانداني) سازشن کي جنم ڏنو آهي.
جتي به جاگيردار ثقافت جا اثر نمايان رهيا آهن يا هن وقت به
ڪجهه اثرائتا آهن اتي خاص طرح سياسي عمل ۾ اهو لاڙو به نظر اچي ٿو ته سياستدان جو
اولاد يا زال پاڻ کي پنهنجي پيءُ جو جانشين سمجھي ۽ سڏائي. سياست ۽ پارٽي به انهن
جهڙوڪر جاگير سمجھي يا ملڪيت سمجھي رکي آهي. برما کان وٺي بنگال ۽ سلون کان ٿيندي
پاڪستان تائين ان جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا.
ان ڳالهه کي ٿورو ٻي نموني وڌيڪ چِٽو ڪري سگهجي ٿو.
جتي به جمهوري سرشتو رائج آهي ۽ حڪومت توڙي پارٽي اندر
جمهوري اصولن جي پاسداري ڪئي وڃي ٿي اتي ورلي ڪو اهڙو مثال ملندو جنهن ۾ سياسي
پارٽيءَ جي اڳواڻ جي اولاد يا زال پاڻ کي ساڳيءَ جاءِ تي رکڻ، مڙهڻ يا قبضو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي هجي. برطانيا جي وزيراعظم ونسٽن چرچل ۽ اميريڪا جي صدر ڪينيڊي جو مثال
آڏو آڻي سگهجي ٿو. ٻئي پنهنجي پنهنجي دَور ۽ ملڪ جا پسنديده شخص هئا، ٻئي اڳواڻ
هئا، ٻئي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي اهم ترين عهدن تي آيا ۽ ڪيترائي نمايان ڪارناما
سرانجام ڏنائون پر سندن موت پڄاڻان سندن زالن يا اولاد مان ڪنهن به فرد سياسي
وارثيءَ جو هوڪو نه ڏنو. اهي پارٽيون به موجود آهن ته انهن جي حڪومت به ايندي
ويندي رهي ٿي. ڇا هتي واجبي طرح اهو سوال نه ٿو پڇي سگهجي ته ايئن ڇو آهي؟
علم، فن ۽ هنر جي دنيا ۾ ته مثال ئي يگانا آهن. ڪهڙا ڪهڙا ۽
ڪيڏي نه وڏي پائي جا عالم، فنڪار ۽ هنرمند ٿي گذريا آهن! انهن مان ڪجهه کان سواءِ
باقي سڀني کي زالون به هيون ته اولاد به هو. ڇا ڪا به زال يا ڪو به پُٽ يا ڌيءُ
اهڙو سجهيوَ جنهن پنهنجي مڙس يا پيءُ جي ”انهيءَ ملڪيت“ جي وارثيءَ جي دعوا ڪئي
هجي؟
سقراط جو پٽ سيني تي هٿ هڻي چوي ها نه، ته ”آءٌ پنهنجي پيءُ
جي ڏاهپ جو وارث آهيان!“ مارڪس جي ڪا ڌيءَ به اهڙا ئي لفظ چئي سگهي پئي. مائو
زي-تنگ جي زال به دعوا ڪري سگهي ها. پڪاسو جا پويان به هام هڻي ٿي سگهيا. انهيءَ ۾
ڪو شڪ ناهي ته ڪي شاگرد پنهنجن استادن کان به گوءِ کڻي ويا پر هن سوال کي ٻي نموني
سان به بيان ڪري سگهجي ٿو، يعني تاريخ ۾ جن به شاندار علمي، فني ۽ هنري ڪارناما
سرانجام ڏنا آهن ڇا انهن جا بومان (ابو امڙ، والدين، Parents) به سندن جيڏا يا انهن کان وڌ يا گھٽ
عالم، فنڪار ۽ هنرمند هئا؟
علم، فن، هنر ۽ جمهوري سياسي پارٽين جي حوالي سان مٿي پڇيل
سڀني سوالن جا جواب جيڪڏهن وراثت جي منتقليءَ بابت ”نه“ ۾ جواب ڏين ٿا ته پوءِ
بجاءِ طور ٻه سوال وڌيڪ پڇي سگهجن ٿا:
1. جتي ذاتي ملڪيت جو رواج آهي (ذاتي ملڪيت واري يعني
طبقاتي سماج ۾ اتي) وراثت ۾ ملڪيت ڇو پونيرن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي؟
2. جتي سياست ۾ ڊڪٽيٽري يا هڪ هٽي آهي، اتي سياسي وراثت جي
هام ڇو ٿي هنئي وڃي؟
سنڌ ۾ پيداواري نظام طور جاگيردار پيداواري طريقو ڇانيل
آهي، تنهنڪري مٿين ڍانچي ۾ به جاگيري اثر نمايان آهن. سنڌي عوام جي گذريل ڏهاڪي
واري جمهوري جدوجهد[1]
جاگيرداريءَ جي بالاتر حيثيت کي ڦَٽي ان ۾ ڦاٽ وجھي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ هوري هوري
وڌندڙ صنعتڪاري جمهوري جدوجهد کي طاقتور بڻائيندي ويندي ۽ جيئن جيئن جمهوري جدوجهد
زور وٺندي ويندي تيئن تيئن جاگيردارڪا ثقافتي اثر به ٽٽندا ويندا. ڪجھ عرصو اڳ
تائين جاگيردار ۽ ان جي سرشتي کي طاقتور بڻائيندڙ ملا، پير ۽ مرشد جڏهن به چونڊون
ٿينديون هيون، ووٽرن کي گهرائي، ڌڙڪي ۽ دهمان سان ووٽ وٺندو هو. 1988ع ۽ 1990ع
وارين چونڊن ثابت ڪيو آهي ته جاگيري ثقافت جي پيٽ ۾ خنجر لڳي چڪو آهي. 1993ع جي
چونڊن ۾ آيل اميدوارن جي فهرست ٻه سبق ٻڌائي ٿي ته جاگيردار مُئي مارائي بنا پچر
نه ڇڏيندو ۽ ٻيو ته جمهوري قوتون طاقتور ٿينديون پيون وڃن.
اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي سياستدان پنهنجيءَ سياست ۾ حقيقتن يا
بظاهر ناڪام ويا آهن، انهن مان جيڪي جاگيردار آهن انهن جو اولاد سياست ۾ به آهي (۽
پنهنجي پيءُ جي سياست جي ڪجهه نه ڪجهه صفائي به پيش ڪري ٿو) پر ان جي پوئلڳيءَ يا
وراثت جي دعوا نه ٿو ڪري. البت جيڪي اڳواڻ پنهنجيءَ سياست ۾ ڪامياب رهيا آهن انهن
جي اولاد سياسي ورثي جي به دعوا ڪئي آهي، جن مان ٻه مثال وڌيڪ چِٽا آهن ـــــــ
شهيد عوام محمد فاضل راهوءَ جو اولاد ۽ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو
اولاد.
محمد اسماعيل راهو پنهنجي پيءُ جي سياسي وراثت جون ڳالهيون
پئي ڪيون آهن. فاضل صاحب جي سياست جيڏي وڌيڪ وطن دوست، عوامي، جمهوري ۽ انقلابي ۽
ان سان گڏ باعمل ۽ وفادار هئي، تيڏي ئي اسماعيل صاحب جي سياست ان جي نفي ڪندڙ آهي.
فاضل سنڌ جي سياسي اُڀ جو سڀ کان سهڻو تارو هو ۽ هي اونداهي ڌرتيءَ جو اجهاميل
ڪوئلو. هتي فاضل جي سياست تي تفصيلي ڳالهائڻ جو مناسب موقعو ناهي البت ايترو چئي
سگھجي ٿو ته اسماعيل صاحب پنهنجي سياسي وراثت واري دعوا سبب فاضل جي عاليشان سياست
کي گندو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ــــــ فاضل جو ٻيو پٽ ان عمل ۾ ساڻس سهڪاري
آهي.
بينظير صاحبه پنهنجي پيءُ جي سياسي وراثت جون ڳالهيون پئي
ڪيون هيون. سامراجي مومن جنرل جو اونداهو راڄ هو. ڀُٽي صاحب جا لڳ ڀڳ سمورا
جاگيردار شيدائي با ادب با ملاحظه ان سان گڏ هئا. وراثت جي دعوا هن کي ٺهيل ٺڪيل
مارشل لا مخالف عوامي قوت پليٽ ۾ سينگاري پيش ڪئي، پر ان کان به وڌيڪ سندس پنهنجو
۽ سندس ماءُ نصرت ڀٽو صاحبه جو اهو پختو، جمهوري، جوشيلو ۽ مارشل لا مخالف عمل ۽
ٻيون سوين سماجي حالتون ئي هيون جن بينظير صاحبه جي سياسي اڳواڻيءَ کي پختو ڪيو.
ڀٽو صاحب پاڻ به فوجي ڊڪٽيٽر خلاف عمل ۾ اچڻ جي ڪري هڪ نمايان حيثيت والاري بيٺو
هو. ڀٽي صاحب کي طاقتور بڻائيندڙ ٽي عنصر ٻيا به هئا ــــــ پهريون، هو جاگيردار
طبقي مان هو. ٻيو، حڪمران ٿي رهيو هو ۽ ٽيون، ماڻهو فوجي ڊڪٽيٽري مان بيزار ٿي چڪا
هئا ۽ کين ڀُٽي صاحب جي جمهوري نعري وڏيون ايماني قوتون بخشيون. 1988ع کان پوءِ، ڀُٽي
صاحب جي شهادت جي چيڪ ڪئش ڪرائڻ کان پوءِ، بينظير صاحبه پنهنجي ماءُ جي سهڪار سان جيڪا
سياست ڪئي آهي، ان ۾ ڀُٽي صاحب جو وجود هڪ سياسي تمغو آهي، هڪ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي،
باقي سڀ ڪجهه هن ماءُ-ڌيءُ جو ڪردار آهي. هاڻي شهيد ڀُٽي جو نالو ايئن آهي جيئن
ڀٽي صاحب جي سياست ۽ ضياءَ جي حڪومت ۾ اسلام جو نعرو هو.
1993ع جي چونڊن جو چَوٻول شروع ٿيندي ئي ڀتين تي ڪجهه پوسٽر
چنبڙايا ويا آهن جن ۾ شهيد ڀُٽي صاحب جو سياسي وارث مير مرتضى ڀُٽي کي ڄاڻايو ويو
آهي. اهو پوسٽر ئي هيءُ مضمون لکرائڻ جو ڪارڻ ٿيو.
مير مرتضى ڀُٽي صاحب سنڌ جي 17-صوبائي ۽ 6-قومي سيٽن تي
فارم ڀرايو آهي. ٽن اخبارن کي ٽيليفونڪ انٽرويو ڏئي چڪو آهي. سندس نمائندگي ڪندڙن
۾ سندس ماءُ، سندس گھر واري ۽ سبڪ مجيد نالي دوست نمايان آهن ۽ ڪارڪن ميدان ۾
ورڪنگ ڪاميٽي آهي.
ڪنهن زماني ۾ ۽ اڄ به دشمن جي مخالف به ماڻهوءَ جي ڪردار جو
هڪ ماڻ هئي. مخالفت ڪندڙ دشمن جيڪو وڌيڪ ڪمينو ۽ بدمعاش اوترو ئي هو وڌيڪ سورهيه ۽
سرواڻ. پر افسوس جو مير مرتضى جي سلسلي ۾ اهو تصور پوريءَ طرح ٺهي نه سگهيو. هونئن
ته ملڪ کان ٻاهر رهي هلايل جدوجهد به ڪيترن ئي اڳواڻن کي سرواڻ سورهيه بڻائي ڇڏيو
آهي، جيئن خميني هو يا ڪجهه عرصو بينظير صاحبه جو ٻاهر رهڻ هو، پر مير مرتضى کي
وڏو ڌڪ ان ڪري لڳو جو سامراجي مومن جنرل جي مخالف پروپيگنڊه مضبوط هئي ۽ ان کي مير
مرتضى جي ڪجھ عملن خاص ڪري جهاز کي اغوا ڪري افغانستان ۾ لاهڻ کان پوءِ مرتضى جي
اقراري تقرير، ورڪنگ ڪاميٽي جي عوام کان ڪٽيل نسبتن غير جمهوري رويي ۽ بينظير
صاحبه ۽ نصرت صاحبه جي ملڪ ۾ موجوديءَ، جمهوري سياسي عمل ۾ دلير اڳواڻيءَ ۽ گذريل
چونڊن ۾ سندس لاتعلقيءَ ۽ سندس ڀيڻ ۽ ماءُ پاران سياسي جوڙ توڙ يا گھٽ وڌائيءَ ۾
باعمل ڪردار ڪمزور ڪري ڇڏيو.
ان ڪري اڄ جڏهن سياسي وراثت جي ڳالهه ميدان تي آئي آهي تڏهن
اها هڪ وڏو سواليه نشان ٿي پئي آهي ـــــــ ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا ۽ ڇا
وڏڙن جي علم ۽ عمل تي وارثيءَ جي دعوا ڪري سگهجي ٿي؟
اچو ته تاريخ جي انتهائي اهم ڪجھ نالن کي ياد ڪيون ۽ ڏسون
ته ڇا انهن مان ڪنهن هڪ به پنهنجي بومان کان ملندڙ ذهني ورثي جي ڳالهه ڪئي آهي.
اناگرينس، اناگزاماندر، آرڪمڊيز، سقراط، افلاطون، ارسطو،
ايپيڪيورس، ٽالمي، جابر بن حيان، وغيره.
انهن مان ڪنهن به، نه ته پنهنجي بومان کان ملندڙ علمي، هنري
يا فني ورثي جي ڳالهه ڪئي ۽ نه ئي وري منجھانئن جن جي شادي ٿيل هئي ۽/يا کين اولد
به هو تن جي پونيرن پنهنجن وڏڙن جي علمي، هنري، فني ۽ شخصي لياقتن جي ورثي ۾ منتقل
ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. ها، ايئن ضرور ٿيو آهي ته شاگرد، پوءِ ڀلي پُٽ هجي، پنهنجي
استاد کان به گوءِ کڻي ويو آهي ۽ هن فخر سان اقرار ڪيو آهي ته هو فلاڻي يا فلاڻي فلاڻي
جو شاگرد آهي.
هتي فطري طرح هڪ سوال اڀري ٿو ته نيٺ ڪهڙو سبب آهي جو ٻي ته
ڪنهن به علمي شعبي ۾ وراثت جي مالڪيءَ يا منتقليءَ جي دعوا نه ٿي ٿئي پر سياست ۾
ٿئي ٿي ۽ اها به تڏهن جڏهن سياست نسبتن سوڀاري يا اقتداري رهي هجي.
منهنجو خيال آهي ته هن سوال جو جواب سڌو، سادو، کليل ۽ سمجھ
۾ ايندڙ آهي.
علم، فن، هنر ۽ شخصي ڪردار جي وارثيءَ لاءِ لازم آهي ته
ماڻهوءَ ۾ اهي لياقتون اتم درجي موجود هجن تڏهن ئي وارثيءَ جي هام هڻڻ لائق ٿي
سگهندو. جيئن ته علمي، فني، هنري ۽ شخصي ڪردار جي اصولي ڀيٽ ۽ پرک ڪري سگھجي ٿي،
نعري، هلڙبازيءَ ۽ انڌي عقيدي پرستيءَ بدران ٺوس علمي بنيادن تي ٿئي ٿي تنهنڪري
انهن شعبن ۾ وراثت جي ڳالهه ڪري سگھڻ جي جرئت به نه ڪئي وئي آهي.
سياست ۾ وراثت جي ڳالهه ان ڪري ٿئي ٿي جو ان ۾ هن وقت تائين
ٺوس بنيادن تي حساب ڪتاب ۽ پرک جو رواج نه پيو آهي، هلڙبازيءَ ۽ عقيدي پرستيءَ وسيلي
ڪم ٽپائي سگهجي ٿو ۽ وڏي ڳالهه ته ”مفت“ ۾ ليڊري ۽/يا اقتدار جو چشڪو وٺي سگهجي
ٿو، بلڪل ايئن جيئن ذاتي ملڪيت جي منتقليءَ وسيلي بنا پورهئي عياشي ميسر ٿيو وڃي.
اصولن ٿيڻ ايئن گھرجي ته ڪنهن به پونير کي پنهنجن وڏڙن جي
ڪنهن به شيءِ تي وراثت جو حق نه هجڻ گھرجي ــــــ جنهن وٽ پنهنجي شخصي ڏاهپ ۽ ڏات
هوندي اهو ئي گھربل شعبي ۾ خودبخود ”وارث“ (سنڀاليندڙ) سمجھيو ويندو جيئن مارڪس ۽
اينجلس جي ورثي جو سنڀاليندڙ لينن هو يا اڳوڻن جو علم، فن ۽ هنر، اڄوڪن جو علمي،
فني ۽ هنري ورثو آهي.
حقيقت اها آهي ته ذاتي ملڪيت تي به وراثت نه هجڻ گھرجي. اها
به طبقاتي سماج جي بدمعاشي آهي جو وڏڙن جي ملڪيت تي دعوا ڪئي وڃي ٿي، باقي ذهانت ۽
عمل تي وارثي ته مورڳو جهالت ئي نه، ڌوڪي بازي آهي.
(1993ع ۾ لکيل)
No comments:
Post a Comment