ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون
۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟
ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍا اڪيلا اڪيلا هوندا آهن، هڪ اهڙي جواريءَ جيان، جيڪو
پنهنجو سڀ ڪجهه هارائي چڪو هجي، جيئن ولر کان وڇڙيل ويل، ڀٽڪيل ڪونج. اهڙا ماڻهو پنهنجي اڪيلائپ ۽ پنهنجو پاڻ سان چرين
جيان ويٺا ڳالهيون ڪندا آهن. الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ــــــ اڻکٽ، اڻپورين آرزوئن جون، بي مقصد، خيالي پلائن سان ڀريل
واريءَ جي محلن جهڙيون ڳالهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن سندن ذهن م ڪا اهڙي به ڳالهه اچي
گذري ويندي آهي جيڪا عام طرح ڪو نه سوچي ويندي آهي. هڪ پاڳل پنهنجي اڪيلائپ سان
ڳالهيون ڪندي ڪندي اوچتو سوچيو ته هڪ انسان جا ڪيترا روپ آهن؟ انساني ڪردار جا ڪيترا روپ آهن ۽ مون ۾ انهن مان ڪيترا روپ
موجود آهن؟ ڇا هر هڪ انسان روپي ٿيندو آهي؟ ڇا هر هڪ ماڻهو پنهنجي اصلي مُنهن تي هڪ نقلي مُنهن چاڙهي
گهمندو آهي؟ ڇا انسان ائين رهي نه ٿو
سگهي جيئن هو حقيقت ۾ آهي؟ ڇا اسين
انساني جا سڀ روپ ڏسي سگهون ٿا؟ انسان
جو جيڪو ڪجهه ڪردار ڏسون ٿا يا ڄاڻون ٿا، ڇا واقعي اهوئي هن جو حقيقي روپ آهي؟ اسين جو روزانو ڪيترائي ڌوڪا کائيندا رهون ٿا ته ڇا انساني ڪردار جي پرک ۾
ڌوڪو کائي نه ٿا سگهون يا غلط انداز ۾ سوچي نه ٿا سگهون؟ ڇا منهنجا به ڪيترائي روپ آهن، منهنجا ڪهڙا روپ آهن ۽ ڇو
آهن...؟
سُٺو، سورهيه، سورمو، سچار، سهڻو، سَهِڻو، صحيح، ثابت قدم، سخي، سياڻو، سمجهدار، سِڪايل، سِڪندڙ، سُچيت، ڀلو، ڀوتار، ڏاهو، ڏاتار، جنوني، جذباتي، جوشيلو، جمهوريت پسند، انقلابي، اشراف، انصاف پسند،
عقلمند، عزتن جو نگهبان، ذهين، دهريو، ڪميونسٽ، قوم پرست، ماريل، مظلوم، محڪوم،
محبوب، محبت ڪندڙ، پيارو، پيار ڀريو، وطن دوست، طبقي پرست، ڦريل، پيڙيل، تنگدست،
تنهائي پسند، تنگدل، سنگدل، ساڙيلو، گيدي، گوال، چغل، چاپلوس، چور، جِي حضوري، جاهل، بيوقوف، بزدل، ڀاڙي، ڪانئر، ڪِنو، ڪنجوس،
ڪمينو، ڪدورت ڀريو، ڪُوڙو، قاتل، هوڏي، هٿ ڦاڙ، حاڪم، ڏنگو، ڏڦيري، ڏوهاري، مهوسي، مجوسي، وحشي، وائڙو، لوسي، لچ، لوفر، لٽيرو، اٻوجهه،
اٻهرو، عزتن جو کيڏاري، نشئي، نڪمو، زاني، ٺڳ، فريبي، ڌوڪي باز، ڌاڙيل، ڦورو،
ظالم، ڊڄڻو، وغيره... ڇا هي سڀ انساني ڪردار جا روپ نه آهن؟ ڪي ڪي ته اهڙا روپ آهن
جيڪي سڌو سنئون جذبن سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن جو تاثير اهڙو ته گهرو آهي جو موجوده
وقت تائين انسانذات جي ايجاد ڪيل لفظن ۾ انهن کي بيان به ڪري نه ٿو سگهجي. پيار ته
هر ڪو ڪري ٿو، بيان ته ڪري ڏيکاري. ڪن احساسن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڃا مناسب لفظ به ڪو ٺهيا آهن. مثال طور... جڏهن آءٌ ڪنهن ناول ۾ يا فلم ۾ ڪا اهڙي صورتحال ڏسندو آهيان جڏهن
پاڻ ۾ ڪو به پيار ڀريو رشتو رکندڙ ڊگهي عرصي لاءِ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا هجن ۽ پوءِ
ڪن حالتن جي ڪري هڪ ٻئي جي ويجهو ته آيا هجن پر هڪ ٻئي کي ان پراڻي حيثيت ۾ نه
سڃاڻندا هجن، وڏي ڳالهه اها جو نئين صورتحال ۾ کين هڪ ٻئي سان بي پناهه پيار هجي
تڏهن منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو تري ايندا آهن ۽ اندر ۾ سيانڊيون ڇو اڀرنديون آهن، جڏهن ڪنهن لاچار انسان جي چيچلائي
چيچلائي مرڻ جي باري ۾ ٻڌندو آهيان تڏهن پنهنجي اندر ۾ هڪ چڀڪو ڇو محسوس ڪندو
آهيان، جڏهن ڪنهن کي مايوس، محروم، اُٻاڻڪو ۽ اداس ڏسندو آهيان تڏهن ان جو ڏک مون کي پنهنجو ڏک ڇو پيو ڀانئبو آهي، جڏهن ڪنهن ابهم ٻارڙي جو
مرجهايل مُک ڏسندو آهيان تڏهن مون کي ائين ڇو محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻڪ گلن کان مرڪڻ
وسري ويو آهي ۽ ڪائنات جي رونق فنا ٿي وئي آهي. هر هڪ انسان وٽ اها حسرت ڇو آهي ته
ڪو ٻيو کيس پسند ڪري، کيس چاهي، کيس پيار ڪري؟ ڀلا هو ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي باري
۾ اهڙو احساس ڇو محسوس ڪندو آهي جنهن کي لفظن ۾ ته بيان ڪري نه سگهندو آهي پر سندس
اکيون ۽ انگ انگ پيو ٻوليندو آهي ته مون کي توسان پيار آهي؟ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کان
مون کي نفرت ڇو ٿي محسوس ٿئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه بهار جي بوءِ ڇو ٿي اچي،
ڪنهن ماڻهوءَ جي موت جو ٻڌي روح کي راحت ڇو ٿي ملي، ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ جو ٻڌي
بدن سان ڄڻڪ ٽانڊا ڇو چهٽيا وڃن، ڪنهن
ماڻهوءَ کي ڪُهڻ جي احساس ۾ لذت ڇو ٿي ملي، ڪنهن ماڻهوءَ جي ميلاپ جو تصور ئي ڇو مٺو مٺو ٿو ٿئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي
ويجهو، ڏاڍو ويجهو، پنهنجي اندر ۾ سمائڻ تي جيءُ ڇو پيو چاهي؟... پوءِ ڀلا انساني ڪردار جا ڪيترا روپ آهن؟
هڪ ماڻهو جيترو ڄاڻي ٿو، اوتروئي ٿو ڄاڻي، ان کان وڌيڪ ڪو نه. آءٌ جيترو ڪجهه انساني ڪردار جي روپن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو؛ مون کي هر هڪ انسان ۾ اوترا ئي روپ نظر اچن ٿا ــــــ پنهنجو
پاڻ ۾... ۽ تو ۾ به. اهڙيءَ طرح منهنجو ويساهه آهي ته جيترو ڪجهه تون ڄاڻين، توکي
به هر هڪ انسان جا اوترائي روپ نظر ايندا
ــــــ نه رڳو مون ۾، پر پنهنجو پاڻ ۾ به. جڏهن آءٌ چوان ٿو ته مون کي توسان پيار آهي تڏهن پيار جي باري ۾ جيترو ڪجهه تون ڄاڻين،
پنهنجو پاڻ سان منهنجي پيار جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ تون (جيڪڏهن سوچين ته) وڌ ۾ وڌ اوترو ئي سوچي سگهندين. پر ٻي پاسي آءٌ وري توسان اوتري ئي پيار جو تصور ڪري سگهندس جيترو پيار جي
باري ۾ آءٌ ٿو ڄاڻان... ۽ منهنجي پيار جو تصور
اڻکٽ آهي، ان جي ڪا به حد ڪانهي،
ان کي منهنجي حياتيءَ دوران ڪا به فنا
ڪونهي. پيار جو جذبو اهڙيءَ طرح ئي لامحدود آهي جيئن ڪشادي ڪائنات ــــــ منهنجو خيال آهي ته هر جذبو بي پناهه آهي.
پر جيڪڏهن توکي هَپو پوٽميسُ جي خبر ڪونهي ته تون انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه به
سوچي نه سگهندين.
ٻي طرف وري هر هڪ لفظ کي پنهنجو عزت ٿيندي آهي... ويندي ’بي عزت‘ لفظ کي به پنهنجي هڪ عزت آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي
گهٽ ڄاڻ سبب، ڪي مذاق ۾ ۽ ڪي ته ڄاڻي ٻجهي
لفظن جي بي حرمتي ڪندا آهن. خاص طرح جڏهن انسان جي ڪردار جي باري ۾ ڪي به لفظ
استعمال ڪيون تڏهن اسان کي ڪوشش ڪري صحيح لفظ صحيح جاءِ تي ڪتب آڻڻ گهرجن. ائين نه
ٿئي جو لفظ جي بي عزتيءَ سان
گڏوگڏ ڪنهن عزت واري ماڻهوءَ جي به بي عزتي ڪري وجهون.
پر ڇا ان موقعي تي ڪو به مون کان اهو پڇي نه ٿو سگهي ته ڇا خود منهنجي ڪردار ۾ هڪ قاتل، هڪ زاني، هڪ نشئي وغيره جو روپ شامل آهي؟ منهنجو
خيال آهي ته منهنجو جواب ’ها‘ هوندو. مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڪنهن نه ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو هوندو، ڪيترا ئي ڀيرا ڪنهن نه
ڪنهن سان جنسي خواهش پوري ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو هوندو، ڪيترا ئي ڀيرا ڪنهن نه ڪنهن
شيءِ جو نشو ڪير هوندو يا ڪرڻ جي آرزو پيدا ٿي هوندي
ــــــ ڇا تنهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به اهڙا خيال ڪو نه آيا آهن، ته تون ڪنهن کي ڪُهي ڇڏين، ڇا تو ڪڏهن به اهڙي خواهش نه
ڌاري آهي ته هِي يا هو مري وڃي، ڇا تو
ڪڏهن به پنهنجي جنسي گُهر پوري
ڪرڻ جي باري ۾ ڪو نه سوچيو آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪنهن به قسم جو نشو نه ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، ڇا تو
ڪڏهن به اداڪاري نه ڪئي آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪنهن سان ٺڳي ڪو نه ڪئي آهي، ڇا تو
ڪڏهن به پنهنجي اندر ۾ ڊڄ محسوس نه ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪنهن جي به ڪا به خواهش
ڪو نه ٺڪرائي آهي، ڇا...؟
پر جيڪڏهن تون مون کان سوال پڇين ته ڇا مون ڪنهن کي ڪُٺو آهي، ڪنهن سان زنا
ڪئي آهي.... ته منهنجو جواب يقينن ’نه‘ هوندو. ڇو ته تون وري هڪ ٻيو سوال پڇندين ته ڇا آءٌ قاتل يا زاني سڏبس؟ جواب يقينن ’نه‘ هوندو، ته پوءِ منهنجي ڪردار مان
قاتل ۽ زاني روپ ڪڍي ڇو نه ڇڏجن!؟ نه مون قتل ڪيو آهي ۽ نه زنا، پر ان جي باوجود به آءٌ ڪڏهن به
اهو پسند نه ڪندس ته انساني ڪردار جي انهن ٻن روپن کي پنهنجو پاڻ مان ڪڍي ڇڏيان.
اهي ٻئي ڪردار منهنجي اندر ۾ موجود آهن، پر...
(1) هر انسانُ هر شيءِ، هر عمل کي ڪنهن نه ڪنهن مخصوص نڪتهء نظر
موجب ڏسي ٿو. هڪڙن ماڻهن هٿ ڪي شيون ڏاڍيون سٺيون آهن ته ڪن ٻين وٽ اهي ساڳيون
شيون ڏاڍيون خراب. رياست يا ذاتي ملڪيت جو ئي مثال وٺ. ڪيترا ئي ماڻهو انهن جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ پنهنجون زندگيون وڃائي ۽/يا ”قربان“ ڪري چڪا
آهن ۽ ٻي طرف وري ڪيترن ئي ماڻهن جي شديد خواهش آهي ته اهي ختم ٿي وڃن ڇو ته اهي فتني ۽ فساد جي پيڙهه آهن. رُوسو رياست کي ڊاهي جنگلي زندگيءَ ۾ موٽي هلڻ ۽ وري نون معاهدن تحت نئين رياست اڏڻ جو خواهشمند هو. سندس پوئلڳ اڄ به انهيءَ خيال جا آهن. ٻي طرف هٽلر سڄيءَ دنيا ۾
هڪ اهڙي رياست اڏڻ پئي چاهي جنهن تي ”جرمن قوم“ (حقيقت ۾ ائين چئجي ته
هٽلر جي هم خيالن) جي حڪومت قائم رهي سگهي. ٽين طرف وري هڪڙن ماڻهن سيڪيولر ۽ ”جمهوري“ رياستون جوڙي رکيون آهن. چوٿين طرف ڪيترن ئي رياستن جا حاڪم پنهنجي قبضي هيٺ هلندڙ
رياستن کي مذهبي فلسفن تحت هلائڻ جون دعوائون پيا ڪن ۽ پنجين طرف وري ڪيتريون ئي
سوشلسٽ حڪومتون ۽ عوامي جهموري راڄ آهن جن جو ويساهه آهي ته رياست جو وجود انت ته
ختم ٿيڻو آهي. ڪي بيوقوف رياست جي وجود کي ’غير فطري‘ پيا سمجهن، ته ڪن
سياڻن جي وري تحقيق آهي ته رياست جو وجود ۽ رياست جو فنا ٿي وڃڻ فطري آهي. اهڙا ئي خيال ذاتي ملڪيت جي باري
۾ به آهن... وري ٻيو مثال وٺ. آءٌ وڌي وڃي جيڪڏهن ڪنهن کي ٻُک وجهي بي اختيار ٿي چُمان ٿو ته
فرائيڊ جي خيال موجب اهو منهنجي
جنسي خواهش تحت ٿيو، زونگ جي خيال موجب جيتري پيار جو اظهار مون ڪيو آهي ان ساڳيءَ ئي هستيءَ کان اوتري ئي نفرت منهنجي اندر ۾ لڪل آهي، ڪي
انهيءَ کي زبردستي ۽/يا شرارت به سمجهي سگهن ٿا، ڪي چاپلوسي ۽ ڪي انهيءَ ساڳي ئي
عمل کي منهنجو بي پناهه پيار. ان ڪري ڪنهن به عمل کي ڏسڻ، جاچڻ، پرکڻ لاءِ اهو
بيحد ضروري آهي ته انهيءَ جي باري ۾ منهنجو يا تنهنجو نڪتهء نظر ڪهڙو آهي.
(2) ٻي پاسي وري اهو به ضروري آهي ته جنهن جذبي کي آءٌ پيار چوان ٿو، جنهن کي ڪِنو سمجهان ٿو، جنهن عمل کي ظلم سڏيان ٿو، جنهن کي ٺڳي، ڌوڪو يا دولاب چوان ٿو،
سونهن، سورهيائي، غيرت، غرور وغيره جي باري ۾ جيڪو منهنجو تصور آهي، سِڪ، سياڻپ، سچائيءَ، ثابت قدميءَ وغيره جي باري ۾ جيڪو
منهنجو خيال آهي، ڇا تون انهيءَ سان اتفاق
ڪرين ٿو يا نه؟ هڪڙي ماڻهوءَ جو خيال هو ته شرافت ۽ بزدلي، بهادري ۽ ضد، ذهانت ۽
ٺڳيءَ، اداڪاريءَ ۽ مڪر، سچ ڳالهائڻ ۽ بيوقوفيءَ جي وچ ۾ ڪو به فرق ڪونهي، پر هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن. مون کي سندس خيالن سان
ايترو ئي اختلاف هو جيترو کيس پنهنجي خيالن جي صحيح هجڻ تي ڀروسو. ڇا تون سندس
اهڙن خيالن سان اتفاق ڪري سگهندين؟ انسان وٽ هر هڪ عمل، ڪردار ــــــ سچ ، ڪوڙ، ظلم، ٺڳيءَ وغيره جي هڪ مخصوص تشريح ٿئي ٿي يا
ائين چئجي ته ڪنهن به مخصوص نڪتهء نظر واري ماڻهو وٽ هر هڪ لفظ، احساس، عمل، ڪردار
جي باري ۾ ڪو نه ڪو مخصوص مفهوم ٿئي ٿو.
(3) شعور، تحت شعور ۽ لاشعور نفسيات ۾ استعمال ٿيندڙ ٽي عام لفظ
آهن. اسين جيڪو ڪجهه ڏسون، ٻُڌون، سِنگهون، چکيون، ڇُهون ۽ پرکيون ٿا ـــــ ڄاڻ پرايون ٿا ــــــ اهو سڀ
ڪجهه اسان جي ذهن ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ڄاڻ مان ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان کي
هر وقت ياد رهن ٿيون ۽ جنهن وقت چاهيون انهن جو اظهار ڪري سگهون ٿا ــــــ هي آهي
اسان جو شعور. ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد ڪرڻ لاءِ اسان کي ذهن تي زور ڏيڻو پوي ٿو يا
ڪنهن وقت اوچتو ياد پئجي وڃن ٿيون، نه ته
عام حالتن ۾ اهي اسان کان وسريل هونديون آهن
ــــــ هي آهي تحت شعور. ڪجهه ڳالهيون وري اهڙيون هونديون آهن
جيڪي اسان جي ذهن ۾ ته موجود هونديون آهن پر ڪوشش ۽ اتفاق جي باوجود اسان کي ياد
نه اينديون آهن (پر ڪڏهن ڪڏهن اسان کان انهن جي اثر هيٺ ڪو نه ڪو ڪم به ٿي ويندو
آهي) ـــــ هي آهي اسان جو لاشعور. جيڪا به
ڄاڻ ڪنهن به وسيلي اسان جي ذهن تائين پهچي ٿي اها فنا ڪو نه ٿي ٿئي پر مرڻ گهڙيءَ
تائين موجود رهي ٿي. موجوده وقت تائين جيڪي رڳو ڪتاب پڙهيا آهن، انهن جو ئي مثال وٺ. مون يا تو حياتيءَ جي مختلف ڏاڪن تي مختلف ڪتاب پڙهيا آهن. لکين لفظ ۽ جملا اسان جي ذهن تائين پهتا آهن، پر ڇا اهي سڀ هن وقت اسان جي شعور ۾ آهن؟ حد ته اها آهي جو
ڪيترن ئي ڪتابن جا نالا به وسري ويا آهن. منظر، لقاءَ، شيون، عمل جيڪي اسان ڏٺا،
ڳالهيون ۽ آواز جيڪي اسان ٻُڌا، خوشبوئون ۽ بدبوئون جيڪي اسان سنگهيون، ذائقا جيڪي اسان چکيا، ڪِن اسان کي ڇهيو ۽ ڪنهن کي اسان ڇهيو، اهي سڀ ڇهاءَ ۽ اسان جي ڪيل پرک ــــــ سڄي جي سڄي ڄاڻ
ــــــ ڇا سڀ جو سڀ اسان جي شعور ۾ موجود آهي؟ نه، الائي ڪيڏو وڏو
حصو موجود نه آهي. اسان جو
خواهشون ۽ خواب، اسان جو سوچون ۽ اسان جي سمجهه، موجوده وقت تائين جي سموري حاصلات
هن وقت اسان جي شعور ۾ موجود ڪونهي پر ان جو ڪجهه حصو آهي. اسان جو ڪيتريون ئي
سوچون ۽ خواهشون، ڪي ”مجبورن“ ۽ ڪي
ضرورتن ۽ ڪي ڀوَ جي ڪري اسان جي ذهن جي اُونهن خانن ۾ لڪل آهن.
(4) اسين جيڪي ڪجهه بنجڻ چاهيون ٿا يا ڪرڻ گهرون ٿا اهو سڀ ڪجهه
بنجي يا ڪري نه ٿا سگهون. اسان جي آڏو ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن ــــــ فطري، ذهني، بدني، سماجي، علمي، عقلي، وسيلن جون ۽ حاصلات
جون رڪاوٽون. وڏي ڳالهه اها آهي ته هر منزل کي حاصل ڪرڻ جو هڪ سائنسي طريقو ٿئي
ٿو. جيڪڏهن ان طريقي مطابق نه وڌنداسون ته پنهنجيءَ منزل تائين ڪو نه پهچنداسون. اڃا به ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به منزل تائين
پهچڻ لاءِ ان جو صحيح طريقو وٺي هلڻ جي باوجود اسان کي ڄمار، وقت جي ضرورت پوي ٿي.
ڪن به ٽوڻن ڦيڻن ۽ ”جادوگري“ سان آءٌ ڪو عالم
بنجي ڪو نه ٿو سگهان. جيڪڏهن آءٌ عالم ٿيڻ چاهيان ٿو ته مون کي انساني تجربن، سکيائن، انهن مان ڪڍيل نتيجن، ان
کي حاصل ڪرڻ جي طريقن ۽ وسيلن ۽ پنهنجي ذهن جي وڌي باصلاحيت ٿيڻ جي ضرورت هر دم
رهندي. دنيا جي ڪروڙها انسانن منجهان رڳو ڪجهه ماڻهو ئي عالم، سائنسدان، سياستدان،
ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين مختلف عملي شعبن ۾ ماهر ٿي سگهيا آهن. ڇا ٻين ڪروڙين انسانن
وٽ ذهن ڪونهي؟ اسين ڪيترن ئي معاملن ۾ گهربل معيار کي پهچي نه سگهيا آهيون ۽ جيڪي
ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا يا ڪري سگهون ٿا اهو ڪري نه سگهيا آهيون.
(5) هڪ وڏو عنصر اهو به آهي ته اسين جيڪو ڪجهه بنجڻ چاهيو آهي
يا ڪرڻ گهريو آهي اهو سڀ ڪجهه بنجڻ يا ڪرڻ ڏنو ڪو نه ٿو وڃي. ڪروڙين انسان شاندار
ذهن رکن ٿا پر جڏهن کان سماج جي اڻ برابر
ورڇ ٿي آهي تڏهن کان ٻين گهڻين شين سان گڏ علم تي به حاڪم طبقن جي ڄمت رهي آهي. هو لاڳيتو ان کي پنهنجي مفاد ۽ بچاءَ
۾ ڪتب آڻيندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح
بيشڪ محڪوم گهراڻن مان به ڪيترائي ذهين، مدبر، عاقل ۽ ماهر نڪتا آهن پر اهي هڪ
اهڙي سرشتي ۾ ڦاٿل رهيا آهن جو سندن تحقيقُن ۽ تخليقن جو پهريون ۽ اهم فائدو حاڪم
طبقن ورتو آهي (پوءِ... گهڻو عرصو پوءِ ڪجهه خيرات طور محڪومن کي به مليو آهي). ٻي طرف وري حاڪم سرشتي جي هزارين سونڊن کين ڪٿي نه ڪٿي
سوگهو پڪڙي رکيو آهي. جيڪڏهن انهن ڪجهه ڪرڻ به چاهيو آهي ته کين تمام ڊگهو عرصو
حاڪم سرشتي جي ڄار مان نڪرڻ ۾ لڳي ويو آهي ۽ جڏهن ٿورو ڪجهه ٻاهر نڪري سگهيا آهن
تڏهن سندن ڄمارن کين رڳو ايتري موڪل ڏني آهي جو هو ڪجهه چئي سگهن. ٿورڙا ڪي آهن
جيڪي ڪجهه ڪري سگهيا آهن.
(6) جڏهن جي چوڌاري ۽ منجهس ڪجهه پهلوئن کي ڏسي آيا آهيون تڏهن آخر ۾ انسان جي خودمختياري رهي ٿي. ماڻهو ڪنهن
عمل تي قادر هئڻ جي باوجود ان کي خراب سمجهي نه ٿو ڪري يا ڪِنو سمجهڻ جي باوجود به
ڪري ٿو يا سٺو سمجهڻ جي باوجود نه ٿو ڪري. مثال طور لڳ ڀڳ سمورا انسان ڪُوڙ، قتل
جهڙن عملن کي خراب سمجهن ٿا پر جيڪڏهن (سٺي يا ڪني) مقصد تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ کي
هٽائڻ لاءِ اهڙو عمل ڪرڻو ئي پئجي وڃي ته
ماڻهو ڪو نه ترسندو، نه ئي
ڪهل کائيندو. ذرا سوچ ته ڪر! موجوده
وقت تائين ٿيل سمورو قتلام
ڇو ٿيو آهي، ڪوڙ ڇو ڳالهايو ويو آهي، ٺڳي ڇو ڪئي وئي آهي، ڌاڙا ڇو هنيا ويا آهن،
عزتن ڇو لُٽيون ويون آهن، ڪاهون
ڇو ڪيون ويون آهن، جيل ڇو
ٺاهيا ويا آهن، اذيتون ڇو ڏنيون ويو ن آهن، دنيا جي لکين ماڻهن کي غلام ڇو بنايو
ويو آهي...؟ سمجهڻ لاءِ هڪڙو ننڍڙو
مثال وٺ. جيڪڏهن رڳو هڪ ”نيڪ“ ۽ رڳو هڪ ”بُري“ ماڻهوءَ کي اهڙي
قوت هجي جو جيئن هو چاهن ائين ڪري سگهن، ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ نيڪي ۽ برائي ٻئي هڪ ٻئي خلاف ويڙهه ڪنديون ۽ ان جو
نتيجو.....؟ موجوده وقت تائين سماج اندر جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو ابتڙ قوتن جي ويڙهه ڪري ٿيو آهي ۽ اها ويڙهه تيستائين رهڻي آهي جيستائين ڪو
فيصلو نه ٿو ٿئي... (تو جيان مون کي به يقين آهي ته آخري سوڀ نيڪيءَ جي ٿيندي.)
ٻن ابتڙن جي ويڙهه
نه رڳوانساني سماج ۾ موجود آهي پر انساني دماغ ۾ به موجود آهي ۽ سڄي ڪانئات ۾ به
موجود آهي. انساني ذهن ۾ ابتڙين جي ويڙهه.... هڪ روپ جي پنهنجي ابتڙ روپ خلاف
ويڙهه ــــــ پوءِ جيڪو به روپ حاوي هوندو اهو
ڪم ڪنداسون. جيڪڏهن انساني ڪردار جو هر هڪ روپ ان جي ابتڙ روپ سان ٽڪر ۾ رکندو
ويندين ته توکي چٽيءَ طرح نظر
ايندو، ته آءٌ ڇو انساني ڪردار مان ڪنهن به روپ جي نيڪاليءَ جو مخالف
آهيان.
هڪڙو ماڻهو جيڪو
ڪنهن به مخصوص ماحول ۾ رهي ٿو، ڪنهن به روپ لاءِ ڪو به مخصوص مفهوم رکي ٿو ۽ ڪنهن
به نڪتهء نظر جو پوئلڳ آهي، بهرحال انهيءَ جا سوين روپ آهن. آءٌ ڊاڪٽر آهيان ۽ جڏهن ڪو به مريض ڏسان ٿو ــــــ پوءِ اهو پوڙهو هجي، جوان هجي يا ٻار، مرد هجي يا عورت،
خوبصورت هجي يا بدصورت، ڪارو هجي يا گورو، ڏيهي هجي يا پرڏيهي، مٽ مائٽ، دوست،
سنگتي هجي يا اڻواقف، دشمن، خوشبوءِ سان واسيل هجي يا بدبوءَ سان ڀريل
ــــــ جڏهن انهيءَ کي ڏسان ٿو تڏهن اهو منهنجي لاءِ رڳو هڪ مريض
آهي (باقي ڳالهيون ثانوي ٿيو وڃن). هي منهنجو ڊاڪٽر وارو روپ آهي... آءٌ ڪپتان
آهيان، وردي پايان ٿو ۽ فوجي انتظام هيٺ هلان ٿو، پوءِ ڀلي مون کي فوجي روپ سان محبت هجي يا ان کان نفرت، فوجي بنجڻ منهنجي خواهش هجي، ضرورت هجي يا ”مجبوري“ پر جڏهن
به ڪو فوجيءَ جي حيثيت ۾، کيشٽ ڪندو ته انهيءَ سان منهنجو رويو فوجي هوندو. جيڪڏهن
هيٺيون مون کي سلام نه ڪندو ته مون کي ڪاوڙ ايندي ۽ جيڪڏهن آءٌ مٿين کي سلام نه ڪندس ته انهيءَ کي مون تي ڪاوڙ ايندي، مون
تي سمورا فوجي ضابطا لاڳو ٿين ٿا. هي منهنجو ڪپتان ۽ فوجي روپ آهي... نوڪر آهيان ۽
نوڪري ڪيان ٿو پوءِ نوڪري مون کي پسند هجي يا ناپسند پر جيڪي به ”مجبوريون“ ڪنهن
نوڪر لاءِ ضروري هونديون آهن، اهي مون سان به
لاڳو آهن، ڪڏهن ڪو مٿيون مون سان زيادتي ڪري ٿو ته مون کي سَهڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن
مون کان پنهنجي هيٺين سان ڪا زيادتي ٿي
وڃي ٿي، ته ان کي سَهڻي پوي ٿي. منهنجو
هڪ روپ نوڪر وارو روپ آهي... سماج جو جُزو آهيان ۽ هيٺين طبقي جو فرد ۽ انهيءَ حيثيت ۾، جيڪي به مون کي تڪيلفون پهچن
ٿيون مون کي انهن کان شديد نفرت آهي ۽ اهڙيءَ
طرح ظلم ڪندڙ کان شديد نفرت آهي. ظالم ڪهڙيءَ به صورت ۾ هجي ۽
ڪٿي به هجي، هُو منهنجو ويري آهي ۽ آءٌ ان جو ويري آهيان ۽ جنهن تي به ظلم ٿئي ٿو اهو منهنجو
طبقاتي يا قومي ڀاءُ آهي ۽ مون کي انهيءَ سان ڏاڍي محبت آهي ۽ سمورين پيڙائن خلاف
جدوجهد ۾ منهنجو ان سان ڀرپور ساٿ آهي. سماج جي مظلوم فرد جي حيثيت ۾ منهنجو هڪ
روپ مظلوم جو روپ آهي... پيءُ ماءُ سان پَٽ جي حيثيت ۾، ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڀاءُ جي
حيثيت ۾، دوستن ۽ ساٿين سان دوست ۽ ساٿيءَ جي حيثيت ۾، مِٽن مائٽن
سان مائٽ جي حيثيت ۾، انسان سان انسان جي حيثيت ۾، مون وٽ بي پناهه پيار آهي.
جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، تيستائين منهنجو پيار به جيئرو آهي. هن ڌرتيءَ تي يا ڪائنات ۾ اهڙي ڪا به قوت موجود ڪونهي جيڪا مون منجهان
انهيءَ جذبي کي کرچي ڪڍي سگهي. منهنجو پٽ جو روپ آهي، ڀاءُ جو روپ آهي، سنگتيءَ جو
روپ آهي، مائٽ جو روپ آهي، انسان جو روپ آهي
ــــــ هڪ پيار ڪندڙ جو روپ آهي. منهنجا سچار، ڪوڙي، ذهين،
بيوقوف، دلير، بزدل، ڪاوڙجندڙ، ڪاوڙ کائيندڙ، دوست، دشمن وغيره وغيره جا روپ آهن ــــــ منهنجا سوين روپ آهن ۽ مون کي پنهنجي ڪنهن به روپ کان انڪار ڪونهي. تون به ذرا پنهنجو تفصيلي جائزو وٺي
تجزيو ڪري ڏس ۽ سوچ ته ڇا تنهنجا سوين روپ ڪونهن، ڇا تنهنجو رڳو هڪ روپ آهي؟ اسان، وقت ۽ حالتن جي ڳالهه آهي ته ڪهڙو
روپ اختيار ڪيون ٿا، ڪهڙو پسند ڪيون ٿا ۽ ڪهڙو ناپسند، ڪهڙو نيڪ آهي ۽ ڪهڙو برو،
ڪهڙو سٺو آهي ۽ ڪهڙو خراب.
اسان پنهنجي حياتيءَ
جو وڏو حصو پنهنجي حقيقي روپ يا روپن هيٺ گذاريون ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان مان هر هڪ کي پنهنجي اصلي مُنهن ته هڪ نقلي مُنهن چاڙهڻو
پوي ٿو ـــــ ضرورتن يا ”مجبورن“ ـــــ بيشڪ آءٌ اندر ۾ رئندو هجان، نفرت ڪندو هجان يا سڙندو هجان، پر ڪن ڪن موقعن تي ضرور کلي خوش ٿي پيش آيو هوندم، ڪن ڪن موقعن تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو هوندم، ڪٿي ڪٿي پيار
جو اقرار نه ڪيو هوندم، ڪٿي دوست ٿيو هوندم ۽ ڪٿي دشمن، ڪٿي بهادريءَ جي ڊاڙ
هنئي هوندم، ته ڪٿان ڀاڙي ٿي ڀڳو هوندم، ڪٿي پسند کي ناپسند ظاهر ڪيو هوندو، ته ڪٿي ناپسند کي پسند، ڪٿي مسخرو، ڪٿي سنجيده، ڪٿي کلندي
رنو هوندم ۽ ڪٿي رُوئندي کليو هوندم، ڪٿي
ڪوڙو آٿت ڏنو هوندم ۽ ڪٿي سچ ظاهر نه
ڪيو هوندو...
ماڻهو آهيان ۽ ماڻهو
ٿي رهڻ چاهيان ٿو، ”فرشتي“ بنجڻ جو شوق ڪو نه اٿم ۽ نه ئي وري ڪا اهڙي خواهش اٿم ته
مون کي ”فرشتو“ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به مون کي ڪنهن به موقعي تي ”فرشتو“ سمجهيو
آهي ته اهو سندس سمجهه جو قصور آهي. مون کي پيار آهي ۽ مون وٽ نفرت به آهي، سٺايون ڪيان
ٿو ۽ برايون به، مون وٽ سوچون، خواهشون، مقصد ۽ بي پناهه جذبا آهن ــــــ مون کي فخر آهي جو ماڻهو آهيان.
***
هن پاڳل ماڻهوءَ اڃا
گهڻو ڪجهه ڳالهايو پر مون کي ڏک ٿي رهيو آهي ته ان جا کوڙ خيال لکي نه سگهيو
آهيان. ٻي پاسي سندس بيان ڪيل خيالن جو
چڱو حصو ڪافي وضاحت طلب آهي، پر پوءِ
به مون کي سندس خيالن سان اختلاف ڪونهي. ماڻهوءَ جي ذهن ۾ سٺي ۽ بري جي جنگ هلندي
رهي ٿي، ڪڏهن سٺو پاسو حاوي رهي ٿو ته ڪڏهن برو پاسو به حاوي پئجي وڃي ٿو. ٿي سگهي
ٿو ته ڪو ماڻهو مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي سٺي پاسي کي حاوي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي يا
ڪنهن تي مرڻ گهڙيءَ تائين برو پاسو حاوي رهي، پر عام حالتن ۾، عام ماڻهن تي معاشري جي گَهڙيل عام سٺن اخلاقن جو وڌيڪ اثر رهندو آهي.
پَرينءَ، البيروني هاسٽل ۾ منهنجي ڀرسان 44-ڪمري ۾ رهندڙ سعيد
جعفر هتي ملي ويو. ڳالهيُن ڪندي
هن چيو ته ’اخلاق‘ سماج ڊاهيندو/ٺاهيندو آهي پر اسين جيڪو ڪجهه فطرت کان کڻي
ٿا اچون ان کي سماج بدلائي نه ٿو سگهي.
مٿيُن ڳالهين سان
لاڳو منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم سوال هي آهي ته اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽
سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟
اسين فطرت مان رڳو
حياتيءَ ڀريو، پنهنجي مخصوص گُهرجن ۽
ارتقائي طرح اسريل (پر خالي) دماغ وارو هڪ مخصوص بدن کڻي ٿا اچون، باقي سڀ ڪجهه
سماج مان اچي ٿو ــــــ سماجُ،
جيڪو بذات خود فطرت جو هڪ ذهانت ڀريو حصو آهي.
ڏسندڙ جي نگاهه/پرک
کي ڏسندڙ جو ذهن آهي ۽ جيئن چاهي تيئن سمجهي سگهي ٿو.
پنهنجي اختلاف رکندڙ
خيالن کان مون کي واقف ڪندين، ته
تنهنجي مهرباني ٿيندي.
تنهنجو
م ح ب ت
No comments:
Post a Comment