ليکڪ: فرح ناز زيدي
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
جنسي حراسپ
(ڪم ڪندڙ عورتن
جو مونجهارو)
شيخوپوره هاءِ اسڪول جي هڪ هيڊماستر بابت چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي
اسڪول جي ڪيترين ئي نوجوان ڇوڪرين جون
عزتون لٽيون ۽ انهن مان ڪيترين جا
اگھاڙا ۽ اڌ اگھاڙا فوٽو ڪڍي کين دهشتزده ڪري خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ انهن مان
ڪيترين ئي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪري ان
ڳالهه تي مجبور ڪيو، ته اهي
ساڻس جنسي لاڳاپا رکن. جڏهن معاملو
گھڻو وڌي ويو، ته انهن مان ڪجھه ڇوڪرين
مجبورن راز فاش ڪيا ۽ شرم کان اسڪول وڃڻ
ئي ڇڏي ڏنو. جڏهن ته هيڊماستر وري ڪنهن اسڪينڊل جي زد ۾ اچڻ بنا ساڳي ئي اسڪول ۾
پنهنجن سمورين ڪڌپائن، ڪميڻپائن ۽
بيحيائين سان بالم بڻيو ويٺو رهيو.
ان بعد اهو ڪيس انساني حقن جي هڪ
تنظيم جي سرگرم اڳواڻ ۽ وڪيل عاصمه جھانگير جي ليگل ايڊ سينٽر (قانوني مدد واري
مرڪز) تي آيو. ان ڪيس جي مطالعي کان پوءِ عاصمه جھانگير ان نتيجي تي پهتي ته
مذڪوره هيڊماستر ڪيترين ئي معصوم
نياڻين جي لڄالٽ جي ڪڌي حرڪت جو مرتڪب رهيو آهي، ان ڪري ان کي وڌيڪ ڍر ڏيڻ ڪنهن به
طرح ٺيڪ نه آهي.
ٽي مهينا اڳ هڪ نوجوان خوبصورت
آرٽسٽِ ٽيليويزن تي پروگرام حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي عمارت جي ستين ماڙ تان ٽپو ڏئي خودڪشي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ موقعي تي هن جي زندگي بچائي وئي ۽ پوءِ جڏهن ان نوجوان
۽ خوبصورت فنڪاره جي خودڪشيءَ جو ڪارڻ سامهون آيو، ته پتو پيو ته پي ٽي ويءَ جي هڪ سينيئر پروڊيوسر سندس زبردستي لڄ لٽڻ پئي
چاهي، جنهنڪري هن پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائيندي پي ٽي وي عمارت جي ستين ماڙ تان ٽپو
ڏنو هو.
ملڪي قومي ايئر لائين جي پر ڏيهه ويندڙ
هڪ اڏام ۾ هڪ مرد مسافر، خاتون
فضائي ميزبان کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ پنهنجي پينٽ کي لاهيندي خاتون فضائي ميزبان کي چيو، ته هن وٽ هڪ
شيءِ آهي، جيڪا کيس ڏيکارڻ چاهي ٿو.
هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر پنهنجي
آفيس جي هڪ 21 سالن جي ڪنواري ملازم ڇوڪريءَ سان زوري زنا ڪئي. بعد ۾ اها ڇوڪري
جڏهن ”اميد“ سان ٿي، ته ان
جو ٻار ڪيرايو ويو.
ملڪ جي هڪ وڏي اڙدو اخبار جي هڪ
خاتون صحافيءَ کي ان ڪري جبري طور استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پريس
جي امير ماڻهوءَ، جيڪو اخبار جو مالڪ پڻ آهي، لڳاتار ان خاتون صحافيءَ کي چيو ته
هوءَ هن سان جنسي لاڳاپا قائم رکي، نه ته
هن جو جيئڻ جنجال بنايو ويندو.
گذريل حڪومت جي دَور ۾،
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پرائمري استادن جي جاين لاءِ درخواستون گھرايون ويون هيون، جنهن
بعد وڏي وزير جي هڪ خصوصي صلاحڪارَ خاتون
اميدوارن کي پاڻ وٽ پئي گھرايو ۽ انهن کي چيو ته، جيڪڏهن انهن کي نوڪري کپي ته اهي
ساڻس هڪ نجي انٽرويوءَ لاءِ
سندس رهائشگاهه تي هلن. جڏهن ان غير روائتي
واقعي تي خاتون اميدوارن احتجاج ڪيو ته
سنڌ جي وڏي وزير ان واقعي بابت تحقيقات جو حڪم ڏنو.
اهڙي قسم جا واقعا، اسڪولن، سرڪاري ۽ نجي ملازمتن جي آفيسن، فيڪٽرين ۽ شريف گھراڻن ۽ ٻنين ٻارن توڙي سِرن وارن بٺن... انهن سمورن هنڌن تي روزانو ٿيندا رهن ٿا جتي عورتون ڪم ڪن
ٿيون، جتي ساڻن ڏاڍايون ٿين ٿيون، عزتن تي حملا ٿيندا رهن ٿا ۽ سندن عزتن ۽ عصمتن کي تار تار ڪيو وڃي ٿو. ماڻهن
جا انبوهه اڪثر معنيٰ خيز بيهودي
مرڪ مرڪندي نظر ايندا، انهن
جون چُڀندڙ شهوتي نگاهون ڪپڙن پار
گذرندي محسوس ٿينديون آهن. ”وَن سِي تان چڙهندي“، ”حادثاتي طور“ توهان کي اڌ درجن ڪپڙن پاتل جنسي بگھڙ، پنهنجي موجودگيءَ
جو احساس ڏياريندا هلندا.
پنهنجي آفيس جي ڪم ڪرڻ واري جاءِ
۾ داخل ٿيڻ سان آفيس جي صفائي ڪندڙ جو آواز توهان جو آدرڀاءُ ڪندو. پاسي ۾ هڪ
مخصوص انداز ۾ ڪو انڊيا جو فلمي گانو جھونگاري رهيو هوندو ۽ ان جون چور نظرون،
ڪپڙن اندر نسواني خدوخالن جو جائزو وٺي
رهيون هونديون. جڏهن توهان آفيس جي پٽيوالي معرفت ان جو وات بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندَو ته اهو به اچڻ سان آڏو ويهي ڏند ٽيڙي کلندو ۽ ڪجھه چوڻ جي
صورت ۾ نه ختم ٿيندڙ ورانڊي جي ڪنڊ ۾ وڃي بيهندو ۽ پوءِ ان جي هجڻ جو ڄڻ ته ڪو
فائدو ئي ڪونهي. نه... توهان اهو نه سوچيو ته ڪو سمورو گند اتي اچي ختم ٿي ويو. 60
سالن جو باس، فائل ڏيندي هٿ وڌائيندو ته ڄاڻي ٻجھي هو پنهنجو هٿُ هٿ سان ڇهائيندو. توهان اچرج ۾ ڇو ٿا پئو؟ ”ڇا مان
ڪو غلط ٿو چوان؟“ پوءِ جيڪڏهن ان وقت توهان
ان جي ان عمل تي خاموش رهو ۽ پنهنجو پاڻ ”نروس“ ٿي ويؤ ته پوءِ هو چنبڙي پوندو ۽ توهان جي مٿي تي اوڍيل اڍائي والن جي رئي کي پڪڙي لاهڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪي ڳالهيون مان ڪريان/لکان پئي، ممڪن آهي توهان سان
اهڙو واقعو پيش نه آيو هجي يا جنسي تشدد جو نشانو نه بنايو ويو هجي.
”جنسي ڏاڍ آهي ڇا!“ ان جي ”آمريڪي ايمپلائيمنٽ اپرچونٽي ڪميشن“ 1980ع ۾ بلڪل بنيادي تشريح ڪئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته، ”شعوري طور جنسي
عمل جو مرتڪب ٿيڻ“، ”جنسي
عمل لاءِ زبردستي هٿ وجھڻ“، ”زباني يا عملي طور جنسي حرڪتون ڪرڻ“ وغيره، اهي سڀ
ڳالهيون جنسي جُلهه جي تشريح ڪن ٿيون. جپان جي ليبر واري وزارت تازو ان جي تشريح هن ريت ڪئي آهي ته جنسي جلهه، هڪ اهڙي اڻ چيل ڳالهه، جيڪا جنسي عمل
ڪرڻ جي حوالي سان اشارن ڪناين سان چئي وڃي ۽ ڪم ڪار جي معاملي ۾ ڏکيائي پيدا ڪري.“ ۽ جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي ان فطري ڏاڍائي خلاف سجاڳي پيدا
ٿي ته نتيجي طور ڪيترن ئي ملڪن جي عدالتن ان کي تسليم ڪندي قبول ڪيو.
تحقيق بعد سامهون آيل انگ اکر
ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان اندر ڪم ڪار لاءِ گھر کان ٻاهر قدم رکندڙ ڪيترين ئي عورتن کي جنسي ڏاڍ جو نشانو بنائي، سندن زندگيون زهر ڪيون ويون. هڪ خاتون ليکڪ ڪيٿرائن مئڪنن پنهنجي لکيل هڪ ڪتاب ”عورت جي ابتر حالت“ بابت مختصر طور لکي ٿي ته ”معاشري ۾ عورت جو ڪارج صرف جنسي محرڪ طور سمجھيو وڃي ٿو بلڪل ائين، جيئن
مڇي پاڻيءَ ۾ ئي رهي سگھي ٿي... هر عورت، هر
وقت جنسي ڏاڍ جي خوف ۾ مبتلا آهي.“
پاڪستاني عورتن جو جنسي ڏاڍ بابت
نُڪتي نظر ڇا آهي؟ ڪراچي ڪاليج جي هڪ
پروفيسر نجمه صديقيءَ جو ان
باري ۾ چوڻ آهي ته، بدقسمتيءَ سان هيءَ اها لاعلاج بيماري آهي، جنهن جي شڪار صرف عورت ٿئي ٿي ۽ اها ئي ان کي محسوس ڪري سگھي ٿي ۽ ائين نه آهي ته اها صرف ڪم
ڪار وارن هنڌن کان شروع ٿئي ٿي. ان جو عمل زندگيءَ ۾ گھڻو اڳ کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن توهان جو ٻالڪپڻو هجي ۽ مرد ملازم اها ڪوشش ڪندا آهن
ته جڏهن توهان جي والده توهان جي ڀر پاسي ۾
نه هجي، ته هو توهان کي ڀاڪر ۾ وٺي ڳلن
تي چميون ڏين. جنسي ڏاڍ جي سرگم ۾ اهڙا ته لڱ ڪانڊرايندڙ سر به سامهون آيا آهن، جن ۾ جسماني جنسي حرڪتن ۽ جذباتي بليڪ ميل
وسيلي محرم عورتن کي به جنسي ڏاڍ جو شڪار ڪرڻ جھڙا ڳرا مثال سامهون آيا آهن، پر ان ڏاڍائيءَ خلاف عورتن کي احتجاج ڪرڻ جو حق به نه ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن
طرح خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.
هڪ فري لانسر ليکڪ زرميناح شاهد
جو نڪتي نظر ظاهر ڪري ٿو ته جنسي ڏاڍ کي سندن جنس جي حوالي سان زندگيءَ جو هڪ حصو سمجھي
ٿي. ”ائين مون سان ڪڏهن نه ٿيو آهي ته
اسان جي به ڪا پسند هجي يا اسان ان جي حاصلات لاءِ ويڙهاند ڪري سگھون. ان ڪري مون
ته اهو ئي سکيو آهي ته اسان سان اهي رويا به زندگيءَ جو هڪ حصو آهن، جنهنڪري اسان کي انهن کي قبول ڪرڻو پوندو. ان گھرن ۾ عجيب
قسم جي لٽڪيل زندگي، ويندي پٺيان ’ڪسيل‘ مخصوس آواز، رويا، سوچون، ڇا اهي هاڻ اسان وٽ روايتي نه ٿي ويا آهن. ان ڪري انهن ڳالهين کي هاڻي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي. مان انهن سان منهن ڏئي نٿي
سگھان.“
هڪ گھريلو عورت تبسم حسين ان بابت
پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جنسي
ڏاڍ بابت اسين ان ڏوهه جون پاڻ
ڏوهاري آهيون، ڇاڪان ته اسان عورتن ڪڏهن به ان بابت آواز نه اٿاريو آهي؟ هن چيو
ته، ”اسان ان کي جنس يا ائين کڻي سمجھو
ته زندگيءَ جو هڪ حصو سمجھيو آهي.“ هن چيو ته اسان اهو ٿيون سمجھون ته اهو مردن جو حق آهي ته اسان سان اهو سلوڪ روا رکن ۽ اسان جي جسمن
کي ننهن کان چوٽيءَ تائين رنڀوٽيندا ۽ تسڪين حاصل ڪندا رهن. ڪجھه عورتون ته ان کي
اعزاز، خوشامد ۽ ساراهه سمجھن ٿيون، جڏهن مرد وٽن اچن ٿا ۽ تسڪين حاصل ڪن ٿا، پوءِ اسان مردن تي ڀلا اهو الزام ڇو ڌريون؟
هڪ اسلامي اسڪالر ساجده بانو،
گذريل 11 سالن کان قرآن جو درس ڏئي رهي
آهي. ان جو چوڻ آهي ته، ”اهو صحيح آهي ته مرد جي اها عادت رهي آهي ته عورتن کي ڏاڍ
جو نشانو بڻائي. مان ته اهو ٿي سمجھان ته ان خلاف عورت کي تحفظ ڏيڻ بابت به قانون هجڻ گھرجي، جن سان کين تحفظ ملي سگھي ۽ هو پنهنجي گھر کان بنا ڊپ ڊاءُ قدم ٻاهر ڪڍي سگھن،
پر دراصل اهو سوچن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته الله تبارڪ و تعاليٰ ان ڪري ئي ته عورتن کي حڪم ڪيو آهي ته پنهنجو پاڻ
کي مڪمل طور پردي ۾ رکو، سو ان
جو مقصد اهو ئي آهي.“ اهڙو هڪَ انتهائي
مذهبي، گھريلو خاتون مقصوده سلطان ۽ ان جي ماءُ، جن ڪڏهن به گھر کان ٻاهر ڪم ڪار سانگي به پير نه ڌريو آهي، جو ان بابت خيال آهي ته عورتن ۽ مردن جي حقن بابت الله
تبارڪ و تعاليٰ قرآن ۾ چٽيءَ ريت بيان ڪيو آهي، جنهن موجب ته، مرد روزي حاصل ڪندو ۽ عورت گھر
سنڀاليندي. انهن قدرتي قانونن جي ڀڃڪڙي گمراهيءَ طرف وٺي وڃي ٿي. ان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، عورت جو اصل مقام ان جو گھر آهي. جيڪڏهن
هوءَ پنهنجي لاءِ ان کان سواءِ ڪو رستو چونڊي ٿي، ته ظاهر آهي ته کيس مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن هن لاءِ حالتون اهڙيون
آهن جو هن لاءِ گھر کان ٻاهر نڪرڻ اڻٽر آهي، ته پوءِ ظاهر آهي ماڻهن
جون اکيون ته ڪڍي نه ڇڏبيون. پوءِ جيڪڏهن ان سان مرد معاشري ۾ ڪي ڏاڍايون ٿين ٿيون، ته اها ڳالهه ڪا اڻ ٿيڻي نه آهي.
صباح واسطي هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندي آهي. تازو هن کي طلاق ملي آهي. هيءَ چوي ٿي ته ”طلاق کان پوءِ مون لاءِ مسئلا پيدا ٿي ويا آهن. جڏهن منهنجي باس کي
خبر پئي ته مان شادي شده آهيان ته هي (باس) مون کي پنهنجي ڌيءُ ڪري ڪوٺيندو
هو، پر هن کي جڏهن منهنجي طلاق جي
خبر پئي آهي ته هن جو رويو يڪدم بدلجي
ويو آهي. هاڻ منهنجي باس جا فون بنا ڪنهن سبب جي گھر ايندا آهن. هاڻ باس منهنجو ڀليڪار هڪ معنيٰ خيز مرڪ سان ڪندو آهي، پر مون
اڃا استعيفيٰ نه ڏني آهي، ڇو جو
اها نوڪري منهنجي ضرورت آهي، بلڪه
هينئر ان نوڪريءَ جي مون کي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ هُو ته چڱيءَ طرح سمجھي ٿو.“ پر صباح جا مسئلا اتي ئي ختم نه ٿا ٿين. سندس
ساٿي، جيڪي هن سان گڏ آفيس ۾ ڪم ڪن ٿا، هن جي ۽ باس جي لاڳن کي پنهنجيءَ تنقيد جو نشانو ٿا بنائين، هن مٿان ٺٺوليون ٿا ڪن. اهو هن لاءِ وڌيڪ ايذاءُ رسائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ زنده
رهڻ لاءِ ساڳيءَ جڳهه تي ڪم ڪندي
رهندي ۽ هيءَ انهن ڳالهين کان ڪيترو به پاسو ڪري، پر بچي نٿي سگھي.
هڪ ڪنواري سيڪريٽري حنا جو چوڻ
آهي ته اوهان پاڻ سان ”مسز“ جو اکر ڳنڍي پاڻ کي تحفظ ڏيو
ٿا. مرد اسان جي باري ۾ جيڪو سوچين ٿا سو ”مسز“ چوڻ کان پوءِ بدلجيو وڃي، پر طلاق يافته عورت لاءِ ته وڏو مسئلو پيدا ٿيو وڃي. هيءَ حقيقت آهي ته اهو مسئلو اهم آهي. هڪ سوشالاجيءَ جو ماهر چوي ٿو، ”معاشري جي ڪمزوريءَ جو پهلو
هِي آهي ته عورت کي وڌيڪ مسئلي کي
منهن ڏيڻو پوي ٿو خاص ڪري ان عورت کي جنهن کي ڪا پٺ نه هجي. جھڙوڪ پيءُ يا مڙس جو
ڏڍ. اهڙي حال ۾ اسان پاڪستان جي
ڳالهه ٿا ڪريون، ته پاڪستاني عورت کي، معاشري کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتي جي عورت هونئن به
معاشري جي قدرن ۽ سوچ جي جَنڊ ۾
پيڙهجي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا عورت گھر کان ٻاهر پير رکي، ته هن کي ته ٻيڻو سماج سان وڙهڻو ٿو پوي.“
جنسي ڏاڍ جا واقعا اُتي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿا وٺن جنهن معاشري ۾ سماج اوهان کي ان ڳالهه جي
اجازت نه ڏي.
جاچ ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي آهي ته جنسي ڏاڍ جا واقعا اتي وڌيڪ ٿيندا آهن جتي عورت وڌيڪ دير
لاءِ ڪم ڪار ڪري ٿي، جھڙوڪ نرس. هيءُ اهڙو
پيشو آهي جنهن ۾ جنسي ڏاڍ جا واقعا رونما ٿي سگھن ٿا. ان عمل ۾ نرس سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو، مريضُ ۽ مريض سان لاڳاپيل ماڻهو اچي وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن ڪا پرائيويٽ نرس آهي ته هن لاءِ وڌيڪ مسئلو پيدا ٿيندو ڇاڪاڻ جو هن کي مريض جي گھر وڃي ان
جي تيمارداري ڪرڻي ٿي پوي.
هڪ نرس پاڻ سان ٿيل ورتاءُ ٻڌائي ٿي ته ڪهڙي نموني رات جو هن جي مريض هن جو هٿ جھلي
ورتو ۽ هن سان ڪِريل ڳالهيون
ڪرڻ لڳو، ڇو جو هن جي گھر وارن کي ڪنهن رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي ۽ سڀ گھر وارا اوڏانهن ويل هئا. چئي سگھجي ٿو ته هيءَ خوش
قسمت هئي جو هن ڪجھه وڃائڻ کان پهرين گھڻو ڪجھه ڪري پاڻ کي بچائي ورتو، پر جڏهن هن مريض جي مائٽن کي هن جي رويي جو ٻڌايو ته مريض مورڳو ڪاوڙجي پيو ۽ هن کي چور ۽ الائي ڇا ڇا
چوڻ لڳو. اها نرس هاڻ ان
واقعي کي تمام خراب اکرن سان ياد ڪري ٿي. هوءَ چوي ٿي، ”خدا جو شڪر آهي جو ڪجھه خراب ڪم نه ٿيو. ان واقعي کان پوءِ مون گھرن ۾ ڊيوٽيون ڏيڻ ڇڏي ڏنيون. جيتوڻيڪ نرسنگ کي ماڻهو مقدس پيشو سڏين ٿا، پر سندن سلوڪ نرسن جي پيشي کي غلط نالو ڏي ٿو. نرسون جھڙي نموني تيمارداري ڪن ٿيون، ته ماڻهو انهن کي ڪِريل ٿا سمجھن ۽ اهي نرسن سان غلط سلوڪ ڪرڻ کي صحيح ٿا ڄاڻن. مريض به نرسن تي پنهنجو حق سمجھن ٿا، ويندي ڊاڪٽرن تائين سڀ نرس کي غلط نظرن سان
ڏسن ٿا.“ تازو
ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۽ ڪوئٽه جي
اسپتال ۾ ٻن نرسن جي لڄالٽ وارا واقعا
ان ڳالهه جو ثبوت پڻ آهن.
جنسي ڏاڍ جو دائرو صرف نرسن تائين محدود ڪونهي، بلڪ جونيئر فيميل ڊاڪٽر کي به ان مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پنهنجي ڊيوٽيءَ دوران جونيئر فيميل ڊاڪٽرياڻي کي پنهنجي سينئر جي رويي کي
منهن ڏيڻو پوي ٿو.
فضائي ميزبان جي ناتي، اسان وٽ ايئرهوسٽس جي باري ۾ گھڻائي خواب اسان جي ذهنن ۾
هوندا آهن، پر خود ايئرهوسٽس پاڻ چون ٿيون
ته ايئر هوسٽس جو پيشو هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ جنسي ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿو. ”سچيءَ دل سان
ٻڌايان ته اهو مونجھارو آهي ته اوهان مسئلن کي ڪيئن ٿا منهن ڏيو.“ هڪ سينيئر ايئر
هوسٽس راشده صغير چيو، ”اسان وٽ
ٽن قسمن جون فضائي ميزبان آهن. هڪ
اهڙيون جيڪي پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ مردن جي روين کي سختيءَ سان نظرانداز يا رد نه ٿيون ڪري سگھن، ڇو جو ان سان انهن جي نوڪريءَ جو مسئلو هوندو آهي. ٻيون اهي، جيڪي هن
پيشي ۾ صرف مزي يا مڙئي وقت پاس ڪرڻ لاءِ آيون آهن ۽ اهڙيون انهن ڳالهين کي وڌيڪ
اهميت نه ڏينديون آهن، بس دل جي مرضي هوندي اٿن. ٽيون اهي، جيڪي ڊپلوميسي ڪرڻ ڄاڻن ٿيون. پائلٽ يا پنهنجي آفيسر پاران
ڏنل رات جي مانيءَ جي آڇ کي سولائيءَ سان ٽاري يا ان کي مطمئن ڪري سگھنديون آهن. اهڙيءَ طرح اهي دوستيءَ
جي نالي ۾ سينيئرن کان گهڻو ئي
حمايت حاصل ڪري وڃن ٿيون ۽ موٽ ۾ ڪجھ به نه ٿيون ڏين.“
جيستائين ٽين وڻڪ واريون
ميزبان (عورتون) آهن، انهن بابت ٿورو
ڳالهائڻ ئي وڌيڪ
بهتر آهي. انهن کي اوهين ٻين عملي جي ماڻهن سان، جتي به جهاز وڃي ٿو انهن سمورن
اهم ماڳن تي ڊسڪوٿيقن ۾ چولولائيون/ناز نخرا ڪندي ڏسي سگھندؤ. اهي ڇوڪريون پنهنجيءَ نوڪريءَ لاءِ هر شيءِ جي قرباني ڏيڻ تي تيار
هونديون آهن. ثمينه عالم هڪ اڳوڻي اسٽيوارڊيس (جهاز ۾ نظرداري ڪندڙ) چوي ٿي، ”اسان جو سينئر پائلٽ زور ڀريندو هو ته هن سان گڏ
ڪاڪپٽ (جهاز جو اڳيون حصو جتي پائلٽ ويهي) ۾ ويهان“ ۽ پوءِ جوانيءَ جا ٽوٽڪا/قصا
بيان ڪرڻ لڳندو ته ڪيئن هو ڇوڪرين کي ريجھائيندو/پيار ڪندو هو ۽ پوءِ، انهن سان
جيڪو ڪجھ ڪندو هو اهو
ڏاڍي چٽي تفصيل سان بيان ڪندو هو. ”هو بيمار هو. مون کي پنهنجيءَ شاديءَ، پنهنجيءَ زال ۽ ويندي پنهنجن
ذاتي مسئلن بابت ٻڌائيندو هو. اهو
ئي سبب آهي جو مون شادي ٿيندي ئي نوڪري ڇڏي ڏني.“ عاصمه جهانگير، وڪيل ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، چوي ٿي، ”هر ٽن فضائي، ميزبان (عورتن) مان هڪ پنهنجو گھر هلائي ٿي ۽ گھراڻي جو سهارو
آهي. اهي ڪم ڪرڻ لاءِ مالي طرح باندي
آهن.“ ثمينه جي حالتن کيس اهو موقعو مهيا ڪيو ته نوڪري ڇڏي سگھي. سوين
ٻيون فضائي ميزبان آهن جيڪي اهڙو موقعو ملڻ جي نعمت نه ٿيون ماڻي سگھن ۽ ان ڪري اڻکٽ جنسي هراسپ/ستاءُ لوڙينديون
رهن ٿيون.
هوڏانهن، شوبزنس (نمائشي ڌنڌي جيئن فلم، ٽي وي ۽ اشتهاربازي ۾ ڪم ڪندڙ) ۽ ان سان
واسطيدار ڌنڌن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون تهائين وڌيڪ جنسي ستاءَ جو شڪار ٿين ٿيون. انهن بابت عام ويچار اهو آهي ته اهي بي دماغ بمبو آهن جيڪي پنهنجن نگاهن/نهارن مان کاڌ خوراڪ/جياپو ماڻن ۽ ان
ڪري ڌيان ڇڪائي رکڻ گھرن ٿيون ۽ پوءِ ان (ڌيان) جي فطرت جهڙي به هجي ايتريقدر جو
اهي عورتون جيڪي ٻي ڇيڙي تي
۽ ان ڏوهه جون مخالف آهن ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به شڪار ٿي وڃن ٿيون.
اها چڱيءَ طرح ڄاتل حقيقت آهي
ته مهاجر قومي موومينٽ (ايم.ڪيو.ايم) جون ڪيتريون ئي ڪارڪن عورتون پنهنجن ليڊرن
پاران جنسي استحصال
هيٺ آيون. حقيقت ۾ ايم.ڪيو.ايم (حقيقي)
دعوى ٿي ڪري ته ايم.ڪيو.ايم (الطاف ٽولي) سان سندس اختلاف اهڙن ئي عملن جي ڪري شروع ٿيو هو.
ساڳيءَ طرح، هڪ کاٻي ڌر واري پارٽيءَ جي عورتن واري تنظيم جي ڪارڪن (عورتن) بابت اڳوڻي پارٽي اڳواڻ پاران چيو
ٿو وڃي ته هر هر جنسي هراسپ/ستاءَ جو شڪار ٿينديون رهيون جنهنڪري ڪيتريون ئي عورتون اها پارٽي ڇڏي ويون.
پر مالياتي ڏاڪڻ جي سڀ کان هيٺين ڏاڪي تي اهي به عورتون آهن جن کي انتهائي گھٽ درجو مليل آهي. ڪراچيءَ ۾، ڊفينس فيز-1 کان ايندي ڪورنگي روڊ تان گذرندي هر هڪ جو ڪورنگي انڊسٽيريل ايريا ۾ قطعي مختلف قسم جي دنيا سان واسطو پئجي وڃي.
وڏين فئڪٽرين جي ڀتين پٺيان نظاري ۾
اڀري ايندڙ نقطن جيان هزارين عورتون پنهنجين حالتن کان مجبور ٿي ڪم جي انهن هنڌن
تي پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو غلامانه انداز ۾ گذاريو ڇڏين، پر اهڙيءَ
طرح جيئن اهي پنهنجن گھرن ۾ ٻارن جو خيال رکنديون آهن. موٽ ۾ اجوري طور جيڪو ڪجھ کيس ملندو آهي اهو سندن مردن پاران ڪمايل
ناڻي جي اڌ جيترو هوندو توڻي جو
انهن کان انتهائي ڪِريل
ڪم ورتا ويندا
آهن. پر سندن بدحاليءَ جو اهو سڀ کان وڌيڪ خراب ڪم ناهي. انهن مان گھڻيون جنسي ستاءَ جي انتهائي ردي نمونن جو شڪار ٿينديون آهن. پر انهن جي
ڏاکڙن/اهنجن بابت ساڻن ڳالهايو ته پهريائين اهي رُکي
انداز ۾ مرڪنديون. ”اسان کي ڪوبه مسئلو ناهي.“ اهي چون ٿيون، ”سپروائيزر صاحب هڪ
پيءُ جيان آهي ۽ همڪار ساٿي اسان جا ڀائر آهن.“ اچتو هڪ ڇيڙيندڙ/ڀڙڪائيندڙ هندي گانو چولي ڪي
پِيڇي ڪيا هي... هڪ پراڻيءَ ڊيڪ جي لائوڊ مان گجڻ لڳي ٿو. اهو ڪنهن هلايو؟ ”هنن
ڇوڪرين هلايو هوندو.“ اها عورت ڏوهي انداز ۾ قبول ڪري ٿي. ٻاجھاري انداز ۾ ٿورو پرچائڻ کان پوءِ 45 ورهن جي گوهر خاتون
اوچتو ڦاٽ کائي ٿي. ”باجي، مان هتي گذريل سورهن ورهن کان ڪم ڪندي اچان ۽ مون گهڻو ڪجھ ٿيندي ڏٺو آهي. مرد وري به مرد ئي رهندو، اهي
جنسي مريض آهن، اهو سندن نقص
ناهي، اهي ته ڄاوا ئي اهڙا آهن، ٺيڪ آهي، اهي اسان کي ستائن ٿا پر اسان انهن کي
قابو ڪرڻ سکي ورتو آهي. هتي ڪيل پندرهن ورهن جي ڪم دوران مون کي ياد ٿو پوي ته رڳو
هڪ سپروائيزر ئي ڏاڍو سلڇڻو ماڻهو هو. هن هڪ ماڻهوءَ کي مون سان بدتميزي ڪندي پڪڙيو ۽ کڻي کيس ٻاهر ڦٽو ڪيو، پر هاڻوڪو نگران هڪ نج پج ماڻهو
آهي ۽ تون سمجھي سگھين ٿي ته ڇا ٿيندو هوندو.“ 34 ورهن جي پاروتي چوي ٿي ته عورت کي بهرحال پنهنجيءَ حالت ۾ حصيدار
سمجھڻ گھرجي. ”فئڪٽرين
۾ ڪم ڪندڙ هنن ڇوڪرين مان گھڻيون بدڪردار آهن. اهي مرد جون پيش قدميون/چڙهتون
همتائن ٿيون ۽ اهي لباس پهرن ٿيون ڄڻڪ عيد هجي يا ڏياري، توڻي جو اهي ڪم ڪرڻ اچن ٿيون. انهن کي چڱي هلت ڌارڻ ۽ هڪ
مفاصلو رکڻ کپي.“ پاروتي چوي ٿي.
جھنگ شهر جي رهاڪو بشيران، 16
ورهين جِي هڪ نوجوان
پورهيت، اسان
کي هڪ ڪنڊائتي پاسي وٺي وڃي ٿي. جيئن ئي هوءَ شروع ڪري ٿي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. ”توهين مون کان منهنجيءَ
حياتيءَ بابت پڇو ٿيون. منهنجي ته ڪا حياتي ئي ناهي. آئون رڳو کاوان ٿي، ڪم ڪيان
ٿي ۽ سمهان ٿي... ۽ نيٺ به ته مون کي جاب جي گھرج آهي، ان ڪري لاچار هتي موجود مردن جي حمايت وٺان ٿي. پر ان موضوع تي ڳالهائڻ جي ڪهڙي گھرج آهي! توهان ته مون کي واريءَ جي ان ڪن مان ڪڍي نٿيون سگھو جنهن ۾ آئون ڦاٿل
آهيان. آئون اهو سڀ ڪجھ هتي پنجاب ۾ رهندڙ پوڙهي ماءُ پيءُ لاءِ ڪيان ٿي. مون کي جيئرو رهڻ لاءِ جيڪو ڪجھ ڪرڻو پوي ٿو، جيڪڏهن کين ان
جي سمڪ پئجي وڃي اهي شرم کان ٻڏي مري ويندا. مان توهان کي اهو ضرور ٻڌائينديس ته ڪالهه ڇا ٿيو...“
هن جو آواز هڪ مشين آپريٽر جي زور
سان کنگھڪر جي ڪري بند ٿي وڃي ٿو جيڪو ان مهل اتان اچي مٽيو. انهن سڙٻاٽن ۾ هڪ انوماني/معنى ڀريو نياپو آهي. ان کان پوءِ دنيا جي ڪا طاقت ناهي جو بشيران کي هڪ وڌيڪ
لفظ ڳالهائڻ تي آماده
ڪري سگھي.
پڌرو آهي ته هراسپ/ستاءُ رڳو
اڪيلو ناهي جيڪو عورتون لوڙين
ٿيون. کين ماٺ ۾ رکڻ لاءِ دڙڪو هڪ ٻي هٿيار طور ڪم آندو وڃي ٿو.
سوسن برائون ملر جي زوري زنا
بابت لکيت ”اسان جي خواهش“ خلاف، جنهن ۾ هوءَ زوريءَ زناڪار
جي سگھ جي حيثيت جو ڇيد ڪري ٿي، جنسي هراسپ جي سلسلي ۾ سٺو تجزيو مهيا ڪري ٿي. هوءَ لکي ٿي، ”ڪن زوريءَ زناڪارن وٽ جسماني قوت کان وڌيڪ ڪجھ ٻيو هوندو آهي. اهي هڪ قسم جو نظام
جوڙي رکن ٿا جيڪو سندن مفاد ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ ڦاٿل شڪار کي ڪو وجھ نٿو ملي جو پنهنجا ڏک سور اوري سگھي... يا هڪ
ڀاڙيندڙ ناتيداريءَ ۾
ڦاسائي رکن ٿا جيڪا کين هڪ مخصوص ذهني برتري جو درجو، هڪ مختيار ڪُل
ڍانچو جوڙي ڏي ٿي جنهن ۾ شڪار جي مذاحمت گھٽجي وڃي ٿي.“
حياتي انهن لکين عورتن لاءِ به
بهتر ناهي جيڪي پنهنجي جياپي لاءِ گھريلو نوڪر طور شريف گھراڻن ۾ ڪم ڪن ٿيون. گھريلو نوڪرياڻين جون جنسي ستاءَ بابت اڻکُٽ ڪهاڻيون آهن، جنهن ۾ اهي گھر-مالڪن، انهن جي ڇوڪراٽ پُٽن، جيڪي
حياتيءَ جون سڌيون/اصلي حقيقتون ڄاڻڻ
گھرن ٿا يا خود ٻين مرد نوڪرن هٿان زوريءَ زنا جو شڪار ٿين ٿيون ۽ ڪي ته ڳهراريون به ٿي پون ٿيون.
ثريا، جيڪا اتر ناظم آباد ۾ ڊي سلوا ٽائون ويجھو هڪ ڪچي آباديءَ ۾ رهي ٿي ۽ گذريل ڏهن ورهن
دوران هڪ ٻهاري ڏيندڙ عورت طور 25 کان وڌيڪ ڪم ڪري چڪي آهي، جي چوڻ موجب نوڪر-رکندڙ
بدران پاڻ نوڪر وڏو مسئلو آهن. اسين نوڪرن کي سنڀالي سگھون ٿيون، ته جيئن گھڻو جوکم نه رسائي سگھن پر ڀاڪر ۾ ڀرڻ يا
پٺيان ٿپڪيون ڏيڻ جهڙا عمل، يا ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف رسالن ۾ اعتراض جوڳا فوٽو ڏيکارڻ هڪ عام عمل آهي. جيڪڏهن اسين چئون ته
مالڪياڻيءَ کي اهڙي شڪايت ڪنديونسين ته اهي اسان کي ڊيڄاريندا ۽ دڙڪا ڏيندا ته اهي هن کي
وري اسان جي بدڪردار هجڻ بابت قصا گهڙي ٻڌائيندا ۽ اسان جون مالڪياڻيون پنهنجن مڙسن جي سلسلي ۾ ايڏيون ته غير
محفوظ/بي اعتبار آهن جو اهي جيڪڏهن ان قسم جي ڪا ڳالهه ٻڌن ته اسان کان وڌيڪ انهن مرد نوڪرن تي پت ڪنديون. ان ڪري اسين انهن کي
ڪجھ ٻڌائي نه ٿيون سگهون ڇو ته اهي پنهنجي گھر ۾ هڪ چڱي-ڏيکارجندڙ (سهڻي منهن
مهانڊي واري) عورت رکي،
پنهنجي شاديءَ خلاف
جوکم کڻي نٿيون سگھن.
شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو
گھريلو نوڪرياڻيون بدلائڻ
جو رجحان ايڏو وڌيل آهي. ”ماڻهو
شڪايت ٿا ڪن ته اسين پنهنجي نوڪري ڪندي هڪ هنڌ ڇو ٽڪي نٿيون رهون. ڇا اسان کي پنهنجيءَ پسند جو حق آهي؟“ 20-ورهن جي پرڪشش رشيدان پڇي ٿي، جنهن کي هڪ سال ۾ چار نوڪريون بدلائڻيون پيون. ”اسين ته پنهنجن مڙسن کي رڳو ايتري دانهن به ٻڌائي نه ٿيون سگھون ته اسان کي ڪو جنسي طرح هرسايو وڃي ٿو.“ بلقيس چوي ٿي، جيڪا
ڊفينس ويجھو گھٽ آمدنيءَ وارن
جي رهائشي ايراضي ”اعظم بستي“ ۾ رهي ٿي. ”امڪان اهي آهن ته هو اهو سمجھندا ته اسان ان مصيبت کي پاڻ ئي سڏ ڏنو آهي.“
حقيقت ۾، عورتن کي گھڻن ئي
محاذن تي جنگ وڙهڻي پوي ٿي.
پنهنجي ڪم واري هنڌ جنسي طرح اهي عورتون پنهنجي مڙسن (يا مائٽن) کي ان ڊيڄڙي مان ڪڍڻ جي دانهن نه ٿيون ڏئي سگھن، ڇو
ته اهي به خود کين ئي ڌيان ڇڪائڻ جو ذميوار سڏيندا. جنسي هراسپ هڪ اهڙي قسم جو ڏوهه آهي جنهن
جو نقص، عام سمجھ موجب، اڳرائي
ڪندڙ کان وڌيڪ ان جي شڪار ٿيل ۾ سمجھيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عُنيزه نياز انور، هڪ ڪنسلٽنٽ سائڪياٽرسٽ چوي ٿي، ”عورتون
اهڙن روين جي ڪري پنهنجيءَ
شڪايت ڏانهن خصوصي ڌيان/ردعمل جي اميد رکنديون آهن ۽ اهو، جڏهن ان حقيقت سان ملائجي ٿو ته جنسي ستاءُ اڪثر ڪري اڻ برابر
قوت وارن ناتن ۾ جنم وٺندو آهي، هڪ اهڙي فضا پيدا ڪري ٿو جنهن ۾ گھڻا شڪار ڳالهائڻ
بند رکن ٿا، بس اڪيلي سر سانڍي رکن ٿا.“ ڊاڪٽر عنيزه وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته عورتون
پنهنجي بي عزتيون انهيءَ ڊپ کان ماٺ مٺيءَ ۾ لڪائي رکن ٿيون ته متان راڄ ڀاڳ ۽
گھريلو ماحول ۾ سندن قدر کي سخت هاڃو رسي. ڊاڪٽر عنيزه جي چوڻ موجب جنسي بدنامي هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو عورت کي پنهنجيءَ عزت جي سلسلي ۾ لاڳيتي ڊپ
سان ٺاهه ڪرائي رکي ٿو، ڇو
ته اهو سندس
نوڪري يا گھريلو سهارو يا هن ساڙيلي دنيا ۾ سندن جياپو ئي ختم ڪري سگھي ٿو.
ڊاڪٽر عنيزه جي مريضن مان هڪ نوجوان ڇوڪري انهيءَ صورتحال جو جيئرو مثال آهي.
جڏهن اها ڇوڪري هڪ مقامي اسپتال ۾ سائڪياٽرڪ مدد (من-روڳ جي علاج) لاءِ آندي وئي
تڏهن هوءَ اڳواٽ ئي شديد نراسانيءَ/اداسيءَ (ڊپريشن، اندروني گُھٽ) جي
مريض ٿي چڪي هئي جنهن ۾ پاڻ مارڻ جو
لاڙو سمايل هو. هن جو اڪيلو نقص رڳو اهو هو ته هن کي بس اسٽاپ تي ڪنهن نوجوان سان ڳالهائيندي
ڏٺو ويو. هن جي پاڙيسريءَ، جنهن کيس ڏٺو، اهو واقعو وڌائي چاڙهي بيان ڪيو. ڪهاڻي
هن جي ماءُ پيءُ تائين پهتي ۽ انهن کي هن جي نقص جي ايتري ته پڪ ٿي وئي جو هنن سندس ڳالهه ٻڌڻ کان ئي نابري واري ڇڏي. هوءَ ته رڳو عام رواجي هراسپ جو شڪار ٿي هئي، ان جو سبب نه
هئي. خود پنهنجن سڀ کان وڌيڪ ويجھن
لاڳيتن مهڻن، طعنن ۽ بدنامين جي ڪري هن جو من گھائجي پيو. ٻاهرين اثرن کي پري رکو،
ڪيترين عورتون ته
پنهنجي اندر جي اونهائين ۾
پيهي ويل ڊپ رکنديون آهن ته اهي پاڻ ئي پنهنجيءَ بدحاليءَ جون ڏوهاري آهن. ”هي هڪ ڏاڍو، پراڻو مونجھارو آهي، هڪ روڳ. ”جيئن ته اسان پارن ماڻهن جي ثقافت ماءُ ۽ زال هجڻ کان سواءِ عورت جي ٻي
هر حق کي رد ڪري ٿي، ان ڪري هن تي فرد جي حيثيت ۾ مرڪوز ٿيل ڪوبه ڌيان/عزت منجھس گھِري شڪ جو احساس جاڳائي ڇڏي ٿو.“ هڪ من-ڄاڻڪ (سائڪالاجسٽ) چوي
ٿي. من-ڄاڻڪ ثمينه متين
چوي ٿي، ”جن
عورتن کي جنسي طرح ستايو ويو آهي اهي ڏوهه، نراسائيءَ ۽ شرم جي
احساسن هيٺ وٺجي/گهٽجي وڃن ٿيون.“
حالتن سان ٺهڪائڻ ۽ عورتاڻي من بابت ڳالهائي
جيئن سوسن برائونملر پڌرو ڪري ٿي، ”عورتن کي اهڙي سکيا ڏني ٿي وڃي جو اهي زوري
زنا جو شڪار ٿي سگھن.... سنيهو صاف صاف آهي. زوري زنا کي اسان جي جنس سان ڪجھ ڪجھ
ڪرڻو آهي. زوري زنا خواتين سان ٿيندڙ هڪ هيبتناڪ شيءِ آهي... ۽
جيستائين اسان پنهنجي قدم کي سنڀاليون، ان کان اڳ ئي
اها اسان جي تقدير/قسمت بنجي وڃي ٿي.“
ڪنهن مرد سان جنسي جلهه بابت ڳالهائي ڏسو، پوءِ اهو
سمجھڻ ڏکيو ناهي ته عورتون ڇو ان بابت ائين سمجھن ٿيون. ڪيترن ئي مردن سان انٽرويو
ڪندي خبر پئي ته اڪثر عورتون ان آپدا جي شڪايت ڪن
ٿيون. ”اهي پهريائين پيش قدمي جي دعوت ڏينديون ۽ ان کان
پوءِ مرد تي تهمت آڻينديون ته غلط رويو رکي ٿو. هر
آرگنائيزيشن ۾ اهڙيون عورتون اوس هونديون جيڪي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هراسيون وڃن
ٿيون. ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته ڇو؟ مان اهو نه ٿو چوان
ته عورتون ڪو هراسيون نه ٿيون وڃن، پر نه ٿو
قبوليان ته اهي هر واري رڳو شڪار هونديون آهن.“ ظفر زيدي، هڪ اڪائونٽنٽ،
چوي ٿو، جيڪو مڃي ٿو ته هن پنهنجي ڪيترين ئي همڪار ساٿي عورتن ڏانهن پيش قدمي
ڪئي آهي پر هن جي نيت هراسڻ ناهي. ”مان ڇوڪريءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کان اڳ ان جو
نمونو/قِسم سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ ان کان پوءِ ان پٽاندڙ کيس رسندو
آهيان. فضيلت ڀريون ڇوڪريون عزت لهڻن ٿيون ۽ اهي مون جهڙن ماڻهن کان اها ماڻن
ٿيون.“
اهڙي قسم جي پارسا رهڻي ڪهڻي جيڪا سمورو بار عورت تي
اڇلائي ڇڏي، پاڻ ۾ جنسي غلط ڪاري سان
واسطيدار سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڏند ڪٿا جو جوهر رکي ٿي ته ڪابه عورت پنهنجيءَ خواهش
خلاف ناپاڪ نٿي ڪري سگھي. ڪئٿرين
مئڪينن جي چوڻ موجب: ”زوري زنا ڪيل عورتن کي اهڙين
نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو ڄڻڪ انهن اهڙي گُھر ڪئي هجي... مردَ،
جيڪي جنسي طرح ستائن ٿا، اٽلو وري اهو چون ٿا ته عورتون کين ئي جنسي طرح هراسن
ٿيون. انهن جو مطلب آهي ته منجھن ”جاڳ“ اهي ئي عورتون پيدا ڪن ٿيون جيڪي وري کين
ڌتاريو ڇڏن.“ فرائيڊين ڏوهڄاڻڪ (ڪرمنالاجسٽ) چوي ٿي ته جيڪي زوري زنا جهڙي مامري کان پاسو ڪندڙ هئا، انهن
پاڻ جنسي طور جُلهه ڪندڙن ۽ زنا ڪارن کي ڏوهه جو
خطادار سمجھڻ بدران شڪار سڏڻ شروع ڪيو. ”جنسي
حملي آور ۽ ان جا حملا“ ۾ بينجامن ڪارپمن لکيو، ”(زوري
زناڪار) هڪ مرض جو شڪار ٿيل آهي جنهنڪري انهن مان گھڻا پنهنجي شڪار کان وڌيڪ پاڻ
لوڙيندا آهن.“ چِٽو آهي ته هڪ صدي گذرڻ باوجود
جنسي بدڪاريءَ ڏانهن مردن جو رويو ڪو خاص نه
سڌريو آهي.
ڊاڪٽر عنيزه محسوس ڪري ٿي ته
هيءَ هڪ جنگ آهي جنهن ۾ عورتن کي مجموعي طرح مرد جي پاسي کان رڳو معمولي/ٿورڙي مدد جي ئي اميد رکڻ گھرجي. هوءَ چوي ٿي ته اهو ان ڪري ئي ٿئي ٿو جو مردن ۾ هڪ ٻي کي تحفظ
ڏيڻ جو لاڙو موجود آهي. عورتن کي گھرجي ته عورتن جو سهارو ٿين. هوءَ وڌيڪ چوي ٿي، ته مرد
عورتن مان ان ڪري غير واجبي فائدو وٺن ٿا جو اهڙين حالتن ۾ اهي ورلي ڪو هڪ ٻي جي بچاءَ ۾ اڳتي اچن ٿيون. هر
عورت ڪوشش ڪري ٿي ته پنهنجن مفادن جو بچاءُ ڪري، بنا اهو محسوس ڪرڻ جي ته ڀيڻپي ۾ سگھه وڌيڪ آهي.
ڪراچي ۾ رهندڙ گھڻين عورتن
لاءِ ”بوهري بازار“ وڃڻ وارين اوائلي يادن ۾ اها شامل هوندي ته کين چُهنڊڙيون لڳنديون ۽ ٿيلها/ڌڪا ايندا ۽ ڪونه ڪو ”دوپته گليءَ“ کان وٺي ”چاٽ ڪارنر“ تائين سندن
پويان پيو ايندو ۽ ساڳيو ماڻهو ٽي ٽي ڀيرا به ساڻن ڪلها گسائيندو. اها ڳالهه لڳ ڀڳ
سمورين مقامي بازارن، فن فيئرز يا اهي هنڌ جتي پيهه ٿئي ٿي، بابت سچ آهي.
مسئلو انهن عورتن لاءِ وڌيڪ
شديد آهي جن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڊگھي پنڌ تي وڃڻو پوي ٿو. هڪ جائزو ٻڌائي ٿو ته جنسي هراسپ جي ڪجھ بدترين واقعن مان ڪي بس اسٽاپن تي ۽ بسن ۾ ٿين
ٿا. سلمه مختلف آفيسن ۾ گذريل ٽن
ورهن کان هڪ رسيپشنسٽ (ڪنهن ڪم واري هنڌ آڌرڀاءُ ڪندڙ) واري ڊيوٽي پئي ڪئي آهي. هن کي ڊيوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ ايف 16 بس ۾ سفر ڪرڻو پوي ٿو. هوءَ چوي ٿي، ”جڏهن توهين بس اسٽاپ تي انتظار ڪري رهيا آهيو، مرد نه
رڳو تبصرا ڪن ٿا پر اهي توهان کي ڌڪا به ڏيندا، ايتري قدر جو چنبو به هڻي ڪڍندا، ۽ ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ناهي، پوليس به نه. سمجھيو ٿو وڃي ته بسن ۾ ڪي سيٽون عورتن لاءِ محفوظ رکيل هونديون آهن، پر مرد سدائين اهي والاري ويهندا آهن. سيٽ جي گُھر ڪرڻ معنى نظارو خلقڻ، تنهنڪري آئون جيڪو ڪجھ ڪري سگھندي آهيان، اهو
هيءُ ته ماٺ ڪري ڪنهن ڪنڊ ۾ بيهي رهان ۽ ڏهاڙي الله کي ياد
ڪندي رهان، ته مون کي هراسپ کان بچائي.“
جنسي هراسپ جو درجو ۽ شدت پنهنجين شهر واسي ڀينرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺ واسي عورتن
کي شايد وڌيڪ ڏسڻو پوي ٿو. ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتون، خاص طرح جيڪي گھٽ ذاتين سان
واسطو رکن ٿيون، جيئن سِرن جي
بٺن تي ڪم ڪندڙ، عادتن هراسيون وينديون آهن ۽ ايتري قدر جو کين زوري زنا ۽ اذيت/تشدد جو به شڪار ڪيو ويندو آهي. اهڙن ڪيسن جي
سلسلي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آرون
هيئن شروع ٿينديون: ”مان پنهنجين ٻڪرين کي چارائي رهي هئس جو مون تي حملو ڪيو ويو...
عاصمه جهانگير پڪ رکي ٿي ته
ڳوٺ واسي عورتن جي ڀيٽ ۾ شهر واسي عورتن کي مليل فائدا گھٽ آهن، ڇو ته ڳوٺاڻين عورتن وٽ گھٽ ۾
گھٽ ڪجھ اهڙا طريقا موجود آهن جو اهي ڪنهن به اهڙي قسم جي بگاڙي کي منهن ڏئي سگھن.
ڳوٺن ۾ هر هڪ ٻي ماڻهوءَ کي
سڃاڻي ٿو تنهنڪري سڄي راڄ ۾
شرمندو ٿي پوڻ جو تصور موجود آهي، پر اهڙي ڳالهه شهر ۾ وجود
نه ٿي رکي. گھٽيءَ ۾ ٿيندڙ ڏوهه کي ماڻهو لاتعلقيءَ سان ڏسندا. شهرن ۾ عورتون وڌيڪ
اڪيليون ۽ ڇڳل آهن. سول قانوندان فيض عيسى ان نظريي جي تصديق ڪئي. ”توهان جيڪڏهن ڪوئٽا يا بلوچستان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ سينڍ
وڄايو ٿا، اهو هڪ قبائلي جھيڙي کي چڻنگ ڏيارڻ هوندو، پر جيڪڏهن اهڙو ئي عمل صدر
بازار ڪراچيءَ ۾ ڪبو، ته
ان عمل کي نندڻ وارو ڪوبه نه هوندو.
هڪ عورت کي جنسي هراسپ جيڪو جذباتي ۽ ذهني ڌڪ رسائي ٿي، ان کي پاسيرو رکندي، اهو به هڪ عملي مسئلو آهي ته اها ڪيئن سندس ڪم جي لياقت تي اثر وجھي ٿي. ملڪ جي هڪ
گھڻ قومي اداري مان هڪ سيڪريٽري
ٽي مهينا اڳ نوڪري ڇڏي هلي وئي، ڇو ته سندس چوڻ
موجب هن جي باس/بالاعملدار لاڳيتو کيس ستايو پئي ۽ سندس لاءِ ڪم ڪرڻ ناممڪن بنائي
ڇڏيو. جيئن ته هن جي ڪم جي اپت واري سطح گهٽجي وئي ان ڪري کيس پاڻهرتو شڪ ٿيو ته شايد سندس لياقت ختم ٿي وئي
آهي. سندس باس ۽ سندس اندروني مونجھارن جي لاڳيتي دٻاءَ جي وچ ۾ پيسجندي، هوءَ ڪم ڪرڻ لائق نه رهي جنهنڪري اهو جاب کيس ڇڏڻو پيو جنهن سندس حياتيءَ ۾ هڪ اطمينان پيدا ڪيو.
هڪ مشهور من-ڄاڻڪ
چوي ٿي، ته اهڙين حالتن ۾ ڪيتريون ئي
عورتون پنهنجو جاب ڇڏي ڏين ٿيون، توڻي جو ائين ڪرڻ اهي برداشت به نه ٿيون ڪري سگھن. ”جيڪي ان باوجود نوڪري جاري رکيو اچن، اهي سک محسوس ڪرڻ بدران ڏاڍي
بيچينيءَ ۽ مونجھ ۾ رهن ٿيون. انهن جي
ڌيان گھرندڙ هنرن تي اثر پوي ٿو ۽ ان سان گڏ هن جي ٻاهرين زندگيءَ تي به اثر پوي
ٿو. اهو مٿن من روڳي اثر پڻ وجھي سگھي ٿو.“ هوءَ چوي ٿي.
نيٺ جواب ڪهڙو آهي؟ جيئن جيئن وڌيڪ عورتون گھرن کان نڪري ڪم واري
هنڌ اچن ٿيون ــــــ هڪ
اهڙو عمل جيڪو ضرورتن ۽ عورتن جي ڄمار ٻنهي جي تقاضا آهي ــــــ جنسي هراسپ جو مامرو بحث هيٺ اچڻ لاءِ وڌيڪ
اهميت وٺندو وڃي.
مسئلي جو حل موٽ کائي، هار مڃي، گھرن جي تحفظ هيٺ لڪڻ ۾ ناهي ــــــ جيئن بنياد پرست پرچار ڪندا رهندا. هيءَ هڪ جنگ آهي جيڪا نه رڳو وڙهڻي، پر کٽڻي به آهي.
هڪ من-روڳ ڄاڻڪ چوي ٿو، ”خبرداري ۽
سچيتائي ئي اها ڪُنجي آهي
جيڪا هن تمام حقيقي مسئلي جو حل آهي.
جنسي هراسپ کي هڪ ڏوهه طور مڃڻو پوندو. جيئن ته اهو تمام لازمي آهي ته عورتون
پنهنجن تجربن بابت ڳالهائڻ شروع ڪن. مثال طور، اهڙو ڪو واقعو جيڪڏهن راهه هلندي ٿي
پوي، ته ستايل شڪار کي گوڙ ڪرڻ گھرجي. عورت کي اتي موجود مرد جهڙو مثال قائم ڪرڻ ۽
رکڻ گهرجي. ان کان پوءِ ڪا حرڪت ڪرڻ کان
اڳ مرد کي ٻه ٽي ڀيرا سوچڻو پوندو.“
من-روڳ ڄاڻڪ ثمينه متين ٻڌائي ٿي
ته ڪيئن سندس ڪار جي ڪڍ مردن جو (واهيات) ٽولو پئجي ويو ۽ کيس هراس ڪرڻ لڳو، جڏهن هوءَ اڃا شاگردياڻي هئي. ۽ هڪ گھريلو نوڪرياڻي ٻڌائي ٿي ته ڪيئن پنهنجي
بچاءَ ۾ پنهنجو اڪيلو هٿيار ڪم آڻيندي هئي، جڏهن ڪو مرد کيشٽ ڪندو هو. اهو هٿيار هو هڪ پلاسٽڪ
جي ٿيلهي؛ ٻوڙ سان ڀريل.
هڪ من-ڄاڻڪ چوي ٿي، ”مان ٻن سطحن تي ڪم ڪندي هئس. پهريون، آئون اهي واهون جاچڻ شروع
ڪندي هئس ته جيڪو ماڻهو هراس گھڙي ٿو، ان
کي ڪيئن ان جو ذميوار به قرار ڏياري سگھجي ۽ ان ڪوشش ۾ ڪيئن ٻي ماڻهوءَ جي سهڪار هٿ ڪجي، ۽ جذباتي سطح تي، آئون شڪار ٿيل عورتن سان ڳالهيون ڪري
کين ان عمل تي آماده ڪندي هئس، اهو
سندس نقص نه هو، ته جيڪو ڪجھ ٿيو، ان بابت پاڻ تي تهمت نه آڻين ۽ انهن کي پنهنجن احساسن کان ڊڄڻ نه گھرجي.“
ڏڍ بنجندڙ ٽولا اهو اهم وسيلو
آهن، ان ڪري ساڳيءَ حالت ۾ ڦاٿل ٻين عورتن سان ويجھا ناتا قائم ڪرڻ گھرجن.
مسئلن کي سڃاڻڻ، همدردي ڪرڻ ۽ هراسپ کي ختم ڪرڻ لاءِ حل ڏيڻ، شڪار ٿيل عورتن جي
مدد ڪرڻ آهي ۽ ممڪن آهي ان نموني مسئلو حل ٿئي.
عاصمه جهانگير چوي ٿي، ”جنسي
هراسپ ملڪ ۾ عورتن جي عمومي/گڏيل قدرن جي موٽ آهي. ڪنهن به تبديليءَ پيدا ڪرڻ لاءِ
روين ۾ تبديلي، عورتن جي تصورن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. قانون کي بدلائڻ پنهنجي سر ڪو
موٽ-جواب ناهي. ان کي عورتن جي گڏيل واڌاري/سڌاري لاءِ به ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو پوندو.
هڪ مضبوط عورت کي جنسي هراسپ جو
موضوع نه ٿو بنائي سگھجي، ڇو
ته مرد چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هوءَ هاڻي ان وسيلي ستائي نه سگھبي.“ (”نيوز لائين“، جنوري 1994ع جي ٿورن سان)
(پندرهن روزه ”عبرت ميگزين“
حيدرآباد ۾، پهرين ۽ پندرهين فيبروري 1994 ۾، ٻن قسطن ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment