سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پاڪستان اڄ ڪلهه هڪ انتهائي نازڪ
دَور مان لنگھي رهيو آهي. سنڌ هڪ آڙاهه ۾ اچي وئي آهي. وڏي پيماني تي بنا روڪ لاقانونيت جي ڇهن سالن کان پوءِ حڪومت
قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) قائم ڪرڻ لاءِ فوج کي سڏ ڪرڻ تي لاچار ٿي پئي آهي.
گذريل هڪ سال ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي
ته ڀُنگ لاءِ اغوا جا ٽن هزارن کان
وڌيڪ واقعا ٿي چڪا آهن. ڪيترائي سَوَ ماڻهو قتل يا دائمي جڏا ڪيا ويا آهن. ماڻهن
جي ڪوس لاءِ نجي فوجون ٺاهي انهن کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. انتظاميا ارڌانگي (نستي) ٿي چڪي هئي ۽ اها گھڻي قدر رڳو طاقتور ناجائز مفادن جي
هڪ اوزار طور ڪم اچي رهي هئي. قومي نُڪتي نگاهه کان اها هڪ ڏاڍي ڳنڀير
صورتحال هئي ۽ ترت ڌيان لهڻي پئي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اميد رکي پئي وڃي ته اهي پنهنجن تڪڙن سياسي مفادن
کان مٿانهيون ٿينديون ۽ هن للڪار کي حقيقي قومي روح سان منهن ڏينديون.
سماج جي سولين (شهري، غير فوجي)
مسئلن جي حلَ لاءِ فوجي مهم کي مناسب گھربل طريقي طور قبول نه ٿو ڪري سگھجي. تنهن هوندي به حالتون ايتريون ته خراب ٿي ويون هيون، جو
ماڻهن فوجي مداخلت لاءِ ٻاڏائڻ شروع ڪيو هو. پاڪستان جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين فوجي
مهم آهي جنهن جي ملڪ جي لڳ ڀڳ سڀني سياسي قوتن (سواءِ ايم ڪيو ايم جي) آجيان ڪئي آهي. تمام ٿورن، ڪجھ شرط رکڻ کان پوءِ ان جي پٺڀرائي ڪرڻ جو
چيو آهي. تڏهن به گھڻا ماڻهو ان خيال جا آهن، ته آپريشن (مهم، وڍ ڪُٽ) اڻٽر ٿي پئي هئي. لاقانونيت، ڦرمار، اغوا، قتل ۽ چندي
جي نالي ۾ ڏوڪڙ-کس کان مجموعي طرح سڀ ماڻهو ايڏا ته بِر بيزار ٿي چڪا هئا جو جڏهن لشڪري مهم جاري ڪئي وئي تڏهن
انهن وڃي ڪو سک جو ساهه کنيو.
هن مهم جو ٻيو مثبت پاسو هي آهي
ته اها آئين جي اختيار هيٺ ۽ ملڪي قانوني سرشتي اندر رهندي هلائي پئي وڃي. آئين ۾ جن انساني حقن جي
ضمانت ڏني وئي آهي، انهن سان هٿ چراند نه ڪئي
وئي آهي ۽ نه ئي وري عدالتي سرشتي تي زور بار وڌو ويو آهي. پريس جي آزادي موجود آهي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث به. قومي اسيمبلي
ان تي ذري پرزي ويچار هيٺ آڻي رهي آهي. اهي مثبت پاسا آهن جيڪي هاڻوڪي لشڪري مهم
کي يگانو ٺاهن ٿا.
اهو، بهرحال، سوِل لشڪري اختيارين
جي ذميوارين ۾ ان هڪ ڀروسي جو واڌارو آڻي ٿو جيڪو قوم فوج ۾ رکيو آهي. اميد ٿي ڪجي
ته ان کي بگاڙيو نه ويندو. هن مهم جي ناڪامي پاڪستان سهي نه سگھندو. ڌڻي معاف ڪري، جيڪڏهن اها سوڀاري نه ٿي، ته پوءِ آئين ۽ ان سان گڏ سياسي عمل جوکم ۾
پئجي ويندا. فوج جي ناماچاري ۽ عزت پڻ آزمائش هيٺ آهن. ساڳيو مسئلو سياسي قيادت سان لاڳو آهي. جيڪڏهن
مهم جي نتيجي ۾ قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) بحال نه ٿيا، ته پوءِ ماڻهو خود فوج ۾ ايمان وڃائي ويهندا. فوج، جنهن کي اهي ملڪ جي سالميت بچائڻ وارو آخري ادارو سمجھن ٿا
۽ جيڪڏهن نااميدي (لاچار) جي حالت ۾ فوج
ڏينهون ڏينهن وڌ کان وڌيڪ اختيار وٺندي وئي، ته اهو عمل لشڪري حڪومت ٺهڻ ۽ آئيني سرشتي جي پڄاڻيءَ ڏانهن وٺي وڃي سگھي ٿو
۽ ان وٽ ملڪ جي ٻڌيءَ ۽ ايڪتا
لاءِ ڏاڍا خطرناڪ نتيجا هوندا.
اهڙي وقت ۾ ٻاهرين مداخلت جو خطرو
پڻ اجايو نه ٿو سمجھي سگھجي. حقيقت ۾، هيءَ مهم ايڏي ته حساس ۽ ايڏي ته ڪٺن آهي جو
ان جي سوڀ لاءِ هر پاسي کان هر ممڪن جتن ڪرڻ گھرجي. ان جو اڪيلو مقصد رڳو قانون ۽
حڪم (امن ۽ امان) جي بحالي هجڻ گھرجي ۽ جيڪي صوبي ۾ خون ريزي، لاقانونيت، ڌاڙيلپ، باهيون ڏيڻ ۽ قتلن لاءِ ذميوار آهن انهن کي اوس پڪڙڻ
گھرجي. ايتري قدر جو مون پارا ماڻهو به جيڪي سول معاملن ۾ لشڪري مداخلت جا مخالف
آهن، محسوس ڪن ٿا ته سنڌ ۾ قوم کي هڪ خصوصي حالت سان منهن ڏيڻو آهي ۽ اها اسان جي
دعا ۽ اميد آهي ته پنهنجا مقصد ماڻڻ ۾ لشڪري مهم سوڀاري ٿئي.
جيئن ته اسين فوج تي ڀروسو رکون
ٿا ۽ ان ڏانهن هر طرح سهڪار جو هٿ وڌايون ٿا. اها ڳالهه ڌيان لهڻي ٿي ته فوج نه
رڳو هڪ ڏکي ۽ ڳُوڙهي للڪار سان منهن ڏيئي
رهي آهي پر ملڪ جي قيادت مرڪز توڙي صوبي ٻنهي ۾ مسئلي بابت ڏاڍي دُورانديش ناهي. لشڪري آپريشن گھڻو اڳ ٿيڻ گھرجي ها، ڇو ته حالت گذريل ڪيترن ئي سالن کان تيزيءَ سان خراب ٿي رهي هئي. بدقسمتي آهي
جو ڪجھ مهينا اڳ تائين به معاملن جي ٻيڙيءَ جي سکانُ سنڀالي ويٺل ماڻهو ــــــ صدر، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير سميت ــــــ هام هڻي رهيا هئا ته حالتون سڌري رهيون آهن، ۽ اها هام حقيقتن جي ابتڙ هئي. سياسي قيادت ۾ جوان مَرديءَ
(بردباري) ۽ گھربل گھڙيءَ ٺهڪندڙ فيصلي جي اڻهوند صورتحال کي بدتر ڪري ڇڏيو آهي.
اها به بدقسمتي ئي آهي جو آپريشن
گھربل کان به وڌيڪ گوڙ سان شروع ٿيو آهي. بهتر ائين ٿئي ها ته وچٿري نموني ڪم
هلائجي ۽ معاملن کي منهن ڏجي ها. جنهن نموني ڪم ٿيو ان ڏوهين کي حقيقي چيڀٽ کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ انهن جو وڏو انگ
صوبو يا مورڳو ملڪ ئي ڇڏي
ڀڄي ويو، اهم دستاويز لڪايا ويا، مورڳو ختم ڪيا ويا هوندا. ايتري قدر جو هٿيارن ۽ بمن جو
وڏو ذخيرو لڪايو ويو آهي. ان سڀ ڪجھ فوجي آپريشن جي اوکايُن ۾ واڌارو ئي ڪيو آهي.
ائين پيو ڏيکارجي ته انتهائي مٿين
حڪومتي قيادت بي يقينيءَ ۽ گڙٻڙ
۾ ڦاٿل آهي. اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهم
فيصلا جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ 19-مئي 1992ع تي ڪيا
ويا 21-مئي 1992ع تي مهراڻ رينجرس کي چرپر ڪرائي وئي ۽ رسمي اعلان اڃا
به پوءِ 28-مئي 1992ع تي ڪيو ويو. هڪ لشڪري ترجمان تازيءَ بريفنگ (مختصر ڳالهه يا سمجھاڻيءَ) ۾ ٻڌايو ته حقيقي آپريشن
25-جون 1992ع تي شروع ٿيو ــــــ اهو سڀ ڪجھ ڏاڍو منجھائيندڙ آهي.
ڄڻڪ اها سموري مونجھ به ڪجھ نه
هئي، جو وزير لشڪري مهم جي قانوني
پاسن بابت متضاد ۽ منجھيل بيانن ۽ وضاحت سان نڪري نروار ٿيا.
شروع ۾، اندرين معاملن جو وزير
پاڪستان پينل ڪوڊ (پاڪستان ڏوهي قاعدو) جو سيڪشن 131-اي کڻي آيو، اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ئي، ته اهو سيڪشن هاڻي قانون-ڪتاب ۾ رهيو ئي ناهي. نيٺ آئين جي آرٽيڪل-147 جي شڪل
۾ وضاحت ظاهر ٿي. ان هوندي به ڪيترن ئي پاسن کان آيل بيان ٻڌائن ٿا ته فوج جيڪي حقيقي
اختيار هلائي پئي، اهي آرٽيڪل-245 هيٺ اچي وڃن ٿا، جنهن
کي اڃا ظاهر نه ڪيو ويو آهي. بچاءَ لاءِ پيداوار جو وزير
هڪ اهڙي بيان سان ميدان تي آيو آهي جنهن آپريشن جي غيرجانبداريءَ ۽ معروضيت بابت شڪ
شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم، جنهن جي جوڙيل اذيت گھرن ۽
ٻين ڪٺور ڏوهن بابت عوامي سطح تي ڄاڻ ڏني وئي آهي، اڃا سوڌو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن
۾ حصيدار آهي. ان جي سڄي قيادت، جيڪا
هيبتناڪ ڏوهن لاءِ ذميوار آهي، جيئن هاڻوڪي ۽ اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف بيان ڪيو،
اڃا تائين حڪومت جو ماٺو (ڳجھو) بچاءُ ماڻي رهي آهي.
اها ڳالهه پڻ ڌيان لهڻي ٿي ته
انهن ماڻهن سامهون جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي، اهو خود ماضيءَ ۾ به ڪو راز نه هو ۽
چڀندڙ سچ اهو آهي ته اهي سول حڪومتن جي بچاءَ (ڇانوَ، ڍڪ) هيٺ ڪم ڪري رهيا هئا،
پوءِ اها حڪومت بينظير ڀٽو هيٺ پ پ پ جي هجي يا هاڻوڪي. جيئن ته ايم ڪيو ايم قيادت
انهن ڏوهن بابت ذميوار سمجھي وڃي ٿي، تنهنڪري ڇا مرڪز توڙي صوبي ۾ اڳوڻي توڙي هاڻوڪي حڪومتن کي سندن ڏوهن ۾ شريڪ
هجڻ بدران بيڏوهه سڏي سگھي ٿو؟ ماڻهو ڄام صادق-ايم ڪيو ايم حڪومت جي اڳوڻي صلاحڪار ، جيڪو اڃا تائين ساڳي سرڪاري حيثيت رکي
ٿو، جي ڪنٽرول هيٺ سي آءِ اي جي اذيت
گھرن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو پئي، ان بابت
پڻ پريشان آهن. اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي ته ماڻهن کي، ملڪ جي ڪجھه ٻين حصن جيان سنڌ
۾ به ايم ڪيو ايم، پي پي آءِ، پ پ پ،
جيئي سنڌ ۽ ٻين پاران ڏهڪايو ويو آهي ۽ حڪومت ماڻهن جي حياتي، ملڪيت ۽ عزت محفوظ
رکڻ ۾ پوريءَ طرح ناڪام ٿي وئي آهي.
ڪراچيءَ جي اذيت گھرن جي ڪهاڻيءَ
سڄي قوم کي شرمندگيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ اهو پڻ ڏاڍو ڏکوئيندڙ هوندو جيڪڏهن انهن
ڏوهن کي همتائيندڙ (وڌائيندڙ) ۽ انهن جا ڪندڙ ۽ اهي پڻ جن ڏوهين کي بچاءُ ڏنو، ڪنهن به فرق کان سواءِ پڪڙيا ۽ سزايا نه ٿا وڃن.
ڪيترن ئي بد-اتفاق، آپريشن تي شڪ جي ڪارهه
چاڙهي ڇڏي آهي. انهن مان وڌيڪ اهم ٽنڊي بهاول وارو دکدائڪ واقعو آهي. ساڳيءَ طرح
لشڪري حراست ۾ آيل ماڻهن جو موت آپريشن تي داغ آهي. فوجَ ٽنڊي بهاول ڪيس ۾ پنهنجي چُڪ مڃي هڪ سٺو مثال قائم ڪيو آهي. ان ڪري عوام جو ڀروسو بحال ٿيو آهي. فوج انهن
واقعن کي خبرداريءَ جو چتاءُ سمجھي، ڇو ته اهڙين غلطين جو ورجاءُ آپريشن تي اثر
وجهندو ۽ فوج جي ناماچاريءَ کي ڌڪ رسائيندو.
جيئن ته قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان)
جي بحالي لشڪري مهم جو پهريون مقصد آهي، تنهنڪري لشڪري اختياريءَ وارن جو اهوئي نج مرڪزي نقطو رهڻ گھرجي. سنڌ مسئلو
سياسي ۽ سماجي-اقتصادي للڪارن کي، جيڪي ان جو پيڙهائتو ڪارڻ آهن، منهن ڏيڻ کان سواءِ حل نه ٿو ڪري سگھجي. مسئلو ڏاڍو ڳتيل
(چيڙهالو) آهي، ان کي امن امان جو رڳو هڪ سادڙو مسئلو سمجھي حل نه ٿو ڪري سگھجي.
سنڌ جي ماڻهن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. جيڪي حڪمرانيءَ ۽ معيشت جي شعبن ۾ ڊگھي محروميءَ جي
ڪري وڌيڪ چيڙهالا ٿي ويا آهن. سنڌ کي هڪ خصوصي حالت سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.
اها هيءَ ته ان جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي انهن ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪي ڀارت يا ملڪ جي ٻين حصن مان لڏي آيا آهن.
ڪا به اهڙي سنجيده ڪوشش نه ٿي
آهي، جنهن وسيلي آباديءَ ۾ وڏي ثقافتي ۽ سماجي ميل ميلاپ جي راهه ڪڍجي ۽ هڪ ٻي
ڏانهن رچيل ويساهه پيدا ڪجي. اها هڪ
اهڙي شيءِ آهي جيڪا شروع ۾ ته موجود
هئي پر سالن کان وٺي گندي ٿيندي رهي آهي بدقسمتيءَ سان اها نسلي ۽ لساني اپ-قومپرستي
جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. 1960ع ۽ 1970ع وارن
ڏهاڪن ۾ جاري ڪيل زرعي سڌارا چڱيءَ طرح لاڳو نه ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ هارين ۽
بي زمين سرڙين جي بدحالي رحم جوڳي ٿي وئي. نَيُن بيراجن جي جڙت جي نتيجي ۾ آباديءَ
هيٺ آيل ٻنيون اهڙيءَ طرح نه ورهايون ويون آهن جو مقامي آباديءَ کي مطمئن ڪري سگھن. ڳوٺاڻي سنڌ جي صنعتڪاري نه ٿي
آهي. ايتري قدر جو بنيادي سهوليتون (حق) به آباديءَ جي وڏي حصي کي مليل نه آهن.
شهرائي سنڌ پڻ ڏاڍن وڏن مسئلن ۾
ڦاٿل آهي. خاص طور تي تعليمي سهوليتن ۽ روزگاري-موقعن جي کوٽ واري سلسلي ۾، حقيقت ۾ نوجوانن جي بيروزگاري، شهرائي توڙي ڳوٺاڻي سنڌ ۾
هڪ جهڙي، وڏن مسئلن مان هڪ آهي. ان نوجوانن کي منفي ۽ سماج-مار چرپر ۽ سرگرمي ڏانهن ڌڪڻ ۾ پڻ
ڪردار ادا ڪيو آهي.
ووٽ (عوامي راءِ) جي پوترتا پڻ
مختلف طريقن سان بيمان ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهن کي احساس ٿي ويو آهي ته اهي اهڙي حالت
۾ ناهن جو پنهنجي آئيندي جو فيصلو پاڻ ڪري سگھن. محروميءَ جو احساس مارشل لا جي ڊگھي ورجاءَ سبب گھرو ٿيو آهي. ان
جا پويان-اثر اڃا تائين ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن. اهو سڀ ڪجھه هڪ اهڙيءَ سياسي سوکڙيءَ
جي گُھر ڪري ٿو جيڪا چيڙهالي مسئلي جي
سڀني پاسن کي صحيح نموني حل ڪري سگھي. فوج اهڙي سوکڙي نه ڏئي ٿي سگھي ۽ نه ئي وري ان کي اهڙي ڌنڌي ۾ ڦاسي پنهنجون
آڱريون ساڙڻ گھرجن. فوج کي پنهنجو جتن رڳو قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) جي بحاليءَ لاءِ سيڙائڻ گھرجي. اها ذميواري سياسي پارٽين جي آهي ته
صوبي کي سياسي ۽ معاشي گھوٽالي مان ڪڍڻ لاءِ پيشقدمي ۽ اڳواڻي ڪن. اهي ئي آهن جيڪي قومي سرچاءُ ماڻڻ لاءِ سوکڙي
ڳولي ڪڍن. گھوٽالو رڳو ان حال ۾ حل ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن سياسي حقن جي ضمانت ڏني
وڃي ۽ ماڻهن کي اها پڪ هجي ته سندن
مسئلا بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪيا ويندا.
اها ڳالهه ضرور محسوس ڪرڻ گھرجي
ته اهو رڳو سياسي سرشتو (عمل) ئي آهي جنهن وسيلي اهي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا.
بهرحال، اهو واجب آهي ته جن ماڻهن سياست کي زور بار وسيلي يا نجي فوجون منظم ڪرڻ
وسيلي يا لساني، نسلي يا فرقيوارانه جذبا ڀڙڪائڻ وسيلي پنهنجي مفاد ۾ ڪم آندو آهي، انهن کي
سختيءَ سان دٻايو وڃي ۽ ان سان گڏ حقيقي
سياسي ۽ معاشي ڏاکڙا به
ذهانت سان ئي حل ڪرڻا آهن. تشدد جي
سياست کي ختم ڪرڻ ئي صحتمند سياسي عمل جو منڍ آهي.
سياسي سائنسدان چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته لشڪري قوت جو واهپو ڪجھه سياسي دوکن
(وڏين چُڪن، بِلنڊرس) کي عارضي طرح ٺيڪ
ڪري سگھي ٿو، پر ملڪ جي صحتمند حڪومت هلائڻ لاءِ فوجي قانون (لشڪري حڪمراني) ڪو
متبادل ناهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي ڪنهن به حالت ۾ هن للڪار ڏانهن مثبت
موٽ ڏيڻ گھرجي.
منهنجي سوچ موجب لشڪري مهم جي سوڀ
ڪيترن ئي قدمن تي دارومدار رکندي ۽ آءٌ انهن مان ڪجھه وڌيڪ اهم قدمن جي نشاندهي ڪرڻ پسند ڪندس:
1. آپريشن هر حالت ۾ پوريءَ طرح بي
ريا، ايماندار ۽ سياسي طرح غيرجانبدار هئڻ گھرجي. ڪنهن هڪ ٽولي جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين
تي ڏنڊ ڏوهه مڙهڻ جهڙي عمل ۾ اها شڪتي آهي جو سڄي آپريشن کي بي اثر ڪري سگھي.
توهان ڪنهن جي چونڊ ڪري پوءِ ان سان انصاف ڪيو، ائين ٿي نه ٿو سگھي. اندرين معاملن
جي وزير پنهنجا انديشا ظاهر ڪيا آهن ته سندس پنهنجيءَ پارٽيءَ جا ڪي وزير متان
پنهنجون وفاداريون تبديل ڪن، جيڪڏهن
انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪي سندس تحفظ هيٺ آهن. ان قسم جي چونڊ انصاف کان
وڌيڪ موتمار ٻي ڪا به شيءِ ٿي نه ٿي سگھي. ڏوهاري،
جتي به آهن ۽ جنهن به پارٽي ۾ هجن، سزا هيٺ اچڻ گھرجن. سول آباديءَ خلاف، ايم ڪيو ايم، ڪيترن ئي سخت ۽ هاڃيڪار ڏوهن جي ذميوار رهندي آئي آهي. ٻين ڪيترن سان گڏ جماعت اسلامي ۽
اسلامي جمعيت طلباء جي
ڪارڪنن ان (ايم ڪيو ايم) جي ڪري پئي لوڙيو آهي.
جڏهن اسين محسوس ڪيون ٿا ته انصاف
ضرور ڪيو وڃي، تان جو ايم ڪيو ايم جي
ڪارڪنن سان به، پوءِ ڇو نه اهو ايم ڪيو ايم جي عام وهڪري ۾ هجي يا ان جي منحرفن
(مخالفن) ۾. ڪير به ذميوار هجي ۽ تشدد جي سياست ۾ ملوث هجي، ان کي بنا ڪنهن امتياز جي بند
ڪرڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح، ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطيدار ماڻهو، پوءِ حڪومت ۾ هجن يا
مخالف ڌر ۾، جيڪو تشدد جي سياست ۾ ملوث آهي
قانون موجب سزا هيٺ اچڻ گھرجي. جڏهن ته بنا ڪنهن فرق جي ڏوهاري عمل جاري رکندڙ کي
سزا ڏيڻ هن آپريشن جو وڏو مقصد آهي. تنهنڪري هر ممڪن احتياط ڪيو وڃي ته ڪو به
بيگناهه ماڻهو، پوءِ ڀلي هو ڪنهن تشدد ڪندڙ سياسي پارٽيءَ سان ئي واسطيدار ڇو نه
هجي، کيس هن عمل هلندي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح ٽولن ۾
امتياز ۽ هڪَ ٽولي کي ٻي خلاف استعمال
ڪرڻ هن آپريشن جي يڪجهتيءَ تي اثر وجهندو. اهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
2. آپريشن
جي ڪاميابي پنهنجو گھڻو دارومدار اطلاعن جي درستيءَ ۽ اطلاع ڏيندڙ وسيلي جي مؤثر
هجڻ تي رکي ٿي. سوير ئي ٿي ويل غلطيون، ائين ٿو لڳي ته لڳ لڳاپي (ڳنڍپ، ڪميونيڪيشن) ۾ ناڪاميءَ ۽ ڪجھه ناجائز مفادن
پاران عهدي جي غلطڪاريءَ جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيون آهن. ان قسم جا ناجائز مفاد رکندڙ
پوليس، سِول انتظاميا ۽ سياسي پارٽين ۾
موجود آهن. فوج کي انهن بابت هوشيار رهڻ گھرجي ۽ پنهنجيءَ مهم لاءِ پنهنجا سڌا اطلاع ڏيندڙ وسيلا جوڙڻ گھرجن.
3. احتساب جو عمل بنا ڀڃڪڙيءَ، اثرائتو ۽ کليل رهڻ گھرجي. ان جو مطلب آهي ته
پريس آزاد، پر ذميوار هجڻ گھرجي. اسين هڪ ڳنڀير قومي صورتحال (بدحالي) ۾ ڦاٿل آهيون ۽ اهڙي وقت ۾ پريس پاران ڪوبه بگاڙو
يا جانبداريءَ جو اظهار جوکائتو ٿيندو. پريس جي آزادي اڻٽر (ضروري) آهي. عوام پاران
احتساب جو اهو هڪ اهم فورم (بحث جي جاءِ) آهي. ساڳيءَ طرح قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جي گڏجاڻي جاري رهڻ گھرجي، اهڙي نموني جو سياسي
احتساب جو سرشتو ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سندن عمل وڌيڪ کليل (پڌرو) هجي. اهو ڏاڍو اهم آهي
ته آپريشن ۽ ان جي نتيجن بابت لوڪ کي لکا پوندي اچي. اهو عمل آپريشن جي سوڀ کي
يقيني ڪندو. هڪ سبق، جيڪو اسان کي اڳوڻين اوڀر پاڪستان ۽ بلوچستان وارين لشڪري مُهمن مان سکڻ گھرجي، هي آهي ته جيستائين فوج کي عوام ۽ سندن سرگرم
سهاري جو ڏڍ مليل ناهي، تيستائين اهڙيون مهمون سوڀاريون ٿي نه ٿيون سگھن. فوج جو
عوام سان لاڳاپو ۽ انهن کي اطلاعيل رکڻ ڀروسي ۽ سهڪار جو اهو روح برقرار رکڻ ۾ مدد
ڏيندو. احتساب فوج ۾ ماڻهن جو ڀروسو ۽ ايمان اڃا به وڌائيندو.
4. وقت جو جزو پڻ ڏاڍو اهم آهي. آپريشن مختصر ۽ تڪڙي هئڻ گھرجي. جيڪڏهن ان کي حد
کان وڌيڪ اينگھايو ۽ ڊيگھاريو ويو ته پوءِ متان اها فوج کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏي.
آپريشن، ڳوٺن توڙي شهرن ۾، هر ممڪن ٿوري وقت اندر پورو ڪري وٺجي ــــــ فوج کي اها صلاح ٿي ڏجي.
5. فوج کي اهو پڻ ڏسڻ گھرجي ته حياتيءَ جو نقصان گھٽ کان گھٽ
ٿئي. آپريشن جي ڊگھو عرصو اثر رکندڙ، سوڀ تڏهن هوندي جو ڏوهارين کي جيئرو پڪڙجي ۽
انهن کي واجبي سزائون ڪورٽ
وسيلي ملن، خصوصي ڪورٽن سميت، جيڪي
ٻارهين ترميم هيٺ قائم ڪيون ويون آهن.
6. غير قانوني هٿيار ۽ بارود ۽ بم هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍي ڍر پئي ٿئي. گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ نجي
فوجن وٽ موجود ناجائز هٿيار جو رڳو ٿورو حصو ڳوليو ويو آهي. ناجائز هٿيار پڪڙڻ
آپريشن جو اهم نشانو هئڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح ٻيلن سان گڏ ڌاڙيلن ۽ پرڏيهي ايجنٽن جي
شهري پاڙن جي صفائي وڏو مقصد هجڻ گھرجي. نجي فوجون ۽ زير زمين تنظيمون هن آپريشن
دوران پوريءَ طرح ناس ٿيڻ گھرجن.
7. اهو به اهم آهي ته جيڪي ڏوهاري سنڌ مان پنجاب يا بلوچستان ڏانهن ڀڄي ويا آهن،
انهن کي پڪڙيو وڃي ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان گڏوگڏ ڀارت مان به هٿيارن ۽ بارود جي پهچ
جون راهون بند ڪيون وڃن.
8. ٻي ڌيان ۾ رکڻ جوڳي ڳالهه، جيڪا فوجي قيادت جي ذهن ۾ هجڻ گھرجي، اها هيءَ ته
آپريشن جي رٿابندي اثرائتي ۽ چِٽي هجڻ
گھرجي. اهو اڪثر ڏٺو ويو آهي ته کيڏ جي اصولن کي چوٽيءَ جي عملدارن وٽ به چٽو رکيو
وڃي ٿو، پر اهي اصول انهن بنيادي ڪارڪنن تائين صحيح نموني نه ٿا پهچايا وڃن، جيڪي عام ماڻهن سان سڌي واسطي ۾ اچن ٿا. هن قسم جي آپريشن
۾ گھڻو سيڪ نان ڪميشنڊ آفيسرن، صوبيدارن ۽ جوانن کي اچي ٿو. اهم آهي ته انهن
بنيادي ڪارڪنن کي کيڏ جا قانون چڱيءَ طرح سمجھايا وڃن ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته عوام
سان رويو ڪهڙو رکن. اهو سندن سچائي (ايمانداري) ۽ همدردانه رويو ئي آهي، جيڪو فوجي
آپريشن جي حمايت ۾ ماڻهن جون دليون کٽي سگھندو، ٻيءَ حالت ۾ کين انهن کي پري ڌڪي ڇڏيندو. اهو ڪارڪن لڏو ئي فوج جو حقيقي نمائندو (ايلچي، سفير) آهي ۽ جنهن انداز ۾ کين
رويو رکندي عوام محسوس ڪندا ته اِهي کين ئي بچائيندڙ آهن ۽ ميدان ۾ ان ڪري لٿا آهن
جو کين ڌاڙيلن ۽ نجي فوجن کان محفوظ رکي سگھن. منهنجي راءِ آهي ته فوجي قيادت کي
منهنجين هنن گذارشن تي گمڀير ڌيان ڏيڻ گھرجي.
آخر ۾، فوجي آپريشن جي سوڀ لاءِ
دعا گھرندي، اهو صاف ڪرڻ ٿو گھران ته فوج کي پنهنجين ڪوششن جو خاص ڌيان قانون ۽ حڪم
(امن ۽ امان) جي بحاليءَ ۽ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کان سماج کي پاڪ ڪرڻ تي سيڙائڻ گھرجي.
جيستائين سماجي ۽ سياسي سوکڙيءَ جو
واسطو آهي اها ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ قومي قيادت جي ذميواري آهي. اها رڳو فوج نه آهي،
جيڪا آزمائش ۾ هجي. سڄي ملڪ جي سموري سياسي قيادت پڻ آزمائش هيٺ آهي ۽ اميد رکان ۽
دعا ڪيان ٿو ته سياستدان پنهنجي پارٽي مفادن کي مٿانهان ٿي رڳو قومي مفاد ۽
اثرائتي ابتدا جي سلسلي ۾ سوچيندا ته جيئن سياسي گھوٽالو حل ڪري سگھجي. مسئلن جي ذميوار سببن جي خاتمي لاءِ پروگرام تيار ڪري سگهجي ۽ هڪ اهڙي
سياسي بندوبست تي پهچي سگهجي جيڪو تشدد جي سياست ختم ڪري ۽ صوبي کي آئين ۽ صحتمند
سياست جي اصولن موجب هلڻ لائق بنائي.
(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 16 ۽ 21 آگسٽ
1992ع، ٻن قسطن ۾.)
No comments:
Post a Comment