رِڍن جي ماٺ
شفقت اي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪراچيءَ ۾ ويڙهه جا پڙلاءَ وري
پيا ٻڌجن. لشڪري آپريشن بابت کُٽڪا خوشيءَ جي هشڪارن ۽ تاڙن ۾ بدلجي ويا آهن.
سياستدانن ۽، ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته، عام لوڪ به پنهنجي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پر اها اميد رکندي ته آپريشن سندن حامين بدران گلاخورن کي
کائي ويندو. پِي ڊِي اي (پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس = عوامي جمهوري اتحاد)، جيڪو سول (غير فوجي شهرين جي)
سرواڻيءَ ۾ ڪجهه ايمان رکڻ جو آخري ڀنڊار آهي، پڻ هن آزمائش کي هلڻ ڏنو آهي.
اهڙي ئي، بدقسمتيءَ سان، واٺُو
(ويڙهاڪ، ويريئر) حڪومتن جي فطرت آهي. اهي پاڻ ئي پنهنجين آبادين کي کائينديون
رهيون آهن، اڻ لکي نموني پر پڪيءَ طرح، لشڪر
(ملٽري) پنهنجي مٿان جھنڊو اوڍي، ان جھنڊي کي ڪنهن وقت قومي رنگ چڙهيل هوندو آهي
ته ڪنهن وقت مذهبي اڪثريت جو، خاص طرح اڪثريتي صوبي ۾، انهيءَ جھنڊي پٺيان نڪري پوندي آهي ۽ سياستدانن ۽ دانشورن جا
خيال ايڏا ته يَڪ روپا (يونيفارم) ٿي
پوندا آهن، جيئن لشڪر جو يڪ روپو ويس. نه ماضي ياد رکيو ويندو آهي ۽ نه ئي وري ان
جي نتيجن تي ڌيان ڌريو ويندو آهي. سبب، عقل کي جيئن دٻاءُ ٻوڙي ٿو، تيئن اصولن تي مصلحت ڇانئجي ويندي آهي. لشڪر
سدائين سياسي جوڙجڪ ۾ ئي قانوني پاسو تاڙي وٺندو آهي ـــــ جنرل ضياءالحق پنهنجو
قانوني پاسو جماعت اسلاميءَ وٽ ڏٺو ۽ ان کان پنهنجو اقتدار ۾ اچڻ قانوني طرح جائز
ثابت ڪرايو. جڏهن ته هاڻوڪو لشڪري (راڄ حڪومت، رجيم) اهو آزاد خيال ۽ کاٻي ڌر وارن
وٽ ڳولي رهيو آهي، ۽ نڀاڳ چئجي جو ايئن ظاهر ٿيندي نظر اچي ٿو.
سياسي معاملن ۾ لشڪري مداخلتون سدائين پوريءَ طرح توريل تڪيل هونديون آهن،
موقعي مهل جي گھرج چڱيءَ طرح جوڙي ويندي آهي ۽ دشمن (شڪار) خبرداريءَ سان چونڊيو ۽ بڇڙو ڪيو ويندو آهي. هڪڙي واري بڇڙو
ڪري، مٿانئس قانونيت جو پيل هر پردو هٽايو ويندو آهي ۽ دشمن جي مڪمل تباهي اباڻي ملڪ ۾ هڪ عوامي مقصد ٿي پوندي آهي. هن ڀيري جهنڊو قومي
آهي، گهرج کي امن امان جي بحاليءَ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ عارضي طرح (في الوقت) دشمن آهي ايم ڪيو ايم. ان کي بڇڙو ڪرڻ لڳ ڀڳ غير
ضروري آهي ڇو ته ارادي سان هجي يا اوڏو ايندڙ، هوءَ پنهنجو دهشتگرد تصور اڳ ئي پڪو
ڪري چُڪي آهي ـــــ کيس مليل لشڪري تحفظ ۽ آءِ جي آءِ جي هنج ۾
نيپاج سبب منجهس اسريل هَٺ ۽
دهشتگرد صلاحيتن جي ڪري خوب موج ڪئي آهي.
”اباڻو“ ملڪ سدائين جيان پنجاب آهي، بيٺڪ
يا ته سنڌ آهي يا ڪراچي، جتي اباڻي ملڪ جا رهاڪو تحفظ جي کوٽ جي دانهن ڪن ٿا ۽
ايتري قدر جو سخت قدم کڻڻ لاءِ ”اباڻي“ ملڪ ۾ عوامي راءِ به گُهر ڪري ۽ ان جي حمايت ڪري ٿي. پنجاب ۾ ترقي پسند عنصرن جي ماٺ، ان ڪري عجب ۾ وجهندڙ ناهي، جو ممڪن آهي ته
اها ساڙ، ڊپ، جانبداريءَ ۽
مصلحت پسنديءَ جي ڪري هجي. ان ڪري اها ٻوڙِي ٿيندي پئي وڃي.
هن ماٺ کي ٽٽڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي، ضياء دَور ۾ نپايل ٻئي پاٺڪا، جن اسان کي سخت هاڃو رسايو آهي، ايم ڪيو ايم جي تباهيءَ جي نظارن تي خوشيءَ جو احساس به آهي، پر مون کي اهو به مڃڻ گهرجي ته ان کي رنڊائڻ گهربو هو. آهي ته زبري لالچ
پر بهرحال رنڊائڻ گهرجي. اصولن سول
معاملن ۾ فوجي مداخلت جي مخالفت ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم سان ليکو چوکو ٺيڪ رکڻ يا وڏن توڙي ننڍن شهرن، ڳوٺن ۽
ٻيلن کي پاڪ صاف رکڻ بدران گهڻو ڪجهه داءَ تي لڳل آهي. جماعت اسلامي کي ڪو به
سياسي مؤقف ناهي ۽ هن وقت تائين رڳو لشڪري حڪومت جي سهائتا يا ڪجهه طاقتور عرب
حڪومتن جي پٺڀرائيءَ وسيلي جيئري رهندي آئي آهي. ايم ڪيو ايم پڻ پاڻ کي کپائي
ڇڏيندي، جيئن تنظيم اندر لڪل لڙائيءَ مان پڌرو آهي.
پوءِ، ڇو اسين پاڻ کي وڏي مامري مان ڪڍي ٻاهر ڪيون: مامرو هي آهي ته ڇا اسين سول معاملن ۾ لشڪري مداخلت، جنهن
ماضيءَ ۾ ڪيل چڙهاين جا منفي اثر ڇڏيا آهن ۽ اڪثريت جي (پنجابي) غلبي ڏانهن صوبن ۾
نازڪ اثر پکيڙيا آهن، کي قبول ڪرڻ ۽ سهارو ڏيڻ جاري رکنداسون؟ ڇا اهڙي ڪا به صفائيءَ جي مهم (آپريشن ڪيلن اپ) ڪن به ڊگھي مدي وارن حَلن ڏانهن وٺي ويندي؟ ٻيو، هن کان پوءِ ڪير هوندو ۽ ڇا
هوندو؟ ۽ آخري، پر انتهائي نه، هن آپريشن
جو اقتصادي اگھه ڪيترو هوندو؟
اچو ته اسين سول معاملن ۾ لشڪري
مداخلت جي ڊگھي مدي وارن پاسن تي نظر وجھون. جيتوڻيڪ ڪجھه عارضي مفاد ماڻيا ويا آهن، پر ڊگھي
مدي وارا اثر سڄي سماج تي اڻٽر نموني هاڃو رسائيندڙ ثابت ٿيا آهن. اسان جي حياتيءَ
جي سمورن لقائن تي لشڪر جو جٽاءُ
رکندڙ ۽ غلبو ڪندڙ اثر شايد انجيل جي هڪ آکاڻيءَ جي حوالي سان سٺي نموني سمجهه ۾ اچي:
هڪ عورت هڪ ڀيري جوزبن حلفتا نالي ربي کان پڇيو، ”جيڪڏهن تخليق جو عمل رڳو ڇهن ڏينهن ۾ پورو ٿي ويو ته پوءِ ان وقت کان وٺي هن
مهل تائين ڌڻي ڇا پيو ڪري؟“ هن جواب
ڏنو، ”ڌڻي پنهنجو وقت ڏاڪڻيون ٺاهڻ ۾ پيو
گذاري، ته جيئن ڪي چڙهي سگھن ۽ ڪي لهي
سگھن.“
وقت گذرندو رهيو ۽ پاڪستان جي
تخليق کان وٺي چڙهڻ ۽ لهڻ واريون ٻنهي قسمن جون ڏاڪڻيون، اسان جي اميريڪي دوستن ۽ پنجاب ۾ رهندڙ واٺو ذهنيت جي مهرباني سان، لشڪري قوتن جي هٿن ۾ رهيون آهن.
سول معاملن ۾، دستوري يا ڪنهن به
ٻي صورت ۾ لشڪر جي شموليت وارو اسان جو ماضيءَ جو تجربو سمورن سول ۽ سياسي ادارن جي ڪمزور هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. جنرل ضياء جي حڪمراني کي، ڪنهن آڳاٽي زماني جي ڳالهه ناهي، وساري نه ڇڏڻ
گھرجي. هن جو راڄ پڻ احتساب ۽ امن امان
جي وچن سان شروع ٿيو هو. جڏهن هن ڇڏيو، تڏهن انهن ٻنهي معاملن ۾ ابتري اڃا
به وڌيل هئي.
پنج اهم لاڙا هن جي حڪمراني هلندي
نڪري ظاهر ٿيا:
1- سول ادارا جيئن عدليا ۽ پارليامينٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيڻا
هئا.
2-
اهي جيڪي
ملٽري (لشڪر) جي ويجهو هئا، ان جي ارهه زور حڪمراني هلندي ۽ ضياء جي موت کان پوءِ
به سياسي بگاڙي جو مکيه لاڀ کائيندڙ هئا.
3-
ايم ڪيو
ايم کي سياسي منظر تي ڇانئجڻ لاءِ
ئي نه، پر تعليمي ادارن تي به، جيڪي ايم ڪيو ايم جا ڄَڻيندڙ هئا، قبضو ڪرڻ لاءِ، ڪنهن حد
تائين، ملٽري ايجنسين جي رٿيل ’ورهايو ۽
ويڙهايو‘ وارين پاليسين جو نتيجو هئا. ان ڪم لاءِ دهشتگرد تنظيمون خلقيون ويون،
هٿياربند ڪيون ويون ۽ انهن کي بچاءُ مهيا ڪيو ويو.
4-
پنهنجي پسند جا عوامي نمائندا ڳولي ڪڍڻ لاءِ سماجي سطح کي پوئتي ڌِڪي، ابتدائي
راڄوڻي برادريءَ واري قبيلائي سطح تي آندو
ويو (جيئن کين سولائيءَ سان پنهنجي
مرضيءَ موجب هلائي سگھجي).
5-
پاڪستان
کي پنهنجن پاڙيسرين سان جنگ ۾ اڙايو ويو ۽ ان پاڻ کي عالمي ڀائپيءَ ۾ غير محفوظ ۽
ڪٽيل پئي محسوس ڪيو.
ضياء دَور کان نڪرندي پاڪستاني سماج جو سڄو تاڃي پيٽو بگڙيل ۽ ادراڪ کان
چڙهيل تبديليءَ هيٺ آيل هو. سنڌ ۽
سنڌي رياستي ايجنسين ۽ رياستي نگھبانيءَ هيٺ هلايل تنظيمن؛ جيئن
جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي هٿان ڦٽيل ۽ معاشي اڻهوند جو شڪار ٿيل هئا.
جمهوريت کي پيار ڪندڙ سمورن ماڻهن ان وقت
سنڌ کي فوج جي ”گھيريو ۽
ماريو“ وارين مهمن هيٺ محسوس ڪيو. ڇا هاڻ اميدون ٻيون ٿي سگھن ٿيون؟ مان هن نُڪتي تي بحث نه ڪندس.
ساڳيءَ طرح، جنرل يحيٰ خان جي
مختصر حڪمرانيءَ، کانئس پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو ان تي اڻمٽ نشان ڇڏيا. ايمان ۽ اباڻي ملڪ ٻنهي کي بچائڻ جي نالي ۾ بنگال جا مسلمان ڪُٺا. سرڪاري ۽ سماجي طرح اهڙي ته سخت پابندي پيل آهي جو ويهه
ورهيه گذري وڃڻ ۽ پريس جي آزاديءَ باوجود، ايئن لکندي منهنجا لڱ پيا
ڏڪن. اباڻي ملڪ جو بچاءُ جپڻ جو
ڪم ذوالفقار علي ڀُٽي
بلوچستان ۾ فوجي مهم هلائڻ مهل به ڪيو. ذوالفقار علي ڀُٽي، ٻيهر 1977ع ۾ قانون ۽ حڪم (امن امان) جي بقا لاءِ وري
فوج کي ميدان ۾ آندو. اها ئي فوج جيڪا هن ٺاهي ۽ ڪتب آندي. نيٺ کيس ۽ انهن ادارن کي جيڪي هن ٺاهڻ پئي گھريا، ڳِهي وئي. ساڳيءَ طرح جنرل مرزا اسلم بيگ، هاڻي رٽائر ٿيل، جي اڳواڻيءَ هيٺ گذريل لشڪري ڪاهه اسان کي
نمائنده چونڊيل حڪومت کان وانجهو ڪري ڇڏيو ۽ هو اسان کي هڪ اهڙي وزيراعظم سان سنجي
سينگاري ويو جيڪو نه ته
واسطيدار آهي ۽ نه ئي وري لائق.
نظرياتي لاڙن ۽ ان جي اڳواڻن جي
ذاتي ورتاءَ سان واسطو نه رکندي، لشڪري ذهن،
پنهنجيءَ سکيا پٽاندر، سول
سماج ۽ اٿندڙ اڻوڻندڙ آوازن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيندڙ جهيڙن، خاص طرح هڪ گھڻ نسلي ۽ گھڻ لساني رياست کي، جيئن اسان جي آهي، پروڙي نه ٿو سگھي.
چيڙهالن سماجي، معاشي ۽ تاريخي
معاملن جي ميڙاڪي گوڙ جي نتيجي ۾ جيڪا اڻبڻت ظاهر ٿئي ٿي، انهن جا حل به انهن جيان
چيڙهالا ٿين ٿا. اڃا تائين، لشڪري ذهن رڳو
انتهائي سادڙا ۽ آخري حتمي حل ئي، جيڪي ڪردار جي لحاظ کان ڀورڙائي ڀريل ۽ ڪٺور
هوندا آهن، ڳولي سگھي ٿو. ڇو، سڄيءَ دنيا ۾ اسين سوچيون ته هن ڀيري ڪجھه ٻيو
ٿيندو.
هڪ ٻيو اهم سوال هي آهي ته، هاڻي
ڇا جو ۽ ڪنهن جو وارو آهي؟ ڇا اسين تڏهن به ماٺ رهڻ پسند ڪنداسون جڏهن لشڪر ايم
ڪيو ايم تي سوڀ جي نشي ۾ سرشار ٿي سنڌي قومپرستن، الذوالفقار ۽ ٻين، جن 1990ع ۾ ڊسمس ڪيل قانوني حڪومت کي
بحال ڪرائڻ لاءِ جنگجوئي ڏيکاريندي غير رواجي طريقا ڪتب آندا، ڏانهن وڌندو؟
محترمه ڀٽو جي حڪومت جي عملن لاءِ
ڪنهن جو ڪهڙو به رايو هجي، پر هن جي حڪومت اصولي طرح چونڊيل ۽ لوڪار (لوڪ واري، پاپولر) حڪومتي هئي. جيڪڏهن اسين اها سڌ رکون ٿا ته
ملٽريءَ پاڻ جيڪو ڪجھه خلقيو ۽ نپايو تنهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ قوت ڪم آڻي، ته پوءِ
هاڻوڪي حڪومت پاڻ به ان صدر، جنهن جي پ پ پ کي ڊاهڻ وارن وهمن اسان کي اڄوڪي نازڪ
حالت تي آڻي بيهاريو آهي، جي غير قانوني تخليق آهي.
هاڻوڪي حڪومت اٿندي ئي قانونپ کان
وانجهيل رهي آهي ۽ هاڻي پنهنجي نالائقيءَ ۽ عوامي پاليسيءَ جي کوٽ سبب پنهنجي
معتبري وڃائي چڪي آهي. وزيراعظم کي استعيفا ڏيڻ گھرجي يا کانئس ڏيارڻ گھرجي.
جيڪڏهن محترمه ڀٽو جي حڪومت سڌيءَ طرح بحال نه ٿي ڪري سگھجي، ته تڪڙيون ۽ صاف سٿريون چونڊون ئي اڪيلو عمل لائق ۽ اصولي
حل آهي. ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ يا ڌاڙيل جي ڊپ تي لشڪري قوت وسيلي نه، پر ٺهڪندڙ سياسي عمل وسيلي ئي غالب پئجي سگھجي ٿو.
جوهر ۾، جمهوريت ئي اسان جي نجات
جي اڪيلي واهه آهي ۽ لشڪر، ڪيترو به معصوم هجي، اسان کي ان منزل تي پهچائي نه ٿو
سگھي.
پهريون مثبت قدم هلايل آرڊر جي
خلاف هجي، اختيارين (اٿارٽيز) لاءِ ڇا اهو ڏکيو هوندو ته اهي انهن عنصرن کي ڌاڙيل يا
رياست دشمن يا ”را“ جا ايجنٽ سڏين ۽ اهڙو آپريشن ڪن جهڙو 1983ع ۾ هلايو ويو هو؟
ماڻهوءَ جي يادگيري ايتري ٿورڙي ته ناهي.
هٽلر جي جرمنيءَ مان بچي نڪتل هڪ
ماڻهوءَ جي ڳالهه منهنجي ذهن ۾ پئي اچي، جنهن کي مان هتي سولو ڪري لکان ٿو: اهي نازي ڪميونسٽن کي ڦري آيا ۽ انهن کي کڻي ويا. مان ماٺ
رهيس، ڇو ته مان نه ته ڪميونسٽ هيس ۽
نه ئي وري انهن جو حمايتي، پوءِ اهي سوشلسٽن کي ورائي ويا ۽ انهن کي ڪاهي ويا. مان
ساڳين سبب جي ڪري ماٺ رهيس. پوءِ اهي يهودين کي گِھِلي ويا. مون نه ڳالهايو، ڇو ته يهودي به نه هيس. پوءِ اهي پراهين پاڙي مان
ڪجهه ماڻهو وٺي ويا. مون کي انهن لاءِ احتجاج ڪرڻ جي گهرج محسوس نه ٿي، ڇو ته اهي
ٻي پاڙي جا هئا. نيٺ اهي منهنجي لاءِ اچي پهتا. ان وقت ڪو به نه هو جيڪو منهنجي
لاءِ آواز اٿاري ۽ مون پاڻ کي اڪيلو به ڀانيو ته اُٻاڻڪو به. اهڙي ئي آهي فطرت
لشڪري ۽ واٺُو رياستن جي ۽ اهڙا ئي آهن ماٺ رهڻ جا خطرا.
(ڇپيل: روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، 26 جولاءِ 1992ع)
No comments:
Post a Comment