حسن مجتبى ۽ او.ٽِي. صديقي/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
”مددگار“ جٿو ــــــ سي.آءِ.اَي
سي آءِ اي ــــــ ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (ڏوهه جاچ
اَيجنسي ــــــ ڏ.ج.ا) پنجاهي ڏهاڪي جي ابتدائي ورهين
۾ انهن منجهل ڪيسن کي جاچ هيٺ آڻڻ جي نيت سان ٺاهي وئي، جن کي پوليس حل نه ڪري سگهي هجي. ان جو مهندار هڪ پوليس سپريڊنٽ کي مقرر ڪيو ويو
۽ سندس مدد لاءِ ٻيا اهي ماڻهو رکيا ويا جن کي پوليس نوڪري ڪندي ڏوهن جي جاچ ڪرڻ
جو چڱو تجربو هو.
سي آءِ اي کي پوليس قاعدن جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو هو، ان کي ايترو
اختيار به مليل نه هو ته ڪنهن ڏوهاريءَ کي ڪنهن قانوني عدالت ۾ چالان ئي ڪري سگهي.
ان جو فرض رڳو ايترو هو ته ڏوهه جي جاچ ڪري ۽ هٿ ڪيل ڄاڻ ۽ سڀ شاهديون/ثبوت
واسطيدار پوليس اداري جي حوالي ڪري. بهرحال، ان نظام بلڪل ٺيڪ، ڪارائتي ۽ رٿيل نموني
ڪم نه ڪيو ۽ ترت ئي بي قاعدگين/لاقانونيت جون رپورٽون عام ورتاءُ بنجي ويون.
ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن سي آءِ اي
پاران قيد ڪيل هڪ مقامي واپاري نور محمد سي آءِ اي جي تحويل ۾ هوندي ئي مري ويو.
اها پنجاهي واري ڏهاڪي جي ئي ڳالهه آهي. سي آءِ اي جي تحويل ۾ اهو پهريون رڪارڊ ٿيل موت هو ۽ سمجھيو ويو ته نور محمد
کي اذيتون ڏئي ماريو ويو هوندو. انهن ڏينهن ۾ سي آءِ اي جي ڊپٽي سپريڊنٽ پوليس (ڊي
ايس پي) اقبال شاهه ۽ ٽن ٻين ڪارندن تي قتل جي الزام آيو. انهيءَ قتل تي ايڏو ته عوامي
ردعمل/احتجاج ٿيو جو جڏهن به ملزمن کي سندن ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ ڪورٽ نِيو ويندو هو، تڏهن رستن تي گھمندڙ ماڻهو مٿن آنن ۽ سڙيل ٽماٽن جو وسڪارو لائي
ڏيندا هئا. ”انهيءَ کان پوءِ سي آءِ اي هڪ راڪاس جي صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي،“ هڪ
سينئر سِي آءِ اي آفيسر چوي ٿو.
ستر واري ڏهاڪي ۾ سي آءِ اي کي نئين ٺاهيل ”شاهين فورس“، جيڪو سي
آءِ اي جيڏو ئي بدمعاش هو، سان ڳنڍيو ويو، پر اها جوڙجڪ ترت ئي ختم ڪئي وئي. وقت گذرڻ سان گڏ سِي آءِ اي
سينٽر بابت زوريءَ گھلڻ، بند ڪرڻ، اذيتون ڏيڻ، ڦُرڻ، اغوا ڪرڻ ۽ غير قانوني ڏنڊ
وجھڻ جون رپورٽون هڪ عام وهنوار بڻجي ويون. هڪ پاسي ڪجھ اهڙا سينئر سي آءِ اي آفيسر
به هئا جن ڪي چڱايون ڪيون پئي، انتهائي بدمعاش ڏوهاري ٽولن کي تباهه ڪرڻ تي سندرو
ٻڌيو بيٺا هئا، ته ٻي پاسي ڪي هئا جن
انهن بدمعاشن کي هر قسم جون رعايتون پئي ڏنيون. ضروري ناهي ته رعايتون هر واري
قانوني ئي هجن. اهڙن مان گھڻا آفيسر هاڻي ڪروڙ پتي آهن ۽ ظاهر آهي ته سندن قسمتون
پگهارن جي پيڙهه تي اڏيل ناهن.
ڪڏهن ڪڏهن، بهرحال، قانون جي سگهه
مٿان سَرنديءَ وارن جي سگهه برتر ثابت ٿيندي رهي. انسپيڪٽر نور احمد شيخ هڪ ڀيري
رانا اشرف جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽيءَ واري جاءِ تي هڪ وڏي جوئا جي ٽڪريءَ کي ڳولي لڌو، جتي سيٺ عابد به موجود هو،
۽ رانا اشرف ۽ ان جي دوستن کي ڪروڙين روپين سان گڏ سڳ سوڌو پڪڙي ورتو. بهرحال،
ملزم جي سرنديءَ کي جس هجي، ترت ئي اهو ڪيس ٻهارجي ويو ۽ انهن ڏينهن ۾ پوليس جي
انسپيڪٽر جنرل (آءِ جِي)
ڪراچي، بشير احمد صديقي کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو.
آگسٽ 1990ع ۾ بينظير حڪومت جي
خاتمي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي جي ڏينهنِ ۾ بدمعاش سي آءِ اي، جيتري سدائين هئي، هن
ڏيهه جي هڪ اهڙي تنظيم ٿي اڀري جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڊيڄاريندڙ ۽ هيبائتي هئي. انهن
ڏينهن ۾ اعلى عهديدار صدر غلام اسحاق خان جي نياڻي عرفان الله خان مروت کي وڏي
وزير جو گھريلو معاملن وارو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
آفيس والارڻ کان ترت پوءِ ڄام
صادق علي ڪيترن ئي ايس ايس پي عملدارن کي گھرايو ۽ کين حڪم ڏنو ته اهي آصف علي
زرداريءَ کي غلام حسين انڙ ڪيس سان گڏ ٻين
ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث ڏيکاري گرفتار ڪن. توڙي جو ڄام صادق علي انهن پوليس آفيسرن
کي حڪم جي پوئواري ڪرڻ سبب مبينه طرح سخاوت ڀريا انعام ڏنا، پر رڳو هڪ ماڻهو هو جيڪو مامري کي سٺي نموني نباهي سگهيو،
اهو هيو سِي آءِ اي جو ايس ايس پِي سليم اختر صديقي، جنهن بابت ٻڌو پيو وڃي ته کيس پ پ جي پير مظهرالحق ۽ ڪجھ ٻين پ پ اڳواڻن خلاف
شخصي وير هو. آصف علي زرداري ۽ سندس سنگتين ۽ نوڪرن کي قيد ڪرڻ جو معاملو هن پنهنجي هٿ کنيو.
صديقيءَ بابت چيو ٿو وڃي ته هن شخصي طرح ڪيترن ئي پ پ اڳواڻن ۽
سرگرم ڪارڪنن کي، جن ۾ اهي به شامل هئا جن تي آگسٽ 1990ع ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪئمپن تي
فائرنگ ڪرڻ جي تهمت آندل هئي، اذيتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عيوضي ۾، هڪ جونيئر آفيسر کي ٽڪڙي ۽ وڏي ترقي ڏئي حيدرآباد علائقي جو
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊِي آءِ جِي) مقرر ڪيو ويو، جتي هن هڪ سؤ کان وڌيڪ ماڻهن کي فرضي مقابلا
ڏيکاري اهو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو ته اهي ڌاڙيل هئا. اهو به چيو وڃي ٿو ته صديقيءَ کي ڪيل خدمتن جي عيوض ڄام صادق علي هڪ ڪروڙ روپيا عنايت ڪيا ۽ سندس نالو
قائداعظم ميڊل لاءِ تجويز ڪيو.
توڙي جو سي آءِ اي پنهنجي نئين
تازي سربراهه، ايس پِي ممتاز
برنيءَ جي سربراهيءَ هيٺ هن وقت هيٺين سطح تي رکيل آهي پر ان
ايجنسيءَ جي ڪم جو طريقو، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته
گھٽ ئي تبديل ٿيو آهي. سميع الله مروت ۽ سندس ٺڳ ٽولي کي هٽائڻ به هن تنظيم کي
ڪيترين ئي براين کان نجات نه ڏياري آهي. توڙي جو سرنديءَ وارا فرد هاڻي ڌار ڪيا
ويا آهن، پر عام ماڻهو اڃا به سخت هراسپ جو شڪار آهن. سِي آءِ اي جا اهلڪار شهر اندر ٿيندڙ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ساٿاري آهن.
غير قانوني والار (اينڪروچمينٽ) ۽ ٽرئفڪ جي ڀڃڪڙين کان ويندي منشيات جي ڏي وٺ، چڪلا
هلائڻ ۽ هٿيارن جي وڪري تائين سمورا ڏوهه ان جي مڪمل ڄاڻ ۾ آهن ۽ اڪثر ڪري سندس چشم پوشي سبب
ٿين ٿا. اها چشم پوشي ڀَتي
(رشوت) جي ڪري آهي جيڪو ڏهاڪين لک روپين ۾ هوندو آهي. روليڪس واچن ۽ ڳچين ۾ ڳرين سونين
زنجيرن جي نمائش ڪندي، هٿ ۾ انسٽافون رکندڙ سِي آءِ اي جا انسپيڪٽر ايترا ئي امير ٿي سگهن ٿا جيترا ڪي امير ترين شهري
صنعتڪار. اهي ٺاهوڪي/ريس ڪرڻ جوڳي حياتي گذارن ٿا، اهي شهر جي فائيوِ اسٽار هوٽلن ۾ تفريحون ڪن ٿا، مهانگا بوسڪيءَ جا وڳا اوڍن
ٿا ۽ ڪي ڊي ايس پِي ته
پنهنجون شخصي پجيرو ۽ لئنڊ ڪروزر گاڏيون رکن ٿا. پنهنجي جاءِ تان تازو هٽايل هڪ
اڳوڻو سِي آءِ اي انسپيڪٽر مڃي ٿو ته
”منهنجي پگهار ڪل 32 سؤ رپيا في مهينو هئي پر منهنجي (مٿڪي) ڪمائي چار کان پنج لک
رپيا ماهوار هوندي هئي.“
سي آءِ اي پنهنجي مخصوص اصطلاح
سازي ڪري ڇڏي آهي. هفتيوار
رشوت کي اهي ”هفتو“ سڏيندا آهن. سي آءِ اي جا ماڻهو رستي تي والار ڪري ويٺل ماڻهن
کان هر هفتي 50 رپيا اڳاڙيندا آهن ۽ ڪل اوڳڙ سوين هزارن ۾ ٿيندي آهي. ”اسين رڳو صدر جي ٽن گھٽين مان هر هفتي ٽي لک رپيا رڳو
انهن کان وصول ڪندا آهيون جيڪي رستي تي والار ڪري ويٺل هوندا آهن. اهي جيڪڏهن ڀتو نه
ڏيندا ته انهن کي غير قانوني والار جي ڏوهه ۾ ڇڪي وٺندا آهيون.“ سِي آءِ اي جي اختياريءَ هيٺ سڄي ايراضي ”سيڪٽرن“ ۾ ورهايل
آهي جن مان هر هڪ سيڪٽر تي انسپيڪٽر نظر رکندا آهن. هر هڪ انسپيڪٽر هيٺ هيڊڪانسٽيبل
۽ ڪانسٽيبل ۽ عوام مان خابرو (انفارمر) رکيل آهن، جيڪي ان لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي
نه رڳو انسپيڪٽر کي اها خبر ڏيندا رهندا ته سندس ايراضيءَ ۾ ڇا ڇا پيو ٿئي، پر سِي آءِ اي
سينٽر ۾ واڙيل ماڻهن کي اذيتون ڏيڻ ۾ حصو پڻ وٺندا آهن. اهو ڄار، سِي آءِ اي جي اصطلاح ۾ ”پارٽي“ سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ڪو
انسپيڪٽر پنهنجي ايراضيءَ جي دوري تي نڪرندو آهي تڏهن ايراضيءَ جي رهاڪن پاران
سندس تِري سڻڀي ڪئي ويندي آهي. هڪ وهنوار
جنهن کي ”چاٽو“ سڏيو وڃي ٿو. ايراضيءَ جي ٻي درجي وارن هوٽلن مستقل طرح انسپيڪٽرن
لاءِ ڪمرا خالي رکيل هوندا آهن جتي کين عورتون ۽ جام پيش ٿيندا. غير-سي آءِ
اي ماڻهو اڪثر ڪري پاڻ کي ”سِي آءِ اي
وارا“ سڏائيندا آهن، جيئن اڻ شَڪي
مقامين کان پئسا ۽ حمايت وٺي سگهن، توڙي جو سي آءِ اي جا سمورا ماڻهو ڊيوٽي تي هجڻ
مهل وردي پائي رکڻ لاءِ پابند آهن پر اهي ورلي ڪنهن قاعدي کي مڃيندا، جيئن ان قسم جي ڌوڪي لاءِ سولو بهانو ٺاهي سگهن.
ڪي ايراضيون سي آءِ اي عملدارن
لاءِ ڏاڍيون لاڀائيون آهن. هوائي اڏو ۽ سامونڊي بندرگاهه (سمگلنگ جا مکيه اڏا)،
سهراب ڳوٺ (جتان رات پيٽ ۾ ريتي
بجريءَ جون ٽرڪون غير قانوني طرح ڀرجي نڪرنديون آهن)، ڪيچِي ڳوٺ (سهراب ڳوٺ ۽ گڏاپ ويجهو، جتي منشيات لاهي ذخيرو ڪئي
ويندي آهي)، ”ڳاڙهي“ بازار، نيپيئر روڊ ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۽ لسٻيلي ۾ جوئا جون
ٽڪريون ۽ منشيات جا اڏا، جن کي
هلائيندڙ ڄاتل سڃاتل ”دادا“ سيف
الرحمان، دلدار خان، حنيف گل خان ۽ اسلم ناٿا حقيقي طرح سونَ جون کاڻون آهن.
سِي آءِ اي آفيسر پنهنجو ڌنڌو جاري رکڻ لاءِ مختلف قسمن جون کيڏون ڪندا آهن. هڪ
اندرين ماڻهوءَ جي چوڻ موجب (جنهن اهو به
مڃيو ته سينٽر ۾ واڙيل قيدين تي تشدد ٿيندو آهي)، سِي آءِ اي جا آفيسر مختلف نشئي ماڻهن کي باقاعدگيءَ سان ”دوائون“ مهيا ڪندا رهندا آهن، ته جيئن سي آءِ اي پاران ڪورٽ ۾ آندل ڪيسن جي شاهد طور پيش ڪري سگهجن.
سي آءِ اي ۽ مختلف پوليس اسٽيشنن پاران
هلائجندڙ رشوت جي مامرن بابت ”انٽيليجنس“ (هڪ جاسوس کاتو) جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته بلوچستان
۾ آر سِي ڊي هائوس جي ٻاهرين پوليس چوڪي
”موچڪو“ (هڪ ايراضي جتي هٿيارن، بارود ۽ منشيات جي سمگلنگ هڪ وڌندڙ ڌنڌو آهي) مان هر مهيني اٺن کان ڏهن لکن رپين تائين اپت ٿيندي آهي، ريتي
بجريءَ ۽ حب ندي ۽ کيرٿر جبلن مٿان هٿيارن ۽ بارود جي سمگلنگ جي ڌنڌي مان گڏاپ پوليس
اسٽيشن جي آمدني اٺن کان نوَ لک رپيا
في هفتو آهي. سپر هاءِ وي تي هٿيارن ۽ منشيات جي سمگلنگ سميت مختلف قسمن جي
غيرقانوني سرگرمين ۽ ريتي بجريءَ جي ٽرڪن تان ايندڙ گلزار هجري پوليس اسٽيشن جو ڀتو ٻِن کان ٽن لک رپين
تائين ٿئي ٿو. هوائي اڏي تي اسمگلنگ جو اجورو ۽ مسافرن کان گڏ ڪيل ڀتو ويهنِ کان پنجويهن لک رپين تائين پهچي ٿو. جئڪسن ۽ ٽِي پِي ايڪس
پوليس اسٽيشنون هر مهيني سمنڊ ڪناري غير قانوني سرگرمين، عام طرح اسمگلنگ مان ٻن کان
چئن لکن تائين ڪمائينديون آهن ۽ نيپيئر روڊ ۽ ڪالا ڪوٽ پوليس اسٽيشنون رنڊي بازيءَ (چڪلا هلائڻ) ۽ جوئا جي ٽڪرين تان
وَيو وَيو ويهه ته به ڏهن کان ٻارهن لک رپيا وصول ڪنديون آهن.
هٿ ڪيل مال مختلف حصن پتين ۾
ورهايو ويندو آهي. گڏ ڪيل مايا جو 50 سيڪڙو ڊي ايس پِي صاحبن ۾، 20 سيڪڙو هيڊڪانسٽيبلن ۾ ۽ 10 سيڪڙو ڪانسٽيبلن ۾ ورهايو ويندو آهي.
باقي ڏوڪڙ انسپيڪٽر کڻندا آهن جن کي نه رڳو ”ڌنڌو“ جاري رکائڻو هوندو آهي پر
پنهنجن صاحبن جون گھرجون به پوريون ڪرڻيون هونديون آهن.
صدر ڪراچيءَ ۾ مکيه سِي آءِ اي سينٽر لڳ ڀڳ 30 آفيسرن/جاچيندڙن جي سهڪار وسيلي ڪم ڪري ٿو. هر هڪ کي
پنهنجي آفيس سان گڏ هڪ ڪوٺڙي آهي جتي شڪي ماڻهن جون ”جاچون“ ڪيون وينديون آهن. اها ڪاروائي اڪثر ڪري سج لٿي کان پوءِ، جڏهن ٿورڙا ماڻهو موجود هوندا، شروع ڪئي ويندي
آهي. پکي ۾ ابتو لڙڪائي ٻڌڻ، پيرن ۽ دڏ تي رٻر جي لٺ سان ڪُٽڻ ۽ ٿرڊ ڊگري اذيتن جا
ٻيا مختلف طريقا آزمايا ويندا آهن. ”اذيت کان سواءِ آڏي پڇا ناممڪن آهي،“ هڪ سينئر
سِي آءِ اي جاچُو زور ڏئي چوي ٿو، ”توهين جيستائين عذاب نه ٿا ڏيو، هڪ شڪي ماڻهوءَ جي وات مان سچ نه ٿا اوڳرائي سگهو. اهو سڄيءَ دنيا ۾ ٿئي پيو.“ هو زور ڏئي ٻڌائي ٿو ته عمل
بهرحال راين سان ٺهڪي نه ٿو. ”اسين شڪي ماڻهن جي اهڙن عضون کي ڏکائيندا آهيون جيڪي ڏسڻ ۾ نه اچن، جيئن ڪو به مئجسٽريٽ
سندس جسم تي اذيت جا نشان ڳولي نه سگهي، اذيت ڏيڻ به هڪ فن آهي.“
(ڇپيل: روزاني ”برسات“ ڪراچي، 11 اپريل 1994)
No comments:
Post a Comment