3/07/2014

اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي - سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي

ڪراچي ــــــ روشنين جو شهر“ ــــــ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سدائين نرالي سياسي واٽ تي هلندو رهيو آهي. ملڪي گادي هجڻ جي مرتبي کان محروم ٿي وڃڻ جي باوجود ان پنهنجو رتبو واپاري ۽ صعنتي مرڪز جي حيثيت ۾ برقرار رکيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻ ۽ پنجابي وڏي ڳڻپ ۾ هتي پهچن ٿا، جيئن اهي روزگار هٿ ڪري سگهن، جن لاءِ سنڌي مناسب لياقت رکندڙ نه هئا. ڀارت ڇڏيندڙ لاڏائن جو هڪ وڏو انگ، جن کي عام طرح مهاجر ڄاتو وڃي ٿو، اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ وسي چڪا هئا. نتيجي ۾، سنڌين پنهنجو پاڻ کي خود پنهنجي ئي صوبي جي مَها شهر ۾ اقليت ۾ بدليل پاتو. جڏهن اهي پنهنجي اڪثريت حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ وڃائي ويٺا، تڏهن انتهائي قومپرستَ (الٽرا نيشنلسٽ) صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ اڇالڻ لائق ٿي سگهيا.

جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماء پاڪستان هنن ٽن شهرن ۾ چونڊن جي لحاظ کان هڪ هٽي پئي رکي، تعليمي ادارن ۾ هٿيار هلائڻ (هٿياربازي) جو اعزاز اڻٽر نموني جماعت اسلاميءَ ڏانهن وڃڻ گهرجي. سندس شاگرد محاذ ــــــ اسلامي جمعيت طلباء ــــــ هٿياربندن جو هڪ پڪو مرڪز ٺاهي ورتو، جنهن کي ٿنڊر اسقئاڊ (گجگوڙي يا ڏهڪائيندڙ جٿو) سڏيو ويندو هو. الطاف جي بنيادي سکيا ان جَٿي ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فارميسي شعبي ۾ داخلا وٺندڙ 12 شاگردن ۾ اڪيلو شاگرد-اڳواڻ هو، جنهن سمورن مقرر معيارن (ڪسوَٽين) جي خلاف داخلا وٺڻ لاءِ ڊين (شعبي جي مٿين عهديدار) کي چيو، نه مڃڻ جي صورت ۾ هيبتناڪ نتيجن جي ڌمڪي ڏني. اهو 1975ع ۾ ٿيو.
هن پنهنجي سرتن (جيڏن) ۾ داخلا وٺندي، ٿيندڙ تڪليفن خلاف ۽ سرڪاري نوڪريون وٺڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم ۾ نوڪريءَ جي عام اڻهوند خلاف ٺهڪندڙ اهنجن کي پرکي ورتو.
سندن ڏک ڏور ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ جي ڪري، سندن مذهبي قيادت ڏانهن مقرر سوچون ٽُـٽي پوڻ سبب اهو احساس اڃا به وڌيو. هُن ان حالت ۾ نئين قيادت لاءِ هڪ عجيب وجهه کي سوجهي ورتو ۽ 1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اي.پي.ايم.ايس.او) جو پايو وڌو، جيڪا ايتري ئي هٿياربند هئي، جيتري اسلامي جمعيت طلباء. پيپلز پارٽي ۽ سنڌي قومپرست ٽولن پوئواري ڪندي پنهنجن پنهنجن شاگرد محاذن کي هٿيار بند ڪري ڇڏيو. اسلامي جمعيت طلباء جي سختگيرن (ڇورن، غنڊن) ترت ئي الطاف کي يونيورسٽيءَ مان تڙي ڪڍيو ۽ هو مجبور ٿي پيو ته پنهنجي قسمت يونيورسٽيءَ حدن کان ٻاهر آزمائي، جنهن جي نتيجي ۾ مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ٺهي.
ايم ڪيو ايم، ڪجهه پارکن جي چوڻ موجب، ٻين برادرين (پنچايتن، حقيقي قومن) کان سڀ ڪجهه کسي مهاجر مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي. اُن (ايم ڪيو ايم) سڀني جي مفاد لاءِ پتوڙڻ جي ورلي ڪا پچار ڪئي هوندي. سندن ڏک ڪيترا صحيح (جائز) آهن، ان بابت رايا مختلف آهن. اهو پرکي سگهجي ٿو ته ڪراچيءَ جي وڏن لوڪار (پبلڪ) شعبن ۾ ڪيتريون ئي ٽريڊ يونينون ايم ڪيو ايم جي قبضي هيٺ هلن ٿيون. ۽ ان ڪري انهن تنظيمن وٽ جيترا به روزگار جا موقعا آهن، انهن ۾ مهاجرن کي بهترين حصو مليل آهي.
نجي شعبي ۾ نوڪري ڏيندڙن مان گهڻا خود پنهنجي مفاد ۾ اهو وڌيڪ پسند ڪندا آهن ته نسلي ڳڻ ڳوت ڪرڻ بدران لياقت جي بنياد تي ڀرتي ڪن، جيئن ته رسمي طرح مهاجر وڌيڪ پڙهيل آهن، تنهنڪري اهي انهن شعبن ۾ وڏو حصو وٺندا آهن. اهي مرڪز توڙي صوبي ۾ اوچي سطح جي ڪامورڪن عهدن تي به ڳڻپ جوڳو انگ والاريو ويٺا آهن. اڪيلي رنڊڪ، جنهن جي اهي شڪايت ڪري سگهن ٿا، اها هيٺين سطح جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سرشتي جي هئي. هتي پڻ، سنڌين کي آباديءَ جي سيڪڙي واري بنياد تي مليل حقن کان محروم ڪرڻ لاءِ اهي پاڻ کي اخلاقي طرح به صحيح نه ٿا سڏي سگهن.
تنهن هوندي به الطاف ٿوري عرصي ۾ هڪ ئي ڀوائتي تنظيم جوڙي سگهڻ جي لائق ٿي ويو. هن کي انبوهه اٿاريندڙ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ تنظيم ڪرڻ جي زبري ڏات رکي ٿو. بهرحال، ملڪ جي ٻين پارٽين جيان، ايم ڪيو ايم جا دفتري (آفيس هلائيندڙ) چونڊيا نه ويندا آهن. اهي پاڻئون چونڊيل الطاف-وفادار هوندا آهن.
جيئن ته ڪراچي ڪُهني ٽرانسپورٽ مسئلي مان گذرندي ئي رهندي آهي ۽ گهڻا ٽرانسپورٽر پٺاڻ ۽ مسافر مهاجر هوندا آهن، ان ڪري سندن وچ ۾ ڏند چَڪ هر هر ٿيندي رهندي آهي.
الطاف ان صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ ڦيرايو ـــــ پٺاڻ ٽرانسپورٽر خلاف مهاجر (مسافر). هن حقيقي وجهه مارچ 1985ع ۾ هٿ ڪيو، جڏهن بشريٰ زيدي گاڏيءَ جي چيڀٽ ۾ اچي وئي. (اتفاق آهي جو ڊرائيور بابت فيصلو مس وڃي گذريل سال، 1991ع ۾، ٿي سگهيو ــــــ اهو ته آهي ترت انصاف!) ڪراچي ۾ قيامت برپا ڪئي وئي، پر جيئن ته پٺاڻ روايتي طرح هٿياربند رهندا آيا آهن. ان ڪري ايم ڪيو ايم نسبتن نقصان ۾ رهي. ان کان پوءِ الطاف جي بدنام تقرير ميدان تي آئي، جنهن ۾ مهاجرن کي پنهنجيون ٽِي وِيون ۽ وِي سِي آر وڪڻي ڪلاشنڪوفون خريدڻيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جو لشڪري محاذ ــــــ بلئڪ ٽائيگرس (ڪارا واگهه) ٺهيو.
عامر ۽ آفاق، هاڻي حقيقي بلئڪ ٽائيگرس جا ڪمانڊر پئي سمجهيا ويا.
ايم ڪيو ايم ڪارڪن لڏو وچين طبقي جي پڙهيل نوجوانن تي ٻڌل آهي، جن تنظيمي ضابطي  جو مثال قائم ڪيو آهي. جيئن ته ان جي اڏاوت لاءِ پاڪستان جي گهڻ گهرن پاران هڪ جوشيلي هٿي مليل هئي، تنهنڪري ان وڏيرن ۽ چوڌيرن کي نيڪالي ڏيڻ جي جدوجهد ۾ ملڪ جي ٻين حصن لاءِ مهائي (اڳواڻ، روشني ڏيکاريندڙ) جي شڪتي رکي پئي.
تحريڪ (موومينٽ) قومي ۾ بدلائڻ واري الطاف جي خيال جي جتي ڪٿي ڀليڪار ڪئي وئي. پر افسوس! تحريڪ جمهوري جدوجهد جي راهه کان ٿِـڙي فاشزم جي راهه تي هلي پئي. ان جي ڪارڪنن حد جي دڪاندارن ۽ ٻين شهر واسين کان پستول جي زور تي ڀَتو اڳاڙڻ شروع ڪيو. ان مان مرڪز ۾ ڪيترو ٿي پهتو ۽ ڪيترو حصو نوجوانن اُڏائي ڇڏيو ٿي، ان جو ڪاٿو هر هڪ پاڻ ڪري. مرڪز ان جو ڪجهه حصو ته خيراتي واهپي لاءِ رکيو ٿي، پر وڏو حصو ڏسجي پيو ته هٿيارن جي خريد تي خرچ ٿي ٿيو. دولت گڏ ڪرڻ جي ان سهنجي طريقي نوجوانن جي رهنمائي پنهنجون ڪورٽون اذيت گهر ۽ قيدخانا ٺاهڻ ڏانهن ڪئي.
ٿورڙن سالن ۾ ئي اهي ڪارڪن طاقت جي نشي ۾ ايڏا ته مست ٿي ويا جو اهي رياست اندر پنهنجي رياست ٺاهي ويهي رهيا. جيئن هڪ هاڪاري صحافيءَ لکيو ته ايم ڪيو ايم شهرائي سنڌ ۾ سِڪو ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان سواءِ باقي انتظاميا جي هر شعبي کي ڪنٽرول پئي ڪيو.
ڪراچي پريس ڌمڪائي (گيدِي ڪئي) وئي ۽ بِي بِي سِي جي نمائندو تـڙپايو ويو. الطاف هاڻي انهن خطائن جو الزام حقيقيُن تي هڻي ٿو، پر انهن (حقيقن) کي جڏهن تنظيمن مان ڪڍيو ويو، تڏهن هن (الطاف) اذيت گهرن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ ٻي پاسي حقيقي جيڪي هاڻي دعوا ٿا ڪن ته اهي (اذيت گهر) الطاف جي دماغ جي پيداوار آهن، جيڪڏهن کين دهشتگرد سرگرمين سان اتفاق نه هو ته پوءِ اهي پرمتڙي تنظيم کي ڇڏي ڇو نه ويا؟
معاملن کي وڌيڪ خراب ڪندي، الطاف پنهنجن پوئلڳن وٽ سچو پچو اِلَهڙو (ديوتا، خدا) ٿي پيو. جيڪڏهن هَن هڪ آڱر ٿي اڀي ڪئي ته لکن جو انبوهه ماٺ ۾ پئجي ٿي ويو. هر ماڻهوءَ، وزيراعظم ۽ وڏي وزير سميت جيڪڏهن هن سان ملڻ گهريو پئي ته پاڻ هلي اچي حاضري ٿي ڀريائين. الطاف، جيڪو پنهنجي روزاني خوراڪ طور ٻن سموسن ۽ چانهه جي هڪ ڪپ کان وڌيڪ سَهي نه ٿي سگهيو ۽ اچ وڃ موٽر سائيڪل تي ڀاڙيندڙ هو، هاڻي پجيرن جي گهيري ۾ هو ۽ کيس هٿياربند نگهبانن جي ٽولي جي گهرج پئجي وئي. سندس موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي همت نه ٿيندي هئي، تان جو کيس اهڙي موڪل نه ملي.
جيڪڏهن (ذوالفقار علي ڀُٽي) صنعتي ضابطي کي تباهه ڪيو، ته الطاف وري مهاجر نوجوانن کي بندوق کڻندڙ سختگير (چورن) ۾ بدلائي ڇڏيو. مهاجر، جائز طرح پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) سان وفاداريءَ تي فخر ڪندڙ هئا. انهن مان ڪيترائي پرت (حصا) هاڻي تشدد جي پوڄارين ۾ بدلجي ويا، پر مهاجرن تي الطاف جي پڪڙ ايتري ته مضبوط هئي جو سرتا (باهوش، سنجيدهه) ماڻهو به هن تحريڪ سان همدردي ڪرڻ لڳا.
ڪراچي تي قبضو رکڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پوليس سان ڏي وٺ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ڪوشش ۾ ان حد تائين پهچي ويو جو پنهنجا نامزد ماڻهو ڀرتي ڪرائي سگهي ۽ سندن واري کان سواءِ ئي کين ترقي ڏياري سگهي.
تان جو سندن ننڍن دفترين (آفيس هلائيندڙن) کي به انتظاميا پاران پوليس موبائيل گاڏيون ڏنيون ويون. ماڻهو ترت ئي قانون نافذ ڪندڙ ايجنسين ۾ ايمان وڃائي ويٺا ۽ جڏهن به اهي مدني (سوڪ) مسئلن ۾ ڦاسي پوندا هئا، جيئن پاڻيءَ جي کوٽ، بجليءَ جي ڦوٽ ۽ ٽرانسپورٽ جي گپاگيهه، تڏهن اهي انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ قانون پنهنجن هٿن ۾ رکندا هئا، ۽ ڄاڻي ورتائون ته ائين ڪم ٺيڪ ٿئي ٿو. حڪومت جو حڪم هلڻ بند ٿي  ويو.
1986ع ۾ هٿياربند سگهه جي آزمائش ڪئي وئي، جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻيءَ هيٺ حيدرآباد ويندڙ جلوس (سرگس) سهراب ڳوٺ جي پٺاڻن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ تي حڪمراني غوث علي شاهه جي هئي، جنهن جي دَور ۾ وڏا ڏوهاري سکر جيل مان ڀڄي ويا ۽ ڌاڙيلپ چڱي اوسر کاڌي. هن سهراب ڳوٺ ۾ نشيدار شين جي خاتمي لاءِ کار کاڌي هئي.
الطاف سنڌ ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين ڏانهن غير دوستاڻو رويو رکيو. ان ڪري هو گڏيل دشمنن خلاف وڙهڻ جي بهاني سان جي.ايم. سيد سان سرچاءَ لائق ٿي سگهيو. سيد هن کي قابل قبول سمجهيو، ڇو ته هن پ پ پ سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ نويڪلو رهڻ پئي چاهيو.
ڪراچيءَ جو جماعتي ميئر، افغاني، صوبائي حڪومت کان مالي مدد وٺي نه سگهيو هو ۽ نيٺ آفيس مان ڊوڙائي ڪڍيو ويو. 1987ع ۾ ايم ڪيو ايم شهرائي علائقي ۾ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ کٽي وئي. ان جا آفيس هلائيندڙ پ پ پ حڪومت پاران فنڊن لاءِ بکيا رکيا ويا، تيستائين جو سندن اتحاد آءِ جي آءِ سان ٿيو. اها ارمان جي جهڙي ڳالهه آهي جو هي نوجوان ۽ پڙهيل آفيس هلائيندڙ ماڻهو شهر-سڌار معاملن ۾ نمايان خدمتون ڪري شهر واسين کي ڪڏهن به متاثر ڪري نه سگهيا. هنن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هِي ته وڏي انگ ۾ خود پنهنجي پارٽي جي ورڪرن کي ڀرتي ڪري ڇڏيائون.
1988ع ۾ عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري شهرائي سنڌ ۾ پنهنجي مضبوط حيثيت ظاهر ڪئي. مرڪز ۾ پ پ پ جي پوئواري ڪرڻ بابت سندن يقين دهاني وزيراعظم طور نامزد ٿيڻ لاءِ توازن محترمه ڀٽو جي حمايت ۾ ڦيرائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ سندس پارٽيءَ کي سادي اڪثريت به ڪو نه هئي. ايم ڪيو ايم پوءِ پنهنجي پهرين موتمار ڇڪ ڪئي. ٽن يا چئن بنيادي نُقطن تي فولادي يقين دهاني وٺڻ بدران انهن صوبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ 65 نقُطن واري ايجنڊا آڻي رکي.
اقتدار جي نشي ۾ مست پ پ پ سان گڏوگڏ ڌمڪايل جيئي سنڌ هاڻي تائين پنهنجا اذيت گهر ٺاهي چڪيون هيون. ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ ڪار-کَس جهڙن عملن جي ٽنهي پارٽين پاران سهائتا ڪئي ٿي وئي، ته جيئن پنهنجي سرگرميءَ لاءِ پيسو گڏ ڪري سگهن. ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ ۽ ٻين جي وچ وارو ٿيندڙ فساد ڪرفيو هڻائڻ ڏانهن وٺي ويا، جنهن شهرائي رهاڪن جي روزاني حياتيءَ ۾ تباهي آڻي ڇڏي. جڏهن ته ڳوٺاڻا علائقا سچ پچ اپهچ ٿي پيا. صعنتي ۽ واپاري سرگرميون سچ ته بيهي ويون جنهنڪري صعنتي سيڙپ نه پئي ٿي ۽ روزگار جا موقعا تهائين خراب ٿي ويا.
اڀاڳو پ پ پ وڏو وزير، زرداريءَ جي مرليءَ تي نچندي، قانون ۽ حڪم (امن و امان) جي تيزيءَ سان بگڙندڙ حالت تي قابو رکڻ لائق نه هو. هڪ پارٽيءَ جا سرگرم ماڻهو ٻِي هٿان اغوا پئي ٿيا ۽ اذيتون ٿي سَٺائون. هڪ ڏاڪو اهڙو به هو جو ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ جي وچ ۾ قيدين جي مَٽاسٽا جي نگهبانيءَ لاءِ فوج گهرائي وئي ـــــ اهو تڏهن جڏهن پ پ پ اقتدار ۾ هئي! ان ڪري محترمه ڀٽو تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن هوءَ چوي ٿي ته کيس ان سڀ ڪجهه بابت ڄاڻ نه هئي.
جڏهن جيئي سنڌ جي سرگرم ماڻهن ڊگهي وقت کان رهندڙ پنجابين کي اندرين سنڌ مان ڪڍڻ شروع ڪيو ته مهاجر به ان جي زد ۾ اچڻ کان بچي نه سگهيا. 30 سيپٽمبر 1988 تي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ جيئي سنڌ جي هڪ ڇڄندڙ ٽولي حيدرآباد ۾ 250 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ 150 ماڻهو قتل ڪري وير پاڙيو (ادلي جو بدلو ڏنو). ان ڪوس وڏيءَ حد تائين الطاف جو سپنو ٽوڙي ڇڏيو ۽ هن سهاري لاءِ غير-سنڌين ڏانهن واجهائڻ شروع ڪيو. جهِڙو ڏڍ اڄ آءِ جي آءِ حڪومت کي فوج مهيا ڪري رهي آهي، اهڙي ئي سهاري لاءِ محترمه ڀٽو پاران اسلم بيگ کي درخواست ٻُٽن ڪَنن جي حوالي ٿي وئي. لاچار ٿي پڪي قعلي تي ڪاهه ڪري هن پنهنجي حياتيءَ جي وڏي غلطي ڪئي.
جيڪڏهن ساڳي قسم جو آپريشن سلجهيل ماڻهن جي ڪنهن ايراضيءَ ۾ ڪيو وڃي ها ته رهاڪو ڪا به رنڊڪ نه ڪن ها، پر پڪي قعلي جا رهاڪو مخصوص نموني لاڳاپيل هئا. اهي ايترا خوفناڪ هئا جو ڪاهه کي منهن ڏئي سگهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي زندگين جو نقصان ٿيو ۽ نيٺ محترمه ڀٽو جي تختي اونڌي ٿيڻ تي ختم ٿيو. ايم ڪيو ايم هن کي اقتدار ۾ آندو هو ۽ ان ئي کيس ڇڪي لاٿو.
1990ع جي چونڊن ايم ڪيو ايم کي وڏي شانَ تي پهچائي ڇڏيو. زرداريءَ سان زباني مقابلي کان پوءِ ڄام صادق پ پ پ کي کاهيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ صدر غلام اسحاق خان پاران وڏي خوشيءَ سان چونڊون ڪرائڻ لاءِ نگران سنڌ وزارت سرواڻ چونڊيو ويو. ۽ ان کان پوءِ آءِ جي آءِ پاران ته جيئن ايم ڪيو ايم سان گاڏڙ حڪومت ٺاهي سگهي، گاڏڙ حڪومت جي وڏي جزي طور ايم ڪيو ايم هاڻي شهرائي سنڌ جي تڪرار کان مٿڀري حڪمران ٿي پئي.
ڄام مخالف ڌر کي دٻائڻ ۾ بيرحم هو. اهو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان اونداهو دَور هو. ۽ ڪيل غلط ڪارين ۾ حصيداري ضرور ڳڻڻ گهرجي. نواز شريف ۽ غلام اسحاق خان جِي جنهن جو نياڻو انهن مهاپاپن ۾ شريڪ سمجهيو وڃي ٿو.
ڪُلڇڻائپ (ڪرپشن)، اقتدار جو نه اُڪري سگهڻ لائق ڀائيوار، ايم ڪيو ايم جي قطارن ڏانهن سُرڻ شروع ڪيو. اڳواڻ، جيڪي پنهنجي تپسيا (سادگي) جي ڪري عزتيا ويندا هئا، پنهنجا شان وڃائي ويٺا. ڪراچي جي ميئر 5 هزار مهمانن لاءِ وليمي جي ميزباني ڪئي. الطاف جي جنم-ڏينهن تي آندل ڪيڪ، ٽي ڦيٿا ٿلهو، تلوار سان وڍيو ويو! بدر اقبال، سنڌ جو ٽرانسپورٽ وزير وڏيون رشوتون وٺڻ جي الزام هيٺ آيو. آفاق ۽ عامر ڦرلٽ ۾ پنهنجي حصي جي گُهر ڪئي. ڇينڀجڻ جي ڪري انهن الطاف کي ڌمڪي ڏني ۽ ڪجهه ماڻهن جي چوڻ موجب، کيس ڦٽي وڌو.
قائد ڊوڙي وڃي عباسي شهيد اسپتال ۾ پناهه ورتي، جتي تحفظاتي بندوبست ايترا ته سخت هئا جو فائوٽين (مس واريون) پينون به ساڻس ملندڙ صحافين کان کسي ورتيون ٿي ويون. اسپتال هڪ قلعي ۾ تبديل ڪئي وئي ـــــ نَنهه تائين هٿياربند نگهبانن سان سٿيل، فسادين ـــــ عامر ۽ آفاق ــــ جا گهر ساڙيا ويا ۽ کين ملڪ مان ڀڄي وڃڻو پيو. موٽڻ کان پوءِ انهن پنجاب ۾ پناهه وٺڻ مناسب سمجهي. افواهه اٿيو ته انهن کي قتل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ڪمانڊوز اسلام پوره تي ڪاهه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا بيگناهه مارجي ويا. ائين ٿو لڳي ته انحراف (اختلاف) بلئڪ ٽائيگرس جي پِتي ۾ پيهي ويو آهي. هڪ ذڪر موجب، الطاف پنهنجي وهاڻي هيٺيان هڪ ڌمڪيءَ ڀريو خط لڌو ۽ فيصلو ڪيائين ته ملڪ ڇڏي وڃي. هو نوَن مهينن کان رموٽ ڪنٽرول وسيلي ايم ڪيو ايم کي اثرائتي نموني هلائڻ جو نه-وِسهڻ جوڳو ڪم ڪري رهيو آهي.
20 جون 1990 تي هڪ فوجي ميجر ۽ هڪ جوان (سپاهي) جيڪي جاچ جوچ جي (کوجي) ڊيوٽي تي هئا، ايم ڪيو ايم جي هڪ مرڪزي اسيمبلي ميمبر جي نظرداريءَ هيٺ گرفتار ڪيا ويا ۽ کين ايذايو ويو. وزيراعظم، صدر ۽ فوج اها خواري پِي ويا. اذيت گهرن جي موجودي، ان ڪري انهن مان ڪنهن لاءِ به حيرت انگيز نه هوندي، ان کان پوءِ فوج بدلي جي باهه ۾ پڄرندي رهي.
آغا خان جي نمائندي جي اغوا، مرڪزي حڪومت کي قائل ڪري ڇڏيو ته فوج وسيلي هڪ صفائي (پاڪائي) مهم هلائڻ اڻٽر هئي. ٻيو ته وزيراعظم جي صنعتي سيڙپڪاري وڌائڻ واري لاڏلي رٿا به امن امان جي خراب حالت جي ڪري پلجي نه پئي سگهي.
ڪنهن جي ويچار تي ڀاڙيندي چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف هڪ هوشيار سياستدان يا وري پاکنڊي (هپوڪرائيٽ) آهي. تنهن هوندي به، خود پنهنجي ذميواريءَ تي، هن قدم کڻڻ (ڌڪ هڻڻ) جو فيصلو ڪيو. ڪهڙن نمونن سان وک وِڌي وڃي، ان تي بحث ڪندي ٻن مهينن جيڏو ڊگهو عرصو لڳي ويو، جنهنڪري ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي پنهنجا هٿيار هيڏي هوڏي ڪرڻ ۽ اجوري واري گرمي جي موڪل ڪنهن ٿڌڙي علائقي ۾ گذارڻ لاءِ چڱو چوکو وقت ملي ويو.
عمل غلط راهه تي هلي پيو ۽ بيگناهه ڳوٺاڻن جي موت جي صورت ۾ نتيجو ڏنائين. خطا جي ذميواري کلي عام قبول ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لاءِ سِي او اي ايس (چيف آف آرمي اسٽاف) کي شابس هجي. ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي حقيقيُن پاران ڪاهه وسيلي عمل کي اڃا به کاريو ويو. فوج جو عذر اهو ٿي سگهي ٿو ته جيئن ته انتظاميا ايم ڪيو ايم جي ڄميل قبضي هيٺ هئي، تنهنڪري ايم ڪيو ايم جا اندريان ڳجهه ڳولي لهڻ جو اڪيلو وسيلو حقيقي ئي هئا.
هيستائين آپريشن کي ايم ڪيو ايم جي ڳَڙهن ۽ ڪجهه ڌاڙيلن جي لڪ-جاين تائين محدود رکيو ويو آهي. پنجابي پختون اتحاد ۽ بلوچستان موومينٽس کي ترسائي فائدو ورتو ويو آهي. پ پ پ/الذولفقار جي سرگرم ماڻهن کي اڃا تائين ڪنهن اڻڄاتل سبب جي ڪري نه ڇيڙيو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڀني سياسي پارٽين لشڪري مهم جي حمايت ڪئي آهي. بهرحال، پ پ پ ۽ جماعت اسلامي ڏاڍيون خوش آهن. تنهن هوندي به، جيئن ته فوج وٽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۽ مقدمو هلائڻ جو اختيار ناهي، ان ڪري پوئواري لاءِ اها پوريءَ طرح مقامي انتظاميا تي ڀاڙيندڙ آهي. اهو آپريشن جي سوڀ لاءِ ٺيڪ اڳڪٿي ڪرڻ نه ٿو ڏئي. چور-گهٽُ بند ڪرڻ لاءِ هر هر مٿئين سطح جون گڏجاڻيون سڏايون پيون وڃن. آپريشن هلائڻ کان اڳ ڇا اها چِٽي رنڊڪ پوري ڌيان هيٺ نه آندي وئي هئي.
جيئن ئي فوجي عمل شروع ٿيو، ڪجهه اوپرا واقعا ٿي پيا.
·     صدر جو نياڻو ۽ صوبائي حڪومت جو صلاڪار عرفان الله مروت، اڌ مهيني لاءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو. هن جو مشن (خصوصي مقصد) ڪهڙو هيو؟
·     وزيراعظم الطاف سان لنڊن ۾ مليو. ڇا وزيراعظم اڻڄاڻ هو ته فوج کي ڪم سان لڳي وڃڻ جا حڪم ملي چڪا هئا؟
·     حقيقيُن ۽ فوج جو عمل لڳ ڀڳ ساڳي ئي وقت شروع ٿيو.
ايم ڪيو ايم پاران موٽ ان جي سڀني قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن مجموعي استعيفا جي صورت ۾ هئي (سواءِ انهن جي جيڪي خريد ڪيا ويا) ـــــ يڪجهتي جو شاندار اظهار ۽ پنهنجي اڳواڻ ۾ ايمان جو ڏيک. اهو اڃا رهيل آهي ته انهن مان ڪيترا پنهنجي ارادي ۾ پختا بيهن ٿا.
عمل، بهرحال، ڪنهن ڳڻپ جوڳي مقدار ۾ هٿيار ڳولي هٿ ڪرڻ يا ايم ڪيو ايم ۽ حقيقي اڳواڻن جي گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ ناڪام ويو آهي، جيتوڻيڪ انهن مٿان تمام ڳرا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. چيو ٿو وڃي ته اهي روپوش ٿي ويا آهن، پر انهن جا بيان ته پريس ۾ لاڳيتو ايندا رهن ٿا! اهو مقامي انتظاميا پاران حمايت جي کوٽ سبب پيو ٿئي يا ايم ڪيو ايم سان سرچاءَ جو در کليل ڇڏيو ويو آهي؟
اهڙيءَ طرح، ڌڪا جهوٻا کائيندي، جيئن جيئن عمل رڙهي ٿو، ماڻهن جي ذهنن کي منجهائيندڙ ڪيترائي سوال اٿندا رهن ٿا:
·     يَڪِي ايم ڪيو ايم (يا اڳواڻي ايم ڪيو ايم) جو مرڪزي وزير آفيس ۾ ويهڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ هو ان وزارتي (ڪابينا) گڏجاڻيءَ ۾ به شريڪ رهي ٿو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ٿيندڙ عمل تي سوچ ويچار ٿيڻو آهي. ڇو؟
·     وزيراعظم جي سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳن ساٿين مان ٻن ــــــ وائين ۽ نثار ــــــ فوجي عمل تي تنقيد ڪئي آهي، ڇو؟
وزيراعظم بيان ٿو ڪري ته هو ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ عقلمند (سالم دماغ) ماڻهن سان ڳالهائڻ جي سڌ رکي ٿو ــــــ ڇا اهي عنصر ايم ڪيو ايم جي ڪيل مبينه مهاپاپن ۾ هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار ناهن؟
ائين ٿو ڏيکارجي ڄڻڪ مرڪزي حڪومت پوريءَ طرح مٿو وڃائي چڪي آهي يا وري پنهنجو سٽاءُ لڪائڻ لاءِ دونهي جو پردو ڏئي لوڪ کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. پريس، لاڳيتو افواهه اٿارڻ وسيلي، صورتحال کي اڃا وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي.
هر هڪ جو وايون بتال آهن ته فوج جڏهن پنهنجن بارڪن ۾ موٽي ويندي، تڏهن ڇا ٿيندو. ڇا وزيراعظم وٽ اهڙي ڪا رٿ آهي جيڪا فوجي عمل کان پوءِ ڪم آڻيندو؟
آئيندي بابت ڇا ٿا چئو؟ ايم ڪيو ايم جيڪڏهن هاڻوڪي حالت ۾ تڳي وڃي ٿي، ننڍيون-چونڊون الطاف کي ملندڙ عوامي حمايت جو سچو ماپو هونديون. پر هن کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته شهرائي سنڌ ۾ بي اعتراض لوڪ پسندي اڪيلي سر کيس قومي سياست ۾ ڪافي ڪجهه هر دلعزيزي نه ٿي ڏي، سرنگهه جي انت وٽ ڪو به سوجهرو ناهي. مٿاهين سطح جون گڏجاڻيون هٿوراڙيون هڻنديون رهن ٿيون. اسان جي فوج جي اندرين گهرُو جهيڙي ۾ ڦاسي وڃڻ تي ڀارت جي بيچين آرمي-چيف کي سرهائي ضرور ٿيڻ گهرجي.
1947ع کان وٺي، سياسي پارٽيون صوبائي، نسلي ۽ فرقيوارانه مامرن تي هڪ ٻي جا گُلا گهٽينديون رهيون آهن. هي وقت آهي جو اهي سمجهي وٺن ته نراسي (محرومي) ملڪ جي ڪنهن هڪ خاص گروهه جي حصي ۾ نه آئي آهي. اها جتي ڪٿي پکڙيل آهي. آباديءَ جي واڌ ماني جي هر صوبي جو حصو گهٽائي ڇڏيو آهي. ٻين جي وات مان گرهه ڇنڻ بدران نجات ان ۾ آهي ته ماني وڏي ٺاهڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪجي.

(روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 19-آگسٽ 1992ع)

No comments:

Post a Comment