مزدڪ/ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
اوپرا همبستر
گذريل ڪجهه هفتن کان هر ٻيو ڏينهن اسان لاءِ خوش خبرون کنيو
پيو اچي ته اڃا به هڪ ٻيو م.ق.م (مهاجر قومي موومينٽ) جو اڳواڻ مٿي (ٻاهر) نڪري آيو، بلڪل
ايئن ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ هيٺ ڪنهن هيجان جي ڪري
ڇيڪ ڇڏيل سينور جا چاڻا اٻڙڪا ڏئي مٿاڇري تي ايندا هجن.
۽ تازو ئي سينيٽر اشتياق اظهر پاران اسان کي سُڌ ڏني وئي آهي ته الطاف حسين م.ق.م جو
ڌرمي پيءُ، هتان ترت ئي پنهنجيءَ پاڻ-مڙهي رٽائرمينٽ ڇڏي (ميدان تي) نڪري اچي ۽ جلد ئي وري پنهنجيءَ سياسي
سرگرميءَ ۾ رُجهي وڃي. اهو ڄاڻندي ته م.ق.م وٽ ”سرگرم سياست“ جو مطلب
ڇا آهي، جيڪي ماڻهو شهري سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن مان گهڻا ڏيکارجندڙ نظاري کان ٺيڪ نموني موهيل ناهن.
هن مٿي (ٻاهر) اچڻ جي لقاءَ شروع ٿيڻ کان ڪو گهڻو مُدو اڳ جي ڳالهه ناهي، اسان کي م.ق.م، ان جي اڳواڻن جي ڪيل ڪيترن ئي مختلف ۽ نجس ڏوهن جا اڇا
ڪارا پڌرا ڪري ڏنا پئي ويا. ڪيترن ئي مهينن دوران، اسان تي سرڪاري طرح بيان ڪئي
ويندڙ دهشتگرد پارٽيءَ جي
ڪارڪنن پاران ڪيل مهاپاپن جي ڇرڪائيندڙ بيانن (تفصيلن)، انٽرويوئن ۽ فوٽوگرافن جي
بمباري ٿيندي رهي. اخباري نمائندن کي رهنمائيءَ هيٺ اذيت گهرن جا دورا ڪرايا پئي
ويا ۽ م.ق.مي ڀاڙيتو شڪارين جا ڏوهه-باسيندڙ بيان قومي پريس جا مُک صفحا والاريندا رهيا.
زوريءَ مال کسڻ جا غوغاءَ، اغوا جا واقعا ۽ ايتري قدر جو مق.مي قيادت پاران جنسي
گناهڙن کي پڻ ڀوائتي نموني ظاهر ڪيو پئي ويو. ڇرڪڻ باوجود، اسان مان گهڻن پاڻ کي
سگهاري انداز ۾ هن نسلي پارٽيءَ جي اڀاريل هيبت مان ڇوٽڪارو ماڻيندي محسوس ڪيو.
۽ اها، جنهن کي حقيقي م.ق.م سڏيو وڃي ٿو، جڏهن اسٽيبلشمينٽ
جي ظاهر ظهور آسيس سان اڀرڻ لڳي، تڏهن اسان
مان گهڻا انهن پارٽي-ٽوڙيندڙن لاءِ اڳوڻا بدمعاش، ڪم آڻڻ
جي ترش مزاجي (ڪَرڙائپ، کهرائپ) کان ڊڄي
ويا، پر محسوس ڪيو ته هن حالت ۾ سٺي مقصد لاءِ غلط طريقا پڻ هلي سگهن ٿا. گهڻي دير
نه گذري، اسان هن ٽولي جي ميمبرن کي سنڌ
حڪومت ۾ عهدا ڏئي اڀارڻ واري تماشي جا شاهد هئاسون، ۽ ان کان ترت پوءِ م.ق.م جا
مختلف ”ٻاهر آيل“ ۽ وري-روان ڪيل اڳواڻ (ملڪ جي) صدر سان ملاقاتون ڪري رهيا
هئا ۽ هن پنهنجي ڏينهن جو هڪ حصو اسلام آباد ۾ هنن کي ڏنو پئي. باقي رهيو کهيو به
اسان جي سرڪار سڳوريءَ برطانيا جي
اخبارن ۾ اهو اشتهار ڏئي پورو ڪيو ته موٽي اچ الطاف ڀائي، سڀ ڪجهه وساريو (معاف
ڪيو) ويو آهي.
هاڻي آءٌ ڄاڻان
ٿو ته لوڪ (پبلڪ) جي يادگيري پڌريءَ طرح مختصر آهي، پر خدا جي واسطي! اسين رڳو ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه ڪري رهيا
آهيون! فوج پاران صفائي-مهم اجهو ڪي ڇهه مهينا اڳ شروع ٿي، جڏهن ڪراچيءَ تان (دهشتگردن جو) گهيرو هٽايو ويو ۽ اتان جي رهاڪن هڪ
ڀيرو وري ان کي پنهنجو شهر ڀانيو. م.ق.مي اڳواڻن کي ڪيل ڏوهن جي ڪري
پڪڙڻ ۽ انهن تي مقدما هلائڻ بدارن اهي ڏوهه لوڪ وٽ مشهور ڪيا ويا ۽ اسان عجيب
تماشو پيا ڏسون ته اهي هڪ ڀيرو وري اسٽيج چوڌاري آڪڙجي هلڻ لڳا آهن ۽ اهو پڪ ئي هن
مهل جو مسئلو آهي (هن گهڙيءَ ئي فيصلو ڪري قدم کڻڻو آهي) انهيءَ کان اڳ جو ”مرڪز“هڪ متبادل
اقتدار ۽ (حڪومتي) مرڪز طور وري اڀري ۽ پريس کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجون مشهور ڌمڪيون
ڏيڻ شروع ڪري.
جيئن ته هيءَ ”رڙهندڙ بغاوت“ م.ق.م لاءِ ٻٻيون
منجهائيندڙ موٽڻ آهي، پر ان سان گڏ اسان جي اقتداري دلالن جي مڪمل ترش مزاجيءَ ۽ ڪُلڇڻائپ
کي پڻ اها مٿاڇري نموني ظاهر ڪري ٿي. اعلانيل ڏوهارين سان، جن جي گرفتاريءَ تي انعام رکيل آهن، انهن (ڳجهين) قربدارين
تي شرمندو ٿيڻ بدران (ڪي) ماڻهو، جهڙوڪر سنڌ جو وڏو وزير، هاڻي پٺتي موڙو کائي
رهيا آهن ته جيئن انهن ٺڳن جي حمايت جو مرچن-هاڻو ٻوڙ پچائي سگهن، جن کي
(پاڪستاني) فوج رڳو ڪجهه هفتا اڳ گرفتار ڪرڻ جو جتن ڪري رهي هئي.
سادي سلڇڻي نموني آواز اٿارڻ جو جوکم کڻي، ڄاڻڻ گهرندم
ته صفائي-مهم جي نيتجي ۾ م.ق.مي قيادت خلاف داخل ڪيل پهرين جاچ-پڪارن (ايف.آءِ.آرن) جو
ڇا ٿيو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ته اسان جي پوليس لاءِ
ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي پڪڙڻ سولو ناهي، جيڪو تازو ئي صدر يا سنڌ جي وڏي وزير سان
ملاقاتون ڪندو هجي، پر پڪ ئي انهن (صاحب اقتدار) عزت مابن کي پنهنجي صحبتي ماڻهن ڏانهن ڪجهه وڌيڪ فرق رکڻ گهرجي.
اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته جنرل آصف نواز جي مرڻي جي خبر ٻڌي ڪجهه م.ق.مي ڪارڪنن پنهنجي خوشي ظاهر ڪرڻ
لاءِ مٺايون ورهايون. انهن شايد اهو سمجهيو ته سنڌ جي شهري بگاڙي (تشدد) کي ختم
ڪرڻ لاءِ هن جو جانشين پنهنجي مرهيات سي.او.اي.ايس (چيف آف دي آرمي اسٽاف) وارو جهادي اتساهه نه ڏيکاريندو. وقت ٻڌائيندو، پر پڪ آهي ته سڄي فوج رڳو هڪ ماڻهوءَ (صدر؟)
جي ريچڪ پٽاندر نه ٿي هلي: مهم ان ڪري هلائي وئي جو ان مهل ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه هئي.
اها حقيقت، ته م.ق.م جا گهڻا ئي اڳواڻ رات وچ ۾ بحال ٿي ويا آهن، ان نسوري سچائيءَ کي لڪائي نه
ٿو سگهجي ته هيءَ نسلي پارٽي اڃا به هٿياربند خوفناڪ (جوکائتي) آهي، ۽ مظفر شاهه
کي اهو ٺڳن سان ٺاهه ڀلي ڀانءِ پوي،
اسين باقي جيڪي ماڻهو آهيون اهي سندن اُن ڀروسي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهيون ته م.ق.م هاڻي
ايتري ئي پاڪ صاف آهي جيتري وسندڙ برف-پوڻيءَ. اها ڳالهه جيڪا ٻن وڙهندڙ وڳوڙي ڌرين جي وچ ۾ گولين جي وسڪاري مهل پنج مئل
ماڻهو ڏئي ثابت ٿي چڪي آهي.
حيدرآباد ۾ بمن جا تازا ڌماڪا، پڻ، تاڪيدنامو آهن ته سنڌ جي شهرن ۾ امن ـــــ جيئن، حقيقت موجب، ڪناري-پٺيان (لڪل) علائقي ۾ ـــــ ان ڏاڪي تي آهي جو ان جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون.
جڏهن ته چڱيءَ پر ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي وڏي وزير کي اسيمبليءَ ۾ وڌيڪ سهارو ماڻڻ جي اڻٽر گهرج آهي، هن کي گهرجي ته
پنهنجيءَ جُهرندڙ اڪثريت کي سگهارڻ
لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي ڳرين قيمتن تي خريدڻ يا هيسائي-مڃائڻ (بليڪ
ميلنگ) تي ڪڏهن نه ڪڏهن ويچار ضرور ڪري. اهڙي سولي نموني خريديل سهاري جي پورالي
(ڳڻتيءَ ڀري) فطرت کان قطعي ڌار رهندي،
هو اهو ياد ڪري هڪ چڱو ڪم ڪندو ته سندس ”حقيقي“ دوستن ۽ انهن جي جوڙيوالن ڪيئن
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ دهشت پکيڙي هئي ۽ فوج جي وڃڻ کان پوءِ پڪ ئي وري پکيڙيندا.
فيصلو ڪندڙ قانوني وک کڻڻ جي مهل هيءَ ئي آهي، جڏهن کيس تيز ۽ سخت اپاءَ وٺڻ لاءِ
جنگي قوت (فائر پاور) ۽ لوڪ جو سهارو ٻئي مليل آهن. جيڪڏهن هو م.ق.م سان
قانوني حدن ۾ رهندي، اثرائتي ۽ مضبوط نموني منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجيءَ سَڌ ۽ همت کي سگهارڻ گهري ٿو ته هو اسان جي پاران احسانمنديءَ
۽ عزت جا جذبا ماڻي سهگندو. جيڪڏهن، جيئن
وڌيڪ امڪان آهن، هو سدا جيان سياست (سياستبازيءَ) جي مدد وٺڻ گهري ٿو ته پوءِ اسين
ڪو گهڻا نراس نه ٿينداسون، ڇو ته
وڃائيندڙ اسين نه هونداسون.
اهو سڄو دکدائڪ باب تفصيل ۾ هڪ سبق آهي، جنهن ڏانهن
سياستدان اقتدار وٺڻ لاءِ وڌڻ جي سَڌ
رکن ٿا، ۽ هڪ ڀيرو جڏهن انهن اهو ماڻي ورتو، ته پوءِ ڪنهن به قيمت تي نه
ڇڏيندا. هڪ ڪنڊ ۾ م.ق.م آهي جنهن جي قيادت لاچار ٿي پئي آهي ته ڪنهن به ان (فرد،
ڌُر) سان راهه رسم وڌائي جيڪو ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار هجي، ته جيئن پنهنجو (عارضي طرح) وڃايل اقتدار وري هٿ ڪري سگهي. ان جي کيس ڪا پرواهه ناهي ته هن پنهنجي جاتيءَ (برادريءَ) کي ڪيڏي نه وڏي ڏکيائيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، ۽ ٻي ڪنڊ ۾ اسٽيليشمينٽ آهي جيڪا ان اميد مان (آخري اميد
طور) پنهنجي م.ق.مي اتحاد کي بحال ڪرڻ لاءِ پتوڙي رهي آهي ته جيئن گڏجي
اقتدار تي قبضو پڪو ڪري سگهن.
سچ اهو آهي ته سياست اوپرا همبستر ٺاهي ٿي. آءٌ انهن جي ڀلائيءَ لاءِ ئي ايڊز (AIDS) جي هنن ڏينهن ۾، اميد رکان ٿو ته اهي ضروري احتياطن کي عمل ۾ آڻي رهيا هوندا.
(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 14 ڊسمبر
1993ع)
No comments:
Post a Comment