سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ
(بالادست
سامراج جو هڪ صديءَ تي پکڙيل داستان)
هيءُ مضمون پڙهڻ کان
پوءِ
سمجھ ۾ اچي ٿو ته: بنگال
کي بيدرديءَ سان ڦرڻ، مارڻ ۽ اڌ ڪُٺو ۽ تباهه ٿيل حالت ۾ ڦٽي ڪرڻ جو اصل سبب ڪهڙو هو ــــــ ”عظيم پنجاب“ منصوبي جي ور چڙهي ويل مفت جو مال!
سوال ٿو اٿي ته: ”عظيم
پنجاب“ جي هن منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ۽ هٿ ونڊائيندڙ سنڌي سياستدانن کي اٻوجھ سڏجي، احمق
سڏجي يا پنجاب ۽ انگريز جو باشعور ڇاڙتو؟
سوچڻ گھرجي ته: ڪشمير لاءِ
”ويڙهه“ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
۽ جيڪڏهن ڪي... هي مضمون
پڙهڻ کان پوءِ به عظيم پنجاب جي خدمت گذاري ڪندا رهن، ته
انهن کي ڇا سڏجي؟
-
سنڌيڪار
1843ع ۾ سنڌ کي جيتيو ۽ برطانوي انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو.
سنڌونديءَ تي قبضو ڪري علائقي ۾ روسي اثر خلاف هڪ بچاءُ بند قائم ڪرڻ ۽ موٽ ڏئي سگھڻ لاءِ سامراج جو برج (Bastion) ٺاهڻ ئي برطانوي پاليسي جي عمل جو ڪارڻ هو. ترت ئي، پنجاب، جيڪو
افغانستان منجھان روسي دڙڪي دهمان خلاف ڏينهون ڏينهن بهتر پرزو پئي ڏٺو، نيٺ جيتيو ويو ۽ 1849ع ۾ انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو.
پنجاب تي جيت افغانستان ڏانهن
سولي متبادل راهه مهيا ڪرڻ سبب، سنڌ جي حيثيت (Nature) ۽ اهميت تمام گڻي وڌائي ڇڏي. سنڌ
پنجاب سميت سڄي انڊيا جي اتر-اولهه ڏانهن هڪ قدرتي رستو ٿي پئي. سنڌ هاڻي نه رڳو اتر-اولهه سرحد جي بچاءَ لاءِ پر انڊيا جي هن حصي ۾ سپاهين جي اچ وڃ ۽ پهچاءَ لاءِ پڻ
وڏي اهميت واري ٿي پئي. ان ڪري ترت ئي سامراجي جنگي ماهرن محسوس ڪري ورتو ته سنڌ کي هڙپ ڪري وڌايلُ ۽ سگھاريلُ پنجابُ بمبئي
پريزيڊنسي ۾ رکيل اميدن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. نتيجي ۾، 20 فيبروري 1856ع ۾ ئي، لارڊ ڊلهوزي انڊيا جي گورنر جنرل (1848ع-1856ع)،
اها صلاح ڏني ته پنجاب کي چيف ڪمشنرشپ (وڏي اختياري) مان ليفٽيننٽ گورنرشپ (نائب حاڪمي) تائين وڌايو وڃي ۽ سنڌ ان حڪومت
هيٺ هجي. هن اعلان ڪيو ته ”پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي مائٽاڻي/نسبتي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان
قدرتي طرح انڊين سلطنت جي اولهندي پاسي سرحد صوبو ٺاهن ٿا.“ ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ،
بهرحآل، مالي سببن جي ڪري ان منصوبي جو مزو ماڻڻ لاءِ تيار نه هئي، پوءِ به، ان قبول ڪيو ته ڪنهن ٻي مرحلي تي ان بابت
سوچي سگھجي ٿو.
اها صلاح ان وقت وري ورجائي وئي
جڏهن 1857ع جي اٿل کان پوءِ نئين سر انتظامي جوڙجڪ ڪئي وئي. 1857ع جي بغاوت نه رڳو
انڊيا کي قبضي هيٺ رکڻ لاءِ برطانوي سامونڊي قوت جي اهميت تي زور ڊرامائي انداز ۾
وڌرائي ڇڏيو پر ڪراچي بندر ۽ پنجاب جي وچ ۾ ڳنڍپون (Communications) سڌارڻ جي گھرج پڻ وڌائي ڇڏي. 1857ع وارا واقعا هلندي جڏهن بنگال بغاوت
هيٺ هو، اتر-اولهه صوبن (يو-پي = اتر
پرديش) ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ سموري سڌي ڳنڍپ تباهه ٿي وئي. ”اڻٽر نموني ڪراچي وات ٿي
پئي“ ۽ سنڌ ”اها نـڙي جنهن
منجھان ئي پنجاب جي فوجي قوت وڌائي ۽ رسد پهچائي سگھي پئي ۽ ڪلڪتي يا لنڊن ڳالهائي سگھجي پيو.“ نتيجي ۾ سنڌ کي پنجاب سان گڏائڻ جو خيال
سامراجي مفادن کي ڏاڍو وڻڻ لڳو ۽ ان جِي انگلئنڊ ۽ انڊيا جي ڪجھ اخبارن وسيلي
ڏاڍي ڌام ڌوم سان وڪالت ٿيڻ لڳي. 1857ع جي بغاوت کي چيڀاٽڻ جي بي مثل خدمتن ان صلاح کي وڌيڪ زور وٺايو.
1857ع جي بغاوت کي چيڀاٽڻ ۾ پنجاب
جون خدمتون نيٺ هن نموني انعاميون ويون جو اتر-اولهه صوبن (يو-پي) جو ڳڻپ جوڳو ڀاڱو ان جي حوالي ڪيو ۽ ان کي ليفٽيننٽ گورنرشپ جي درجي تي پهچايو ويو. پنجاب سان سنڌ کي گڏائڻ
جو سوال وري ڌيان هيٺ آندو ويو پر سنڌ
ڳنڍپ وسيلن جي پوئتي پيل حالتن جي ڪري لارڊ
ڪئننگ، انڊيا جي گورنر جنرل ۽ پهرين وائسراءِ (1856ع-1862ع)، پنهنجي رضا ڏيڻ کان
انڪار ڪيو. ان ڪري ’جيئن هو تيئن‘ برقرار رکيو ويو. تڏهن به انڊيا ۾ بيٺڪي انتظاميا سان
ويجھو واسطيدار ڪجھ نمايان برطانوي آفيسرن پنجاب-سنڌ گڏپ جي وڪالت جاري رکي. گڏپ لاءِ ان لِيلاءَ جو مقصد نج سياسي ۽ لشڪري (Military) بنيادن تي بيٺل هو. ان جو اتم مقصد
انڊيا جي پوءِ ٺهيل اتر-اولهه سرحد جي پوري پکيڙ تي عمل ۾ ٻڌيءَ کي مضبوط رکڻ هو. بهرحال، ان کان پوءِ، بڇڙا ارادا رکندڙ حلقن،
خاص طرح پنجاب ۽ سنڌ جي يورپي واپاري برادريءَ پاران اهو معاملو پڻ کنيو ويو.
1879ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ريل-راهه ٺهي
چڪڻ سبب پنجاب جو ڏيهي پرڏيهي وڻج واپار وڏو زور وٺي ويو. انهيءَ ترقيءَ بڇڙا
ارادا رکندڙ مفادن جي سنڌ-پنجاب گڏائڻ واري رٿا کي ڇِٻي ڏني. انهن جي ٻولڙين، سول ۽ ملٽري گزيٽ لاهور ۽ ان جي ٻالڪيءَ سنڌ
گزيٽ ڪراچي، ان رٿا جي پوئواريءَ ۾ هڪ سلسلو شروع ڪري ڏنو. اڳ جيڪو ڪجھ رڳو
لشڪري ۽ انتظامي سببن جي ڪري اهم ڄاڻايو پئي ويو، اهو هاڻي جاگرافيائي، نسلي،
سياسي ۽ واپاري سببن جي ڪري اهم ڄاڻائجڻ لڳو.
پنجاب سان سنڌ کي گڏرائڻ جي سوال سنڌ جي آئيندي بابت هڪ غير يقيني ڪيفيت پيدا
ڪئي. خطري کي پنهنجي مٿان محسوس ڪندي سنڌ سڀا، 1882ع ۾ ٺهيل سنڌين جي سرواڻ غيرفرقيوار
تنظيم، سنڌ جي مفادن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اهڙيءَ حرڪت تي سخت
اعتراض ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي. ان اهو اعلان ڪرڻ ضروري ڄاتو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ کي
پنجاب جو ماتحت بنائيندڙ اهڙي هر حرڪت جي سخت خلاف هئا. ان بمبئي حڪومت کي ”پنجاب
ڏانهن سنڌ جي تبديلي خلاف پنهنجن سببن ۽ دليلن جي هڪ خاص ياداشت ڏياري موڪلي.“
لارڊ ڪرزن جي ڏينهن ۾، جيڪو 1899ع ۾ انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ ٿيو، سمورين
اڳوڻين صلاحن کي پوريءَ طرح ڌيان ۾ آڻيندي نيٺ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب کان
سرحدي ضلعا ڌار ڪري سنڌوءَ مٿان نئون سرحدي صوبو ٺهرايو وڃي. نئين صوبي 9-نومبر 1901ع ۾ وجود ورتو.
اتر-اولهه سرحدي صوبي جي ٺهڻ
پنجاب کي سندس سرحدي ضلعن جي نقصان جي عيوضي جو سوال اٿاريو. سنڌ جي قسمت پنجاب سيڪريٽريٽ جي قبضي هيٺ ڏيڻ
لاءِ موقعو ڏاڍو مناسب سمجھيو ويو. ڪرزن، بهرحال،ان خيال جو هو ته چناب، جهلم،
لوور باري دوآب ۽ سنڌ ساگر منصوبن جي ڪري پنجاب ۾ آيل شاندار واڌارن ۽ ان جي نتيجي
۾ پنجاب سيڪريٽريٽ جي وڌيل ڪم کي ذهن ۾ رکندي عيوضي جو سوال انتهائي اجايو هو، تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪوبه عيوضو ضروري ڪونه هو.
1911-1912ع ۾ پنجاب کي عيوضي ڏيڻ
جو سوال تڏهن وري نسرڻ لڳو جڏهن ڊسمبر 1911ع جي دهلي درٻار ۾ انڊيا جي گادي ڪلڪتي
کان دهليءَ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو
ويو. لڳ ڀڳ سڀني پنجاب جي مادري ۽ انگريزي اخبارن، جن ۾ سول ۽ ملٽري
گزيٽ لاهور؛ ٽرائبيون لاهور؛ پنجابي لاهور ۽ پايونيئر الهه
آباد پڻ شامل هيون، ڏاڍي ڌوم ڌڙڪي سان ٻٽيڪو مچايو. معاملي کي 1914ع تائين تازو رکيو ويو، تان جو بين الاقوامي ڇڪتاڻ ان کي ماٺو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. خاص لفظ ۾، پنجاب
جا مطالبا اتي پهتا هئا ته: 1- جيئن ته بنگال جي ورهاست منسوخ ڪئي وئي آهي تنهنڪري
پنجاب جي ورهاست به منسوخ ڪئي وڃي، جنهن
موجب پنجاب کان وڍي ڌار ڪيل پنج ضلعا وري پنجاب سان ملايا وڃن، ۽ 2- پرڏيهي برتري واري سرحد دهلي (Delhi Enclave) جي علحدگي سبب پنجاب کي عيوضي طور
سنڌ ڳنڍي ڏني وڃي.
1912ع، 1913ع ۽ 1914ع جي پهرين اڌ
ورن سالن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بمبئي پريزيڊنسي
جي اخبارن ان سوال تي شد مد سان بحث ڪيو.
ان بحث جو پڙاڏو ڪلڪتي ۽ لندن جي
اخبارن ۾ پڻ ٻُڌجڻ لڳو. پنجاب ڏانهن سنڌ
جي رٿيل تبديلي جي خلاف سنڌ جا احساس تمام سخت هئا. سنڌي ان جس
”سخت مخالف“ هئا ۽ ”سنڌ جي سڀني“ مادري توڙي انگريزي اخبارن ان رٿ خلاف ”سخت احتجاج“ ڪيو. هِتي، پنجاب سان سنڌ جي گڏجڻ
جي حمايت ۾ ڳالهائڻ (خيال رکڻ) وارو ڪو به ڪو نه هو. ”عملي طرح سنڌ جو سڄو
ڍانچو“، مقامي يا غيرمقامي ”ان رٿ خلاف ۽ ناٺاهي هو“. بهرحال، 1914ع ۾ پهرين
مهاڀاري جنگ ڇڙڻ ۽ انڊين قومي جدوجهد جي واڌ جي ڪري ۽ اخبارن، ماڻهن ۽ حڪومت جو ڌيان
ڦري وڃڻ سبب پنجاب ۾ سنڌ کي ضم ڪرڻ جو معاملو پاسي تي پئجي ويو.
1917ع ۾ منٽاگ پڌراءَ جي ظاهر ٿيڻ انڊيا ۾ ٿيندڙ لقائن جي صورت بابت ڇتو
بحث شروع ڪري ڇڏيو. پنجاب پريس گڏپ
جو پراڻو راڳ نئين سر آلاپڻ شروع ڪيو. اهو بحث، بهرحال، 1919ع جي انڊيا ايڪٽ واري حڪومتي ٺاهه وسيلي بند ڪيو ويو.
سنڌي ماڻهن جي سخت مخالف نُڪتي نظر
باوجود، پنجاب سان سنڌ ڳنڍڻ جي رٿ، تڏهن به، نوان ٻهروپ ڪيل ۽ ويس پهريل حمايتي آڻي 1920ع دوران وري اڀاري وئي ۽ ان کي اڀريل موضوع بنايو ويو.
سکر وٽ لئائڊ بئريج جي اڏاوت جي شروعات ان موضوع لاءِ وري هڪ تيز ڇِٻي هئي. ڏهاڪين
لک ايڪڙ ٻي زمين به آباديءَ هيٺ اچڻي هئي. ان سان گڏ هزارين هزار نيون نوڪريون
ملڻيون هيون. پنجاب جي وڌندڙ آباديءَ ۽ قبضي گير پنجابي زميندارن جون
لالچي نظرون هن مهان منصوبي تي کتل
هيون.
ٻي ڇٻي (کَڙه) بمبئي حڪومت جو پنجاب جي ان ڇڙواڳ ارادي کي تابع ڪرڻ
لاءِ سخت موقف هو، جنهن
موجب پنجاب سنڌ جي ضرورتن ۽ انڊين حڪومت (جنهن وٽ بمبئي ۽ پنجاب جي وچ ۾ سنڌوءَ جي
پاڻيءَ جي پهچ/ورڇ سان
واسطيدار ڪنهن به تضاد کي نبيرڻ جو انتهائي اختيار هو) جي ٺهراءَ کي نه ليکيندي هو
پنهنجي واهپي لاءِ سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتو شاخن جو جيئن ۽ جيترو وڻيس تيئن ۽ اوترو
پاڻي ورائي ۽ کڻي سگھي. ان ايڪٽ سبب پنجاب ۾ ڪو به زرعي منصوبو بمبئي حڪومت جي مرضيءَ کان سواءِ پورو ڪرڻ جو حق نه هو ڇو ته
سکر کان مٿين وهڪري تي ڪو به نئون
منصوبو سکر بئريج جي ڪرت کي
نقصان پهچائڻ وارو هو.
سدا آباد ڪراچي جي بندر کي پنهنجي
ئي نموني جو دلبو (Lure) هو. پنجابين ريلوي تي پنهنجو قبضو
برقرار رکڻ پئي گھريو.
هاڻي وري پراڻي رٿا کي اهو ٻهروپ
ڏنو ويو ته مسلمان گھڻائي وارن علائقن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحد صوبي تي ٻڌل عظيم اتر-اولهه صوبو ٺاهيو وڃي. پنجاب جي مسلمان ليڊرن کي پنجاب، سنڌ،
بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحدي صوبي تي ٻڌل هڪ ٺوس بلاڪ جي گھرج هئي ته ”جيئن عظيم
پنجاب جوڙي سگھجي.“
رٿيل عظيم
پنجاب لاءِ مختلف وقتن تي ڌار ڌار نالن جي تجويز رکي وئي. مثال طور ڊسمبر 1858ع ۾ بمبئي اسٽينڊرڊ بمبئي ان کي
”پنجاب پريزيڊنسي“ سڏيو،
فيبروري 1912ع ۾ مسٽر ايم.ڊي.پي. ويب ان
جو نالو ”اِنڊَستان“ (انڊس-ستان) رکيو ۽ آگسٽ 1930ع ۾ ڊيلي گزيٽ ڪراچي
”سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي اتر-اولهه پريزيڊنسي“ سڏيو.
1928ع ۾ اها رٿ نهرو ڪاميٽي جي
آڏو رکي وئي. سڄي اتر ۽ اتر-اولهه تي پکڙيل ”ايڏي وڏي صوبي جي تخليق“ جي تجويز کي
نهرو ڪاميٽي ساراهي نه سگھي. بهرحال، انڊيا جي مسلمان علائقن جي ٻڌيءَ جو ٻهروپ ـــــ عظيم اتر-اولهه انڊين مسلم صوبي ــــــ جي خيال جي پنجاب پريس پاران هر هر وڪالت ڪئي پئي وئي. مثال
طور، ڊسمبر 1928ع ۾ روزانه انقلاب لاهور ”هندي مسلمانن لاءِ وطن جي گھرج“ جي
سري هيٺ ڪيترائي مضمون ڇپيا.
وري 1930ع جي وچ ڌاري لاهور جي اخبارن انقلاب، سياست ۽ مسلم آئوٽ لُڪ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحدي صوبي جي نمائندن
تي ٻڌل اَپر انڊيا جي مسلمانن جي تنظيم ڪرڻ ۽
ڪانفرنس سڏائڻ جي صلاح ميدان تي آندي. ان صلاح پويان متحرڪ ذهن سر ڊاڪٽر محمد
اقبال هو جنهن ان وقت ۽ هر هر اهڙي ڪانفرنس جي ضرورت تي زور پئي ڏنو.
ڪيترين ئي ڪوششن باوجود اهڙي
ڪانفرنس ڪونه ٿي سگھي. بهرحال، رٿ هيٺ آيل ڪانفرنس جي صلاحڪار سر ڊاڪٽر محمد اقبال
کي ڊسمبر 1930ع واري الهه آباد ۾
سڏايل آل انڊيا مسلم ليگ جي گڏجاڻي جي پليٽفارم تان پنهنجو اهو خيال ظاهر ڪرڻ جو وجھ ملي ويو. 19-ڊسمبر تي پنهنجي تقرير ۾ سر ڊاڪٽر
محمد اقبال ”پنجاب، اتر-اولهه سرحدي صوبي، سنڌ ۽ بلوچستان کي هڪ رياست ۾ گڏائڻ جي چاهه ڀري خواهش ظاهر ڪئي.“ هن چيو، ”پاڻ ۾
گڏيل اتر-اولهه انڊين مسلمانن جي رياست جي جوڙجڪ برطانوي سلطنت منجھ يا ان کان ٻاهر سيلف-گورنمينٽ منهنجي نظر ۾ مسلمانن، گھٽ ۾ گھٽ
اتر-اولهه انڊيا جي مسلمانن جي آخري منزل هئڻ گھرجي.“ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽
اتر-اولهه صوبي تي ٻڌل گڏيل صوبي جو خيال چوڌري رحمت علي ۽ سندس دوستن 1933ع ۾
ڪئمبرج (برطانيا) مان هاڻي يا ڪڏهن به نه جي سِري هيٺ ڇپيل هڪ ليفليٽ (پني) وسيلي اڃا اساريو جنهن ۾ مٿي
ڄاڻايل صوبن سان گڏ ڪشمير به شامل ڪيل هو.
هن رٿا ۾ سامراجي مفادن کي خيال ۾
رکندي، پراڻي صلاح جي نون پوئلڳن انهيءَ
رٿيل جوڙجڪ جي ان پاسي تي قائل ڪندڙ ۽ زور ڏيندڙ انداز ۾ خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. اهڙي جوڙجڪ، انهن دليل ڏنو، اتر کان ايندڙ
ڪميونسٽ خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏئي سگھندي: ”اتر-اولهه انڊيا جي مسلمانن جي هيءَ مسلمان فيڊريشن، ڪنهن به پاسي کان ايندڙ
خيالن توڙي هٿيارن جي مداخلت خلاف هڪ بفر رياست جو بنياد مهيا ڪندي.“ ساڳي قسم جو دليل اڳواٽ ئي سر ڊاڪٽر محمد اقبال
وسيلي پيش ڪيو ويو هو، جنهن
زور ڏئي چيو هو ته اهي (رياستون/صوبا؟) ”انڊيا خلاف ڪنهن به قسم جي مداخلت، پوءِ اها خيالن جي هجي يا سنگينن جِي، جي خلاف بهتر بچاءُ ثابت ٿينديون.“ هن پرڏيهي ڪاهه خلاف انڊين سلطنت جي بچاءَ جي سلسلي ۾
اتر-اولهه انڊين مسلمانن پاران اهڙي بچاءَ واري امڪان کي پوري ڌيان سان ڪٿڻ جي
اپيل ڪئي. هن جي خيال موجب ”انڊيا جي
مسلمانن جو انتهائي جاندار ميڙ (Concentration)، جنهن جي لشڪري ۽ پوليس خدمتن...
ملڪ ۾ برطانوي حڪمراني کي ممڪن بنايو، نيٺ انڊيا سان گڏوگڏ ايشيا جو مسئلو پڻ حل
ڪندو.“
برطانوي حڪومت کي سدائين پنجاب
سان سنڌ جي گڏپ واري رٿ سان همدردي رهي هئي. رايل
اسٽئچوٽري ڪميشن، جنهن کي عام طرح
سائمن ڪميشن جي نالي سان سڃاتو وڃي
ٿو، کي اهو خيال سدائين ذهن ۾ رهيو. اها ساڳي حالت سنڌ جي انتظامي ڪميٽي ۽ پارليامينٽ جئائنٽ سليڪٽ
ڪميٽي سان به رهي. پر ڪهڙو به ٻهروپ يا ويس هجي سنڌ جا
ماڻهو پنجاب سان سنڌ جي گڏپ جا انتهائي مخالف رهيا.
حقيقت ۾ انهن جي مخالفت ايڏي
جوشيلي هئي جو ان رٿ سان بي انتها همدرديءَ باوجود برطانيا حڪومت ان وقت هن رٿ کي عمل ۾ آڻڻ نامناسب سمجھيو. ان ڪري سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري 1935ع جي ايڪٽ هيٺ نون آئيني سڌارن وسيلي خودمختيار (Autonomous) صوبو
بنايو ويو.
ڌار گورنر جي صوبي طور سنڌ جو آئين، بهرحال، سامراج جي حرفت جي خاتمي جو نشان نه هو.
نئين اڀرندڙ سويت يونين جهڙي زبرست سياسي-معاشي نظرئي سان هٿياربند قوت جي منهن مقابل
برطانيا سامراج جي معروضي سياسي
صورتحال انڊين سلطنت جي اتر-الهندي سرحد تي هڪ بفر علائقي جي تخليق کي حڪمت
عملي (جنگي هنرمندي) جي لحاظ کان اهم بنائي ڇڏيو.
سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ ۽ آئيني
طرح خودمختيار صوبي بنجڻ جي نتيجي ۾، مجموعي طرح مسلمان آباديءَ جي گھڻائي سبب سنڌ
جي قسمت نيٺ ”مسلم انڊيا“ ۽ سوچيل ڌار ”مسلم وطن“ سان پوريءَ طرح ڳنڍجي وئي.
نئين مسلمان رياست، جيڪا 14-آگسٽ
1947ع تي دنيا جي نقشي مٿان ظاهر ٿي، فطري طرح انڊيا جي جنگي اهميت جو گھڻو ڪجھ پاڻ وٽ رکي پئي. انڊيا جي جنگي اهميت اڳ ئي پهرين مهاڀارت جنگ ۾ ميسوپوٽيميا
(عراق) وارين فوجي خدمتن ۽ ٻِي مهاڀاري جنگ هلندي
عراق ۽ پرشيا (ايران) ۾ اتحادين جي چرپر دوران ثابت ٿيل هئي. جيئن ته نار (گلف)
سئون سڌو ڪراچي وٽ کُلي ٿو ۽ ان جي پوزيشن دنيا جي وڌ ۾ وڌ تيل پهچائيندڙ
ــــــ وچ اوڀر (مڊل ايسٽ)
ــــــ ڏانهن ايندڙ سُويت يونين جي چرپر کي ڌڪ رسائي سگھڻ جهڙي آهي، تنهنڪري
ايراني نار(پرشين گلف) يا وچ-اوڀر جي بچاءُ بند طور انڊيا (نئين
مسلم رياست کان) وڌيڪ اهم نه رهي.
قبضي گير (وسعت) لاءِ تيل جي گھرج جيئن ته پڌري هئي، دنيا سوڙهي پئي ٿي ۽ پاڇا ”اتر“ کان ڊگھا پيا ٿين (Shadows lengthen
from “North”) ان کي ترت
ئي پراڻي بيٺڪي نظام جي تباهيءَ کان پوءِ نئين وڏي طاقت جي حيثيت ۾ اڀري آيل گڏيل اميريڪي رياستن (گ-ا-ر) محسوس ڪري
ورتو ته علائقي جي پائداري انهن رياستن سان ٻڌي يا قبوليت نامو ڪرڻ ۾ آهي جيڪي تيل ــــــ ايراني نار ــــــ جي اهم پاڻيائي رستي چوڌاري
موجود آهن. ان قبوليت نامي نيٺ بغداد ٺاهنامي جو روپ ورتو (جيڪو پوءِ فيبروري
1955ع ۾، سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن، سينٽو ۾ بدلايو ويو).
ان ئي سال جي آڪٽوبر ۾ اهو ٿيو ته
پنجاب سان ملائڻ جي رٿ، نيٺ، اڳواڻن ملڪ جي اوڀر ۽ اولهه پاسن جي وچ ۾، جن هاڻي ترتيبوار، بنگلاديش ۽ پاڪستان سڏجي ٿو، ”هڪ ڪَري برابري“ (پئرٽي) هٿ ڪرڻ جي بهاني ”ون-يونٽ“ جي نالي عمل
۾ آڻڻ جوڳي ڏٺي وئي، جيڪا ئي
هڪ صديءَ کان سامراج جي منشا رهندي پئي آئي.
No comments:
Post a Comment