3/10/2014

ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro(



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف
(اقبال جعفر جي مضمون ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ جي ڇنڊڇاڻ)

اقبال جعفر صاحب جو هڪ مضمون پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ (Roots of Ethnicity in Pakistan) ترجمو ٿي  ڪالهوڪي اخبار (”جاڳو“) ۾ ڇپيو آهي. مون سنڌ سان واسطيدار جيڪي ويهارو کن مضمون هن سال ترجمو ڪيا آهن، انهن لاءِ ٻين سجاڳ ساٿين جيان منهنجي به اها ئي نيت پئي رهي آهي ته جيڪي ماڻهو انگريزيءَ ۾ نه ٿا پڙهي سگهن ۽ انگريزيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت ۾ نيڪ نيتيءَ سان جيڪو ڪجهه لکجي پيو، ان کان واقف ٿي سگهن. ڪيترن ئي مضمونن جي سڄي مواد يا ڪجهه ڳالهين سان مڪمل طرح يا ڪجهه قدر اختلاف يا اتفاق رکڻ باوجود مون پنهنجي وس آهر انهن مضمونن جو ترجمو پوري ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. اها ئي ڳالهه پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون سان به لاڳو آهي، پر هن مضمون ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيءَ ته سمجهداريءَ سان آنديون ۽ بيان ڪيون ويون آهن جو انهن کي جيستائين هر طرفي ڇنڊڇاڻ هيٺ نه ٿو آندو وڃي، تيستائين سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري هن مضمون ۾ آءٌ اهي ڳالهيون ساٿين آڏو رکان ٿو جيڪي مون کي ويچار لائق محسوس ٿيون. (اها به سڌ اٿم ته هن قسم جي مضمونن جي جواب ۾ ۽ وطن دوست عوامي موقف جي حمايت ۾ ڪي دانشور جيڪڏهن سڌو انگريزيءَ ۾ لکي سگهن ٿا، ته ضرور لکن ۽ اهو ڪم پنهنجن پهرين فرضن ۾ شامل رکن.)

اقبال جعفر صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي هڪ مضمون سراسري طرح هر ڏهين ڏينهن روزاني انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپبو رهي ٿو. عمومي طرح پاڻ جيڪو ڪجهه لکي ٿو، ان کي انگن اکرن، ڪنهن نه ڪنهن نئي کوج يا دليلن جي سهاري سان پيش ڪري ٿو ۽ انهن ۾ ائين ڀاسي ٿو ڄڻڪ پاڻ ڪنهن به قسم جي نسلي ساڙ ۾ متبلا ناهي، هو هڪ وسيع ذهن جو مالڪ آهي ۽ حالتن جي ڇنڊڇاڻ معروضي طرح ڪري ٿو.
ڊان هن سال (1992ع) جا شروع وارا ڇهه مهينا معاملن جي حقيقي حالت ڪهڙي آهي؟ جي سري هيٺ هڪ سلسلو هلايو جنهن ۾ سنڌ جي موضوع تي اقبال جعفر صاحب جو، اخبار مطابق ڇرڪائيندڙ ۽ اکيون کوليندڙ مضمون ڇپيو. ان ۾ سنڌ اندر رهندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ جي حوالي سان خاص ڳالهه اها ڪيل هئي ته سنڌي ڳالهائيندڙن جو مسلمان مذهبي پس منظر سهپ، رواداريءَ ۽ ڀروسي تي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو شڪ، قبضي ۽ ڦرمار تي ٻڌل هو. ٻِي خاص ڳالهه اها هئي ته سنڌي ٻوليءَ سان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بي واجبي ڪئي وئي ۽ ٽين ڳالهه اها ته سنڌي ڳالهائيندڙن سان سياسي-سماجي سلوڪ مناسب نه رکيو ويو ۽ ساڻن ڪجهه نه ڪجهه ناانصافي ٿي هئي. پر، ان مضمون جي پڇاڙي ۾ هُن پاڪستان يا سنڌ جي سياسي-انتظامي-سماجي مسئلن جو جيڪو حل ٻڌايو هو، ان ۾ ۽ ڪالهوڪي مضمون پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون ۾ ڄاڻايل حل ۾ ڪو به فرق ناهي.
اقبال جعفر پنهنجي مضمون ۾ جيڪي ڳالهيون ڄاڻايون آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن:
1.    پاڪستان، باقي ڏکڻ-ايشيا جيان هڪ گهڻ-قومي سماج آهي.
2.    پاڪستان ۾ گهڻين قومن جي ڳالهه ڪرڻ غداريءَ کان گهٽ نه پئي سمجهي وڃي، پر هاڻي اهو خيال ڪو نئون ۽ رجائي (آپٽيمسٽڪ) نه رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت ٻه قومي نظرئي جي ڄر ۽ دز ايڏي ته ڇانيل هئي جو ان وقت جيڪي حقيقي قومون هيون ــــــ نرواريل سرحدون، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي رکندڙ ـــــ انهن کي نه مڃيو ويو.
3.    ڀارت ۾ هندي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور مڙهڻ ۽ پاڪستان ۾ قومي ٻوليءَ طور اردو کي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻنهي ڏيهَن ۾ ڪن ڌڙن ان عمل جي مخالف ڪئي. ڀارت ته ترت ئي سموريون وڏيون (گهڻائي رکندڙ) ٻوليون دستوري طرح قومي ٻولي طور مڃي ورتيون ۽ هر هڪ لساني ٽولي کي صوبائي سرحدون نروار ڪري ڏنيون، پر پاڪستان ۾ اسين گهڻ-قومي ڪردار (بيهڪ) واري حقيقت کي مڃڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍا ڍرا رهيا آهيون.
4.    پاڪستان ۾ هر نسلي ٽولو هڪ گڏيل ڪڙم (نسل، ثقافت، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي ڪري پيدا ٿيل نينهن رکي ٿو جنهنڪري ان جي مخصوص سڃاڻپ ٺهي ٿي، پر اهميت وارو عنصر ٻولي آهي، باقي ٻيا سڀ فرق مٿاڇرا آهن.
5.    پاڪستان ۾ نوَ وڏا (گهڻائي رکندڙ) نسلي ٽولا آهن. پنجابي ڳالهائيندڙ 48.17 سيڪڙو (1981ع جي آدمشماريءَ ۾ پوٺوهارين کي پنجابين ۾ ملائي ڳڻيو ويو آهي، تنهنڪري انهن ٻنهي جي آدمشماريءَ جو سيڪڙو گڏيل انگن ۾ آهي).
1.
پنجابي ڳالهائيندڙ پوٺوهاري
48.17 سيڪڙو
2.
پشتو
13.15 سيڪڙو
3.
سنڌي
11.77 سيڪڙو
4.
سرائيڪي
9.84 سيڪڙو
5.
اردو
7.60 سيڪڙو
6.
بلوچي
3.03 سيڪڙو
7.
هندڪو
2.43 سيڪڙو
8.
بروهڪي
1.21 سيڪڙو
6.    سنڌ  ۾ سنڌي مادري ٻولي طور ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو 52.40 آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙ 22.64 سيڪڙو آهن. سنڌ ۾ تعليمي شرح موجب شهري 13.40 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻا 15.60 سيڪڙو پڙهيل آهن. اردو ڳالهائيندڙ ٽولو اقتصادي ۽ سماجي طرح وڌيڪ اسريل آهي ۽ منجهس 80-سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن.
7.    جيئن ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏ نو ويو آهي تنهنڪري ٻين براين سان گڏ هاڻي، نسلائپ وڌي وئي آهي. ايتري قدر جو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي علائقائي قوم پرستن پاڪستان جي بنيادن بابت به اعتراض اٿارڻ شروع ڪيا آهن.
8.    خطرو پاڪستان جي ٽُٽڻ جو نه، پر صوبن جي ٽٽڻ جو آهي، جنهن کان بچڻ لاءِ ۽ نسلي جهيڙن کان بچڻ لاءِ اڪيلو حل اهو آهي ته جيڪي نسلي ٽولا جن جاگرافيائي علائقن ۾ ڳتيل آبادي رکن ٿا، انهن علائقن (جيڪي اتفاق سان سِول ڊويزنون به آهن) ۾ خودمختيار چونڊيل حڪومتون متعارف ڪرائي، اختيار انهن جي حوالي ڪيا وڃن.
ويهه ورهيه  کن اڳ جي ڳالهه آهي، سنڌ ۾ هڪ مخصوص لساني ٽولي پاران پنهنجي ٻولي زوريءَ مڙهي رکڻ لاءِ پاڪستان جي حقيقي حاڪمن جي مدد سان مهاجر-پنجابي-پختون محاذ جي ڇانوَ هيٺ لساني بل جي آڙ ۾ سنڌين خلاف دهشتگرديءَ جو مچ مچايو ويو هو.  تڏهن منهنجو نام نهاد مذهبي جماعت جي هڪ اهڙي ڪارڪن سان بحث ٿي پيو جيڪو پاڻ کي ڏاڍو فراخدل“، لبرل ۽ عالم سمجهندو هو. هن سنڌين جي قومي شعور خلاف ڏاڍيون باهيون پئي ڇنڊيون ۽ مسلمان قوم ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ دليل جا درياهه پئي وهايا. بحث ٿيو، بحث ۾ ڦڙتي بازي نه پئي هلي سگهي، جو ڪچهري شاهد ۽ منصف هئي. بحث هلندي جڏهن فراخدل صاحب پنهنجن دليلن سان پاڪستاني قوم نه ٺاهي سگهيو، تڏهن اوچتو اعلان ڪري سڀني جون مَتيون منجهائي ڇڏيائين، ته پاڪستان ۾ حقيقي طرح ڪا قوم آهي ئي ڪا نه!.... پر جيڪڏهن ڪا قوم ٺاهڻي ئي اٿوَ ته پوءِ سنڌ ۾ ئي ويهه کن قومون ٺهي پونديون....!
اهو وري ڪيئن؟ ڪچهريءَ پڇيو.
جيڪڏهن ڪنهن قوم لاءِ هڪ ٻوليءَ جو هجڻ ضروري آهي، ته پوءِ سنڌ ۾ انگريزي، اردو، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، پارسي ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون... ۽ خود جيڪي سنڌي سڏيا وڃن ٿا، اهي سنڌي ڪٿي آهن، اترادي ٻولي ٻِي، ته ڪوهستاني ٻِي، ڍاٽڪي ٻي، ته ٿري وري ٻي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، گجراتي، ميمڻڪي، ٻيلائي وغيره وغيره. اڃا جي وڌيڪ چئو، ته پوءِ سما قوم، ابڙا قوم، سومرا قوم، ڀُٽا قوم، لاشاري قوم، رند قوم، چانڊيا قوم... ڇا اهي قومون ناهن؟ ٻڌايو ته سهي!
ڪچهريءَ ان کي چيو ته هاڻي وِڦلين ٿو.“
فتوا واري انداز ۾ چيائين ته جيڪڏهن مسلمان قوم ناهي، پاڪستاني قوم ناهي، ته پوءِ دنيا ۾ ڪا به قوم ناهي، پوءِ ته اسين سنڌ ۾ ئي پنج سؤ قومون ٺاهي ڇڏينداسون، نه ته توهين به مڃو، ته سنڌي قوم نالي ڪا به شيءِ وجود نه ٿي رکي.
چيو ويس ته جيڪڏهن قوم ٺاهڻ توهان جي هٿ-وس هجي ها، ته پوءِ ضرور ايئن ڪيو ها، پر افسوس! قومون ڪجهه دانشورن جي چوڻ سان ۽ زوريءَ نه ٺهنديون آهن.
اقبال جعفر صاحب جو مضمون پڙهي، مون کي فراخدل صاحب ڏاڍو ياد آيو ۽ سوچيم ته سندس قبيلي جو پوکيل ٻج ڏاڍو پکڙيو آهي. جيڪڏهن سنڌي قوم آهي، ته پوءِ اردو ڳالهائيندڙ به قوم آهن، ۽ جي اردو ڳالهائيندڙ هڪ لساني يا نسلي ٽولو آهي، ته پوءِ سنڌي به هڪ لساني يا نسلي ٽولو آهي، تنهنڪري سنڌ جي ڌرتيءَ تي اردو ڳالهائيندڙ ٽولي لاءِ نرواريل سرحدون هجڻ گهرجن!
ڪجهه عرصو اڳ مهاجر قوم جي دعويدار ۽ سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي جيئري سردار به ٽوڪ ڪندي چيو هو ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيترو سنڌين جو حق آهي اوترو مهاجرن جو به آهي، نه ته ڀلا سنڌي پنهنجي مالڪيءَ جي سَند ته ڏيکارين؟ اڄوڪا سنڌي خود ڌاريا ڪاهيندڙ آهن. مهاجرستان ٺاهڻ جون ڳالهيون 1964ع کان وٺي موجود آهن ۽ سنڌين خلاف دهشتگردي، سنڌين کي ڪراچيءَ مان ڪڍڻ جون سازشون ۽ مهاجر سپر پاور حق ڄمائڻ جون ڳالهيون ڪنهن کان به وسريون ناهن. مهاجر قومي موومينٽ (م ق م) اڄ (29-نومبر 1992ع) وري نئين روپ ۾ جياري وئي آهي ۽ سڀاڻي مهاجريت جيڪي نازي ۽ فاشِي ڪرتوت ڏيکاريندي تنهن لاءِ اڄ ئي تياري ڪرڻ گهرجي.
سڀاڻي جيڪڏهن غير قانوني ۽ ناجائز طرح آيل بنگالي، جيڪي سالن کان سنڌ ۾ رهيل آهن، دعويٰ ڪن ته اهي به هڪ قوم يا لساني ٽولو يا نسلي ٽولو (جيڪو توهان پنهنجو پاڻ کي قرار ڏيو) آهن ۽ کين به نرواريل سرحدون ملڻ گهرجن، ته پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟
ساڳيءَ طرح برمي، انڊونيشي، سيلوني، تِبتي، افغاني، پختون، پنجابي وغيره به سنڌ تي پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا، پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڇا سنڌين جي ڌرتيءَ ايڏي نڌڻڪي آهي جو جيڪو به پنهنجي ڌرتيءَ کي بک، بيروزگاري، بدامنيءَ وغيره جي ڪري يا ان تي فتنا فساد اٿاري، ڀڄي اچِي، ناجائز طرح سنڌ ۾ رهي، اهو ٻن چئن سالن کان پوءِ داداگيري ڪري سنڌ جي ٽڪري جو وارث ٿي ويهي رهي؟
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اقبال جعفر صاحب پنهنجي مضمون ۾ ٻين جيان سنڌين لاءِ عمومي طرح ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي سُٺيون سڏي سگهجن ٿيون جيئن هيتري چرپر، روڊ رستن جو واڌارو ۽ تعليمي ترقي، پر اهي ڳالهيون اڄ ڪلهه ته پاڪستان جو هر حڪمران به ڪري ٿو، توڻي جو هو پنهنجي دَور ۾ زبردست ترقيءَ جي هام هڻندو هجي.
اچو ته پهريائين ان نُڪتي کي جاچيون جنهن جو نمبر-8 آهي ۽ جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خطرو پاڪستان جي ٽٽڻ جو نه، پر صوبن جي ٽٽڻ جو آهي، جنهن کان بچڻ لاءِ، نسلي جهيڙن کان بچڻ لاءِ، ليکڪ وٽ اڪيلو حل اهو آهي ته جيڪي نسلي ٽولا جن علائقن ۾ ڳتيل آبادي رکن ٿا انهن علائقن (جيڪي اتفاق سان سول ڊويزن به آهن) ۾ خودمختيار چونڊيل حڪومت متعارف ڪرائي، اختيار ان جي حوالي ڪيو وڃي.
مون کي خبر ناهي ته ڪراچي ڊويزن کان سواءِ ٻي ڪهڙي سِول ڊويزن آهي جنهن ۾ ٻيو ڪو لساني ٽولو وڏي اڪثريت رکندو هجي ۽ مون کي جيئن ته ڳالهه سنڌ جي ئي ڪرڻي آهي تنهنڪري سنڌ جي حوالي سان ليکڪ جي مقصد ۾ اها ڳالهه چٽي طرح اچي ٿي وڃي، ته سنڌ جون باقي ٽي ڊويزنون ڀلي سنڌين (جن کي به ليکڪ نسلي ٽولو سڏي ۽ سمجهي ٿو) جي حوالي هجن، پر چوٿين ـــــ ڪراچي ڊويزن ـــــ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي لساني (جنهن کي ليکڪ نسلي سڏي ۽ سمجهي ٿو) خودمختيار چونڊيل حڪومت متعارف ڪرائي اختيار انهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي. ڇا ان ۾ ڪا بدنيتي لڪل ناهي؟
هن وقت ڪراچي ڊويزن جي آبادي وڌ ۾ وڌ هڪ ڪروڙ چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ دهشتگرد سردارن جي دعويٰ موجب اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 55-لک آهي (حقيقت ۾ 55-لک آبادي اردو ڳالهائيندڙن جي ناهي، پر ان ۾ ڪڇين، ميمڻن ۽ اسماعيلين ۽ ٻين ناجائز رهواسين کي به زوريءَ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن جا ڪيترائي ڪائونسلر برمي ۽ بنگالي آهن ۽ ناجائز طرح آيل ڀارتي ۽ بهارِي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ به آهن). باقي 45-لک آباديءَ  ۾ 20-لک سنڌي، 15-لک پنجابي، 7-لک پٺاڻ ۽ 3-لک بلوچ آهن. جيڪڏهن ڪُوڙن انگن اکرن وسيلي به پاڻ کي معمولي اڪثريت ثابت ڪري سگهندڙن جي لاءِ، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جا تاريخي ۽ فطري رهواسي به ناهن، هڪ خودمختيار حڪومت ۽ علائقي جي گهر ڪري سگهجي ٿي، ته پوءِ اهو مطالبو سنڌين لاءِ ڇو نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪي سنڌ جا حقيقي، فطري ۽ تاريخي رهاڪو به آهن ته وارث ۽ مالڪ به ۽ جيڪي ڪُوڙن ۽ گهٽايل انگن اکرن موجب به هڪ اڪثريت آهن (۽ جيڪڏهن سنڌين جي ڳڻپ کي سنڌين جي مادري ٻوليءَ تائين محدود ڪرڻ بدران حقيقي سنڌي قوم جي ڳڻپ تائين وڌايو وڃي، ته ڪير اڪثريت آهن؟).
هر هڪ تاريخي قوم کي سندس پنهنجي علائقي ۾ خودمختيار چونڊيل حڪومت ڏئي اختيار ان جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو جائز، قانوني ۽ اصولي آهي، ان ڪري نه ٿو ڪيو وڃي جو ان تي عمل ٿيڻ جي ڪري سنڌ تي سنڌين جي کانئن کسيل مالڪي موٽڻ لڳندي جيڪا ساڙيلن، ڪٽر ۽ ڦورو حاڪمن کي ڪنهن به طرح پسند ناهي.
ليکڪ کي صوبن جي ٽٽڻ جو خطرو نظر ڇو ٿو اچي ۽ پاڪستان جي ٽٽڻ جو ڇو نه ٿو نظر اچي؟ ٻي پاسي وري پاڪستان جي هر حڪمران کي سدائين علائقائي قوم پرستن، علحدگي پسندن وغيره کان پاڪستان ٽٽڻ جو خطرو ئي نظر ايندو آهي، سو ڇو؟
اهو سؤ سيڪڙو سچ آهي ته بلوچستان ۾ بروهي، بلوچ ۽ پختون، پنجاب ۾ پنجابي، سرائيڪي ۽ پوٺوهاري ۽ پختونخواهه ۾ پختون ۽ هزارا پاڻ ۾ اڻبڻت ۽ ڇڪتاڻ رکن ٿا، پر منجهن موجود تضاد ايترو شديد ڪنهن به صورت ۾ ناهي جو صوبن جي ٽٽڻ جو خطرو موجود ٿي پيو هجي، جڏهن ته سنڌ ۾ دهشتگردن ۽ سندن حمايتي دانشور ۽ حاڪم لڏي جي ماڻهن جِي، بهرحال اها سڌ ئي نه پر باعمل سٽاءُ آهي ته سنڌ کي ٽوڙيو وڃي.
چٖي سنڌ کان کسڻ جي سازش ۽ سنڌ جو وجود ميسارڻ جي رٿابندي ڏاڍي پراڻي آهي جيڪا اڄ داداگيريءَ ۽ دهشتگرديءَ سان گڏ دانشوراڻي روپ ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. جن به ماڻهن پاڪستان ٺهندي ئي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇنڻ ۽ مرڪزي علائقو بنائڻ بابت سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل بحث جي ڪاروائي پڙهي هوندي ۽ جيڪي ماڻهو پاڪستان جي 45-سالا تاريخ جا ڄاڻو آهن، اهي پڪ سان چئي سگهندا ته اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي حقيقي حاڪمن پنهنجي قول ۽ لکت تان ڪمينن جيان اکيون ڦيري وڃڻ ۾ ڪڏهن به دير ئي نه ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪنهن چيو هو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ ڳالهه ئي پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته پاڪستان ۾ ڪا به ڳالهه پڪ سان نه ٿي چئي سگهجي.
هتي هڪ ٽڪرو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيل ڳالهه ٻول منجهان پيش ڪرڻ گهران  ٿو:
حيدر بخش جتوئيءَ جي مضمون ڪراچي ۽ سنڌي ٻولي ۾ جيڪو 1957ع ۾ لکيو ويو ۽ تازو ئي سنڌ قئارٽرلي (انگريزي) (جلد 20، 1992ع، نمبر 4) ۾ ڇپيو آهي، اوڀر پاڪستان جي خواجه شهاب الدين جي بحث کان پوءِ ساڳي ئي ڌرتيءَ جي پٽ پروفيسر راجڪمار چڪروتي جا لفظ به آهن. خواجه شهاب الدين چيو هو ته سائين مان نه ٿو ڄاڻان ته ٻاهر ان تاثر جنم ورتو آهي ته جيڪڏهن مرڪزي حڪومت ڪراچيءَ جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ته هي شهر سنڌين لاءِ اوپرو ٿي (وڃائجي) ويندو. هن اهو به چيو ته ميزبان کي ڪنهن به معاملي بابت ڊڄڻ نه کپي. تڏهن پروفيسر چڪروتي چيو: اسين ڄاڻون ٿا ته هن مسئلي تي سنڌ جي ماڻهن جا احساس ڏاڍا شديد آهن... ڪراچي سنڌ صوبي جو روح، يا شديد تنتي سرشتو آهي. ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ  هڪ رڻ آهي ۽ رڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه. جيڪڏهن ڪراچي کسي وئي ته سنڌ پنهنجي سموري اهميت وڃائي ويهندي... ۽ جيڪڏهن سنڌ کان ورتي وئي ته پوءِ مون کي ڊپ آهي ته، اهو شايد باقي سنڌ کي اولهه پنجاب (يعني پاڪستان واري پنجاب) جي حڪومت سان ڳنڍڻ لاءِ مناسب سبب هوندو (1948ع ۾ تيز فهم پارکوءَ جيڪو ڪجهه ڄاڻايو، اهو 1955ع ۾ سچ ٿيو ـــــ ون-يونٽ جي روپ ۾ ۽ __ جي ماڻهن خلاف هر قسم جو زوربار ۽ ڌوڪو ڪم آندو ويو. - حيدر بخش جتوئي). اچو ته اسين شڪرگذاريءَ جي جذبي سان سنڌ جي ان سخي ڪردار کي مڃون جيڪو ان (پاڪستان ٺاهڻ جي) سلسلي ۾ ميزبان طور ڪردار ادا ڪيو آهي. پر هاڻي مون کي نظر اچي ٿو ته، وڏي بدقسمتي چئبي جو، مهمان پنهنجي ميزبان کي تڙي رهيو آهي. محترم خواجه شهاب الدين پاران ٻڌايل سببن مان اهو هڪ هو. هو چوي ٿو ته، ميزبان کي ڪنهن به معاملي ۾ ڊڄڻ نه کپي، رڳو (ايترو ئي ته ٿئي ٿو جو) مهمان ٿو ميزبان کي تڙي ڪڍي، نه ان کان وڌ ۽ نه ئي ان کان گهٽ. جيڪڏهن اهو هڪ سٺو منطق ۽ سٺي دليل بازي آهي، ته پوءِ سڄي دنيا جي ميزبانن کي اڄ کان پوءِ ڪنهن به مهمان جي ميزباني ڪرڻ کان اڳ هوشيار رهڻ کپي. سڄي دنيا جي ميزبانن لاءِ اهو هڪ سٺو سبق آهي....
ليکڪ اقبال جعفر صاحب ته ڪراچي شهر بدران ڪراچي ڊويزن تي ميري نظر رکيو ويٺو آهي.
سنڌ تي ميري نظر رکندڙن کي گهرجي ته سڄي سنڌ، پر جي سنڌ جي دل ئي کين ملي وڃي ته پوءِ اهي ڏائڻ جيان ارها نه ٿيندا ـــــ پرائي گهران ڌِڪو به ڀلو ــــــ هيءَ ته ڪراچي هوندي. سڄي ڊويزن، چار آباد ضلعا، پاڪستان جو سڀ کان وڏو صعنتي مرڪز ۽ بندرگاهه، سنڌ جي بجيٽ تي سڪيلڌن جيان پليل شهر، سنڌ جو ڪرنگهو جنهن جو هر جيو-گهرڙو سنڌين جي سگهه نپوڙي ٺهيو آهي، جنهن کان سواءِ سنڌ ڄڻڪ لُولي ٿي پوندي.
 ۽ حوالي ڪنهن جي ٿيندو؟ سنڌين، پنهنجي محسنن، پناهه ڏيندڙ جي قاتل دهشتگردن ۽ بي رحم جلادن جي حوالي، جن جي سُتيءَ ۾ ڌرتيءَ سان وفاداري آهي ڪو نه، بي پاڙا، تاريخي رولو ۽ ڀاڙيتو خوني، ڪٽر، ساڙيلا ۽ جنوني جلاد، جن جي دهشتگرديءَ کي ذهن ۾ رکندي (اهو) ليکڪ سمجهي ٿو ته صوبن جي ٽٽڻ جو خطرو آهي، تنهنڪري ان دهشتگرديءَ کي بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ڊويزن انهن جي حوالي ڪئي وڃي.
پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڄام صادق پنهنجي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ دهشتگردن کي سنڌ ڀيلڻ لاءِ اهم ترين وزارتون، اڃا به قائم مقام وڏ وزارت ڏئي دهشتگرديءَ وسيلي قتل واري عمل کي جهڪو ڪرڻ جي ضمانت وٺي سنڌ ۾ امن امان جي سڌريل صورتحال واريون ٻٽاڪون هڻڻ لڳو هو تڏهن ڪنهن دل جلي (سجاڳ) سنڌي صحافيءَ لکيو هو ته ڌاڙيلن کي به جيڪو ڪجهه ڦرلٽ ۾ گهرجي کين اهو ڏئي ڌاڙا بند ٿي وڃڻ جي به هام ڇو نه ٿا هڻو؟ دهشتگردي ۽ ڌاڙيل، ڦورو ۽ بدمعاش کي جيڪو ڪجهه گهرجي اهو جيڪڏهن کيس قانوني ڪري ڏنو وڃي، ته ٻيو وري ڇا گهربو!؟
ڪارل مارڪس چيو هو ته تاريخ مان اسان رڳو هڪ سبق سکيو آهي ته اسان تاريخ مان ڪجهه به نه سکيو آهي. خود اقبال جعفر صاحب جو اهو چوڻ ته ڊويزن سطح تائين خود مختياري ڏني وڃي، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ملڪ هڪ زبردست ڇڪتاڻ هيٺ آهي، صوبن ۾ اقليتن پاران مختلف شدتون رکندڙ داٻ ته کيس نظر اچن ٿا، ڇو ته اها ڳالهه چوندي هو پنهنجن مخصوص مفادن جي ويجهو پهچي ٿو، پر کيس ٽن صوبن جي اڪثريتن پاران مختلف شدتون رکندڙ داٻ نظر نه ٿا اچن، جيڪي اول نظر اچڻ گهرجن.
اقليتن لاءِ خودمختيار ڊويزنون ٺاهڻ بدران، ڇا اهو وڌيڪ بهتر ناهي ته اڪثريتن جون رياستون، جيڪي هڪ ڊگهي تاريخي عرصي کان برقرار پئي رهيون آهن ۽ پنهنجن علائقن تي تاريخي ۽ فطري حق به رکن ٿيون، نروار ڪري کين هر طرح خودمختيار بنايو وڃي؟ اهڙيءَ طرح ڪيل قول به ڪجهه پاڙجي سگهيو.
اصل ۾ ليکڪ پارا دانشورَ ان قسم جي حقيقت پسند گُهر ڪندا ئي نه، ڇو ته اها سندن مخصوص گروهه پرست مفادن جي خلاف آهي. ليکڪ کي گروهه پرست ڇو ٿو چوان، ان جي لاءِ مون وٽ ڪيترائي سبب آهن. اچو ته انهن کي جاچيون.
(الف) پاڪستان ۾ ليکڪ جي چوڻ موجب هر نسلي ٽولي کي هڪ گڏيل ڪڙم (نسل، RACE)، ثقافت، تاريخ ۽ ٻولي آهي.
(ب) پاڪستان هڪ گهڻ قومي سماج آهي.
(ث) پاڪستان ۾ گهڻ قومي سماج کي مڃڻ ۾ ڍرائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ هر لساني ٽولي کي ڌار ڌار صوبائي سرحدون نروار ڪري ڏنيون ويون.
(ج) پاڪستان ۾ نوَ ٽولا (گهڻي آبادي رکندڙ) نسلي ٽولا آهن.
اهي سمورا نڪتا گڏيل سوچ ۽ ڌيان گهرن ٿا.
ليکڪ يا ته هڪ قوم، هڪ لساني ٽولي ۽ هڪ نسلي ٽولي ۾ فرق نٿو ڄاڻي، يا ڄاڻي واڻي انهن جي وچ ۾ فرق کي ظاهر نٿو ڪري يا وري هو شعوري طور ڪنهن خصوصي مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ قوم، هڪ لساني ٽولي ۽ هڪ نسلي ٽولي کي ساڳيءَ معنيٰ وارو ظاهر ڪرڻ گهري ٿو.
منهنجو خيال آهي ته پويان ٻه رايا وڌيڪ صحيح نموني ليکڪ جي ذهن جي ترجماني ڪن ٿا. اها راءِ قائم ڪرڻ لاءِ مون وٽ سبب آهن.
ليکڪ جي چوڻ موجب پاڪستان هڪ گهڻ قومي سماج آهي يعني پاڪستان ۾ ٻن کان وڌيڪ قومون آهن، انهن هڪ چٽسالي ٺاهي رکي هئي ۽ هر هڪ چٽ (ذري قوم) کي پنهنجو نرواريل علائقو، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي آهي.
ليکڪ پاڪستان ۾ نسلي ٽولي بنديءَ تي نظر وجهڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو ته هر نسلي ٽولو پيداوار آهي گڏيل ڪڙم (نسلي)، ثقافتي، تاريخي ۽ لساني نينهن جو، جنهن سان هر هڪ نسلي ٽولي جي سڃاڻپ ٿئي ٿي.
ليکڪ کي نظر اچي ٿو ته پاڪستان ۾ گهڻ قومي ڪردار کي مڃڻ ۾ ڍرائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ هر لساني ٽولي کي صوبائي سرحدون نروار ڪري ڏنيون ويون. (هتي ليکڪ اهو مطالبو نه ٿو  ڪري ته پاڪستان ۾ به هر قوم يا نسل يا لساني ٽولي کي سرحدون نروار ڪري ڏنيون وڃن ها، اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ سندس مخصوص مفادن تي ٺهڪندڙ سندن لساني ٽولو وڳوڙ ۽ لڏپلاڻ جي حالت ۾ هو ۽ ان ڪري ان لاءِ ڪو به سرحد بند علائقو نه ٺهي پئي سگهيو.)
ڏنل نڪتن جي روشنيءَ ۾ صاف چئي سگهجي ٿو ته ليکڪ جي خيال موجب هڪ لساني ٽولي وٽ رڳو هڪ ٻولي هوندي آهي، هڪ نسلي ٽولي وٽ گڏيل ڪڙم، ثقافت، تاريخ ۽ ٻولي ٿئي ٿي، جڏهن ته هڪ قوم وٺ انهن سڀني خصوصيتن سان گڏ هڪ خطو (علائقو) به هوندو آهي.
دنيا ۾ هڪ لساني ٽولي، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ نسلي ٽولي، هڪ لاڏائو ٽولي، هڪ پناهگير ٽولي ۽ هڪ قوم ۾ فرق رکيو وڃي ٿو، پر ليکڪ هڪ نسل، هڪ لساني ٽولي ۽ هڪ قوم کي پاڻ ۾ انگڙو ونگڙ ڪري منجهائڻ، هڪ ٻي جو متبادل سڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مون ليکڪ ڏانهن ڊان جي معرفت هڪ خط لکيو آهي (۽ پڙهندڙن کي به هڪ خط لکڻ جو عرض ٿو ڪيان) جنهن ۾ مون کائنس پڇيو آهي ته:
1.    جيڪڏهن پاڪستان ۾ گهڻيون قومون آهن، ته انهن جا نالا  ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن هڪ نسلي ۽ لساني ٽولي کان فرق رکن ٿيون؟
2.    جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڏي آباديءَ وارا نوَ نسلي ٽولا موجود آهن، ته پوءِ قومون ڪٿي آهن ۽ لساني ٽولا ڪهڙا آهن؟
3.    مادري ٻوليءَ موجب انگن اکرن ۾ جن ٽولن کي ظاهر ڪيو ويو آهي، اهي لساني ٽولا سڏبا يا نسلي ٽولا ؟
ليکڪ ۾ جيڪڏهن ذري جيتري به علمي فضيلت موجود آهي، ته پوءِ آءٌ اميد رکان ٿو ته هو هڪ مضمون وسيلي ان موضوع کي ساڳي ئي اخبار ۾ لکي ظاهر ڪندو.
هن مضمون ۾ ليکڪ هڪ لساني ٽولي، هڪ نسلي ٽولي ۽ هڪ قوم ۾ فرق کان شعوري طرح نٽائي ۽ انهن کي هم مفهوم نموني پيش ڪري هڪ عملي بي ايماني ڪئي آهي.
مادري ٻوليءَ جي بنياد تي انگ اکر ڏئي انهن کي نسل سڏڻ ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڌرتيءَ تي سنڌي قوم ۾ سمائجي ويل اردو، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي وغيره مادري ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌي قوم کان خارج رکي سنڌين کي هڪ اقليت جي ويجهو پهتل نسل يا لساني قرار ڏيڻ دانشوارنه سازش کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
سنڌ ۾ اڄ به ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ انگريزي، پارسي، اردو، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي يا سنڌي ڳالهائيندڙ هئا پر اهي قوم جي حيثيت ۾ سنڌي هئا ۽ آهن ۽ اهي به بنا ڪنهن لساني ساڙ جي پاڻ کي سنڌي ئي سمجهندا هئا ۽ آهن. اصل ڳالهه به اها آهي ته ماڻهو پاڻ کي ڪهڙي قوم جي حوالي سان سڃاڻي ٿو ۽ ڪهڙي قوم جون خصوصيتون ۽ ڪردار رکي ٿو. سنڌ ۽ پنجاب ۾، سنڌ ۽ بلوچستان ۾، سنڌ ۽ پختونخواهه ۾، سنڌ ۽ ڀارت ۾، سنڌ ۽ ايران ۾، ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ قبيلا اهڙا آهن جيڪي ساڳيو نالو رکن ٿا. قوم هڪ لساني ٽولي، هڪ نسلي ٽولي، هڪ قبيلي وغيره کان گهڻو مٿانهون سماجي ايڪو آهي. ڪيتريون ئي مادري زبانون، ڪيترائي قبيلا، ڪيتريون ئي ذاتيون، ڪيترائي نسلي ٽولا جذب ٿي هڪ قوم کي جنم ڏين ٿا. سنڌي قوم ۾ به ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ ڪيترائي قبيلا ملي جلي ويا آهن. هڪ قوم لاءِ شرط هڪ مادري ٻولي جو نه، پر هڪ گڏيل ٻوليءَ جو آهي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ ڪيترائي قبيلا مختلف مادري ٻوليون ڳالهائن ٿا، پر سندن گڏيل ٻولي سنڌي آهي جيڪا سنڌ ڌرتي جي حوالي سان کين سنڌي قوم جو فرد بنائي ٿي. هنن جو رشتو ناتو، اپت کاپو، مفاد ۽ ڪردار سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اهي هڪ ذات، قبيلي ۽ نسلي يا لساني ٽولي جي حيثيت ۾ گڏجي سنڌ، سنڌي ٻولي سنڌي مفادن خلاف ڪنهن به قسم جي سازش، فتني بازي ۽ غداري نه ٿا ڪن. (هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪجهه فردن جو ذاتي، انفرادي ڪردار گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو.) ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو علائقائي فرق جي ڪري ٻه يا اڃا به وڌيڪ قومون ٿي سگهن ٿا (جيئن عربي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪيتريون ئي قومون آهن) ته مختلف مادري ٻوليون ڳالهائڻ باوجود ڌرتيائي ايڪي جي ڪري اهي هڪ قوم به ٿي سگهن ٿا (جيئن سوئس قوم آهي). ان ڪري جڏهن به لفظ قوم، نسل يا ٽولو اچي تڏهن انهن لفظن جو حقيقي مطلب ضرور سمجهڻ گهرجي. هر قوم کي هڪ ڊگهو تاريخي پس منظر، گڏيل ٻولي، ڌرتيءَ جو مخصوص ٽڪرو، گڏيل قومي، سياسي، اقتصادي مفاد ۽ ڪردار هوندو آهي، جنهنڪري منجهن گڏجي رهڻ جو جذبو پيدا ٿي پوندو آهي. اهو هڪ فطري عمل آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ان فطري ۽ تاريخي عمل کي مخصوص مفاد رکندڙ ٽولا ارادي سان زوريءَ عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيئن هن وقت گورا آميريڪي ۽ صيهوني اسرائيلي آهن. گورا آميريڪي ۽ صيهوني اسرائيلي آهن. جيڪڏهن دهليءَ جا ٺڳ به هجن ته ٺهي پوندو ڪٽر گروهه پرست دهشتگرد ٽولو،  جيڪو زوريءَ، غير تاريخي انداز ۾، هڪ ڪوڙي قوم جي دعويٰ ڪري، سپر پاور قبضي گير حق ڄمائڻ گهري ٿو، جنهن لاءِ هو دهشتگرديءَ، قتلام، ڪوڙ ۽ پروپئگنڊا جو سهارو وٺي ٿو.
جيڪڏهن سنڌ مان ناجائز ۽ غير قانوني رهاڪن کي ڪڍيو وڃي، سنڌ ۾ صحيح نموني آدمشماري ڪئي وڃي ۽ بدنيتيءَ سان مادري ٻوليءَ جي بنياد تي سنڌي قوم جي وڍ ڪُٽ نه ڪئي وڃي ۽ اسان مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي سگهه آهر سنڌي قوم جي عوامي سجاڳيءَ ۽ ٻڌي لاءِ جاکوڙ ڪري، ته ڪو سبب ناهي جو سنڌي اقليت ۾ بدلائي سگهجن ۽ سنڌين کي سنڌ جو وري عملي وارث ۽ بااختيار ٿيڻ کان رنڊائي سگهجي.
هاڻي ڇو نه اهو جاچجي، ته سنڌ يا پاڪستان ۾ نسلي ساڙ پيدا ڪرڻ جو حقيقي سبب ڪهڙو آهي؟
پاڪستان ٺهڻ وقت  هن علائقي ۾ جيڪا وڏي تبديلي آئي، اها هئي لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ ـــــ ڀارت جي ڪجهه علائقن مان اردو ڳالهائيندڙن جي پاڪستان ڏانهن ۽ پاڪستان حڪومت هيٺ آيل علائقن مان هندو مذهب رکندڙن جي ڀارت ڏانهن. ان وقت تائين هن سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن به لساني يا نسلي جهيڙي جي خبرچار نه ٿي ملي ۽ سڏيو ويندڙ مذهبي جهيڙو ننڍي کنڊ ۾ جيڪڏهن موجود هيو ته اهو انهن علائقن ۾ جتي اردو ڳالهائيندڙ رهندا هئا ـــــ يُو پي، سِي پي ۽ بِهار ۽ سنڌ ۾ ماڻهو مادري ٻولي ڪهڙي به ڳالهائيندا ها پر سڀ قومي سڃاڻپ جي حوالي سان سنڌي هئا.
پاڪستان ٺهندي ئي پهريون وڏو ڦڏو سنڌ کان ڪراچي کسڻ جي سلسلي ۾ ٿيو. سنڌ جي احتجاج باوجود سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ بند نه ٿي، سنڌ جي مال ملڪيت تي قبضي بازي شروع ٿي ۽ سنڌ جون زمينون ۽ ڪارخانا ڌارين جي حوالي ڪندي سنڌ اسيمبليءَ جو اپمان ڪيو ويو.
ان کان پوءِ اقبال جعفر صاحب جي لکڻ موجب، اڪيلي قومي ٻولي طور ڀارتي حڪومت هنديءَ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان ڪوشش ڪئي ته اردو مقرر ٿئي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ مني صديءَ کان رائج قومي ۽ سرڪاري ٻولي ــــــ سنڌيءَ ــــــ ۽ بنگال ۾ بنگاليءَ خلاف نفرت جو کرو تپايو ويو، انهن جي طرز معاشرت، تهذيب ۽ ثقافت تي گند اڇاليو ويو ۽ نيٺ ون-يونٽ ڪري سنڌيءَ کي ميساريو ويو. جمهوري عمل کي سازشن جو شڪار بنائي مارشل لا مڙهيو ويو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جائز حقن جي گُهر ڪندڙن کي چٿڻ لاءِ هٿياربند قوتن جي ڇانوَ هيٺ سنڌين خلاف پنجابي-مهاجر-پٺاڻ متحده محاذ ٺاهيو ويو. ساڳي ئي قسم جو مهاجر فرنٽ بنگالين کي چٿڻ لاءِ اوڀر پاڪستان ۾ انهن ٺاهيو جن کي اڄ ڪلهه بِهاري سڏجي ٿو.
بنگلاديش کي انهن جِجُن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍي وڏي قرباني ڏيڻي ۽ سيکت سهڻي پئي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ بحال ڪرڻ کان رنڊائڻ لاءِ سنڌين خلاف زبردست دهشتگردي ڪئي وئي جنهن کي نالو ڏنو ويو سنڌي-مهاجر جهيڙو يا لساني جهيڙو. ڳجهه ڳوهه ۾ مهاجرستان يا اردو ديس جي مهم هلائي وئي، جنهن موجب ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻو هو.
ضيائي مارشل لا ختم ڪرڻ لاءِ سنڌين هڪ وسيع جمهوري جدوجهد هلائي، ته سندن قومي جمهوري شعور کي چيٿاڙڻ لاءِ ويهارو کن مهاجر تنظيمون، ٻه ٽي پنجابي تنظيمون ۽ ٻه ٽي پٺاڻ تنظميون ٺاهيون ويون، جن ۾ مهاجر قومي موومينٽ (م ق م) ۽ پنجابي-پختون محاذ کي ايجنسين وسيلي مضبوط بنايو ۽ ڌاڙيلن جو هڪ لشڪر ٺاهيو ويو. دهشتگردن جڏهن 1986ع کان 1990ع تائين سنڌين جو ڪوس ڪيو، ته ان کي نالو ڏنو ويو نسلي جهيڙو.
مقامي دهشتگردن جڏهن خود ايجنسين کي چَڪ پائڻ شروع ڪيا تڏهن ان ۾ سنهي ڦڙڦوٽ وجهي، ڪجهه دهشتگردن کي هيڏي هوڏي ڪري، ان کي ڪجهه ڌوئي پوئي، پاڪ پوتر بنائي نئين روپ ۾ آڏو آندو ويو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ جمهوري عمل کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويو، پر ڪير آهي جنهن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو آهي ۽ ڪنهن مارشل لا جي ڇانوَ ۾ پنهنجا غليظ ڦورو ۽ قبضي گير مفاد پورا ڪيا آهن.
ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي مارشل لائن کي ڪهڙين افرادي قوتن جي ٽيڪ هئي ۽ ڪهڙين قومن جي عوام انهن جي مخالفت ۾ ويڙهه ڪئي؟ جنرل ضياء جو مارشل لا ڪنهن هڻايو، ڪنهن ان کي مضبوط ڪيو ۽ ڪير هئا جيڪي ان جي مخالفت ۾ وڙهيا؟ پهرئين مارشل لا حڪومت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪنهن ڪيو ۽ ٻي مارشل حڪومت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪنهن ڪيو؟
پهرين صاف سٿري چونڊ ۾ اولهه پاڪستان منجهه اڪثريت سان ڪنهن کٽيو ۽ ٻِي صاف سٿري چونڊ ۾ اڪثريت سان ڪنهن کٽيو؟ انهن جمهوري قوتن جي سرواڻي ڪنهن ٿي ڪئي؟
پهرين صاف سٿري چونڊ جي نتيجي ۾ سڄي پاڪستان ۾ اڪثريت سان کٽندڙ عوامي ليگ کي ڪنهن حڪومت ٺاهڻ نه ڏنو؟
جمهوري طريقي سان اڪثريت ۾ ٻئي ڀيرا ٺهيل حڪومت خلاف ڪهڙيون وڳوڙي قوتون ڪم آنديون ويون؟
ڪير آهن جيڪي هن وقت تائين رڳو ڏاڍ ۽ دهشتگرديءَ جي زور تي مارشل لائن جي جهوليءَ ۾ پليا آهن؟
جيڪڏهن انهن ۽ اهڙين ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب ايمانداريءَ سان ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ ڏنا ويندا، ته پوءِ مجرم پاڻ ئي اگهاڙا ٿي پوندا.
اقبال جعفر صاحب ۾ جيڪڏهن ٿورڙي به علمي فراخدلي، فضيلت ۽ همت هوندي، ته پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون ڳولڻ لاءِ ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ ۽ هن يا هن تي تهمت هڻڻ بدران، پاتال ۾ پيهي وڃي حقيقي ڏوهارين کي ڳولي لهندو.

(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 13 ڊسمبر 1992)

No comments:

Post a Comment