2/24/2014

شهاب الدين غوري جي هندستان تي ڪاهه - پروفيسر عزيز الدين احمد / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



پروفيسر عزيز الدين احمد / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
شهاب الدين غوري جي هندستان تي ڪاهه
شهاب الدين غوريءَ جي هندستان تي ڪاهه جو واسطو وچ-ايشيا جي سياسي لاهه چاڙهه ۽ انهن هيٺ مٿاهين سان آهي، جيڪي اتي اقتدار کي سنوَت ۾ رکڻ لاءِ نت نئين سج ٿي رهيون هيون. شهاب الدين غوري، لاهور خسرو مَلڪ کان کسيو، جيڪو غزنوي گھراڻي جو پويون حڪمران هو. لاهور تي قبضو حقيقت ۾ غورين ۽ غزنوين جي پاڻ ۾ ساڙ ۽ ڪٺور وير جو ڪُڌو نتيجو هو. شهاب الدين غوري جا ٻه چاچا غزني جي حاڪم بهرام شاهه هٿان مارجي چڪا هئا. ان جو بدلو شهاب الدين غوري جي ٽين چاچي علاءُ الدين جهان سوز اهڙي ته ڪٺور نموني ورتو جو انساني تاريخ ۾ ان جو مثال ڳوليو ڪونه لڀندو. علاءُ الدين شهر غزنيءَ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ بدلي جي انڌ ۾ ان کي باهه ڏياري ڇڏي ۽ آباديءَ جي عام ڪوس جو حڪم ڏنو. ايتري قدر جو غزني گھراڻي جون قبرون کوٽائي مُردن جون هڏيون ڪڍائي باهه ڏياري. ان جو تفصيل مشهور مسلمان تاريخ-ڄاڻو ۽ ديني عالم منهاج سراجَ پنهنجي ڪتاب ”طبقات ناصري“ ۾ هن طرح ڏنو آهي.

2/20/2014

ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ (تعارف) - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)



رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪتاب
”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ (تعارف)

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي علمي، تحقيقي ۽ ترجمو ڪيل مقالن، مضمونن ۽ هڪ ليڪچر تي مشتمل هي ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“، اپريل 1999ع ۾، ڊاڪٽر محبت جي ٻيءَ ورسيءَ جي موقعي تي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جو سهيڙيندڙ رياضت ٻرڙو آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل تي مشهور آرٽسٽ قاضي اختر حيات پاران لِيڪيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هڪ رنگو اسڪيچ ڇپيل آهي ۽ ڪيليگرافي سيد ڪلب حسين شاهه جي ڪيل آهي. ڪتاب ڊيمي سائز ۾، 112 صفحن جو آهي.

2/07/2014

هڪ جينيس ماڻهو - دين محمد ڪلهوڙو (Din Muhammad Kalhoro)



دين محمد ڪلهوڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ جينيس ماڻهو
قول کي فعل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندڙ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سچ پچ جينيس ماڻهو هو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفادن خاطر حالتن سان ٺاهه نه ڪيو، سياسي قلابازي ڏيندڙ بازيگر سياستدانن ۽ ظالم حڪمرانن کي ڪڏهن به نه بخشيو، پيٽ خالي هوندي به سندس قلم طاقتور رهيو. اندر جو دوزخ کيس آخر تائين تڙپائيندو ۽ چيچلائيندو رهيو پر سندس ضمير هار نه مڃي ۽ وڪامجي نه سگھيو. مون ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سياست، ادب، فلاسافي، تاريخ، سائنس، معاشيات، مذهب، نفسيات، اخلاقيات، فلڪيات، لسانيات ۽ محبت جھڙن موضوعن تي روانيءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو.

خوشبوءِ ڇڏي هليو ويو - دين محمد ڪلهوڙو (Din Muhammad Kalhoro)



دين محمد ڪلهوڙو
هُو آيو ۽ خوشبوءِ ڇڏي هليو ويو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جو پارکو، محقق، نقاد، دانشور، ٻوليءَ جي واڌاري ۽ بقا لاءِ جدوجھد ڪندڙ قومي ڪارڪن ۽ وڏو حوصلو رکندڙ فرد هو. اهو ڪهڙو ڏينهن هوندو جنهن تي ڪو نه ڪو علم جو اڃايل پنهنجي اندر ۾ علم جي پياس کڻي ڪلينڪ يا در تي اچي حاضر نه ٿيو هجي ۽ هيڏانهن ڊاڪٽر محبت پنهنجي خداداد علم ۽ ڏات سان کلندي، گفتگو ڪندي، حال احوال وٺندي، علم ۽ ادب، تاريخ، فلسفي ۽ جدليات جھڙن دقيق موضوعن تي ڪيترائي ماڻڪ موتي، هيرا، جواهر ٻُڪ ڀري سندن خالي ٿيل ڪشڪول ۾ نه وڌا هجن ۽ جڏهن به ڪير سندس ڪچهريءَ مان اٿيو هوندو، ته پنهنجي ذهني پهچ آهر ضرور ڪجھه نه ڪجھه حاصل ڪيو هوندائين. جيڪو ماڻهو ڪلينڪ تي سڄو ڏينهن مريضن سان منهن ڏيندو هجي، ان لاءِ لکڻ پڙهڻ ۽ دوستن لاءِ وقت ڪڍڻ ڪيڏو اوکو هوندو؟ پر ڊاڪٽر محبت ڪلينڪ تي مريضن کي به ڏسندو هو، لکڻ پڙهڻ ۾ به رڌل رهندو هو، مهمان ايندا هئس، ته انهن سان به ڪچهري ڪندو هو. اها وڏي ڳالهه آهي، جيڪا اسان الاهي ڀيرا ڏٺي.

ڊاڪٽر محبت جي سنڌي ٻولي لاءِ ارپيل محبت ۽ محنت - ساگر حنيف بڙدي (Sagar Hanif Burdi)



ساگر حنيف بڙدي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سنڌي ٻولي لاءِ
ارپيل محبت ۽ محنت


ڌرتيءَ تي انسان جو سفر روزِ اول کان روان دوان آهي. جن ماڻهن ۾ سفر فقط پنهنجي ذات جي سنوار سڌار تائين محدود رهيو، انهن جو وجود ڄڻ ته واريءَ تي ليڪو يا جَرتي ڦوٽي جي برابر هيو. انهن جي قدمن جا نشان وقت جي طوفان ڊاهي ڇڏيا. پر زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڪي اهڙا آواز به هوندا آهن، جن جي صدا ڪڏهن جھڪي ته ڪا نه ٿيندي آهي پر ان آواز جي سريلائپ تي رڻ پٽ به پيو ناز ڪندو آهي. هونءَ ته هر انسان جي حياتيءَ جي ۾ موت جو ڊيڄاريندڙ ”بت“ رکيل هوندو آهي. پر ڪن حياتين جي عجائب گھرن ۾ رکيل بت، ڀڳوان جو روپ وٺي پنهنجو تعارف تخليقڪار جي نالي سان ڪرائيندا آهن. سائين محبت ٻرڙو به اهڙي حياتيءَ جو نالو آهي، جنهن سموري زندگي علم، ادب، عشق، تحقيق ۽ تخليق جي پرچار ڪندي گذاري.

2/06/2014

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مليل ايوارڊ جي سلسلي ۾ خاص گڏجاڻي - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)



رپورٽ: رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مليل ايوارڊ جي سلسلي ۾ خاص گڏجاڻي ۽ نئين سال جي آجيان




نئين سال 1995ع جي آجيان جي حوالي سان خاص گڏجاڻي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، اخلاق انصاري ۽ آزاد انور ڪانڌڙي کي ”ڪينجھر ايوارڊ“ کٽڻ تي ڪوٺ ڏئي، ڪچهري ڪرڻ ۽ واڌايون ڏيڻ جا پروگرام، سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر ۽ کيرٿر  تعليمي ۽ سائنسي سٿ قنبر پاران 6 جنوري 1995ع تي جمعي ڏينهن، شام جو پنجين وڳي، هاءِ اسڪول قنبر ۾ ٿي گذريا. صدارت ڊاڪٽر بشير شيخ ڪئي ۽ مُک مهمان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هو، جڏهن ته ٻيا ايوارڊ کٽندڙ اديب نامعلوم سببن جي ڪري پهچي نه سگھيا. ان گڏيل پروگرام ۾ اديبن ۽ اديب دوستن جي چڱي تعداد شرڪت ڪئي. ڪارروائي س ا س شاخ قنبر جي سيڪريٽري رياضت ٻرڙي هلائي. هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي توهان سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ سمورن ايوارڊ کٽندڙن کي به. گذريل سمورن سالن وانگر هي سال 1995ع به گذري ويندو پر نه ٿا ڄاڻون ته هن سال ۾ ڪهڙا خواب لکيل آهن ۽ ڪهڙيون اميدون ظاهر ٿيڻيون آهن. اسان کي خبر نه آهي ته هي سال اسان کي ڪهڙا ڏک ڏيندو پر سال 1994ع، اسان کي، ويندي ويندي به ٻه ڏک ڏئي ويو. هڪ استاد پيرل قنبر ۽ ٻيو پروين شاڪر جي ڏکوئيندڙ وفاتن جو. بهرحال ايندڙ وقت کي ڀليڪار چوڻي آهي پوءِ کڻي ڏک خوشين ۾ ضم ٿا ٿين يا خوشيون ڏکن ۾.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو وڇوڙو - خادم رند (Khadim Rind)



رپورٽ: خادم رند
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو وڇوڙو
(سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران ٽيجھي تي تعزيتي گڏجاڻي)

سنڌ جي نامياري اديب، دانشور، محقق، تنقيد نگار ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي اوچتي دکدائڪ مرتئي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جي هنگامي تعزيتي گڏجاڻي تاريخ 13 اپريل 1997ع تي ٿي، جنهن ۾ قنبر شاخ جي ميمبرن کان سواءِ ڊاڪٽر جي عزيزن، دوستن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ جي منڍ ۾ ڊاڪٽر محبت جي ادبي ڪم بابت، سندس ئي لکيل تحرير، ڊاڪٽر جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي پڙهي ٻڌائي ۽ پنهنجا تاثر ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر اسان کي ڪنهن به کوٽ ۽ محروميءَ جو احساس ٿيڻ نه ڏنو. هو هر معاملي ۾ اسان جي رهبري ڪندو هو، پوءِ اهو کڻي تعليم يا گھريلو زندگيءَ جو ئي هجي. اسان کي هن سان ڳالهه ٻول ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿيندي هئي. هونءَ عام طور ماڻهو ڀائرن جي ڀيٽ ۾ دوستن سان وڌيڪ احوال ڪندو آهي، پر اسان سان ائين نه هو. ڊاڪٽر پنهنجي زندگيءَ ۾ گھڻو پڙهيو ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگھيس لکيائين. سندس هر موضوع سان دلچسپي هئي. ڪو به ماڻهو ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو هو ته ڊاڪٽر کيس وڏي ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون - ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (Dr. Shamsud Din Ursani)



ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
 سنڌي زبان ۾ فَنِي اصطلاح سازي ۽
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون

ڊاڪٽر محبت جي شخصيت جا ڪيئي اڻ وسرندڙ پهلو آهن. هُو اولين طور هڪ اديب، مترجم ۽ قابل ڊاڪٽر جي حيثيت سان سڃاڻپ رکندڙ هو، پر ان کان علاوه به انسان دوستي ۽ ماڻهپي جون منجهس ڪيئي قابل داد خوبيون هيون، جنهن ڳالهه جي تصديق اڄوڪي تقريب ۾ رکيل سندس ترجمي ٿيل ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ منجھان به ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب خود انسانيت جي ارتقا ۽ طبقاتي جدوجھد جي وسيع تناظر ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب کي ترجمي لاءِ فقط اهڙو شخص منتخب ڪري سگھي ٿو، جيڪو جمهور پسند ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ۽ خود وسيع ذهانت جو مالڪ هُجي. پر هتي آئون سندس جنهن رخ تي روشني وجھندس، سو هن جو خاص علمي انداز آهي، جنهن باعث آئون سندس شخصيت طرف ڇڪجي ويو هئس. منهنجو اشارو سندس لساني کوجنا طرف آهي، جيڪا پنهنجي اندر بلڪل نوان پهلو رکي ٿي. ان باري ۾ ئي آئون پنهنجا ويچار پيش ڪندس. ڊاڪٽر محبت بي قدريءَ واري ماحول ۽ ناموافق حالتن ۾ ان کي انتهائي جرئت منديءَ سان پيش ڪيو.

محبت جي ياد ۾ اتاريل هڪ نظم - سعيـد سومرو (Saeed Soomro)

سعيـد سومرو

پرينءَ جي پار جهڙو شخص هِڪڙو
(محبت جي ياد ۾ اتاريل هڪ نظم)

ڳٽا ڳوڙهن جي ڳالهين ۾ وڪوڙيل،
ڏسن ڇا جھلملائيندڙ افق ڏي!
نٻل دل چاندنيءَ جي چاريءَ ۾،
تلاشي ٿي اڳوڻيءَ ڪنهن شفق کي.

پرينءَ جي پار جھڙو شخص هڪڙو،
لڙي آيو آ يادن جي ڇنن ۾،
حياتيءَ جو چمن بنجر ڪري جنهن،
رکيو شمشان جو منظر منن ۾.

تمنائن جا سڀ رابيل اجرا،
ورهه جي واٽ تي ڪاري وڳي ۾،
اکين جي بادلن جي بوند برکا،
انهيءَ جي پُور سان نڪتي پکي ۾.

اکيون جل ٿل، ڪهاڻي دردَ هاڻِي،
زماني کي نه سمجھائي سگھيون هِن.
پڄاڻا سڪ وارين صحبتن جي،
نه ڄاڻان روح ۾ ڪيڏيون رڙيون هن!

اندر ۾ ڪربلا جي شام آهي،
ڍَلي ڀي جا ڍَلي ناهي اڃا من!
رڳو ئي بس وجودي آ وڇوڙو،
تصور ۾ ته هو گڏ آ سدا من!

              دلين جي ديس جي دلڪش گھٽين ۾،
             اڳي جان ٻانهن لوڏيندو ئي رهندو.
             گرم ڳالهين سان سگريٽن جا دونهان،
             حَسين مُرڪن جان هُو ڏيندو ئي رهندو.

2/03/2014

بدبودار سماج جو خوشبودار ڪردار - علي زاهد (Ali Zahid)



علي زاهد
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: بدبودار سماج جو خوشبودار ڪردار

ساروڻيون به عجيب هونديون آهن
جيئن جيئن مند ورندي آهي
تيئن تيئن وسري ويل وقت ۽
وڇڙي ويل ماڻهو ياد پوندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڪو عمل، ڪا ڳالھ ، ڪا شيءِ يا ڪو واقعو،
ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ يا وارتا جي ياد تازي ڪري ويندو آهي، جيڪو هونءَ ته پنهنجي ئي يادِ ماضي جو سرمايو هوندو آهي پر ايئن لڳندو آهي ڄڻ اها ياد اندر جي زمين مان تازي پاڻيءَ جي چشمي جيئن اٻڙڪا ڏئي اڀري هجي.